تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

رب جو يادگيرو

رب جو يادگيرو

رب جو يادگيرو سڀ ڪنهن جي مٿان فرض آهي. رب ڪريم جو يادگيرونه وساريو. يادگيري کان فراموش نه ٿيڻ گهرجي. يادگيرو آهي ته ماڻهو ڄڻ ميلي ۾ آهي. دل جيئري به يادگيرو رکندو آهي. هونئن به يادگيرو هميشه چڱو آهي. ياد وارو ياد ۾ آهي. اوهين ڳالهائيندا آهيو، اهي تعريف رب جي اوهان کان ڪير ٿو ڪرائي، اوهين ته اڳي گونگا ٻاتا هئا انهي طرف ڏانهن! اوهان کي انهي ڳالهائي ڪنهن وڌو آهي.تعريف ويٺا ٿا ڪريو هڪ الله جي ٻي مرشد جي، اهو چڱو آهي، مالڪ جي يادگيري ۾ مرڻ به عجب آهي. ماڻهو وڃي ته هونئن ئي ٿو. رب رب ڪندو هلجي. پنهنجي مالڪ سائينءَ کي پاڻ سان دائم قائم سمجهڻ گهرجي.
ڪيچي ڪهندا ويا چوندا ويا ته وٺجو واٽ وندر جي
انسان کي رب پيدا ڪيوآهي پنهنجي يادگيري واسطي.يادگيرو به انسان لاءِ آهي.ٻي ته اڄڪلهه حيواني گهڻي آهي،رب ڪريم شل ڪنهن کي انسان ڪري ماري ته چڱو آهي.انهي پنهنجي وطن جو به يادگيرو ڪجي جو به يادگيرو ڪجي جو آخر انهي وطن ڏي هلڻو آهي.بيهي نه رهو جو بيهي نه سگهبو.هينئرهلڻ چڱو آهي،اڃا الائي ڪهڙا وقت بيهندا.رب بيپرواهه آهي. ياد ڪريو نه ته پوءِ ياد ڪندو.
هيءَ نه هت وهاڻي تون آڳہ ڪراڳ جي.
جنهن کي الله سائين پنهنجوڪندو آهي انهي کي يادگيرا به پنهنجا ڏيندو آهي. اهوپنڌ عارفن جو آهي. دل کي به زنده مالڪ جويادگيرو رکندو آهي. دل جيئري رکندو آهي يادگيرو رب جو. دشمن جو ته ڪم آهي راه مارڻ.اول کان اوهان کي رب جو ڏسيل آهي،جنهنجي نالي ورتي ئي لکيا ڏوهه لهي وڃن. بي عيب هڪ الله سائين آهي.ٻيو هر ڪوئي گناهن سان ڀريل آهي. جهڙي تهڙي حال سان به رب قبولڪريو.سواءِ رب جي ٻي ڪهڙي آه وسنئن وچ تي! سواءِ رب جي ٻيو ڪهڙو تڪيه آه؟ وڃي ٿي رضامندي.هر حال ۾ به طرف رب جي رهجي. انسان کي الله سائينءَ پيدا ڪيو آهي خاص پنهنجي محبت ۽ پنهنجي يادگيري واسطي. سو سندس يادگيرو نه وساريو. فقط پنهنجي مالڪ کي مالڪ ڪري سمجهو. سڀني ڪمن جي جوابداري انهي مالڪ تي آهي. باقي بندو اجايو ٿيو آهي. سندس يادگيري جا وقت هٿان نه وڃايو. مالڪ بيڏوهو آهي. اوهان کي اول کان چيل آهي ته مالڪ جو يادگيرو نه وساريو. آخر ٻيو سڀ فنا آهي. بقا فقط هڪ مالڪ جي نام کي آهي.
اڳيئون به ڪامل ڪنبندا ويا آهن. رب جو يادگيرو رکڻ اها نيڪن جي عادت آهي. ڪم هاج ۾ پوتل هججي. وسري وري ياد ڪجي، رب ڪريم جي پنڌ ۾ ڪوبه اعتراض نٿو جڳائي. اهي سڀ اعتراض ڇڏي اٿي پنڌ ڪريو. رب ڪريم جي پنڌ کان بس ڪرڻ جي باس ئي نه باسيو. انهي پنڌ جو قدر پوندو پر اک ٻوٽئي کانپوءِ. هينئر صحبت ٻڌي اٿو ڪجهه گهڻي تنهن ۾ ڍاپي پيا آهيو. کاريل آهيو منهنجي هٿ جا، مرشدن تي به پڇاڻو بيهي ٿو نصيحت ۽ هدايت جو، آيوئي ماڻهو ڪنهن هدايت لاءِ آهي. انهي هلڻ ڏانهن اعتراض ڪهڙا ٿا ڏيو! ڪاٿي چوي ته مونکي کُک ۾ سور آهي. ڪاٿي چوي ته مونکي ريزش ٿي پيئي آهي، ڪاٿي چوي ته منهنجو خيال پورو نٿو لهي، ڪاٿي چوي ته مان ويهي نٿي سگهان! جتان خط اچن ٿا سڀ ائين پيا لکن. مون ته هوند توهان جي گهڻي ڪهل ڪريان پر رب جي بيپرواهين جي اوهان کي خبر ناهي! رب جون ڀلڪارو اهڙيون انسان تي آهن جيئن درياه ۾ ڇولون پيئون اچن.
اسان وٽ هت رکيل آهن سورن جاسامان. توهان کي ڪنهن چيو ته اهڙن دردمندن سان گڏجو! هاڻي جي گڏيا آهيو ته ڀلي ڪري اچو، وک وڌائيندا هلو. مان ته توهان کي سڏيندو ٿو وڃان. رنن جهڙا مڙس آهيو. اوهان کي زال به چڱي. نيٺ پنڌ ڪندي جند ڇٽندس. اوهين رڳو زماني جي ڪا اوهان کي خبر ڪانهي ته آءٌ ڪو آيل آهيان بمبئي ۾. هيڏي هوڏي نه نهاريو.
چي لڪن جا لوڏا هل ثاب پونئي سسئي
رب رب ڪندا هلو، هيڏي هوڏي نه ڏسو سواءِ رب جي.
کيڏڻ دي دن چار
چار ڏينهن لنگهي ويا، رهندا به وڃن ٿا. هن زماني جي راند ۽ رهلي (لاري) سارو جهان جهلي وڏو آهي. ريس نه ڪريو ڪنهن سان، اوهين هلڻ پنهنجو سکو.
يادگيرو پنهنجي رب جو هر ڪنهن تي فرض آهي. ٽيم حياتيءَ جو ڀريو ٿو وڃي. وڃي ٿي وهامندي، ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. نفعي نقصان جي خبر لهجي ٿي، پر بندگيءَ وقت بيخبر! ٻئي جهان وسارين ته وسار پر هڪ رب ڪريم نه وسار. نيٺ خدا سان ڪم پوڻو آه، انهي مالڪ جي روبرو ٿيڻو آه. رڳو بيخوفو نه ٿجي، پوتل هججي، يادگيري جو اوسيئڙو ٿڌيءَ ڪوسيءَ بيٺو هجي.
ٿڌيءَ ڪوسيءَ ڪاه، ڪانهي ويل وهڻ جي،
متان ٿئي اونداه، پوءِ پير نه لهندينءَ پرينءَ جو
چيل آهي ۽ هاڻ به چئجي ٿو ته سندس يادگيرو ڪا چرچي بازي ناهي، جن کي خبر پيئي تن دانهان ڪيون، چوائيءَ ۾ هوندو ته خطا نه ڏسندو. اهو توهان تي ڪم رکيل آهي رب جي يادگيري جو. هر هاج ۾ رب ڪريم نه وساريو. رب جو يادگيرو فرض آهي ماڻهوءَ تي. يادگيرو پيو ته دل کي سڏ ٿيو. نه وسري نه وسارجي، وسري نه وري ياد ڪجي.
جو دم غافل سو دم ڪافر
ڪيچي ڪهندا ويا، چوندا ويا، وٺجو واٽ وندر جو
رب جو يادگيرو فرض آهي، زال تي توڙي مرد تي، خدائي حال کانسواءِ ماڻهو بيحال آهي. مالڪ جي راضي ته ٻئي جهان موچارا ڪري ڇڏي.
اهو چڻتو بيٺوئي بيٺو هجي. سالڪ سالڪ آهي ۽ بيخبر بيخبر آهي. بيخبرو انهي کي چئبو آهي، جيڪو رب ڏانهن بيخبرو آهي. جنهن کي رب ڪريم پنهنجو ڪندو آهي، انهي کي يادگيرائي پنهنجا پيو ڏيندو آهي. ڄاڻ ته الله سائينءَ هنکي پنهنجو ڪيو آهي. پر سڀ جي تعليم گهرندي آهي. جيئن هي عام ظاهر وارو تعليم گهرندو آهي. تيئن هو علم به تعليم ٿو گهري.
علم حق در علم صوفي گم شود
اين سخن کي باور مردم شود
صوفيءَ جو علم رڳي ذات حق جي آهي. صفات پاڻيهي ذات سان اچي گڏبي. لاري صوفين جي سڀيئي لڳل آهن. اهو عجب لارو آهي. صوفين وٽ رڳو الله آهي. خريدار به هجي! جيئن هتي ماڻهو کي پٽ ڄائو تيئن هُن طرف وري مرد ٿي آيو، جنهن کي رب جو نالو وڻي ٿو. اهو پاڻ رب کي وڻي ٿو.اهو اڳيان وڻي ٿو. هتان ٺهي جڙي هلي اهو ڀلو آه. مرد به هتان ٿي هلي.
ڪجهه وطن جو يادگيرو به ڪجي جو آخر وطن به هلڻو آهي، هيءُ وڏو سفر آهي. رمز پاڻ ۾ لڳل هجي.
ريل مڙيئي ريل، پر رمز تکي آهي ريل کان،
درجي بدرجي خيالات ٻڌبي اچجي۽ يادگيري رب جي سان هججي. ڪنڀر جي مٽي به جيئن ڪمائڻ ۾ ايندي ويندي تيئن ميلاپ ۾ ايندي ويندي. هيءُ به ميلاپ ۾ تڏهن ايندو جڏهن ڪمائيندو هلندو. هيءُ به مٽيءَ جي مٺ آهي نه! ٻئي جهان وسري وڃن ته وساري ڇڏيو پر هڪ رب نه وساريو، ملڻ نه ملڻ وسري وڃن ته وساري ڇڏيو پر هڪ رب نه وساريو. ملڻ نه ملڻ سائينءَ جي وس آهي.
بندا بيراڳي ڪر ڪا وطن ورڻ جي،
وطن جن وساريو حيف تنين کي هوءِ.
اوهان رب راضي ڪريو ته رب اوهانکي راضي ڪري. رب سائينءَ جي محبت نه ڇڏيو. رب ڪريم جي يادگيري کانسواءِ ٻيو سڀ فنا آهي. پوءِ فنا جي ڪهڙي تعريف ڪجي! تعريف به مالڪ جي جڳائيندڙ آهي. ۽ انهي جي ڪجي. مجلس محبوب ري، ٻيو سڀ تقويٰ (اجائي هستي) آهي. فقط رب ڪريم نه وساريو ٻيو وڏين عبادتن کي ڇا ڪبو! رب جي مٽ ڪابه عبادت ڪانهي. نه شاهن کي ڳالهه دل سان لڳي آهي ته ڪاٺ جون مانيون ٻڌي رب گهريائون. خدا جو خوف وڏي عبادت آهي.
سچو طالب اهو چئبو آهي جيڪو سختيءَ ۾ به پنهنجو محبوب نه وساري، حياتيءَ جو ٽيم به ڀريو ٿو وڃي. هاڻي هليا وڃن، اڏويا وڃن اُٺ، رب رب ڪندا هلو، ٻيو ڪهڙو ڀرجهلو آهي وچتي! ٻيو فنا ۾ ڪهڙا هٿ هڻبا!
بقا نالي رب جي کي آهي. اوهان پڇيو آهي ڪو سولو رستو! بنا اعتراض ، مالڪ جي طرف جيڪو رستو اوهان کي بتايل آهي. اهڙو ٻيو ڪونهي. سو اهو رستو نه ڇڏيو.
جيسين ٿا جيئو رڙهو پيا انهيءَ راهه ۾،
تُر مردان، پُر مردان، ٻه مردان، جُهر مردان.
اوهان هر حاجت ۾ به مالڪ جو نام ياد ڪريو. دم سان پريت رکو. سڀني ڪمن ۾ وڏي ۾ وڏو ڪم اهو آهي ته رب نه وسري. توهين انهي ڪم کي وٺو جنهن ڪم اوهان کي لائي ڇڏيو اٿئون. اوهان جي ڪمن جو الله ۽ فقير نگهبان آهي. وڏو ڪم اهو آهي ته اثبات ڪريو الله کي، سو وراڪي ڳنڍ هڪ، هڪ الله نه وساريو، سندس ناموسريو ته ماڻهو بيراه ٿيو.
جيئاريس ئي سنڀار، آءٌ ملي ڪنديس ڪوه!
يادگيرو دل کي پيو ته سڏ ٿيو. اوهان کي ڪشش به ڪجي ٿي ۽ سڏ به ڪجي ٿو پر سمجهو نٿا پيا. جيڪي به صحبتي آهيو انهن کي سڏ ٿيندو آهي.
هيڏي هوڏي جي ڀٽڪ ڇڏ، ويهي پنهنجو رب ڪريم ياد ڪر، هڪ ٿيءُ ته پوءِ ٻيائيءَ جي ملڪ مان نڪرندين. ويٺي کانپوءِ جيئن وجود وسريل هجي ۽ محويت ۾ هججي. نالو رب ڪريم جو ڳرو ٻج آهي. بدن به ملڪ آهي، سو ڀلي ڪري لونءَ لونءَ ۾ سامائبو اچي. جيئڻ ٿورو آهي ۽ پنڌ گهڻو آهي. مرد ٿيءُ ته پوءِ معرفت جي ميدان ۾ اچين. معرفت ماڻهو اکر هڪ آهي. هينئرپويان پساه آهن. نالي رب جي کي ائين وٺي وڃ.جيئن پاڻ نه ڇٽي سگهي. اک جي محبت سر سان هجي، ٿڌيءَ ڪوسيءَ پوتل هججي. انهي ڪم کي وٺ، بو علي قلندر جو چوڻ آهي ته مرد ٿي وٺ انهي ڪم کي، نه ته کدڙن وانگي تاڙيون وڄائيندي سج لهي ويندءِ.
رب کانسواءِ ٻيو اوهان کي ڪهڙو ڪم ڏسجي! جي رب جي محبت سان آهن اهي مئي به مون سان گڏ آهن. جيڪي هڪ راه سان هلندڙ آهن اهي گڏ آهن، مئي به جدا نه آهن. الله سائينءَ کانسواءِ ٻي ڪهڙي صلاح ڏيان؟ سواءِ رب جي ٻيو ڪهڙو يادگيرو رکجي. مالڪ سائينءَ جو يادگيرو دل کي جيئرو رکندو آهي. اهو خيال رب ڪريم پنهنجو بندو ڪيو آهي. پر بندو به پنهنجي خالق مالڪ کي مالڪ ڪري ته ڏسي. سندس فرمان مبارڪ آهي ته بندي جي سڀني ڪمن جي جوابداري مون تي آهي. فقط بندو مونکي نه وساري ۽ منهنجي محبت ڇڏي اوندهه ۾ اجايا هٿ نه پيو هڻي. سواءِ رب جي ٻيو اونده ۾ هٿ هڻڻا آهن. بڇڙو ڪتو ڌڻي پُڻائي. بي خيالي نه ٿجي. خيال چوندا آهن رب جي يادگيري کي. ٻيا دليل آهن زماني جا. خيال سان رهجي.
يادگيري جو اوسيئڙو ٿڌيءَ ڪرسيءَ بيٺو هجي. رب سائين نه وساريو، دم سنڀاريندا هلو. زماني جي گردش ۾ قابو ماڻهو به ڀلي پوندو آهي. هاڻي هلڻ ۾ دير ڪانهي. مون به توهان کي فقط رب ڪريم جي يادگيري جو چيو آهي. يادگيرو ڪندا ته ياد ۾ ايندا ويندا. وسري ته وري ياد ڪجي. جڏهن ماڻهو سمجهي به ٿو. پوءِ وري هٺ ٿو ڪري، ڄڻ خطا ٿو ڪري. رب ياد ڪريو، هر حال ۾ رب نه وساريو. ڪٿي به هجو ته پنهنجو رب نه وساريو جو پوءِ جدا نه رهندو.
چڱاين ۽ چڱن ڪمن مٿون الله سائينءَ جو يادگيرو ڪرڻ، ڪيل اعمال آهن سي سڀ اڳيئون هلي ڏسندا. تڏهن ٿو چئجي ته ڪريم جي محبت نه ڇڏيو. هر ڪوئي پنهنجي اعمالن سان ٿو هلي. اوهين ٿا چئو ته اسين ڪجهه ڏسون. سڀ ڏسندو اعمالن سوڌو. اعمال هڪ رب قبول ڪيو بيٺا هجن.
لارو رب جو نيئي ڏيکاري ٿو در دوست جو.
سواءِ لاري رب ڪريم جي ٻيو ڪهڙو لارو آهي جو وٺجي. جي اهو لارو نه هجيئي ها ته تنهنجو اهو هوش ڪٿي هيو! پنهنجي رب جي پيش پيل هج. من سهاڳه جي رات ڪنهن وقت اچي به وڃي! اڳيئون به سهاڳڻ تڏهن سڏبينءَ.
ڏينهن جو حلال وجه جو ڪم ڪجي، اڌ رات کانپوءِ رب گهرجي. هول حسيني مٿي ۾ وجهي لڙائي ڪجي. پنڌ ڏانهن سست نه ٿجي. هرڻ جيڪڏهن هليو وڃي نه توبچيءَ جي ڌڪ کان هليو وڃي. جيڪڏهن ڪنڌ ڦيرائي ڏٺائين ته هو به توبچي آهي، ٺڪاءُ بندوق هڻندو، هليو وڃجي پوئتي نه نهارجي. بادشاه جي سلام تي جو ويندو سو جي هيڏي هوڏي ڏسندو ته چئبو ته پوري هوش سان نٿو وڃي. هلو به ٿا، هيڏي هوڏي ڏسندا، پوري هوش سان نه. سرت هجي. مراقبه ۾ ويهجي ته سرت سان ويهجي. ڌڪ ڌڪ تي لڳندو ته فراق جاڳندو، غم جاڳندو، سرت سان هججي. ڏينهن آهي ٿورو پنڌ آهي گهڻو. ڍرو نه ٿجي جو بر بيابان آهي، ڪوبه ڪنهن جو ساٿي ڪونهي.
تنهنجي دوا آهي يادگيرو رب جو. ٻي ڪري آهي تنهنجي صبر جي. رب ياد ڪريو ته هلو. رب ياد ڪجي. فقير جي اولاد آهيو سو هر حال ۾ رب ڪريم نه وساريو. اوهان تي اهوئي فرض آهي جو مرڻ تائين به مال جو يادگيرو نه ڇڏيو. منهنجي دل ۾ اهو يادگيرو رهندو آهي ته جيئن اوهان کان مالڪ نه وسري. اڃا وڍ ٽڪ اوهان کي ڪانه ڪئي اٿم، ٻي نصيحت هدايت آخر مرشد تي حق آهي. فقير جي اولاد آهيو اوهين ته هوند شڪر ڪريو. ڪم هاج ۾ وڏو ڪم فرضي اهو آهي جيڪو توهان کي توهان جو باو ٿو ڏسي. جيئن دليئون دوست نه وسري، جو هيءَ حياتي هڪڙي ساعتڙي آهي، پر اها به وهامندي پيئي وڃي. رب نه وساريو. انهي ڪم هاج ۾ وڏو ڪم خدائي ڪم آهي. انهن نوڪرين ۽ ٻين جي هٿن ۾ ماڻهو مري ويندو. غفلت پنهنجي رب ۾ اميدوار ٿيو ته رب نه وساريو. جيڪو وساري ٿو سو پاڻ وسري ٿو. ٻانهي رسي ته به ٻانهي مسي، سائين رسي ته به ٻانهي مسي. خدائي امر به آهن. فقير جا طالب آهيو، انڪري ٿو چئجي جو نيٺ خدا سان ڪم پوڻو آهي. ٻيا پنهنجا مسڻ قبر سڀ جوابداريون هن تي اهن، ياد ڪري، اهي سڀ مٿي تي اٿس. ٻيو حلال وجه جا ڪم نبين به ڪيا آهن، اهي ڀلي ڪري، پر واندو نه رهجي. اک به صورت ۾ لڳل هوئي جيئن ننڍو ٻار هجي. ننڍو ٻار مائٽ جي پويان هلندو آهي، هيءُ به اولاد آهي نه،،، سونهون نظر مان نه ڪڍجي. ڄاڻ ماڻهو هيڪلو ٿيو.
اهو اڻڏٺو پنڌ آهي. انهي ۾ غم به ٿيندا آهن ۽ مونجهه به ٿيندي آهي. اجايا ڦرنا به ٿيندا آهن، اهو هر ڪنهن طالب کي ائين ٿيندو آهي. ته به خيال کي هنيون ويندا آهن. غم کائيندو وڃجي. جيڪو غم کائي ٿو سو ظاهر به وڻي ٿو. باطن به وڻي ٿو اڻڏٺو ويساهه آهي پنهنجي رب تي رکڻو، پنڌ به وڌايو ۽ اعتقاد به وڌايو پنهنجي رب ڏانهن. اهو پنڌ جو اهڙو آهي، ميران ٻائيءَ کان بادشاهي ڇڏائي ڇڏيائين. مالڪ سائينءَ جي پنڌ هلڻ ۾ ڪوبه اعتراض نٿو جڳائي. جو اهو خدائي پنڌ اصل اهڙي قسم جو آهي.
پنڌ ساروئي ڪيچ جوٿو مٽي آهه،
اهو پنهل پڇاءِ جو منزلان معاف ڪري.

هت پٽڻ بيحد، هُت پرينءَ پرواهه ناه ڪا.

هينئر گهر جو مالڪ پنهنجي گهر ۾ آيل آهي، اهو نه وساريو. پنهنجي مالڪ سائينءَ جي طرف ڏي دل کي خبردار ڪجي ۽ خبردار رکجي. اونده ۾ ماڻهو ڪيترا هٿ هڻڻدو. جنهن دل ۾ هي هي نه آهي، ته اها دل غير آباد آهي. رب جو چڻتو بيٺو هجي.

هَي هَي جي نه هوءِ ته جيڪر جيءُ جلي وڃي!
جيڪر سُرن وانگر دلاسا ڏيانوَ پر اهو پنڌ جو اهڙو آهي. ساڀيان هلڻو آهي جيئڻ ٿورو آهي پنڌ گهڻو آهي. اها راه جيڪا ورتي اٿو اها راه نه ڇڏيو. آخر اها راه وڃي حضور مالڪن جو ڏيکاريندو. ٿوري جيئڻ لاءِ هيءَ عمر سڳوري اجائي نه وڃائجي. رڳو زماني ۾ مخمور نه ٿجي.
حب دنيا، سر خطا

ڏينهن ٿورو منزل ڏور
ويهي ڪين وڃاءِ، توکي وري به هلڻو پوندو انهي هوت ڏي.
ڏينهن ٿورو پنڌ گهڻو، ڊوڙڻو اٿيئي ته ڊوڙ،
جنن راهه ۾ پوندو ماڻ اها راهه جهليندي ڪيترو!

عمر سڳوري بيراهي نه وڃائجي، پنڌ ڏانهن ويهي نه رهجي جو ويهي نه سگهيو. جا گهڙي ويٺو هججي ته ويٺي وڃائجي نه، اڳيئون به طالب حق جا وڻن ٿا، طالب دنيا جا نٿا وڻن. هيءُ هلندڙ قافلو آهي، ٽڪيٽ يقين جو پختو رکجي. آهي به يقين، ڪاه نه وڌي ته اعتقاد وڌايو. چڪور پکيءَ وانگر
اپني توڙ نباه، اُسڪي او جاني
الله سائينءَ جي پنڌ کان ۽ طرف کان بي ڪما نه ٿيو. بي ڪمو انسان ماتا پتا کي به نٿو وڻي.
سلا اهي جيڪي انگورئون ڀلا
جهڙي تهڙي حال سان به هلو. راه جو مرڻ ئي چڱو آهي. پنهنجي رب جو طرف وٺيون بيٺو هججي. گذر جو ته هڪ پاسو آهي، ٻيا پاسا به نيٺ آهن، ماڻهو هلندڙ آهي، نيٺ اُها منزل ڏسبي. صبوح شام پنڌ ۾ آهي، منزل به باري آهي، جو ڪامل ڪنبندا ويا، جيئن پوءِ تيئن منزل کي ويجهو پوندو ٿو وڃي.هيءُ هڪ وڏو سفر آهي، ماڻهو اچي منزل کي ويجهو ٿيو آهي. ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. هينئر “ ونحن اقرب” ويجهو آهي. هتي ڪجهه به نه آهي. جيڪي آهي سو اڳتي آهي. هيءُ هلندڙ قافلو آهي. انهي ۾ غم به آجن ته بهاري به آهي. جڏهن الله به آهي ته پوءِ غم ڇو پيا ڪريو؟ هر ڪو اميدوار پنهنجي الله ۾ آهي.
ماندي ٿيءُ نه مارئي جو الله به آهي،
متان ٿي ماندي جو ويجها اٿيئي وڻ وندر جا.
تاڪيد اها اٿو ته جهڙي تهڙي حال سان به هلو. هيءُ وڏو سفر آهي، ماڻهو اچي وطن کي ويجهو ٿيو آهي. ٻيو ته نه اجهونه آسرو اڳتي آهي.
خدائي پنڌ ۾ غم گوندر به آهن، زماني جي بهاريءَ کان رب جي طرف جو غم به ڀلو آهي. انهي پنڌ ۾ غم گوندر کائيندا پيا هلو، منجهه ڏسي به رب ڪريم جو يادگيرو نه وسارجي، جو آهي منجهه ظلمات حياتي. ظلمات اونده کي چوندا آهن. هيءُ پنڌ نياز جو آهي، سڃ جو پنڌ آهي. اڃا ڏک انهي پنڌ جا اوهان ڏٺا نه آهن. رڳو ٻڌا اٿو. ٻيو جي ڏک نه پڄي ته هڪ رب نه وسارجي.
ڏيکاريي ئي ڏکن، نيئي گوندر گس پرينءَ جو،
سونهائي سورن وڃي ڪيئي هيڪاندي هوت سين.
رب ياد ڪجي ساڻ خوشيءَ ۽ بهاريءَ جي، غم اچي ته کائيندو وڃجي.
غم کائڻ غم پيئڻ، غم جي ڪريو غِذا،
دليل ڇڏي ويهجي. خيال بهاري تڏهن وٺندو جڏهن پنهنجو خيال وڃي هُن سان گڏجي. ڄڻ ذات صفات گڏي. گڏي ڏسجي پر درجه بدرجه.
ٽٻن پوءِ ٽٻي، آهي بي انت ۾.
اهو پنڌ سارو انسان کي مٿي تي آهي. پوءِ جيئري ڪري يا مُئي ڪري. ڪُريز ڏجيس ته پوءِ سکندو. اها ڪريز شهبازن لاءِ آهي. ڪريز انهي لاءِ ڏجي ته جيئن پراڻا پن ڇڻن ۽ پوءِ نوان پن ڄمن. پنڌ اهو سيکارڻ گهرجي جو ته نه آهي. ڪجهه سمجهڻو آهي. اهو پنڌ سڱن سان لاڳو نه آهي. بي سر ٿي هلجي. لاڳاپن واري سر جي طلب ٿا ڪن. پنڌ ڪريو. توهين لاهي پاهي رڳو پيٽ تي بيهي رهيا آهيو. ٻار کي هوندو هڪ ببو وات ۾، ٻيو هٿ ۾ ته ٽئين لاءِ پيو واجهائيندو. هن انسان کي هڪ گرهه وات ۾، ٻيو هٿ ۾ ته ٽئين لاءِ پيو ڏسي. هر ڪوئي پنهنجي اعمالن سان آهي. وڃي ان جي دامن وٺجي.خيال خدائيءَ کي مرد ٿي وٺجي.جو اهو پنڌ مرداڻو آهي. هيءُ پنڌ پهلوانن جو آهي. ظاهر ۾ پورا باطن ۾ پورا. خيال سان به خيال رکجي. سڌڙيو نه ٿجي. سڌڙيي جو ڪم نه آهي، پوتل هججي. لڙهيءَ جو موتي آهي، انهيءَ لڙهيءَ ۾. پيراهي وک به چڱي ناهي، سو راه سان وک وڌائيندو هلو.
پنڌ پراهون ۽ منزل ڏور
هيءُ اڻ سڏيو پنڌ آهي. توڪل ڪجي جو وڃڻو ضروري آهي. پنهنجي هيڪلائي ڏسي سونهون نظر مان نه ڪڍجي. ريس نه ڪجي ڪنهن سان. سونهون رهبر هميشه پنڌ وارن کي نظر ۾ هجي. واندو نه رهجي نام کان، جو آخرين وقت آهي. انهي دردن جي دنبوري کي هاڻ وڄاءِ ٻوليءَ حق جي سان. اهو خاڪي خرقو آهي. خدائي پنڌ ۾ تڪڙ نه ڪبي آهي. سڀ شيءِ درجه بدرجه ٿيندي آهي. مگر وک وڌندڙ هجي. عمر جو پنڌ آهي تڪڙ نه ڪجي، درجه بدرجه.
راه کان بيراه جو مرڻ ئي ڀلو آهي. چڙهيا ته اوهين به گهوڙن تي ويٺا آهيو، پر ڄڻ ته جَڙَ گهوڙن تي آهيو جو وقتي راه تي، وقتي بيراه ٿو هلي، لغام هٿ ۾ هجي. ڇڏائجي وڃي ته وري جهلجيس. آخر گهوڙو وهو ٿي ويندو. ۽ پوءِ ته راهه تي پيوهلندو.بيراهو ماڻهوچڱوناهي. جيڪا راهه ورتل اٿو انهيءَ ۾قدم واڌاري ڪندا هلو.هر حال ۾ وک وڌايو، سعيو ڪريو، آخر خدا سان ڪم پوڻو آه. خبردار پنهنجي رب سان ٿيو، مطلب ته اهو پنڌ اهڙو آه. پهريون ڏک آهن پوءِ باغ بهاري. انهي پنڌ مان نه ورچجي. عام لاءِ ناهي، جنهن کي رب پنهنجو ٿو ڪري انهن کي غم گوندر طرف انهي جا پيا پوندا. پر الله ڏي به وڃجي جو اهو وڃڻ سهڻو آه.
هٿين پيرين مولڙين ڪاهج پر ڪاپار،
متان چوري ڇڏئين پرين جي پچار،
توتي سنت سسئي آهي لوچڻ جي لغار،
هوتن لک هزار، تون پاڙج ڪين پنهل سان.
ڪارين ۾ ڪار چڱي ڪورين جي، جو ڇڄي ته وري ڳنڍين. هونءَ به وسري ته وري ياد ڪجي، وسري ته وري ياد ڪجي. پوءِ رب ڪريم چوندو ته هن به نه وساريو، اهو ڄڻ وسريل ڪين چئبو. ٻولين ۾ ٻولي چڱي ڪنهن جي؟ جتن جي، صبح ٿيندوئي ڪين ته سويلئي لڏ پلاڻ جون هڪلون ڪندا. جي اٿو يار اٿو، پلاڻيو. پوءِ به هونگاريندا هلندا، پڄندا ويندا.
هر ڪوئي موڪليل بندو آهي. بي ٽاري اولاد ئي چڱي ناهي. تار تن سان لائجي. اها ٿوري ڳالهه ڪانهي. الله سائين جنهن بندي کي پنهنجو ڪندو آهي انهي کي رايا به پنهنجا وجهندا آهي. مڙيوئي تار ڳنڍيل هجي. رازق رب ڪريم آهي، جنهنجي دائم ديگ چڙهيل آهي. جيڪو هر شيءِ کي پيو پهچائي. پالڻهار هر شيءِ جو اهو مالڪ الملڪ آهي، باقي سڀ بهانو آهي. اهو رب نه وساريو جو بخشيشن جو صاحب آهي. ياد ۾ ياد رهي.
هت سچل سنڀاريا، هُت سنڀار سچل جي،
راه جو هلڻ چڱو آهي، راه ورتيون وڃ. هيڏانهن هوڏانهن ڇا ٿو نهارين؟ بيراهي وک به چڱي ناهي. جڏهن بيخوفو ٿيو آهين تڏهن ٿو وقت وڃائين ۽ تڏهن ٿو اِهي ڪم ڪرين، جا شي وڃي پيئي ٿي هٿن مان نڪرندي، انجو سعيو ڪجي، ويٺو آهي تڏهن به وڃي ٿو، ستو آهي تڏهن به وڃي ٿو،
ڪيچي ڪهندا ويا، چوندا ويا ته وٺجو واٽ وندر جي،
ڄڻ راه وٺجو اها جيڪا سنئين ٿي اچي، اها راه پنهنجي رب وٺرائي آهي جيڪا سنئين واٽ تي وڃي رب ڏي. اها واٽ چڱي آهي، ڪنهن کي رڳو بيراهو چئبو ته ڪاوڙجي پوندو. چي بيراه ماٺ ڪر، ۽ هجي به بيراهو ته به ڪاوڙجي پوندو. ڪنهن کي کڻي چو ته ڪين ٿيو آهين ته به ڪاوڙجي پوندو. ڪين ۾ وري موتي اهڙا آهن جو شاه سڪندر وٽ به نه هوا ايترا. ڪين نٿو ٿئي، هاڻي ٿو ته مان ڀي آهيان.
اڄ جي محنت سڀان تائين به نه رکجي. اڄ جهڙي مهل وري هٿ نه اينديس. درويش پنڌ ڏکيو آهي. ڳالهو تي خيال ڏٺائين ته خدائي خيال کي خطرو آهي. ڳالهوتي خدائي خيال کي خطرو آهي. هيءُ خدائي پنڌ هڪ خيال جو ڪم آهي. هرڻ جنهن کي کٿوري دن ۾ هوندي آهي سو چرندو ٻين سان آهي پر وهڪ الڳ هوندي اٿس. درويش لوڪن جو به اهو ڪم آهي ته تنهائيءَ ۾ ويهي، حرف به هڪڙو ٻڌي ٻيو نه ٻڌي. جيڪو محبوبن جو چيل آهي اهو ٻڌي. اهو ڪاه وارن جو ڪم آهي. اٺئي پهر يادگيرو اهو نبين جو ڪم آهي. ميران ٻائيءَ چيو آهي ته ڏينهن اٿيئي ٿورو، پنڌ گهڻو، ڊوڙڻو اٿئي ته ڊوڙ. تکو به اهڙو وڃجي جو مرڻ کان اڳي وڃي حياتي کڻجي.
گهڻي محبت منجهائي وجهندي آهي. تون هڪ الله اثبات ڪر. رب جو يادگيرو رکجي. وجود وسري وڃي. وجود خود دليل آهي. پنهنجي دل ۾ دوست پڄائجي. دل وجان سان پيو رب ياد ڪجي. جهڙي تهڙي حال سان به رب جي طرف پيل هججي. بندا به رب جا آهيو. اثبات ڪريو پنهنجي الله کي. الله اثبات ڪرڻ آهي نبين جو نيهو. ماڻهو هت آيو به اثبات ڪرڻ پنهنجي رب کي آهي.
ويهجي به نه، وڃجي به نه، رڳو لُڙُ مئون نڪرجي ته چٽو پنهنجو الله ڏسجي. پنهنجو وڃڻ به ياد ڪجي، پنهنجي هيڪلائي به ڏسجي، پوءِ ڪيئن ويهي رهجي! هينئر پارس پرين ويجهو آه، دشمن به گهر منجهه آهي،لڙائي ڪجي، جيئن اڳيئون فقير جو پٽ سڏين، دوست دشمن جو خيال ۽ رايو سمجهجي، دشمن راه ماريندڙ آهي،
وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌ نه ڦيرج ڪاڏهين،
متان لونڻي سر لپاٽ لڳيئي شاهه لطيف چوي.
اهي بيت نه ڪري سمجهو، ته ساري ڳالهه توهان جي ٿا ڪن، اوهين پنهنجيون ڳالهيون ٻڌي سڻي ماٺ ڪري ويهي رهيا آهيو، ڪاهه وڌائجي، جي ڪاه نه وڌي سگهي ته يقين وڌائجي. درجه بدرجه نڪرجي. انهي گهر مون، اڌ رات کانپوءِ مٿي ۾ هول (پهلواني ٽوپي) وجهجي، جو اڪبري لڙائي آهي، هينئر حياتيءَ جي سچ بيٺي لڙائي ڪجي. ائين ڄاڻو ته جيڪو توهان کي راهه رب جي کون رنڊائي ٿو سڄڻ نه آهي. اڄڻ اهو آهي جيڪو دل جيئري ٿو ڪري، دلاسو به وڏو ڏڍ آهي. دلاسي تي پنڌ ڏانهن بيهي وڃبو آهي، جهڙي جان ٿا پياري رکو اهڙو الله پيارو رکو ته جيڪر وڃي قبول جو،
آهي اجهاڳه اهو پنڌ ڙي اديون
هو جهڙو آهي صاحب، تهڙا اٿس اٽالا (سامان) اچي ته وري گُسيئي ڪين.
رڳو عبادت جي رب کي پرواه آهي ڇا! نه ٻچو ، نيت به هجي، نيتان ٿيون قبول پون. عادتون به مِٽ ڪندو وڃي ته ماڻهو ٿي پوندو ۽ اخلاق به ڦرندا ايندا. درجه بدرجه پوءِ ماڻهو ٿي پوندو. رڳو پنهنجن وصفن ماڻهوءَ کي مُٺو آهي. ماڻهو گلا نيڪيءَ کان ڊڄن ٿا، خدا کان نٿا ڊڄن.
انهي رب جي پاسي جي اهل به چڱي آهي. جي عبادت نه پڄيس ته چپ جو دڪان کولي وهي. ڳالهائڻ جي واندڪائي نه هجيس ۽ پوتل هجي. نڪو چور جو خوف نه ٻئي ڪنهن جو. چپ ۾ رهي. ڪو کارائيس ته کائي نه ته ائين ئي رهي. جنهنجو سڄوئي آهي ان طرف پيل هجي. اهو به دڪان آهي. ٿورن ڏينهن ۾ پوءِ گهڻي آمدرفت ٿيندي، ڪو زال لاءِ ڪو ڌن لاءِ، پر ڪو دڪان به ته کولي. پوءِ دشمن کي گوڏي هيٺان ٻوڙيو ويٺو هجي.
لائي ترار “لا” جي کڻي خچر کي مار،
ته سموري سرڪار مينگها ملندءِ ماٺ ۾.
“ لا” جي ترار اها آهي جيڪا توهان کي هتان ٻڌرائي اٿئون.
رب ڏانهن گاگن واري کوهي نه ڪريو جو ساڀيان رب ڏانهن هلڻو آهي، پنهنجي رب تي ساڀيان ويساهه ڪريو، رمز وارو گهوڙو ئي وڻندو آهي. رمز چئبو آهي ٽور کي. جي رمز نه هوندي ته رڳو ڊُگَ هلندو. ڦڦڙ ئي ڇني ڇڏيندو. رمز کانسواءِ زمانو رڳو ڊگ آهي. ٻيو ڇا آهي. وهندڙ پاڻي چڱو آهي. بيٺل پاڻي بانس ڪري ويندو آهي. هيءُ به پاڻي جو پتلو آهي، هلندو ته بانس نه ڪندو. پر جي بيٺ ته بانس ڪندو. اها آهي پاڻيءَ جي بيماري .اجهو آسرو پنهنجي الله سائينءَ وٺو جيڪو بخشيشن جو صاحب آهي. ماتا جي پيٽ مان ڇا آندو هيو جو هت سڀ ڪجهه پيو ٿو کارائي. رب ڪريم لطف فضل جو صاحب آهي، جو جيڪڏهن لطف موڪلي يا فضل موڪلي ته وس وارو آهي جو انهي وٽ ڪمي ڪانهي،
علم عقل جي جاءِ نه ڪائي
فضل رحم جي جاءِ آهي، گهري وڃجي، چوي ٿو ته منهنجي رحم ڏانهن اميد نه ٿيءُ، گهري وٺ، ماڻهو سمجهي ته ظاهر باطن خوش رهان ته پوءِ مالڪ سائينءَ کي راضي ڪجي. راض گهري وٺو پنهنجي رب کان، جو هو بخشيشن جو صاحب آهي. رازق، مالڪ، خالق، رب آهي باقي ٻيو سڀ بهانو آهي. زمين آسمان جي وچ ۾ ٻئي ڪنهن جو حق ئي ڪونهي،هي مهمان آهي، سڀ سرڪار جو آهي، چڱا ڪم سڀيئي انهي مالڪ جي راضي سان ٿين ٿا.الله سائينءَ جڏهن تنهنجي اڃ بک به لاهي ڇڏي آهي تڏهن تون هاڻي رب راضي ڪر. ڪنهن کي جو موڪلجي ته وڃي مصري وٺي اچ، پر جي هو وڃي ڦٽڪي وٺي اچي ته ڪيئن وڻندو! انسان کي رب جي سرڪار حياتيءَ جو خزانو ڏيئي موڪليو آهي ته
وڃي وکر سو وهاءِ، جيڪو پَئي پراڻو نه ٿئي
اهو وکر اهي نالي رب جي جو ته وڃي رب جو يادگيرو ڪر. هيءُ وري ٻين اجاين ڪمن ۾ پيو آهي. نيٺ ته سرڪار جي روبرو به ٿيڻو آهي.پوءِ اڳيان ڪهڙي آبرو ملنديس.
جي ٻئي جهان وسرن ته ڀلي وساري ڇڏي پر هڪ الله نه وساري. يادگيرو هر جاءِ هر هنڌ ۽ هروقت پنهنجي رب ڪريم جو رکو. تڪيو به پنهنجي مالڪ جو وٺو. توهين سڄا الله جا آهيو سو توهين به سڄائي انهي طرف بيٺل رهو. پنهنجو الله پاڻ سان دائم قائم سمجهو. ڪهڙا سالڪ ماڻهو آهيو جو گهر جو مالڪ پنهنجي گهر ۾ وڃائي ويهي رهيا آهيو! ڏيئو کڻي هٿ تي ڪو سج ڳولهيو آهي ڇا! جڏهن رب پاڻ سان دائم قائم ڏسجي تڏهن ڇو ٿا ڊڄو؟
ٻئي جهان وسارجن ته ڀلي وسري وڃن پر هڪ الله نه وسارجي. رب پنهنجي دل تان نه وسارجي. ٻيو سارو جهان وساري هليو،محل ماڙين سميت. الله ياد ڪريو. زمانو ڪيترو ياد ڪيو! پاڻيءَ منجهه آهي مانڌاڻي، هر ڪوئي ولوڙيندو ڇڏيندو ويو.پنهنجي وڃڻ به ياد ڪريو. ڪيترو اڳ اڳ ڪيو، ڪجهه پوئتي به نهاريو. مرڻو به ضرور آهي، شل پنهنجو ڪري ماري. جيئن رب ڪريم جي يادگيري ۾ مري وڃجي. عبادت جي هت پرواهه ڪانهي پر امر مڃڻو آهي. ڏس پوندو ٿو وڃي پر هي پنڌ انهن جا آهن جيڪي پنڌ پيا. هت تون ياد ڪندين ته هت تنهنجو يادگيرو آهي. ڇڏڻ واريون شيون وتو ٿا سنڀاريندا.سنڀارجي پنهنجي رب کي. عام کان خيال کي ڇڏائجي. پوءِ جڏهن هيڪلو ٿيو پوءِ مدد سنڀاريندو.تون رب ڪريم جو يادگيرو سنڀار ته تون به سنڀار ۾ اچين. خيال سان خبردرا! اک پاڻ سان اٽڪاءِ، مردانو پنڌ آهي.
انهي پنڌ ۾ خشڪي به ٿيندي آهي.خشڪيون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن. هڪ خشڪيءَ جي بيماري ٿيندي آهي. ٻي خشڪي اها جا پنڌ ۾ لڙائي ڪندي آهي، اها خشڪي چڱي آهي جو غير کي جلائي ٿي.
منهنجو ماڻهو بندو آهي اهو هينئر ويجهو آهي.لڄ لڏ ۽بهاني تي رکي ته به هلو. هيءَ ڪنهن جي ترسڻ جي جاءِ ناهي. گهڻو ئي ترسيو آهي باقي الائجي ڇا آهي.اهو هلڻ اهڙو آهي فقط هلو پيا. جهڙي تهڙي حال سان ته به هلو، اهو پنڌ نبين ۽ اوليائن جو آهي. اهو پنڌ مردن ۽ عارفن جو آهي.جيئري ملياسون ته لک آهي نه ته مري نه ملون! هٿين پيرين هر ڪوئي ٿو هلي
تون هل هيئين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار
اٿي رب جي پنڌ جي ڪريو، مٿي ڀر به هلو جو آيو ٽڪيئي ڪونه ٿو.
وک وڌائجي ته چڱو آهي نه ته اعتقاد وڌائجي. انهي پنڌ ۾ ڪاه ڪجي، ڪاه کي وڌايو ، وک وڌائجي، ڪاه گهڻي جيڪڏهن نه پهچي ۽ نه وڌي ته يقين کي وڌايو. آهي به يقين. مذهبن کي ڇا ڪبو، يقين رکجي اهو ڀلو آهي، زماني جا ڪم انشاءَ الله تعاليٰ پيا ٿيندا، اوهان پنهنجي گهر جو ڪم ڪرڻ آيو آهي. جنهن کان پنهنجوگهرئي وسري ويو، انهي کي ماڻهو نه چئبو. ڪجهه ماڻهو ٿيو، معرفت ۾ ماڻهو اچي ٿانهرجي ٿانء ٿو ٿئي.