تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

اک

اک

دل وارين اکين سان ڏسجي ٿو. اوهين به هوند مونکي ڏسو، پر جڏهن انهي طرف واري اک کوليندوَ ته پوءِ ڏسندوَ. ڪو خبردار اک کوليندو آهي، جو مالڪ جي نام سان خبردار هجي. وري به دل جي اکين سان ڏسندو.
اکيون به اهيئي پسندي پاڪ ٿيون.
باقي هيءَ اک ظاهر واري دنيا جي جهان ۾ ڦاٿل آهي. هيءَ بازار اوتري تائين کليل آهي، جيتر پنهنجي اک کليل آهي. اک بند ته بازار به بند.
اک به اها کلندي جا صورت محبوب جي سان ٻڌل مقيم رهندي آهي. جنهن اک کي ترڪڻ بازي لڳي پيئي هوندي، هيڏي هوڏي پيئي واجهائيندي، ته اها اک ڪيئن کلندي! اک نه کلندي آهي. غافل رب جي طرف کان به نه ٿيڻ گهرجي. اهو پنڌ به اکين جو آهي ۽ گهرندي به اک آهي. سڀاڻي ٻوٽبيون، ڄڻ مهل ٿي ويئي.
فڪر دليل تيسيتائين آهن جيتر اک ٻڌل نه آهي. اک صورت سان ٻڌبي آهي. اک صورت سان ٻڌل رکجي پوءِ انهي ڦرنا نه پوندا. جنهن جي اک صورت سان ٻڌل آهي، درجي بدرجي هلي ويندو. ماڻهو اهو وسوڙيل آهي. تنهنڪري سونهون نظر مان نه ڪڍجي، مرشد جي صورت اک مان نه ڪڍجي. اک گڏي ڏسجي. اک به هيرجي. جي ڏسڻ مئون ڏسجي ته سڄڻ سامهون آهي. هينئر پارس پرين ويجهو آهي. اک پوئتي وٿيون لڳنديون. اکيون ماروئڙن لاءِ پکا آهن، پنهنجي محبوب وسيلن لاءِ، جيڪي ڏسندي ڏسندي پراڻا ٿي ويا آهن.
ڦرنا ۽ دليل جيڪي پون ٿا سو اک ٻڌل نه آهي. دليل اک کي به پون ٿا سو اک کي نشان ڏجي. پوءِ اک نشان ۾ لڳل هجي. صورت مرشد جي نشان ڏجيس. اک دونالي آهي. ڀلي ڪري نشان ۾ لڳل هجي. اک ٻڌجي. بادشاهه جي سلام تي وڃجي ته هليو وڃجي، اک هيڏي هوڏي نه ڦيرائجي. ٻڌل ڀلو آهي ماڻهو. پر اک به ٻڌل ڀلي آهي مرشد جي صورت سان. ٻڌل کي ٻيو ٻڌي نه سگهندو. اک عام کان ڦيرائي صورت ئي آڻجي. اها تعليم ئي ٻيءَ طرح آهي. سڀ شيءِ تعليم ٿي گهري.
اک جي محبت سونهين سان هجي. اک جي محبت سر سان هجي. پيوند سان اک جي محبت رکجي. اک به سونهين رهبر سان هيرجي. اک پيئي درجه بدرجه هيرجي مرشد جي صورت سان. اک به ڀلي ڪم لڳل هجي. نگاه نگاه ۾ گڏيل هجي. نگاه نگاه ۾ وجهه ته نين سفاري رهن، ٻين ڏانهن سڱ ته ڇني هلندا!.
ڳهه کي اوجاريو ته چمڪندو. اک کي اوجارجي اوجاڳي سان. اوجاڳو اداسي نيڻ ڪري ٿو. ڀلي اک اک نيراني ٿئي. اک کي نيرانو ڪجي، جيئن اکين سان الله گهرجي. اک بکي رهي. جڏهن اک بکي رهندي تڏهن طلب رکندي. اهي ڳالهيون عام لاءِ نه آهن. انهن لاءِ آهن جن کي مليل آهي.
اوهان سان منهنجي هينئڙي جي آهي هير،
نال پرين لايو آهي نيڻن نانوَ.
هيءَ دنيا جي اک پٽيل آهي حرص سان ، اها به پيڙجي. سڀ آهي سا سمنڊ ۾ ٿي رهي. انهيءَ ۾ اَبر آسمان جي منجهئون قطرو هڪڙو پاڻيءَ جو ٿو پوي ته پوءِ وات کڻي ڀيڙيندي، وڃي موتي لاهيندي آهي. اوهين به اک ڀيڙيو ته معرفت جا موتي وڃي لاهيوته ٻئي جهان چڱا ٿي وڃنوَ.
هينئر پنهنجو محبوب گهر ۾ آيو اٿوَ. يا سر نشان ڪريو يا قربان ڪريو. سک ته محبوب کان جدا ڪندڙ آهن.
جيڪي اکين آڏا سپرين سي پري ڪيئن چئجن!
سو اک واندي نه ڇڏجي. آخر هڪڙي ڏينهن ته قدر پوندو جڏهن ساري جهان مان هيڪلو ٿيندو. سو اهو ڏينهن ويجهو ٿيندو پيو اچي. اک واندي نه ڇڏجي،دم خالي نه ڇڏجي. اسرار اکين منجهه آهي.
اکين جي ملڪ ۾ هلو ته اکيون به عيدون ٿيون ڪن. جيئن ماڻهن تي نالا آهن تيئن اکين تي به تالا آهن. ڪا اک رانجهن آهي ۽ ان جي نظر هير آهي جا نالائق پيئي ٿي نوازي. ليليٰ معنيٰ دل جا محبوب جي سٿي رهي. مجنون معنيٰ اک، اکين سان هلجي. اکين جو پورهيو ماڻهوءَ کي پيارو ٿو لڳي، هٿ جي پورهئي کان. اوجاڳا به اک ڪري ۽ سودو به اک ڪري.
نين سوداگر دلبر سودا، عشق دلال ڪيتوسي،
اک مجنون ته دل ليليٰ آهي، اک پوتر ته دل گل آهي.
صبح جو گل پاڪ آهي جي ڪو پاڪ ڪري ڏسي. پر جي ڪو غير ڪري ڏسي ته ان لاءِ غير آهي. هي سڄو سمجهه جو ڦير آهي. حسن جو گل پاڪ آهي ۽ اک پوتر آهي. جڏهن پوتر گل ئي پيو ته پوءِ راضي ٿيندو. پوتر جو ڪم آهي گل تي ويهي مشتاقي ڪندو آهي،مشتاقي وٺي وري اڏرندو آهي . ٻاهرئون سير ڪري وري به اچي گل تي ويهندو آهي. پر جي وري اڏرندو آهي ته سير ڪري اچي گل تي ويهندو آهي.زنبق جو گل پنهنجي اندر ۾ به لڳل آهي. اها رمز بازي آهي، ڪاملن جو پنڌ آهي. پنهنجي دل کي ڪامل رکجي پنهنجي رب سان. رحمت جو ڪڪر الله سائينءَ جي مهر سان اوچتو اچي مٿان وسندو اهو توڪل جو پنڌ آهي. رب نگهبان آهي دل کي رڳو رب قبول ڪرائجي. سواءِ رب جي ٻيو ڪهڙيءَ ڳالهه جا ڀروسا رکبا!.
اک به جڏهن ٻئي پاسي کان ٻڌندو تڏهن سونهين پاڻ تي ٿيندي. ماڻهو ڳوليئي پاڻ کي ٿو. ڀونر وانگر گل تي مشتاقي وٺو. وري اڏري ٻاهران سيرڪري وري به گل تي ويهجي. اوهان به جهاتي پاڻ ۾ پايو.
هيءُ پنڌ ئي اکين جو آهي ۽ سمجهڻ به اکين جو آهي. سڀ ڪم اک جو آهي. اکين کي عادتون سيکارجن. گڏهه گابو به هيءَ اک ڏسندي. اگر صراف آهي. اک واري صراف چوندا آهن. باقي بازار ۾ خلق گهڻي آهي. هيرن جي هار جي خبر به صراف کي پوندي. لقاپور ۾ لقا پيئي ٿي لٽجي. لقا کي به اک لٽيندي آهي. (لقا پور: هي جهان ، لقا : راز الاهي)
اڄ فيصلا اهي ٿا ڪن جن کي پنهنجي ڪيس جي ئي خبر ڪانهي. هيري لعل جواهر جو ملڪ به هيءُ آهي. صراف ٿورو آهي يعني اک وارو ٿورو آهي.
جهان بحر آهي، بدن ٻيڙو آهي. بدن جهاز ۽ اک ناکئون آهي. ناکئون زمين تي لهندو آهي ته به ننڊ نه ڪندو آهي. بچڪو کولي ته واپاري اچي سودو ڪن. جهاز تي ڪهڙو سامان آهي؟ خزانو حياتيءَ جو اٿس. دوست به انهي جهاز تي چڙهيل اٿس ۽ دشمن به انهي جهاز تي چڙهيل اٿس. ماري به انهي جهاز تي آهي. تنهنڪري فراموشي ڇڏي اک کوليو. آخر هلڻو به آهي. قبر مسڻ به سجهن ٿا يا نه؟
راتيون جي جاڳن آءٌ سيئي ڪنديس سيڻ،
تنين سندا نيڻ، اوجاڳي اوجاريا.
اک جو پورهيو آهي وڏي ۾ وڏو. اک آهي ڪپتان جهاز جو ۽ دل آهي قبل نما، راه ڏيکاريندڙ.
هي بدن جهاز آهي، دل قبل نما آهي، اک ناکئون آهي. سڀني وصفن سان آهي. جيڪي وصف آهن سڀني سان آهي، پر سڃاڻي پاڻ کي. پر يڪي مرشد جي اک سان سڃاڻي سگهندو سو پنهنجي هنن اکين سان نه سڃاڻندو، ڇو جو هي صفات ۾ ڦاٿل آهن، هوءَ ذات ۾ آيل آهي. ذات صفات ائين آهي، جيئن هيءَ رات جا آهي، سا صفات آهي. هن صفات ۾ جيڪو سج ٿو اڀري اهو ڄڻ ذات ظهور ڪيو آهي صفات ۾. تيئن انهي بدن ۾ صفات آهي، انهي ۾ ذات ظهور ٿي ڪري. جهڙي هتي اونده آهي تهڙي اونده ماڻهوءَ کي پنهنجي اندر ۾ به آهي. پوءِ اونده ۾ نه دوست جي خبر نه دشمن جي خبر. اونده ۾ ڪهڙي خبر پوندي دوست دشمن جي، ماڻهو سوجهري ۾ اچي. اک مطلوب جي ڇا نٿي ڪري طالب لاءِ. نهارڻ سان نشو ڏيئي ڇڏيس( عشق جو) ! جيڪي مرشد جي اکين سان ڏسي سگهبو سو پنهنجي اکين سان نه ڏسي سگهبو. مرشد ساڀيان طالب وٽ ويٺو آهي. مرشد سر آهي طالب ڪرسي آهي، سر ڄڻ مرشد جو اچي ويٺو.
وڏي ۾ وڏو حيوان آهي هاڻي، هستيءَ جو هاٿي نفس. اهو رهي ٿو ڪجلي بن ۾. اک آهي ڪجلي بن. اک آهي نفس جي رهڻ جي جاءِ. ايمان ڪٿي ٿو رهي؟ لٽي ۾ رهي ٿو، جُتيءَ ۾ رهي ٿو. کاڌي ۾ به ايمان رهي ٿو. پر ڏسي وري به اک ٿي. سو اک جڏهن پنهنجو پاڇو ٿي ڏسي ۽ خيال آيس ته مان به ڪجهه آهيان ته ڄڻ ايمان ٿيس ۽ هڏ ئي وڪڻي ڇڏيائين. اک به ڪڏهن تجلي ٿي ڪري. بجلي ڀريل ڪڪر ۾ ٿيندي آهي. جن اکين کي قرار آهي ته ساري جان قرار ۾ آهي. جي اک بيقرار آهي ته ساري جان بيقرار آهي.
شڪاري ڪنهن کي چئجي؟ طالب شڪاري آهي جو دليل خطرا شڪار ڪندو ٿو وڃي. شڪار ڪهڙو عضوو ڪندو آهي؟ اک شڪار ڪندي آهي جو دليل ساڀ اک کسي ٿا پون. وڻج به اک وهائيندي آهي.
جيڪي وصف، سڀ پاڻ ۾ اٿس. پرڏيهه ئي ماڻهوءَ کي ڏيهه آهي، پنهنجي ڏيهه ڏي ڀلي ڪري وڃي.پر اکين سان وڃي.اکر مڙيوئي ادب جي ڌاري. بي ادب آسماني رسيدو ٿيندو ڇا! آسمان پاڪ جايون آهن. ملائڪ پاڪ جاين تي هلندڙ آهن. اکين کي ادب سيکاريائون.