رات
ساري رات سبحان آهي، سبحان چوندا آهن پاڪ کي. اها گهرن جي اڳيئون وهيو ٿي وڃي، پر ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. سڄي رات نيٺ وڃي حضور ڏيکاريندي. جيڪو انسان رات جيئري ٿو رکي، تنهنجي الله سائين دل جيئري ٿو رکي، جنهن جي دل جيئري آهي، انهي جي الله سائين قبر به جيئري ٿو رکي. رات پنهنجي آهي، ڏينهن پرائو آهي.
لڏيو ٿي وڃي لڏ، تون به لڏيو وڃ لڏ سين.
رات لڏي ويئي ڏينهن به لڏي ويو، سارو جهان لڏيو ٿو وڃي. اوهين به غفلت ڦٽي ڪريو. رات بنا ننڊ جي، ڏينهن به بنا ننڊ جي، درياه به بنا ننڊ جي، وڻ به بنا ننڊ جي اُڀا ادب ۾ بيٺا آهن. ملڪن جو مالڪ به بنا ننڊ جي پوءِ اوهين ڪيئن ننڊ جا وڇائيت ٿيا آهيو! تون به بنا ننڊ جي ٿيءُ ته رات سان گڏجين. ان سان گڏيو وڃ ته وڃي صبوح اُتي ڪڍنديءِ.
رات آهي ويچار لاءِ. ويچار ڪهڙو؟ رب جو پار جو. پر اوهين سڄي رات بيخوفا ٿيا ستا پيا آهيو. خبر ناهي ته موت الائي ڪيڏي مهل اچي.
وڄ کڙنديءِ ويلا، تون ستو ڪهڙي ساءِ (سواد)،
ٿو جيڏا تو يار، ڪئين لهرن لهوارا ڪيا،
هيءَ ته هت وهاڻي، تون آڳہ ڪر اڳ جي.
ساري ماني کائي ساري رات سمهڻ اها حيوانن جي ريت آهي. ڏينهن جي نوڪري ڏيو پيٽ جي گذر لاءِ، رات جي نوڪري ڏيو خدا ڪارڻ. رات ساري چال۾ ٿي اچي. ٿڌي ڪوسي به چال ۾ اٿي اچي. جي ڪو چال سڌاريندو ته سرڪار وس واري آهي. اضافو ڏئيس، سروپاءِ ڍڪائيس يا آفرين نام ڏئيس.
ٿڌي ڪوسيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
ماڻهوءَ جي اٿڻي ويهڻي بندگي آهي. سڀ ڳالهه چال ۾ ٿي اچي، جيڪو چال سڌاري! پوئين رات ننڊ نه ڪريو، پر ڏينهن جو به واندو نه رهجي، ٿڌيءَ ڪوسيءَ ڪاهجي.
ساري رات نه سمهجي. ساري رات جو ڀلا سوڙ ۾ پيو هوندو ته انهي کي لڍ چوندا آهن. اهو ڄڻ لڍن جي جماعت مان اٿندو. پوئين رات اٿجي. آهي ته اڌ رات کانپوءِ رات ڳالهائي ٿي پر ننڊ وارن سان. جيڪو ويٺو هوندو انهي نه چوندي. ڇا ٿي چوي؟ چوي ٿي حيف هجيئي، مون وهامندي ٿي وڃان، تون ننڊان ٿو ڪرين!َ اڌ رات کانپوءِ اٿجي . جي اڌ رات نه اٿين ته ڏيڍ پهر رات جو اٿ. انهي انسان جي صورت کي ٿو چئجي. انسان جي تعريف ڪلام الله شريف ۾ آهي، جنهن جو هادي رب ٿو ٿئي، انسانيت ۾ انهي کي ٿو آڻي.پر گهري وٺو. ڏسسو ته ڪهڙي بازار کڻي بيٺي آهي، ننڍو ٻار جي انگل ڪندو ته مائٽ وسيلو آهيس، ان سان ڳالهه ڪندو. هيءَ ٻي مخلوق جيڪا به آهي، حيوان وغيره سي سڀ پنهنجي رب کان گهرندا آهن، جيئن ٻار گهرندا آهن.
ٽپهريءَ ۽ اَسر جو پويون وقت چڱو آهي، ويهي رب ياد ڪجي. اَسر جو جيڪو اُٿي اهو سڀني کان اڳي سمهي رهي ڇو جو ٻين کي ته اٿڻو ناهي، هن کي اٿڻو آهي، مسافريءَ ۾ هوندا هواسون سائينءَ سان. پوءِ ماڻهو ٻه ٽي ٻه ٽي ٻڪريون ڪهندا هئا جو خلق سائين جن سان گهڻي هلندي هئي. رات جو پاڻ گرهه ڪو کاڌائون ته واهه نه ته کير ڍڪ پي سمهي رهندا هئا. ٻوڙ پلاءَ پيا ٻيا کائيندا هئا. پاڻ سويلئي سمهي رهندا هئا. ننڊ به ايتري ڪجي جيتري جڳائي، واڌاري ننڊ حرام آهي. غفلت سڀ ننڊ آهي ههڙي سفر ۾ غفلت ڇڏي ڏجي رات پنهنجي آهي، ڏينهن پرائو آهي. ڏينهن به واندو نه ويهجي. ڏينهن نه لڄائجن. اُٿئي ويٺي ڪم هاج ۾ دم سان هججي.
رات صفات آهي، ڏينهن ذات آهي،جيئن اوندهه ۽ سوجهرو. جنهن مهل حقيقت جو سج اُڀريو تنهن مهل صفات ويئي. رڳي ذات بچندي. الله سائينءَ کي سچ موڪلڻو هجي ته پهرين رات موڪلي ته جيئن ڏينهن وڌيڪ وڻي۽ قدر ٿئي. رات آئي ته ڏينهن جي اميد ٿي. رات مهر اچڻ جي نشاني آهي. ڏکن پٺيان سک آهن.
پنهنجن پيارن کي جيڪي سور ڏنا اٿس تن جي زماني وارن کي خبر ئي ڪانهي. سور پٺيءَ ۾ ايترو آهي جنهن جو ڪهڙو احوال ڪجي. پر شڪر آهي جو رات ته جاڳائي ٿو.