زمانو
هي زمانو ڏيساور آهي. وطن ڇڏي ماڻهو هتي ڏيساور ۾ ڪنهن ڪم سان آيو آهي. اهو وساري ماڻهو هتي وطن ڪري ويهي رهيو آهي. وطن کان ماڻهو بي وطن آهي. وطن جي تانگهه ئي ڇڏي ڏني اٿس.
بندا بيراڳي ڪر ڪا وطن ورڻ جي،
وطن جن وساريو، حيف تنين کي هوءِ.
جنهن جو مڪان هتي ڪونهي، تنهن تي ڪهڙو ويساهه ڪجي!ٰ
وطن ڪنون بي وطن ٿياسون،
ٽٽ ڳئي تانگهه وطن دي، قسم حسن دي،
ديس ڪنون پرديس ٿياسون،
ڪل پئيسون دشمن دي، قسم حسن دي،
باغان دي وچ ٻوٽي ڪوماڻي،
گلچمن دي، قسم حسن دي.
هي جهان باغ آهي. گل چمن اها دل ملول ٿي آهي، چمن جي مٿان گل بيٺو آهي زنبيق جو. ڳالهه رڳو پنهنجي آهي، انهيءَ صورت جي. ڪتابن جو ڳالهيون ٻڌندو ٻين جون، سو سکندو! پاڻ کي سمجهائجي.
آخر انڌا اهي سڏبا جن هت نه ڏٺو هو ڏيهه. پنهنجو پاڻ کي سمجهائجي. نيٺ پنهنجي وطن هلڻو آهي، پنهنجي گهر هلڻو آهي. آخر انهي سچي جهان ڏي هلڻو آهي، جيئن انهي سچي جهان ۾ نيڪن جي روبرو ماڻهو پشيمان نه ٿئي، جو هميشه رهڻ وارو ملڪ به اهو آهي. وڻڪار به اهي ويا جن هت اچي سنڀاريو. جيئاريس ئي سنڀار. هڪ گهر ڇڏي ٻئي گهر ماڻهو مهمان آيو آهي. ابا اما نه جھلي سگهيا، سو پراوا پٽ ڪيترو جهلي سگهندا! ساري جهان مان هيڪلو ئي هلبو. پهرين رات اتي پوڻي آهي جتي نڪو امڙ نڪو ابو.
بيڪمو ماڻهو هت هن گهر ۾ به نٿو وڻي. جيڪو اصل پنهنجو هر اٿو انهي کان بيڪما نه ٿيو. آخر پنهنجي گهر هلڻو آهي، هتي پنهنجي گهر ۾ جنهن گهر جي ڪم لاءِ آيا آهيو، انهي گهر ڏانهن ماڻهو بيڪمو آهي. هيءُ وڏو سفر آهي، جيئن ماڻهو اڳيئون وڻي اچي. نيٺ پنهنجي گهر به هلڻ ٿيندو.هڪ گهر ڇڏي ٻئي گهر ماڻهو مهمان آهي. ماڻهو بي وطن کان بيوطن آهي. وطن جي وڻن کي اچي ويجهو ٿيو آهي. نيٺ پنهنجي گهر گهر هلڻو آهي. جيڪي پنهنجي گهر ويا سي وري نه آيا، انهي پنهنجي گهر جو ڪم نه وسارجي. انهي گهر جو ڪم به هت ڪرڻو آهي. جيڪا سهاڳڻ هوندي، اها پنهنجي گهر جي ڪم سان لڳل هوندي. ڏهاڳڻ کي گهر ئي ياد ڪونه هوندو.
ڪتڻ ٻاجهئون ڪيئن اڳيئون هلي ڪاڏهون ڪندينءَ ڪپڙا!
بيڪار ماڻهو گهر ۾ به نه وڻندو آهي سو جنهن گهر جي ڪم لاءِ هتي آيا آهيو سو گهر نه وسارجي. جهڙي تهڙي حال سان به پنهنجو ڪم نه ڇڏيو.
جنهن ڪم لاءِ هتي آيا آهيو اهو ڪم پورو ڪريو ته ٻيا ڪم پورا ٿيندوَ. هتان فيض سان ٿي هلو. جيئن الله سائينءَ کي وڻي اچو. بندا به الله سائينءَجا آهيو ۽ وري به سرڪار رب جي روبرو ٿيڻا آهيو پنهنجي الله جي طرف کان گونگو ۽ ٻوڙو نه ٿيڻ کپي. اهو مالڪ ويجهو آهي، ٻڌي به پيو ۽ ڏسي به پيو. هڪڙا گونگا ٻوڙا ۽ انڌا هوندا آهن. جنهن زبان هتي حق جي ٻولي نه ٻڌي آهي اهي ٻوڙا ۽ جن اکين هتي حق نه ڏٺو سي اڳيان انڌا آهن.
سدائين زماني ۾ ڪونه رهبو. زماني ۾ ڪيتري محويت وٺبي جو زمانو آخر فنا آهي. زماني مان به ماڻهو نڪرندو پيو وڃي. الله ياد ڪريو، زمانو ڪيترو ياد ڪبو! زمانو گذرگاههآهي ۽ آخفنا آهي، نيٺ هڪڙي ڏينهن ڇڏي هلبپ. بقا به سندس نالي کي آهي فنا ۾ ماڻهو ڪيترا هٿ هڻندو! ماڻهو نا جي ملڪ ۾ ويٺو آهي. بقا وري به سندس نالي کي آهي. سو رهڻ به بقا ۾ گهرجي. زماني جي ماڻهن لاءِ زمانو ذڪر آهي. هر ڪوئي پنهنجي ڪم جو منصور آهي.
هي سڀيئي منصور ڪهي ڪهندين ڪيترا
ڪهڙو فاني جهان جو ڀروسو آهي، ڪهڙو بي بقا حياتيءَ جو ڀروسو آهي! پنهنجي زندگيءَ جو خير گهرجي. هيڏي هوڏي ڏسندي سج لهي ويندو! هي ته هڪ ساعت آهي. باقي منزل اڳڀري آهي. هينئر آخرين وقت آهي. سالڪ لنگهي ويا، جيئن راهه کڄي وڃي، باقي وڃي ڪڍي بچي، تيئن اسين ماڻهو ڪڍي آهيون. سالڪ لنگهي ويا. تنهنڪري زماني ۾ مخمور نه رهجي. هن زماني ۾ ظاهري جيڪي ڏسندا ٿا رهو اهو سڀ فنا آهي. بقا آهي فقط مالڪ جي نام کي اهو نه وسارجي. زماني جي تماشي کان اک ٻڌي ڇڏيو.
طالب دنيا جا ڪيترا ڏينهن ٿيندوَ! سو طالب حق جا ٿيو، ته اڳيان به وڻو. باقي هتي ڇا رهڻو آهي! رڳو بيخود نه رهو.نيٺ اولاد آدم جي آهيو ۽ طرف انهي ڏي سعيو ڪريو جنهن طرف ڏي هاڻي جلد هلڻو به آهي. نه ڄاڻو دنيا جو ڀروسو ، نه ڄاڻو حياتيءَ جو ڀروسو نه ڄاڻو محل ماڙيون، جو اهي اوهان کي ڪنهن ڏنيون آهن؟ دنيا دولت اها ڪنهن ڏنيوَ ۽ ساري جهان ۾ هيتري آبرو اوهانکي ڪنهن ڏٺي آهي؟ جنهن هيتري آبرو هت ڏٺي اٿو اهو نه وساريو ته هزار ڀاڱا واڌاري آبرو اڳيئون ملنديوَ. سندس راز گهرجي ۽ راز سان رهجي. عزت ذلت خدا جي اختيار آهي.
رڳو زماني ۾ به مخمور نه ٿيڻ گهرجي. زماني جي مخموري وڃي مغروري ڏيکاريندي آهي. زمانو واجبي مناسبيءَ سان آهي. زماني مان به ماڻهو نڪرندو پيو وڃي. سانجهيءَ صبوح وڃي پيو ٿو. ستل ويٺل به وڃي پيو. سانجهيءَ صبوح وڃي پيو ٿو. ستل ويٺل به وڃي پيو ٿو. جي ويٺو آهي ته به وڃي ٿو. جي ستل آهي ته به وڃي ٿو.ڪجهه پنهنجو اچڻ وڃڻ به ياد ڪجي. هي جهان اهڙو آهي جو آيو ٽڪيئي ڪونه. هاڻي هتان نيڪال ٿيڻ ۾ دير ڪانهي. هن فاني جهان مان ماڻهو ڊوڙ وڃي ٿو پيو. فنا جي ملڪ ۾ ويهي رهيا آهيو، اوهين بقا جي ملڪ ڏين ٿا هلو جو موت وساري ڇڏيو اٿوَ. اَٺ ئي پهر اونده ۾ پيا هٿ هڻو! رب جي نالي کي ختم ٿا ڪريو. رب ڏانهن اعتراض نه ڏيو، ساڀيان هلڻو آهي، اعتراض رڳو رب ڏانهن ڏيو ٿا سي اڻ ٺهنديون ڳالهيون آهن. هيءُ جهان ٻيائيءَ جو آهي، ٻيائيءَ جون ڳالهيون سمجهو ٿا، باقي هيڪڙائيءَ ڏي بيخبر! خدا جو خوف رکو. وحدت کي وٺو جو ڪثرت ۾ بيهي نه سگهبو. پويان پساه آهن، اهي رب جي نالي سان هجن. هاڻي پنهنجي مند به سنڀارجي.
هي زمانو اهڙو آهي جو ڪيئن داناه ديوانا ڪري ڇڏي. زمانو اصل نه ڇڏيندو. جي ماڻهو بيمار ٿي پوندو ته دوا ڏيئي به اٿرائندا. آخر تڏهن ڇڏيندو جڏهن فيض صفا بيهي ويندي. هن زماني جي دردن جون دانهون هلي اتي محبوبن کي پيش ڪنداسون.
هي زمانو سارو آزار آهي. زماني ۾ ڪيترو رهبو! نيٺ خدا سان ڪم پوڻو آهي. هينئر ٽائيم اچي ڀريو آهي. اوهين پنهنجي آزار جي ڳڻ ڪريو. اها دوا تنهنجي ورتل آهي. اڪسير روانو ڪيل آهي. پر ڪري به هجي نه،
آهي گهڻو اگهن جو ترس طبيبن،
وس ڪيا ويڄن، مگر ڪريءَ ريءَ ڪين ٿيو.
زماني جي آزار جي دوا اوهان کي ڏسي ئي ڇڏجي. عاجزيءَ جون پاڙون۽ توبه جون هريڙون امر جي حمام ۾ قناعت جي دستي سان ڪٽي سنهيون ڪجن. پوءِ پرهيزگاريءَ جي ديڳڙيءَ ۾ وجهي حياوَ جو پاڻي گڏي، محبت جا مچ مچائجن ته دوا ٺهي پوندي. پوءِ شڪراني جي پيالي ۾ وجهي. الحمد جي چمچي سان کائجي. جيڪو ائين ڪندو تنهنکي زماني جو آزار ڇڏي ويندو.
هي جهان سور بري ۽ لڳائيءَ چڱائيءَ جو آهي. دوائون آهن ئي بيمار جون. هڪ ته اها شرعي جيڪا طبيب ڪندا آهن. جي انهن مان چڙهي ته لک، نه ته پوءِ اڱڻ جي اڳيان خيراتڙي پيئي بکئي اڃئي کي کارائجي. اها به دوا آهي. جيڪي پڄي سگهي اوترو واٽ الله جي اڱڻ جي اڳيان خيرات ڪجي. اها خيرات، رڌل طعام ، جيڪي بکيا ماڻهو رستي تي ستل هوندا آهن تنکي به کارائجن. جي انهن مان چڙهيو ته واه نه ته دعا دوا آهي. دعا سدائين سٺي آهي. دعا وڏي دوا آهي. پر جي اصلي پڄاڻي هوندي ته نڪا دوائي لڳندي نڪا دعا لڳندي. پر دوائون اهي ئي آهن. اول شرعي ، نه ته پوءِ اڱڻ جي اڳيان خيراتڙي پيئي هلي، بکيو اڃيو ڀلي کائي وڃي اها به دوا آهي نه ته پوءِ دعا دوا آهيس.
پنهنجو لاش ماڻهو وچ ۾ نه رولي جو هيءُ بر بيابان آهي، ڪو ڪنهن جو ساٿي ڪونهي. هن بر ۾ آيو ٽڪيئي ڪونه ٿو، هر ڪوئي هليو ٿو وڃي. خبردار رهجي پنهنجي رب سان. وقت هاڻي ٿورو بيهڻو آهي، وقت تنگ آهي. اهيءَ تنگ وقت ۾ رب نه وساريو.
جيڪي آهي اڄ سو صبوح ٺاهي صديق چوي،
ويهي ڪين وڃاءِ، توکي وري به هلڻو پوندو هوت ڏي،
جيڏانهن وڃي ڪهه، اڄ به وڃي ٿي اوڏاهين.
چوي ٿو ته تون وڃي ڏس. منهنجي ڪهڙي قدرت نٿو مڃين! هيءَ سڀ قدرت انهي جي آهي. هيءُ جيڪا ٻولي ٿو ڪري اها قدرت به انهي جي آهي. هن کي هنر ڪنهن سيکاريو!
آپ ڪري ڪل ڪام، اوران هنر بتاويگا،
ڪم ڪندڙ ئي پاڻ آهي، ٻين کي هنر پيو ڏَسي. رب سالڪ آهي، رب ڏاهو آهي. هر ڪوئي سرڪار جو موڪليل بندو آهي، وري به روبرو ٿيڻو آهي. اڄ زمانو اهڙو آهي جو ماٺ ۾ مري وڃجي. مون وٽ هڪ ڏينهن هڪ مست آيو. ٻه سيد به آيا. انهن مان هڪ مست کي چماٽ هڻي ڪڍي. مست ٻيو پاسو ڏيئي چين نه ادا هيءُ پاسو رهجي ويو آهي ان کي به سيکت ڏيئي ڇڏ. سيد ٻئي لڄ جا ماريا هليا ويا. سو ٽپڙ اڇلي ڏيو، پنهنجي جان بچايون ويٺا هجو. هيءُ عبرتخانو آهي. هيڏي هوڏي ڏسندي ٻڌئي ڦري ويئي آهيس.
دنيا گذرگاه، محشر ڪا خدا حافظ.
هي جهان هيري لعل جواهر جو آهي. هيءُ جهان ڏاڍو چڱو آهي پر ڇڏي وڃبو. رات کي قرار ڪونهي ڏينهن کي قرارڪونهي، درياه کي قرار ڪونهي، حياتيءَ کي به قرار ڪونهي. هن فاني جهان ۾ ڪيتريون ننڊان ڪبيون! هن صفات ۾ ماڻهو ڪيترا هٿ هڻندو! ماڻهو گهڻو ئي بيٺو آهي، باقي الائجي ڪيترو بيهندو! هي جهان اصل جو لکل آهي، ٻين سان ريس نه ڪريو جو ملڪ ۾ مجهولي ۽ حيواني گهڻي ٿي پيئي آهي. فقط مالڪ جي نالي کي بقا آهي، رب ڪريم راضي ڪريو.
پهه جڳه سارا جهان سينا، ايسي نيند مين ڪيون سويا!
سي ته ٿيندء ساٿي، جيڪي تو پنهنجا ٿي ڀانئيان،
هاڙيهي هلندء ڪونڪو، ڀاءُ نڪو ڀائي.
هيءُ جهان آهي فنا جو، محل ماڙيون به فنا، تون آءٌ به فنا، ڏک ڏوراپا به فنا.
ڪهڙو ڀروسو آهي زماني جو، زماني ۾ آهي ڇا؟ ڪوڙي بات ته ڪوڙو بيان. ڪتي کنيو هو هڏو وات ۾، گهريو درياه ۾ ته پنهنجو پاڇولو ڏٺائين. ڀانيائين ته ٻيو ڪتو ڪو هڏو کنيو ٿو وڃي. سو هنجي هڏي کسڻ لاءِ جهٽ هنيائين ته سندس وات وارو هڏو به ڪري پيو پاڻيءَ ۾! ڄڻ سواءِ محبت رب جي ٻئي جهان ويا! زماني جو ڀروسو ڇڏي رب ڪريم جو ڀروسو ياد ۾ رکو.
اڳيئون به سوکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سان.
جيئن رب ڪريم جي يادگيري ۾ مري وڃجي. مرڻو به ضرور آهي، شل پنهنجو ڪري ماري، شل ماڻهوڪري ماري. زماني جي عادت سستي ڏيکاريندي آهي توڪل ڪجي.
هن پاڇولي پنهنجي پٺيان ڪيترو ڊوڙندوَ. فنا ۾ ڪيترو ويهبو! پنهنجو اصل ياد ڪجي. پاڇولي جي پٺيان ڊوڙندي سج لهي ويندو. سچي جهان ڏي پيو وڃجي. اڳيئون به نبي، نيڪ، غوث، قطب ۽ قلندر آهن انهن ڏي ٿو وڃجي. انهن نيڪن جي اڳيان الله سائين شل ڪنهن کي پشيمان نه ڪري. هتان ته ٽائيم اچي ڀريو آهي. هاڻي هلڻو ملڻو انهن سان آهي. اڳيئون شل مردن جي جماعت ۾ هلي ڪوئي پشيمان نه ٿئي.
ڪهڙو ڀروسو آهي زماني جو! جهڙو وقت اچ، رضا تي راضي رهجي. صبر ۽ شڪر ۾ رهجي. ٿورو ڏسي اَرهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي. هر حال ۾ خوش رهجي. جيئن هلائي تيئن هلجي. ڳڻتي ڪبي ته ڇا ٿيندو؟ ڪم سڀ الله سائينءَ تي آهن.
ڪنجون، قلف، ڪڙا،ٽيئي حوالي هوت جي.
هيءُ هلندڙ قافلو آهي، بعضي سوڙها لڪ بعضي سبيل. ڪو سدائين انهيءَ لڪ ۾ بيهي رهبو ڇا! اُها رات ئي نه آهي جيڪا سواءِ صبوح جي رهجي ويئي هجي.
جيڪي زماني ۾ سُوڌو ٿا هلن سي به فيض سان آهن پوءِ چاهي ذڪر فڪر سان هجن يا نه. عقل وارو هجي، چاهي ذڪر فڪر وارو نه هجي پر زماني ۾ پورو هجي ته ان کي به بي فيضو نه چئبو. زماني مان لنگهڻو به ضرور آهي. هن زماني جي بازيءَ ۾ عام رهيا. سالڪ جيڪي هوا سي عارفبازيءَ ۾ آيا. هي جهان فاني ۽ خوفناڪ آهي. جيئن ماڻهو خير سان هلي مول سلامت پهچي ته لک ٿيو. هي جهان سور ٻري جو جهان آهي، پر پوءِ به جهڙي تهڙي حال سان به رب ڪريم نه وسارجي. وقت ٿورو بيهڻو آهي، ٿوري وقت ۾ ڊوڙ ڪبي آهي. ٿوري جيئڻ لاءِ ڪري پنهنجو خيال نه ڦاسائجي زماني منجهه. ڪي ماڻهو زماني جي ڳالهه کڻي آيا ۽ اچي گوڙ ڪيائون. مون چيو ته ٻچو مون ته توهان جي ڳالهه نٿو سمجهان.گلاب راءِ چيوته سائين زماني جي ڳالهه کڻي آيا آهن. ماڻهن ڳالهائيندي هٿ پير به پئي هلايا. مون چين ٻچو مون ته ٻوڙو آهيان توهين علي گل کي وڃي ڳالهه سمجهايو ته هو اوهان جو فيصلو ڪندو. ماڻهو اٿي ويا. گلاب راءِ کي چيو ته رهاڻ ۾ زماني جو ماڻهو آيو ته ڄڻ ڇتو ڪتو آيو، زبان سان گڏ ٽنگون ٻانهون به پيئون هلنديس. زماني جي رنگ ۽ تماشي کان ڀڄ پري. رنگيءَ جا رنگ ڏس. عاشق عشق سان رهه. نه وسري نه وسار. اهي زماني جا رنگ اهي نفس جا رايا آهن. جيڪو اوهان کي مليل آهي اوهين انهي رنگ ۾ رهو. اها دل رچي ايندي جيڪا انهي رنگ ۾ رهندي. عام سان ريس نه ڪريو. هيءُ چوڏهون سن آهي ۽ ماڻهن۾بيخوفائي گهڻي آهي. بيخوفي سان صحبت ئي نه ڪجي، خوف خدائي رکجي.
سڄوئي زماني نه هججي. ماڻهو سڄو جنهن جو آهي، اوڏانهن هججي. زمانو هڪ سپنو آهي. زماني ۾ هٿ پير هڻجن ٿا اها هڪ زماني جي بيماري آهي. گشيءَ زماني جي ۾ ٿو هٿ پير هڻي. ايڪيتاليهون حصو هججي. زماني ۾ ۽ چاليهه حصا پنهنجي رب جي محبت ۾ هججي. ماڻهو نانگو آيو آهي ۽ بکيو ويندو . مگر ساري جهان مان اڪيلو هلڻو پوندو. هُن لڪ ۾ ٻول وچن ڪري، پوءِ ماڻهو آيو آهي. پر پوءِ ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. وري هتان سامان اهو کڻندو جيڪو ماتا جي ڀيٽ مان هت آندو هوندائين. پير فقير چئي چڪا، مرشد به چئي چڪو، الله سائين به امر ڪري چڪو. چوي ٿو ته مون توکي پنهنجوڪيو آهي، تون به مونکي پنهنجو ڪر. اهي سڀ مياران لاهي چڪا، ڪجهه سمجهه رکو، رب ڏاهو آهي. تنهنڪري چڱو ائين آهي ته
گهر مان ڪڍي گَهلِ، تون وڃي صلح ڪر سلطان سين،
ته تون تنهين جي در، ڏهاريون ڏاڻ لهين.
درياه جي سير وٺي ماڻهو ٻئي ٻانهون هڻي ترندو ته ٻئي ڪنارا ڏسيس. پرجي هڪ ڪنارو وٺي ترندو ته ٻيو ڪنارو پري ٿي پوندس. چئبو هڪ ٻانهن ڀڳل اٿس، مڙس ماڻهو نه آهي. طالب به دين ۽ دنيا ٻنهي پاسي پورو آهي ته چئبو ته مڙس ماڻهو آهي. درياه جي سير وٺو ته ٻئي ڀريون ڏسندا وڃو. مرد اهو جو ڪچهريءَ مان اٿي، ته ٻئي ڀريون ڏسندا وڃو. مرد اهو جو ڪچهريءَ مان اٿي، ته ٻئي ٻانهون هڻي اٿي، ظاهر به پورو ته باطن به پورو. اولياء ۽ انبياء جيڪي به پنهنجي محبوب جا رسيدا پيارا آهن. انهن ننگن ۽ ننگر تي نظر رکي آهي، باقي مستن تي ميار ڪانهي. جيڪي به جن جي چوائيءَ، ادب احترام ۾ ويٺا آهن، انهن جو به حق خدائي بار ٿئي ٿو.
حق دي ڳالهه نا حق نهين.
سڄي دنيا ترڪ ڪجي ته ڀلي ڪجي پر ٻه شيون ترڪ نه ڪجن، هڪ ننگ ۽ ٻيو ننگر. پر جي لاچار اچي ٿئي ته ننگر به ترڪ ڪجي پر ننگ اصل ترڪ نه ڪجن. نبي ڪريم صلعم جڏهن ڄاوا ته ملائڪن کي حڪم ٿيو ته هيانوَ کي شڪافُ ڏيون ۽ پوءِ اندر ڌوئي صاف ڪريون. ڌوتائون ڪوَثر شراب ۽ آبحيات سان پر تِر جيترو ٽِڪو رهجي ويو. تنهن تي ملائڪن صدا ڪئي، ٻولي ٿي ته اهو ٽِر جيترو ٽِڪو نه لهندو جو اهو ننگن جو آهي!
سواءِ رب ڪريم جي ٻيو ڪهڙو ٽپڙ هت آڻبو! ماڻهو جيڪي ڪم ڪري ٿو سي سڀ ڇڏڻ تي ڇڏڻ وارا. يڪي اڏي ٿو سو به ڪاڻ ڇڏڻ جي. ڪيترا ڏينهن ڇڏڻ وارا ڪم ڪبا؟ هلڻ وارو ڪم ڪريو. پنهنجو اصل ياد ڪريو. اصل ڇا کي چئجي؟ پاڻ “ کن” فرميائون ته ٻئي جهان لهي وڃن. مٿان وري ملائڪن چيو “ فيکون” ته ٻئي جهان لهي ويا. الله سائينءَجڏهن پهرين روح پيدا ڪيا ته ٻولي ٿي “ الست بربکم” مڃو ته مان اوهان جورب آهيان. اها ٻولي ٿي ٽن جماعتن تي. اتي روحن جي اڳينءَ جماعت واعدو ڪيو “ قالو بليٰ” تحقيق تون اسان جو رب آهين.
زماني منجهان به ماڻهو نبرندو ٿو وڃي. جيڪا به ساعت حياتيءَ جي هجي سا پنهنجي محبوب سان رهجي اچي. ڀلاسواءِ مالڪ جي ٻيو ڪهڙو ڪم چئجي يا لکجي؟ اڳيئون ٻي ڪهڙي آهي وسنئن وچ تي سواءِ رب جي! ڪيترو ٿو اوهان کي چئجي ته رڳي زماني جي تانگهه کڻو! وحدت سان رهو جو ماڻهو وڻجارو ئي وحدت جو آهي. هيءَ بازار اهڙي آهي جيڪي گهر سو ملي ٿو. ماڻهو جيڪيگهرڻ آيو آهي اهو گهري وٺي. ملي ٿو اميدوارن کي، سڀ وس انهن جي آهي. اوهين به وس انهن جي وڃي ٿيو. پوءِ ڌاران توڙي لوڌائين، ڳل ڳچيءَ پيل هججي. هوڏانهن نالو تڏهن توهان جو لکيو.
هت ڄڃ ڀائي آهن، ڀنڊڻ ڀائي ڪونهي، پنهنجي ڀنڊڻ جي ڳڻ ڪجي. ڪير مرڻ کان پوءِ جو روئي ٿو سو ائين جيئن ڪنهن جو ڪمائيندڙ اُٺ مري پوي. توهان مانگرمڇ وانگر ٻچن تي پئجي ويا آهيو. ڪيترا ڏينهن نگهبان ٿي سگهندا ٻچن جا! دل جي ديگ تپايو. اهي گهر پاڻ کانپوءِ به پيا هلندا چلندا. ٻارن ننڍن ۾ مخمور ٿجي. توهان کي ڇڏائجي ٿي زماني جي تانگهه، ماڻهو واٽا واهو،نه ترسي سگهندو. جنهين لاءِ هٿ پير ٿو هڻي اهي سڀ ڄڃ ڀائي آهن، ڀنڊڻ ڀائي ڪونهي ڪو. معنيٰ کڻنديس پر وصف پنهنجا، ٻين جي وصفن ڏانهن نه نهاري.
اَپني آپ نون سمجهاءِ، ٻنهان دي نال تيڏا ڪيا!
حب دنيا سِرُ خطا، لوڪ دنيا سِرُ عبادت.
بادشاهن بادشاهين کي ترڪ ڏيئي ڇڏيا. تون گهر جي ڪنڊ ڇڏي نٿو سگهين! نيٺ نظرصرافن جي چڙهڻو آهي. ميران ٻائي بادشاهزادي هئي. سڀاڻي مري ويندين ته به اهو گهر پيو هلندو. اها سموري آڪهه تنهنجي هڏ شريڪ آهي. دل شريڪ ته فقير اٿيئي جيڪو تنهنجي دل جاڳائي ٿو پيو. تون وري فقير ڏانهن مٽ ڪري زماني ۾ ٿو منهن هڻين! مون اوهان جو ابو امان آهيان. اوهين منهنجي آڪهه آهيو. انشاء الله تعاليٰ گڏ هجيو رب گڏ يا آهيو. اوهين هوند دل شريڪ آهيو. الله ۽ الله جو حبيب راضي هوندو.
توهان جو چوڻ آهي ته ٻارن کي اڪيلو ڇڏي نٿو سگهان. هڪ ته ڪوئو پاڻ نه لنگهي سگهي ٻر ۾، رهندا ڇڄ ٿو ٻڌي پنهنجي پڇ سان پوءِ ٿو دانهن ڪري. جيڪي آيا سي اگهيا. اچو وٺو دعوت لنگهڻ جي، فاقا ڪڍو.
فڪر ۽ فاقو آهي مَرڪ مارن جو.
ڪُيون آيون هيون صرافن وٽ. چيائون ته اسانجي تنگي لاهيو ته بهشت وڃون. صرافن سير سير سون جو پڇ سان ٻڌي ڇڏين. ويچاريون وڃي نه سگهن، تاريڪ پيئون سنڀرن! اهي دليل لاهي ڇڏجن دل تان.
اهي ٻار ٿا اوهان کي کيڏائن پيا اوهين نٿا کيڏايون. هي ڌوتين جو ويڙهو آهي، ساري عمر پنهنجي خراب نه ڪجي. اهي نفس جا رايا آهن. پنهنجي ساري واردات سنڀارجي. دليل سڀ دور ڪندو وڃجي. چڱو دليل ته به رب جي مٽ ته نه آهي! سڀ دليل ٽاريا وڃجن. نيٺ دعويٰ ڇڏجي پوءِ درشن ٿيندا. اک ٻوٽي پوءِ ٻيا ڇڏائيندا. درجه بدرجه پاڻ ڇڏيندو هلجي. جهان دنيا جو آهي ۽ دنيا رڳي غم آهي.
ٻاهر گذارجي،نه ته انهن ٻارن کون ۽ انهي عقل کون ماڻهو چريو ڀلو آهي. چرين تي ميار ئي ڪانهي. عقل تي مار آهي. پوءِ جنهن عقل ڏنو، يقين ڏنو جا شي ڏسو ٿا سڀ انهي جون ڏنل آهن، پوءِ اهو ڪيئن وسارجي! ماڻهو هجو ته پنهنجي ڪم کي وٺو. اهو سڀ ڪم اوهانجو ٿو توهان کي چئجي. اهڙي ملڪ ۾ وڃڻو اٿو جتي امڙ نڪو ابو. توهان کي ڪو خوف خدا جو ڪونه ٿو پوي! پنهنجي هيڪلائيءَ جا ڪشالا نٿا سجهنوَ. پوءِ ايتريون جدايون ڏسي ڪيئن ويهي رهيا آهيو؟ ارمان آهي مونکي اوهان جو. هاڻي مخموري زماني جي ڇڏي ڏيو. نانا ڏاڏا اچي ٿيا آهيو ته به اڃا خبر ڪانه پوندي آهي. جيڪي لنگهي ويا آهن. سي ڏاڍو ٿا ياد ڪن ته هي ڪڏهن پنهنجي گهر ايندا. جي انهي ملڪ جي رڳو بوءِ اچي زماني جي ماڻهن کي، ته هوند دانهان ڪن.
ڪيترو هن فاني جهان ۾ ماڻهو بيهندو! اول آخر، ظاهر باطن ڪم رب ڪريم سان پوڻو آهي. رب ڪريم اوهان راضي ڪريو ته اوهان کي به رب ڪريم جي رکو ته وڻي اچو پنهنجي رب کي. رب راضي ته جڳ راضي.
تو منجهه آهي سو سر سارو جنهنجا پنڌ پڇين ٿو.
هن زماني جي بهاريءَ کان محبوب جو غم ڀلو آهي. رات ۾ سج جا غمزا آهن، غمن ۾ وري محبوبن جا غمزا آهن. هاڻي سک ڇڏ، ڏک محبوب جو ڀلو آهي. ڏک سکن جي سونهن آهن. رڳا سک به جدا ڪندڙ آهن.
ماڻهو زماني ۾ ريجهه رکي بيهي رهيو آهي. رڳو زماني جي راند ۾ به ريجهجي نه بيهجي. زماني جي مخموري چڱي نه آهي. چڱو الله آهي ۽ الله جو نالو، جنهن جي نالي ورتي لکيا ڏوهه لهي وڃن.! زماني جا لاڳاپا ونگ وجهي ٿا ڇڏين هلڻ ڏانهن. هي وڏو سفر آهي، سڀاڻي پيا اچي ڇڏائيندا سو پاڻ ئي ڇڏي ڌجن اهي لاڳاپا. وحدت ۾ وڃي پئجي. جا گهڙي خيال سان ويهجي، زماني جا وهم وساري ويهجي. پوءِ به ڪُل سان هججي. اها به هڪ عارفن جي راند آهي، عارفبازي آهي، مرداني راند آهي.
زمانو گمراه ڪندڙ آهي مالڪ جي طرف کان. ڪر ته هونئن به الله سائينءَ تي آهن. دنيا ماڪري آهي، رڳو اهي مڪر ٻيا ٿا لکو. ڪيترو مَڪَرن ۾ گذاريو! رب ڏانهن مڪر ڇڏي ڏيو. هر ڪنهن جي خبر آئي ٿي پوي.
ڪنبو ڀي قهار
زمانو رڳو مشڪلات آهي، زمانو سارو سور آهي. سورن مٺ هر هڪ وٽ آهي. ڪٿي ڪٿي وري گهڻا آهن. هي جهان سور ٻري جو جهان آهي، جو پنهنجن پيارن کي به ڏنا هوائون، پر تڏهن به رب نه وساريائون.
سور سختيون سالڪن ڏي محب مهمانيون مڪا،
اهنج اوکيون عاشقن ڏي محب مهمانيون مڪا.
ڏک جا ڏينهن گهڻا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. سک جي گهڙيءَ جو قدر ڪونه پوندو آهي. پر ڏک فقير لاءِ ڏاج آهي. ڏک جو نتيجو سک آهي. جهڙيءَ طرح ڪوڙيءَ دوا جو نتيجو صحت آهي. هي جهان دنيا جو رڳو غم آهي. بهاري مالڪ سائينءَ جي نام سان آهي. زماني جي اجاين غمن مان ڇا ٿيندو؟ پوءِ به جيڪي رب ڪندو اهو ٿيندو.
زماني ۾ رڳو اونده ۾ هٿ هڻڻا آهن. ڪيترا هٿ هڻي هڻي مري ويا ته به پاندي پوري نه ٿي.
گذريءَ نون ڇوڙ، فڪر ڪر اڳ دا،
هيءَ نه هت وهاڻي، تون آڳه ڪر اڳ دي.
اٺ ئي پهر اونده ۾ ٿا هٿ هڻجن. ڪجهه سوجهرو ڪريو ته دوست دشمن جي خبر پويوَ. ڪيترو پڙهيا آهيو! حلال حرام سڃاڻو ٿا؟
جنهن کي سمجهه نه آهي، تنهن سان تعدي آهي،
اهو مرد نه آهي، مادي آهي.
اٺ ئي پهر ماڻهو زماني جي غوطن ۾ آهي. انهن غوطن ۾ آهي. انهن غوطن پنهنجو اچڻ وڃڻ ئي وسارائي ڇڏيو آهي. منجهي پيا آهيو زماني جي بازر ۾، عشق جي بازار ۾ اچو. اڃا ڄاوائي ڪونه هيو ته ٻيا ڏسو ئي ڏسو ٿا. توهان جي ڏسندي جهان ٿو وڃي توهين پيا ڏسوئي ڏسو ٿا. ڏسو ڀلي پر انهن کي ڏسو جنهن کي ڏسڻ آيا آهيو. جي ڏسڻ منهجئون ڏسو ته سڄڻ سامهون آهي.
هي زمانو هڪڙي گپ آهي. زمانو سڄو ڍٻا آهي. سو هلڻ کان به انهن ڍٻن جهليو آهي، جيئن پوءِ تيئن ماڻهو قابو ٿيندو ٿو وڃي. زماني جڳن سڌان ماڻهوءَ کي سيڙائي ٿيون وجهن. خلق زماني ۾ گرفت ٿي ويئي آهي. يادگيروئي ڪونه ٿو پوين. هن فاني جهان ۾ ڪيترو زماني جي محبت سان هليو! محبت رب جيءَ منجهه رهجي. زماني جا پيوند درجي بدرجي ڇڏيندا اچو. جيئن انگريز ملڪ کلندي ڇڏيو آهي، تيئن ماڻهو هتان کلندي ڇڏي ته چڱو آهي.
ٿورو ڳالهائڻ ٿوروسمهڻ ۽ ٿورو کائڻ اها وڏي هدايت آهي. انهي کي بيماري گهٽ ٿيندي.خاصا کائڻ، خاصا ڪپڙا ۽ خاصن هنڌن تي سمهڻ انهي کي اولياء اويس قرني ، پيغمبر جو يار، بارگر رسول ٿو چوي ته دوزخ رڳن کان به ويجهو اٿس. اڄ ماڻهن لذتن ۾ ڪري پيا آهن. ماڻهو مرن ٿا مال لاءِ جيئن ڍونڍ مٿي ڪيڙا. لذتن سارو جهان جهلي وڌو آهي. اوهين رب قبول ڪريو، زماني جي حرص کي ڇڏي ڏيو.
هي جهان گپ آهي، هن ۾ ترڪڻبازي آهي ڏاڍي. ه ظاهر جي گپ ۾ پير ترڪن، زبان ترڪي، اک ترڪي ۽ هٿ ترڪن. اهو ڌڪ آهي ڳاٽي ڀر جو. جيئن پل صراط جو ڌڪ هجي. هيءَ پلصراط تان ٿو وڃي پيو. هتئون ڌڪن کان بچي هلي ته اڳيان ڌڪ ئي ڪونهي ڪو.
ماڻهو زماني ۾ وڇائجي ويو آهي.پير فقير مرشد چئي چڪا آهن پر اسان کي رڳو زماني جا اعمال ٿا وڻن. فنا جي ٺڪاڻي ۾ ماڻهو ويهي رهيو آهي. ٻڌ به الله ڏانهن ڦري ويئي آهي. اهڙي عقل کي ئي ٻن ڏجي. جيئن زماني جو خيال ڪندو تيئن خلط خراب ٿيندا ويندا. رات ڏينهن ماڻهوءَ کي نفسان نفسي لڳي پيئي آهي.جکندي جکندي عمر وهامي ويندي. زمانو ڪونه ٿو وٺي. ماڻهو پاڻ ٿو زماني کي وٺي. زمانو اوهان مان ڦاٿو آهي، اوهان زماني مان ڪونه ڦاٿا آهيو. هن زماني جي دردن جون دانهون هلي اتي محبوبن کي پيش ڪنداسون.
زماني ۾ نيڪ نبي سڀ گذاريندا آيا.، لاهي پائي زماني تي به نه بيهجي. هي جيئڻ ٿورو آهي پنڌ گهڻو آهي، سو ٿوري جيئڻ لاءِ رب ڪريم نه وساريو. هيءُ هلندڙ قافلو آهي، رڳي ڏپهري جي جاءِ آهي. هڪ ڏپهري لاءِ ڪري ساري عمر نه وڃائجي. جهان لڏيو ٿو وڃي، توهين به ڪا لڏ پلاڻ جي ڪريو. هي جهان گذر جو آهي. گذارو ڪيو هر ڪوئي هليو پيو وڃي. اڳي ملڪ ۾ فيض گهڻو هو جو ماڻهپو گهڻو هو. هيئنر ملڪ ۾ ماڻهو ٿورو آهي، حيواني گهڻي آهي. اڳي لٺ بانٺو ڪتي ٻلي لاءِ کڻبو هو، پر هاڻي ماڻهوءَ لاءِ ٿو کڻجي.
ساري عمر سانجڻ(چلهه) جي ڪم لاءِ ڀڄندا ٿا وتو. سانجڻ جي ٻاهران ڦرڻ اها ٻلن جي عادت آهي. سڀاڻي ٻلا ٿي مرندا.! ڦٽل ملڪ جي ڀروسي تي وهڻ اها عادت چٻرين جي آهي. پوءِ سڀاني چٻريون ٿي مرندو! ماءُ جي پيٽ مان آنڌاري ڪوٺيءَ مان نڪري وري به انڌاري ڪوٺي ۾ گهڙي ويهي رهيا آهيو. اها عادت چمڙن جي آهي. سڀاني چمڙا ٿي مرندا. فنا جي ملڪ تي ڀروسو رکڻ اها به چٻرن جي عادت آهي.
هن جهان دنيا جو آهي. ماڻهو دليلن جو دلو آهي. هن دنيا جي جهان ۾ ڪئين داناه ديوانا ٿي ويا. دنيا جي لاري نه لڳجي. لاري رب ڪريم جي لڳجي. هي خوف جو جهان آهي، الله سائينءَ کان پيا گهرو. الله نه وساريو. هي هلندڙ قافلو آهي. ٽڪيٽ پختو رکجي. متان زماني جي والد ۾ الله سائين وسري وڃي. وري ڀي الله. هر وقت پنهنجي رب جي رمز پاڻ ۾ لڳل هجي. سواءِ مالڪ جيٻيو هن فاني جهان جي ڪهڙي تعريف ڪجي!. تعريف به پنهنجي خالق مالڪ جي جڳائيندڙآهي. پنهنجي تعريف ڪرڻ شيطان جو ڪم آهي.
زمانو سڄو مرادن جو آهي. جيڪي ماڻهو ڏسڻ ٿا گهرن ته اها به هڪ مراد آهي. هي جهان ته مرادن سان ڀريل آهي. مگر فقير جو پنڌ نامراديءَ جو آهي. ظاهر باطن دوست دوئيءَ کان ڌوئي. نامراد اڃا نه ٿيو آهي. تنهنڪري رسيدو نٿو ٿئي.
نامراديءَ جي نجهري بيهي بس الله،
چٽو رباني راه، مرادن مخفي ڪيو.
جناب ٿر ڌڻي صاحبن پنهنجي جماعت کان پڇيو ته طالب مجاهدو به گهڻو ڪيو، پر تڏهن به ڪچهريءَ رسيدو نه ٿيو سو ڇو؟ مراد فقير جلالاڻي ٻوڙو هو، ان جواب ڏنو ته قبلا ڪِري ڪانهي. پاڻ فرمايائون واه ٻوڙا واه! آسمانين رسيدو هجي پر جي وار جيترو مرادن جو دليل پيس ته ٺڪاءُ اچي زمين تي ڪندو. کڻندس ڇڏيو.
حلال وجد سان ڀلي ڪري رهجي، مگر زماني جي هوا هن وقت ٻئي نموني آهي. ڪوبه سودو وغيره ڪرڻو هجي ته ڀلي ڪري ڪجي، پوءِ دل جي پسنديءَ پنهنجيءَ ۽ ٻئي جي به ڪجي. پاڻ وڻندي به سڀ ڪنهن ڪم نه ڪجي. انهيءَ جاءِ ۾ ويٺي به اهڙو ڪم ڪجي جو اڳيئون وڻي اچي.
سوئي ڪم ڪريجي جس وچ الله آپ بڻيجي.
اهڙيون جايون بهشت ۾ به آهن. حلال وجه جو ڪم ڀلي ڪريو پر ليڪن ۾ نه بيهي رهو. هڪ رب نه وساريو، طرف رب جو وٺيون بيٺا هجو. حلال وجه جو ڪم نيڪ به ڪري ويا آهن. پوتل هججي جنهن لڙهيءَ جو موتي آهي انهي لڙهيءَ ۾. بنا دوستيءَ رب جي ٻيءَ اجائيءَ کپت ۾ سج ٿو وڃي. کٽڻ هارائڻ جي جاءِ اها آهي. ڀلي حال وجه سان هجو. پر محبت رب جي ۾ رهو. زماني ۾ حلال وجه جا ڪم ڪجن پيا، مگر پنهنجي مالڪ جي طرف کان بيڪار نه رهجي. انهي زماني جي غفلت کان ماڻهو جيئن بچي هلي، جو وڏي گردش آهي. پوءِاڳيئون ڪوبه ڌڪ ڪونهي.
هي جهان دنيا جو آهي، ڪي ٻڏا ڪي تريا.
تارو وڃن تريا، ننڍا وڏا واهڙا،
اتي اڻ تارن، ڳرا مٿن مولهيا.
اهي بحر آڏا اچڻا آهن. هڪ ماڻهو اڻ تارو، ٻيو گناهن جو مولهيو باري ٿيو پوي. هي جهان هڪ بحر آهي. ڪو ٻڏو ته ڪو تريو. انسان پرڻيو ته ٻيڙيءَ تي چڙهيو. جي ٻارن منهن ڪڍيو ته ڄڻ ٻيڙي ٻڏي. دنيا بحر آهي ۽ هي گهوڙي تي چڙهيل آهي. سوار خبردار اهو آهي جو انهي خاني تان لهي پيو. خانو ڇا آهي؟ دنيا هٺ آهي. انهي هٺ تان لٿو ڄڻ خاني تان لهي پيو. سوار خبردار گهوڙو هنيو بحر ۾. بحر بي پايان، گهوڙو ساسي شيءِ، عضوا هڻي هي گهوڙو ٻڏڻ لڳو. سوار خبردار، رقيب ڇڏي لهي پيو! محبت جي ميدان ۾ انهي گهوڙي کي ٽهلائجي.جي رنگپور جي بازار ۾ ڦٽي پوي ته ڇا ڪجي؟ اوجاڳو ۽ بکون ڏجنس. سڌو نه هلي ته موت جو فڪر ڏيکارجيس. اهو آهي ٽوڻو.
سڀيئي گهوڙي تي چڙهيل آهيو پر واڳ هٿ ۾ هجي نه ته وڃي ٻوڙيندس. گهوڙو ڪهڙو؟ هٺ جي گهوڙي تي چڙهيل آهيو. واڳ هٿ هجي گهوڙي جي. واڳ اها آهي جو خدائي خيال هٿ هجي. خدائي خيال ڇڏيائين ڄڻ واڳ ڇڏيائين. خيال هٿ هوندو ڄڻ گهوڙي جي واڳ هٿ ۾ اٿس. دنيا جي عادت هٺ آهي. ماڻهو لهي به عادتن سان ۽ کري به عادتن سان. ڍيڍ اهو جو ڪنهن سان نه ٺهي. چڙهيا ته اوهين به گهوڙن تي ويٺا آهيو. پر ڄڻ جڙ گهوڙن تي آهيو جو وقتي راه تي، وقتي بيراهو ٿو هلي. لغام هٿ ۾ وجهي. لغام ڇڏائجي وڃي ته وري جھلجيس. آخر گهوڙو وَهو ٿي ويندو ۽ پوءِ پنهنجي راه تي پيو هلندو. بيراهو ماڻهو چڱو نه آهي. راه جو مرڻ به ڀلو اٿس.
هي انسان ايمان جي کوهه ۾ پيل آهي. اتان نڪرندو تڏهن جڏهن رسيءَ کي جھليندو. ڪڍندڙ جو هٿ تڏهن سگهندو جڏهن هٿ سوگهو جھليندو. ڪڍندڙ جو هٿ تڏهن ڪڍندس، جڏهن گوه واري جو هٿ محڪم هوندو. توهين چوندا ته رسيءَ ۾ هٿ به تڏهن پوندس جڏهن امر ٿيندس. هيءُ امر ڪنهن کي ٿيل آهي ته سعيو ڪري؟ هيءُ بيابان آهي. بيابان ان ملڪ کي چوندا آهن جتي ڪوئي ٽڪي نٿو، هر ڪوئي هليو وڃي. جنهن پنهنجو پاڻ ئي وساري ڇڏيو آهي سو ڇا سعيو ڪندو! تون نه هيءَ صورت آهين ته هيءَ ذات آهين. هُن صورت ۾ گم ٿجي. اصل ذات آهين حق جي. توهين وري چوندا ته اسين ٻار آهيون. سائين توهين کوه مان ڪڍو. پنهنجي رب جي لاءِ ٻار آهيو. ٻيا نفعا نقصان سمجهو ٿا. باقي رب ڏانه ٻار آهيو ۽ بيخبرا ٿي پيا آهيو. پنهنجو پاڻ کي سمجهائجي.
تون اپني آپ نون سمجهاءِ، ٻنهان دي نال تيڏا ڪيا!
سالڪ عقل کي هيٺ هڻي رب اثبات ڪندا آهن. ڪيترو سمجهائبو! سمجهه رکو. پنهنجو پاڻ کي سمجهائجي. وتو ٻين کي پيرين پوندا ۽ دعائون گهرندا! پنهنجو پاڻ کي سمجهايو ته ٻيا اچي اوهان کي پيرين پوَن.
رب بيپراوه آهي. زماني جو عقل ننڍو عقل آهي. هوعقل ڪُل عقل آهي. زماني جي راند اِٽي ڏڪر وانگي آهي. هوءِ راند وڏي راند آهي. دنيا جو عقل ائين آهي جيئن ڀيلو گهڙو هٿ ۾ هجي، نه واءُ سهي سگهي ته مينهن سهي سگهي. رشوت وٺڻ اهو ٻاراڻو عقل آهي. ٻار نه پرچي ته ٻه ٽي پئسا ڏجنس ته پرچي پوندو. آفيسر نه ٺهي ته ٻه ٽي سو ڏجنس ته پرچي پوندو. پوءِ اهو ٻاراڻو عقل ڪين چئبو.!
هي جهان هڪ سپنو آهي، طمع جو جهان آهي. هي دنيا جو جهان آهي. ۽ ڪل جي اڳيان جز آهي. جز ڇا جهل ڪل کي! هي عقل ڪل عقل جي جز آهي. ڪل عقل کي ڪيئن پهچجي؟پاڻ جنهن عقل سان ويٺا آهيون سو عقل صفائي آهي. هو ذاتي عقل آهي. ڪڙيو پيو وهي. ڪپر وٺي وڃبو ته وڃي درياه تي پهچبو. ذات سان گڏيل هوندو ته وڃي ڪل عقل کي پهچندو. هلي ته ڪل عقل کي پهچي. ڪل کي تڏهن پهچندو. هلي ته ڪل عقل کي پهچي، ڪل کي تڏهن پهچندو جڏهن فڪر رکندو. ڪل عقل انهيءَ کي ٿا چو جيڪو الله کي پاڻ سان دائم قائم سمجهي. جيڪي ڪل کي پهتا انهن کي سارو هڪڙي جز ڏسڻ ۾ آيو. هي ڪجهه سمجهڻو آهي. اها سمجهه به تڏهن پوندي جڏهن موت ياد ڪبو. الله سائينءَ جو نام ۽ موت ماڻهن وساري ڇڏيو آهي. چوطرف زماني جون دانهون لڳيون پيون آهن. رڳو زماني جي اڻ تڻ لڳي پيئي آهي. ڪم الله ايندو، هتي جا ڪم مڙيئي ڇڏڻ وارا آهن. هدايت وارن سمجهي ڇڏيا. جيڪي طالب موليٰ پاڪ جا آهن سي به ڪجهه ته پنڌ جي ڳالهه ٻڌائين!
هي جهان سارو هڪ خواب آهي.
ڪو سلام سهڻي يار جو مون خواب ۾ آيو،
خواب ۾ آيو، سهڻيءَ رات سهاڳ ۾ آيو.
يعني ته ڪا دل سهاڳڻ رهندي آهي انهي جي ڳالهه آهي.
ڪت گهڻو، گهم ٿورو، ٻاهر ٻانهن نه لوڏ،
ڍرائي نه ٻڌاءِ، وک اڳري ڪر.
ماهي يار دي نال دلڙي هوسين، نا هوسين ته به هوسين.
زماني جا ماڻهو نفعي نقصان جي خبر رکن ٿا باقي بندگيءَ ويلي بيخبر آهن. بيخبر سان صحبت گهڻي نه ڪجي. جو ماس جون دليون آهن، انهن جي صحبت ۾ اچيو ٿيون وڃن. خبردار رهجي پنهنجي مالڪ سان. ڪيترو لکيو ، پنهنجي پاڻ سمجهايو. زماني وارن جي صحبت ٻڌي وري به توکي زمانو ياد ۾ اچي ويو آهي. ڇرڪ ڪونه اٿيئي، وري به خيال کي زماني سان ٿو ٻڌين! شايد دل سان نه لڳي آهي. جن کي دل سان لڳي انهن کان بادشاهيون ڇٽي ويون. ڪجهه ته ڳالهه کي دل سان به لاءِ. اهو نفس جو آهي جو ڦيرائي زماني جيڪمن ۾ ٿو غلطان ڪري. زماني جي صحبت اهڙي آهي جو،
آپ نه کري پر ڏوجهان نون به کاري
عام سان ريس نه ڪجي جو اوهان کي مليل آهي. نڪو عام سان ايو آهي نڪو عام سان ويندو. جيئن سڄي جهان۾ هيڪلو آيو آهي تيئن ويندو به هيڪلو. اهو مالڪ ويجهو آهي، ٻڌي پيو، ڏسي پيو. عام اهي ڳالهيون نه پروڙيون آهن. ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نهسنڀاريو. وقت تنگ آهي، وسيلا ياد ڪجن. پاڻ حامي آهن سچين دلين سان. الله ۽ مرشد اوهان سان گڏيل آهن. اوها جو ڪهڙو ڪم آهي عام سان! عام کان خيال ڇڏائي هٿ ڪجي، پوءِ جيڏي مهل تنها ٿيو ته مدد سنڀاريندو. عام کان پرهيز هجي. نه ڳالهائجي. ڳالهائڻ کان ڀلو آهي. عام جي صحبت چڱي نه آهي. ڪتابن جون ڊگهيون ڳالهيون پنڌ کان منجهائي وجهنديون آهن. راه به جڏهن ورتل اٿو تڏهن قدم وڌايو. هيڏانهن هوڏانهن جي صحبت پنڌ کان منجهائي وجهندي آهي. ڪهڻيءَ وارا ڪتاب کڻي وڏيون ڊگهيون ڳالهيون پيا ٻڌائين، مگر پاڻ وري ايمان جي کوهه ۾ پيا آهن. رهڻيءَ وارو ٿورو آهي. ڪهڻيءَ وارن جو ڪم اهو آهي جو
آپ نه کري، پر ڏوجهان نون به کاري.
هي جو خط ٿا اچن توهان ڏي، صحبت رب جي، ڳالهه مرشد جي! اهو توهانجو قوت آهي. غم گوندر پون ٿا من ۾ پوءِ امانجي ٿا پئو. پنهنجي رب جا ٿا پون. اهي فيض وارن کي پوندا آهن، ٻيو زماني وارن کي نه پوندا آهن. انهن کي زماني جا غم گوندر پوندا آهن. اهي حق جي نالي کي نفي ٿا ڪن، پاڻ کي اثبات ٿڪن. دنيا جي بهاريءَ کان محبوب جو غم ڀلو اهي. غم ته انهن کي ٿيندا جيڪو ڄاڻي ته منهنجو ذڪر ئي نه ٿو هلي. مالڪ جي طرف کاندل کي بيدرد نه ڪجي.
ڀولن جي ملڪ ۾ ٿو رهجي. ڀولن ۾ شينهن اچي ته ڀولا وٺي اکيون پورين هٿن سان. اها ڄڻ اونده ٿا ڪن. پوءِ شينهنجيڪو ٿلهو متارو ڀولو هوندو اهو کائيندو. ڀولو وٺي ڪيڪون ڪندو، تيئن ٻيا ڀولا وٺي اکين کي بند ڪرڻ تي زور رکندا، ڀڄي وڻن تي ڪين ويندا. اسين به ائين آهيون. ڀولا سڀ اسان ۾ اندر آهن. (ڀولو : ماڻهو زماني جو، شينهن : نالو رب جو)
اڀماني ماڻهوءَ جي صحبت نه لڳو.اهي ماڻهو حجت ٿا رکن پنهنجي الله سان.تنهنڪري انهن سان صحبت نه ڪريو اهي اڀماني آهن. اهي پاڻ ڀانئڻ ٿا سيکارين ته اسان ههڙا آهيون. پير فقير، اولياء سڀ رضا تي راضي رهيا آهن. اوهين به رضا تي راضي رهو. جا رب کي وڻي سا واه. موت ملاقات اوچتي ٿيندي آهي. ڪير دعويٰ ڳالهائي پنهنجي رب سان! وري به جهلجهي ٿو ته انهن جي صحبت نه لڳو، اهي ڳالهير ماڻهو آشهن، هلندڙ طالبن کي بيهاري ڇڏين. اوهان جهڙيتهڙي حال سن هلو. اهي ماڻهو ڀانئڻ ٿاڪن.
ڀانئڻ ڀتو ڀاڻ، لڳي چڻنگ چٽ ٿئي،
جنين ڀانيون پاڻ،ڪيائين توائي تنکي.
اهي اڀماني ماڻهو درويش به سڏائين ٿا. ڏسو ته صحبت ڪهڙي ٿا ڪن ۽ انهي صحبت ۾ ڪهڙو اثر آهي! ايمان ڇڏي ڏجي. جڏهن دعويٰ ڇڏبي تڏهن درسن ٿيندو.
هر ڪوئي جيڪي ڪري ٿو سو پاڻ سان ٿو ڪري. جي چڱائي ڪندو ته به پاڻ سان ٿو ڪري، جي مدائي ٿو ڪري ته به پاڻان ٿو ڪري. آئينه ۾ ڀونڊو ڏي يا پاڻيءَ ۾ ڏي ته اهو ڀونڊو پاڻ کي ايندو. آئينه ڏي نهار، ڪاوڙج ته ڪاوڙ ڏسين، کل ته کلڻ پسين. تيئن انسان به جيڪي ڪري ٿو سو پاڻ سان ٿو ڪري. پنهنجو سڄڻ به پاڻ آهي ته پنهنجو دشمن به پاڻ آهي. هر ڪنهن کي پنهنجا ٽپڙ مٿي تي آهن. زال کي پنهنجا اعمال مٿي تي آهن ته مڙس کي پنهنجا. ڪيل اعمال هر هڪ پنهنجا اڳيان هليڏسندو ۽ سڃاڻندو به. انهن مان هڪڙا پنهنجا اعمال ڏسي خوش پيا ٿيندا ۽ ٻيا وري ڏسي پيا ڊڄندا ۽ روئندا. تڏهن ٿو چئجي ته هتان ٺهي جڙي هلو.
هتي به گهڻيئي درجا آهن. ڪنهن کي ڏوهه معاف ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي. ڪي ماڻهو ته خون به معاف ڪيو ٿا ڇڏين. اهو به وڏو ثواب آهي. بادشاهه هجي، اڌ بادشاهي هجي، اڌ بادشاهيڏئي واٽ خدا جي ۽ غريب هجي ان کي هڪ ماني هجي جنهن مان اڌ ڏئي واٽ خدا جي ته ٻنهي جو درجو هڪڙو آهي جو غريب کي مانيءَ جي بادشاهي ڏني اٿس.
خلق خراسب ڪهڙيءَ عادت ڪئي آهي؟ ٻچو خوديءَ خلق خراب ڪئي آهي. خاصا کائڻ کائڻ، خاصن هنڌنتي سمهڻ، خاصا لٽا ڪرڻ، انهن ڳالهين هنکي خراب ڪيو آهي. خودي لٽي ۾، کاڌي ۽ جتيءَ ۾ به آهي ۽ ڀانئڻ خرابٿو ڪري. لٽو ڪجي ٿلهو، سنهو لٽو نه ڪجي. جيڪو پاڻ کي نيڪ سمجهي نيڪن سن گڏيندو ته مان به نيڪ آهيان ته اهڙو بڇڙو ٻنهي جهانن ۾ ڪونهي.
اگر خود را به نيکان شمردي، بدي
تواضع ڪجي، مغرور نه ٿجي. پاڻ کي گهٽ سمجهجي.ڪئلي اٺ جي پير هيٺان ايندي ته مرندي ڪين، نڪتي ويندي. مٿان وڻ تان ڪرندي ته به مرندي ڪين. ماڻهو اٺ جي پير هيٺان اچي يا وڻ تان ڪري ته ڌڪ لڳندس. انسان ۾ خودي هوندي يا خدا هوندو. هي احديت جو مياڻ آهي.
ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.
خود نه ٿجي بيخود ٿجي. هتان بي سر بي پا ٿي هلجي. اوهين مريد به بي سرن جا آهيو. اوهان ڏي صحبت به بي سرن جي ٿي موڪلائجي. گلا نيڪيءَ سان هن جو ڪم ڪونهي. هن جو ڪم ڪم آهي الله سان. نمازون ۽ روزا اهي ڪم سڀ ثواب جا ڪم آهن، پر اهو ڪو رستو ئي ٻيو آهي جنهن سان پرينءَ کي پسجي.
سڀني خطائن جو منڍ آهي ڍو. اڀماني وصف سڀ اٿن ٿا ڍو مان. لنگهڻ ٻه ٽي ڏينهن ڏيئي ڏسجنس.حسن بخش کي گهوڙو هو جو تي چار ماڻهو جهلين تڏهن ڪو مس چرهي. گهوڙي ته اصل ويجهو بيهي نه سگهندي هئي. اهو وڪڻي ڇڏيائين. هڪڙي ڏينهن اهو گهوڙو ڪاهي آيا، اچي گهورين سان ٻڌائون. ٿورڙي هڻ هڻ پيو ڪري. مونکي چيائون ته گهوڙو سڃاتئه؟ چي حسن بخش وارو گهوڙو آهي. مون چيو ته ٻچو هاڻي ته گهوڙين سان بيٺو آهي. چيائون ته اسان وٽ ته داڻو به پورو نصيب ڪين اٿس. هونءَ به ڍوَ سڀني خرابين جا جڙ آهي. ڪريو ڏجنس ته پوءِ سکندو. اهو ڪريو شهبازن لاءِ آهي. ڪريز ڇو ڏجي؟ جيئن پراڻا پن يعني عادتون ڇڻي ۽ ۽ پوءِ نوان پن ڄمن. مٺي ۾ مٺو ۽ پاڪ ميوو بک آهي. بک اهڙو مٺو ميوو آهي جو هڪ دفعو کاڌائين ته وري وري پيو کائيندو.
قناعت چڱي آهي. شي پيو وڇائيندو، پيسو ڏوڪر اجايوپيو خرچ ڪندو ته ٻيو منع ڪندس.وري ٽيون چوندو ته اوهان جو ڇا ٿو وڃي، هو پنهنجو پيسو ٿو وڃائي. ڪير ٿو چوي ته پنهنجو پيسو اٿس؟ اهو سڀ مالڪ جو آهي، وڃائڻ سان ڏوهه پئجي ٿو وڃي. پير پاڳاري کي ڪنهن چيو ته سائين دنيا حرام آهي. فرمايائون ته حرامين حرام ڪئي آهي ۽ حلالين حلال ڪئي آهي. پيسو به ڪنهنچڱي پاسي خرچ ڪجي. دنيا کائجي ته ڪانوَ وانگر ونڊي ورهائي ۽ نه ڪتي وانگر. ڪانو هڪ سڌي لهندو ته ڪان ڪان ڪري ٻين کي سڏيندو. ڪتو مئل هاٿي ڏسندو ته هڪ هڪ ڪانو کي به ويجهو اچڻ نه ڏيندو. پاڻ کائي ٽنگ به نه سگهندو.
بکيو اڃيو اچي ته تڪليف ڪري به انهي کي کارائي پيئاري راضي ڪري ڇڏيو. توڙي اوير اچي توڙي سوير اچي ته به آيو راضي ٿي وڇي ته اهو ڀلو آهي.پوءِ هن جي ذات ڏي، ڪپڙن ڏي يا شڪل ڏي نه ڏسجي. پر هن جي پيٽ ڏي ڏسجي ۽ جي بکيو اڃيو هجي ته راضي ڪري ڇڏجيس. مهمان جيڪي به ڪنهن وٽ اچن ٿا سي ٻڪيءَ سان ٿا اچن. ڪنهن دڪان تي ڪو ماڻهو ئي نه اچي ته اهو دڪان بند ڪين هلندو؟ پر جي دڪان تي ماڻهو پيا اچن ته اهو دڪان بند ڪين ٿيندو. مهمان نه اچي ۽ جي ڪو آيو ويو بکيو اڃييو ٽڪر کائي نه ويو ته اها ڪمبختيءَ جي نشاني آهي. ڏاڏو نواب خان هڪ ڄڻي جي ماني هميشه پاسيري رکي ڇڏيندو هو.
تاريڪ ترڪ سٺو آهي. باقي هڪ ڏينهن سڀ ڏيئي ڇڏي پوءِ ائين ئي ويٺو هجي، تنهن کان تاريڪ ترڪ چڱو آهي جو صوفين ائين چيو آهي.