تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

محبت

محبت

محبت هڪ مالڪ سان هجي جو محبوب به مالڪ کي چوندا آهن.محبت رب ڪريم جي کانسواءِ ٻيو سڀ وسار. سواءِ سندس محبت جي ٻيو ڪجهه ڪونهي. محبت رب جيءَ ۾ رهو. محبت الله جي کون سواءِ اجايو وقت نه وڃائجي.سڀ وقت هٿئون پيا ٿا وڃن.
ريءَ محبت آهي منهن ڪارو، سچيڏنا ڪونه سنڀاري ٿو. محبت کانسواءِ دل مرده آهي. جيئن رب جي محبت ۾ پيو ايندو، تيئن اخلاق به مٽ ڪندا ويندا ۽ خلط به ماڻهوءَ جا مٽ ڪندا ويندا. رب ڪريم جي محبت ۽ يادگيري ۾ گهڻو رهجي.سواءِ محبت رب جي ٻيو هتان مال ڪهڙو ماڻهو کڻي هلندو! سواءِ ذات حق جي ٻي وسنئن ڪانهي وچ تي. محبت موليٰ جي عجب آهي. مخمور پنهنجي رب جي محبت ۾ ٿيڻ گهرجي. دنيا جي مخموري آخر فنا آهي، سواءِ رب جي محبت جي نه ٻي اجائي بڪ بڪ آهي.
وکر رکيل هوندو ته خريدار پيا ايندا.ماڻهن جي لش پش ڇا ڪبي! هڪ رب کي پنهنجو ڪجي. دم دم تي سعيو جي، محبت رب جي رکجي. وڏي عبادت محبت مالڪ جي آهي. سواءِ محبت مالڪ جي ٻيو اجايو دم نه وڃائجن. رب جي محبت سان رهندا ته زماني جا غم به لهي ويندا، محبت رب جي نه ڇڏيو، پنهنجو اصل سنڀاريو.
محبت سهڻي جي لڳو، جنين جي محبت الله سائينءَ هڪ ڪئي آهي، اهي مئي به گڏ آهن، جيئن جيئري آڪهه گڏ هوندي آهي. محبت مالڪ ۾ جيڪي آهن، اهي مئي به گڏ آهن، جدا نه ٿيندا.اوهان به مالڪ جي محبت ۾ رهو، جيڪي مالڪ جي محبت ۾ آهن، اهي جدا نه آهن، مونسان گڏ آهن، رب ڪريم جي محبت کانسواءِ ٻيون سڀ محبتون زماني جون ڇڏڻيون آهن، ڇڏيندو به وڃي ٿو پيو. زماني جي محبت کان مالڪ جي محبت ڀلي آهي. زماني جي محبت ڏانءِ اچيو ٿي، باقي محبت مالڪ جي ڏانءِ نٿي اچيوَ.اوهان وکر وِهايو پر محبت رب ڪريم جو. باقي سڀ فنا آهي، سو فنا جي محبت ڪيتري ڪبي، آخر فنا فنا آهي.اصل پنهنجو ياد ڪريو، باقي نقل ۾ ڪيترو بيهبو! جيئن وصال وڃي محبت رب جيءَ ۾ ٿئي.ماڻهو مري ٿو وڃي پر محبت نٿي مري.محبت رب جي نه ڇڏيو. اها نيت ئي ڀلي آهي،پنهنجي رب ڏي رکڻ جي.
محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو،
تنين جي ويڙهي، هلي ايندو بادشاهه.

ماڻهو محبت رب جيءَ ۾ گم هجي. محبت جو مرڻ به ڀلو آهي. محبت مالڪ جيءَ ۾ مرڻ عجب آهي ۽ ٻئي جهان موچارا ٿين ٿا. دانهون به محبت ڪرائيندي آهي. خبر اٿو ته ٽائيم حياتيءَ جو ڀرجي آيو آهي؟ اوهان وٽ محبت ڪانهي.پاڻ سمجهايو جيئن محبت رب جيءَ ۾ رهو ته رب نگهبان ٿئي.ايڪيتاليهون حصو هججي زماني ۾ چاليهه حصا پنهنجي رب جي محبت ۾ هججي. مالڪ جي نام سان محبت رکجي جو آخر مالڪ سان ڪم پوڻو آهه.اها محبت ڪو ڪو رکندو آهي.سالڪ رکندا آهن.
مالڪ جي محبت کانسواءِ عمر بيراهي ٿي وڃي.پنهنجي مالڪ جي محبت ۾ رهجي. هر حال هر هاج ۾ مالڪ جي محبت نه ڇڏجي. گهر ۾ ڀلي ڪري مالڪ جي ٻولي هجي.
ڪو ڀورڙو يا گهٽ عقل وارو ماڻهو اچي ته پاڻ ماڻهو ان تي کلون ٿا، پر اهي پاڻ کان چڱا آهن جو عقل ٿورو اٿن.هيءَ سڄي مار ئي عقل تي آهي. هڪ ڪراچيءَ جي سکر ماڻهوءَ وڏي وڪيل کان پڇيوسين ته ٻچو محبت الله جي چڱي يا دنيا جي؟ وڪيل جواب ڏنو ته قبلا سائين محبت الله جي چڱي. اسان چيس ته ٻچو تون چريو آهين.وڪيل ويچارو ماٺ ڪري ويهي رهيو. تڏهن چيونسينس ته ٻچو اڳيئون چريا انهن کي چوندا جيڪي سمجهيون ويٺا آهن پوءِ به نٿا هلن. سڄي مارئي عقل وارن ۽ سمجهه وارن تي آهي.
محبت ظاهر جي به عجب آهي، دل جيئري رکندڙ آهي. نه ته جيڪا شي اوهان کي مليل آهي اها اڃاڻو نه سهين! انهي کان وڌيڪ اوهان کي ٻي شي سمجهڻ ۾ اچي ته اها مون ڏي لکي موڪليو. جيڪڏهن ظاهر جي امن گهرو ته محبت رب جيءَ منجهه رهو، مون توهان کي ستيون ئي وڌيون آهن محبت رب جيءَ جون. ستي اوهان کي اهڙي وڌل آهي! مائٽ اولاد کي ڪوڙيون ستيون وجهندا آهن، سو اهڙي ستي ٻنهي جهانن ۾ ملندي، جيڪا اوهان کي پيل آهي.
هي زمانو اهڙو آهي جو رب جي محبت کان رنڊائي ٿو ڇڏي. جن جون سچيون دليون الله سائين ٿو ڪري ، اهي هليا ٿا هلن.
سچا ٿا رکن سچائي، ناهي ڪم ڪچن جو
ريءَ محبت آهي منهن ڪارو سچيڏنا ڪونه سنڀاري ٿو،
صادق شاهه سائين ٿو فرمائي ته
جي مونکان پڇن سپرين ته پريت ڪهڙا پار،
مئا مور نه ڪن مٿي سرسينگار.
اجايون هيڏي هوڏي جون ڳالهيون دل ۾ نه رکو. هڪ ڳالهه رکو. اها آهي محبت پنهنجي رب جي. ٻه زبانون ڳوهه رکندي آهي، توهين هڪ زبان رکو، هڪ پنهنجو الله قبول ڪريو، زماني ۾ واجبيءَ مناسبيءَ سان رهو. چاليهه حصا پنهنجي رب سان هجو باقي ايڪيتاليهون حصو زماني سان رهو. طلب دنيا جي ڇڏي طلب پنهنجي رب ڪريم جي رکو ته وڻي اچو پنهنجي رب ڪريم کي. زماني جي محبت مان به پنهنجي رب جي ٻي باس ئي نه باسيو. ماڻهو هميشه گڏيل هجي. سواءِ رب جي ڄڻ ماڻهو جدا آهي. ظاهر باطن فقير کي پرتل آهيو.
لارو رب جو نيئن ڏيکاري ٿو در دوست جو.
رب جي طلب رکجي. پوءِ دوزخ بهشت سڀ انهي جي وس آهن. ماڻهو لاري لڳل هجي. ماڻهو ماڻهوءَ جي لاري لڳي ٿو ته ماڻهو ڪيتري ٿو ڪري انهي جي. پر جي ڪو رب جي لاري لڳي ته رب هنجي ڪندو ئي ڪونه ڇا! ڦري نگهبان ٿو ٿئيس جيڪو سندس لاري ٿو لڳي. پوءِ
سي ڪيئن اجهامن مچ، جنجا سنڀاليندڙ سپرين،
ملي ته ملندياس ، نه ته گهوري جند جتن تان.

مليو ته لک آهي نه ته به قربانيءَ ۾ نه آيو. قربانيءَ جون ڪڪريون ئي قبول ڪري ٿو. سواءِ لاري رب ڪريم جي ٻيو ڪهڙو لارو آهي جو اهو وٺجي! جي اهو لارو نه هجيوَ ها ته اوهانجو اهو هوش ڪٿي هيو! پنهنجي رب جي پيش پيل هجو. من سهاڳه جي رات ڪنهن وقت اچي به وڃي! اڳيئون به سهاڳڻ تڏهن سبينءَ. خط لکڻ جو رايو ڪونه ٿو پويوَ. جو پريت ناهي. گهگير ٿي پيا آهيو انهيءَ ڪري جو موت جو ڇرڪ ڪونه اٿوَ.
انسان جو شان آهي قرب سان. قرب ڇڏيائين ته ڄڻ شان وڃايائين. شان به قرب سان آهي. هي دليون به پنهنجون قرب گڏيون آهن، قرب سان آهي ته ماڻهو شان سان آهي.
انهي طرف جي رڳي سڪ به عجب آهي. اهي به لک شڪرانا پنهنجي مالڪ جا جو اها سڪ ڏنائين. جي ڪنهن ٻئي طرف جي سڪ ڏئي ته به وس وارو آهي. اهي سڀ سندس مهربانيون آهن جو وري به پنهنجا يادگيرا ته ڏئي ٿو. جي ڪنهن ٻيءَ راند ۾ ريجهائي ڇڏي ته به وس وارو آهي. بس توهين رڳو پنهنجو رب نه وساريو.