تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

وحدت

ماڻهو وڻجارو وحدت جو آهي. وحدت هيڪڙائيءَ کي چئبو آهي. هيءُ موڪليل بندو آهي. هيءُ انسان الله سائينءَ پيدا ڪيو آهي. هيءُ وڻجارو ئي وحدت جو آهي. انسان ڪري چئجي جو وحدت سان هجي. حياتيءَ جو خزانو سرڪار ڏنو آهيس ڪاڻ وحدت جي، وحدت جو دڪان ڪٿي آهي؟ هي وجود وحدت جو دڪان آهي. ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. هيءُ آتڻ آهي، گوڏا ٻئي مونا آهن، پاسريون تاڙيون آهن ڪن چموٽيون آهن، تار خيال آهي،
چرخو چندن عاج جو، ويهي آتڻ ڪت
سنهون ڪتڻ نه اچي ته رنڊا روڙجن ته به تار نه توڙجي، جي ڇڄي ته وري ڳنڍجي.
ڪت گهڻو، گهم ٿورو، ٻاهر ٻانهن نه لوڏ، تاجي نيندو آن توڙ، تندون تندون ڪري جوڙ، متان سڌ پويئي صراف کي، تاجي آهن اٿڻي ويهڻي اها به چڱي ڪجي.
ڪتيو ڪتيندين ڪيترو وڃي ڪر سوداگر يار
سوداگر به مرشد کي چوندا آهن. اهو ته سودا پيو ٿو ڪري وحدت جي دڪان تي سج لهي ٿو وڃيس. بس منهنجو فرمان اهو اٿو ته وحدت نه ڇڏيو. هر گهڙيءَ وحدت سان رهو.وحدت منجهه به دم ٿوم نيئي وجهي.
وحدت جو دڪان اهو وجود آهي. اولياءَ ۽ انبياءَ هر ڪوئي پاڻ مان راضي ٿيندو ويو آهي. سڀيئي نالي رب جي پئي نوازيا آهن. خيالات بي ڇڏي خيال رکو تڏهن انهيءَ ٻوليءَ مان واقف ٿيو. خيال عجب چيز آهي، خيال خدائي
وڄن ٿيون وجود ۾ ريءَ تنبيءَ تارون
جڏهن وحدت ڇڏي ٿو ته زمانو ڪثرت آهي. اهو هن کي کنيو ٿو وڃي. ڪثرت ڇڏي وحدت ۾ پئبو آهي. اوهان وحدت ڇڏي وري ڪثرت ۾ گهڙيا آهيو. اڪبر ڇڏي وڃي اصغر ۾ ٿيا آهيو. اهي سڀ رايا نفساني آهن. گهڻو وحدت سان رهو. ڪيترو فنا ۾ رهبو! ڪثرت ڇڏي وحدت کي وٺو، جو ڪثرت ۾ ويهي نه سگهبو . وٺو وحدت کي، وحدت کانسواءِ ڪثرت کڻي ويندي. سنڀرندي سج لهي ويندو. اهو سنڀرڻ به سَڌَ آهي.
ٻيائيءَ جي ملڪ مان به هيڪڙائي ڪڍنديس. هيڪڙائي وحدت کي چوندا آهن.ماڻهوءَ کي آهيئي سمجهه جي مار، گهڻائيءَ ۾ پيئي هڪ نقطه نه وسارجي. سڄي علم ۾ درڪار کي هڪ نقطه جي آهي. اتاهون انسان مالڪ سائينءَ سان اقرار ڪري هليو آهي نه توکي نه وساريندس. سو
اقرار نه ڦيرائڻ، آهي مردن جي شان ۾،
پير مغان ايوين فرمايا، وحدت والا راه بنايا
ٻيو زماني جي اجاين غوطن مان ڇا ٿيندو؟ پوءِ به جيڪي رب ڪندو اهو ٿيندو. رات ڏينهن وحدت ۾ هججي. دل وحدت ڏي وڃي ٻيو زمانو ته هر ڪوئي ڇڏيندو ٿو وڃي. جن وحدت وساري سي اڳيئون هلي انڌا ، گونگا ۽ ٻوڙا ٿيا. وحدت سان رهو، وحدت سڀ سيکارينديس. هي ڪثرت جو جهان آهي. ان مان وحدت کڻنديس. ڄڻ رات مان ڏينهن ٿي ايندو۾ وڃيو پون، يعني ڏينهن . ڪي وري وحدت مان ڪثرت مان رات ۾.
هي جهان دنيا جو آهي. دنيا ۾ رڳو غم آهي. اونده مان سج روشن ٿيندو آهي. اوهان لکيو آهي ته زماني جي لهرن مان نڪري نٿا سگهون. انهن لهرن مان وحدت ڪڍنديس. اها وحدت واري هوا، کڻنديس ئي اها، وحدت کانسواءِ ڪثرت کڻي وينديس.
درياه جي ڪپ تي وڃي بيهجي. پڇجي ڇا آهي؟ چي درياه . وٽو ڀري پڇجي ته ڇا آهي؟ چي پاڻي. پوءِ وري وٺي درياه ۾ وجهجي پڇجي ته ڇا آهي؟ چي درياه . تيئن هي انسان به هڪ قطرو آهي، سو بحر ۾ سامائڻو آهي.
هر ڪوئي پنهنجي منصب سان آهي. اوهان پنهنجو منصب وڄايو هڪ الله سان. گهڻائي نه ٻڌو جو منجهي ٿو پوي ماڻهو. گهڻا ته تاون ۾ به آهي پر درڪار هڪ سج جي آهي. ٻنهي جهانن ۾ درڪار هڪ رب جي آهي.
وحدت جن وجود، ڪعبه ڪوڏيو تنين جو،
بيدل ڳَل وحدت دي من تون،
الف اندر ۾ ڪيو ڪاپڙين
حرف ڌاران هڪڙي ٻيو تان نه ٻڌن.
انهيءَ حرف هڪڙي سان محڪم رهو. “ ب” پروڙڻ آهي. بيوساهي “ ب” اکر اچي “ بي ادب” ، “ بي عقل” وغيره ۾، “ ز” اکر لڙائي ڪرائيندڙ آهي، زن، زر ۽ زمين.
هڪڙن جي زمانو وحدت آهي. هدايتوند ڪم زماني جو، حلال وجه جو ڪن ٿا پر رهن وحدت ۾ ٿا. ڪم ڪريو پر رهو وحدت ۾. گهڻائيءَ ڏي ته ڪن به نه ڏيو. فقط هيڪڙائيءَ کي وٺيون بيٺا هجو.
صفات يعني اوندهه سان ذات ۾ ڪيئن وڃجي؟ وحدت وينديس صفات جا وصف ڦيرائيندي. سيکارينديس ئي سڀ وحدت، سمجهه به وحدت ڏينديس. جي اڳيئون لاءِ سالڪي گهرين ٿو ته وٺ وحدت کي.
ڪتابن ۾ گهڻائي لکيل آهي. سو اوهان گهڻائيءَ کي ڇڏي هيڪڙائيءَ کي وٺو. جو ڪم به هڪ رب ڪريم سان آهي. باقي ڪتاب ته منجهائي وجهندا آهن. ڪتابن ۾ رڳيون ڳالهيون آهن، سي به چون ٿيون ته اثبات ڪر الله کي.
وحدت آهي محبت رب ڪريم جي. پوءِ جيڪو رکي، گهڻي علم کان گهڻو يقين ڀلو آهي. يار يقين جنهن جو آهي، ڪشش اها کڻنديس. ٻي راه ئي نه پڇائجي. ماڻهو آيو ئي ايتري لاءِ آهي. سڀ خبرون وحدت مون پونديس. پر ان طرف پوندو وڃي. پوءِ زال مان الله سائين پيو ٿو ڪري مرد ڪري ۽ حيوانن مون ماڻهو ڪري. اهڙي رڱڻ چڙهي بيٺي آهي. هيءُ لڪ ئي اهڙو آهي.
رب ٿو چوي ته مون جنهن مطلب تي توکي بيهاريو آهي. اهو مطلب تو ڇڏي ڏنو آهي. جنهن مطلب تي مون حيوانن کي بيهاريو آهي. حيوان ائين انهي مطلب تي بيٺا آهن، تون حيوانن کان به پري آهين. مطلب وحدت کي ۽ وحدت هيڪڙائيءَ کي چوندا اهن.
جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته رلي کڻي مَ رُلُ
رلي چوندا آهن وهمن کي ۽ توهان کڻي وهم ويڙهيا آهن پاڻ کي اهي وهم وساريو. هاڻي ويڙهي وهو هيڪڙائيءَ جو هُل. ٻَنِ ڏيووهمن کي. چڱيءَ طرح رب سان رهو. پوءِ ڪريو انصاف اهو ته رب چڱو يا وهم چڱا. رب هادي هدايت وارو آهي. ۽ وهم سڀ نفس جو رايو آهن.
وحدت دي درياءَ اڇليا سر رهيا نه پير
هتان بي سر پي پائي ٿي هلجي. اوهين مريد به ب ي سرن جا آهيو اوهان ڏي صحبت به بي سرن جي ٿي موڪلجي. خود نه ٿجي بي خود ٿجي.
بي خودي دا باب ، جوئي پڙهي سولي هوش گنوائي
الله سائين کائي ڇا ٿو؟ خودي
وکر ڍيرئون ڍير، پر وهائو ويسلا
بازار ۾ آيو آهي يار پيارو. هاڻي هلو ته اها بازار ڏسون، رڳو ڪنڌ ڦيراءِ ته سڄڻ سامهون بيٺو آهي. ٻُوڙي ٻُوڙي ۾ شينه آهي. گهٽ گهٽ ۾ لعل آيل آهي.
تن مڪه، من مدينو، دل ڪعبه ڪر ڄاڻي،
رب رسول ڏونهين وچ بيٺي، نال يقين سڃاڻي،
تن من قال ڏيوين تون سجدا، لاشڪ شِرڪُ نه آڻي،
حج حضور هي اٿاهين ميان مراد، جي ڄاڻ سڪين تان ڄاڻي
انهيءَ ڳالهه ۾ شرڪ نه آڻجي، اڄ انهي طرف جو خريدار ڪٿي آهي! ڪٿي ڪٿي ٽمڪي ٿي باهڙي.
ڪشمير ڏي وڃڻ جو ڪو ضرور ته ڪونه آهي. وحدت ۾ ڀلي وڃ.
وحدت جن وجود، ڪعبه ڪوڏيو تن جو.
اهو وڃڻ ئي چڱو آهي. انهي وڃڻ ڏانهن عارفبازي آهي.
بادشاهن تخت ڇڏي اها راند ڪئي.
طالب جو ڪم آهي ته گهڻين ڳالهين ۾ نه پوي.
ڳالهين گهر کاريا، چشن ڀڳا هڏ،
سي ڪيئن سڻن سڏ، اديون عجيبن جا
جهنگ اوري ،جهوڪان پري، تنهان ڳوٺ پراهون ڳوٺ،
ڪار ويارڻي ڪوٺ، اڃا به آڳاهين چئجي.
عشق مذاق ناهي، نه ٻاراڻي راند آهي. هي جهلجي گهڻين ڳالهين کان ٿو. گهڻين ڳالهين منجهان دل وڃي سودا ۾ پوندي آهي.
هڪڙي طالب طريقت دي، تو گهِنُ حقيقت هيڪا،
هڪڙي مردي مذهب ڪيئي تون ڏي دوئي تون ڌڪا
خوش خير محمد دين ڪفر وچ، عشق نهين رهندا لڪا
هيءُ پنڌ مردانو آهي. ستن جو پنڌ ناهي، بادشاهن پيٽ سان ڪاٺ جون مانيون ٻڌي، ته به پنهنجو الله اثبات ڪيائون. سو جڏهن گهڻائي وساري ڇڏبي تڏهن هيڪڙائيءَ ۾ اچبو. ٻيا خيالات ته ڪيترائي ٿا هٿ ڪريو مگر هڪ خيال به ته هٿ ڪريو. سواءِ الله جي ٻي سڀ خيالات آهي. جيڪر هلي پئو، پر موت وساري ڇڏيو اٿو. ۽ ٻي خيالا ٿي پيا آهيو، سواءِ رب جي ٻيون ڳالهيون ڇو سکجن! جاهل گمراه آهي سو ڇا ڏانهن؟ راز ڏهون گمراه آهي.
اکران دي وچ جوئي اڙيا،
عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا
ڇو جو اکرن وارو هيڪڙائي ڇڏي وڃي گهڻائيءَ ۾ پوندو آهي. سو گهڻائي گمراه ڪندڙ آهي. ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي وحدت کي وٺو نه ته گهڻيون ڳالهيون سودا جاڳائنديون. اوهان پنهنجي جدائي سنڀاريو. هيءَ علم ، عقل جي ڳالهه نه آهي. رب وساري سهنجايون ڳوليندا ٿا وتو، هيڪڙائي ياد ڪريو جو گهڻائي آخر فنا آهي.
هڪ بادشاه هو جنهن کي الله سائينءَ ٻه ڇوڪر خدمت لاءِ ڏنا هئا هڪ آهي وات چٻو يعني جنهنجي وائيءَ ور پيا، جو وحدت جي ڳالهه ڪري هيڏهون جي ڳالهه نه ڪري. ٻيو آهي چالاڪ.چالاڪ کي وچ ۾ وهاريون ويٺا آهن ۽ سڀ سندس چوائيءَ ۾ آهن، وات چٻي دانهن ڪئي ته اسان ٻنهي کي غلام ڪري وٺي آيا آهيو. چالاڪ سان پيا ٿا ڳالهايو مون سان نٿا ڳالهايو؟ هنن چيو ته تنهنجو وات چٻو آهي. چي مون ته نٿو ڏسان اوهين ٿا چئو. هنن چيو ته هي چالاڪ ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون ڪندو آهي. وات چٻي چيو ته هينئر چڱو ٿو چوي پر پوءِ سڀني جي ٻانهن پڄائي ڀڄي ويندو.چالاڪ چيو ته هيءُ اصل مون تي ڪوڙ ٻڌندو آهي. وات چٻي چيو ته مان اصل ڪوڙ ڪونه ٻڌندو آهيان. چالاڪ چيو ته توهين پڇوس ته سهين ته ڇا ٿو چوين وات چٻا؟ هنن پڇيس ته تون ڇا ٿو چوين وات؟ چٻا؟وات چٻي چيو ته ڏينهن آهي ٿورو پنڌ آهي گهڻو، حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو آهي ۽ لکپڙه به اچي ويئي آهي ته مرڻ کان اڳ مري آءُ. چالاڪ چيو ته ڏسو ته مرڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه ڏسيوَ به ٿو. چالاڪ ڪنهن به درويش جي ڪچهريءَ ۾ اندر نه ايندو. لڄي پيو لڳندو. ٻاهر در تي بيٺو هوندو. رڳو ٻانهن پڄائي سيني جي، نڪتو هليو ويندو. جي اچي ته ڦڪو پيو لڳي. وات چٻو اهو آهي جنهن جي وائيءَ ور پيا.
هڪڙو ماڻهو ڪنهن اوليا وٽ آيو. چيائينس ته توهين چئو ٿا ته الله آهي هڪڙو پر اهي ڪٿي ۽ وسي به هر ڪنهن ۾ ٿو. تنهن جي ثابتي؟ سج مٿي چڙهي آيو ته اولياءَ ڪجهه پاٽيون گهرائي پاڻيءَ سان ڀرائي رکايون. ۽ ان ماڻهوءَ کي چيائون ته هاڻي ڏس ته ڪهڙي ءَ پاٽ ۾ سج ڪونهي. پريان ڪڙيو پيو وهي ۽ واهه به پيو وهي، انهن ۾ به نظر هڻي اچ.