عشق
عشق اسرار آهي. عشق الاهي آتش آهي جا ساري غير کي جلائي ٿي. عشق ماري وري جياريندو آهي. عشق عقاب شتاب آهي، بازن وانگي بکيو آهي. عشق چرچيبازي نه آهي. مرداني راند آهي، عارفبازي آهي، اوليائن جي راند آهي. سائين شاه شهيد بادشاه جو بيت آهي ته
عشق نه آهي راند، جان جان کيڏن ڳڀرو،
جيءَ جسي جند جان جي، ڀڃي حج هيڪاند،
سسي نيزي پاندِ، اڇل ته اڌ ٿئي.
مطلب ته عشق آهي محبت رب جي، عشق ۾ فراق آهي، عشق ۾ گوندي آهن، عشق جي پٺيان گلا آهي، اڻڏٺو هيءُ ويساهه آهي، کٽڻ هارائڻ جي جاءِ اها آهي، وري نه اهڙو وارو ايندس. اها دل مرڻ جي نه آهي جيڪا عشق جاڳائي، ديدار کانسواءِ ٻي دوا ڪانهي انهيءَ بيماريءَ جي، هيءَ دانهن سڀ جدائي ٿي ڪرائي. جنهن دل ۾ هي هي نه آهي اها دل آباد ناهي.اهو پنڌ پتنگن جو آهي،
عاشقن تي اندوهه سدائين معشوقن جو،
جي هجين عاشق ته مينهن محبت جو وساءِ،
جي رکين سانگو سر جو ته پير هن پڙ ۾ نه پاءِ.
اها راهه جيڪا ورتي اٿو، سو اهائي راه وڃي عشق جي بازار ۾ وجهنديوَ.
عشق آتش بازي آهي، سسئي پنهون اهي جي ڳايا اٿن، اها آڙ ڪئي اٿن. ڳالهه مڙيائي پنهنجي ٿا ڪن،بندوق جا توبچي هڻندو سا آڙ ٺاهي هڻندو. اهي آڙون ٺاهيون اٿن ڳالهه رڳي پنهنجي ٿا ڪن. هيءُ پيدا ٿي عشق مان ٿيل آهي. ڀت بنياد تي ويندي آهي، عشق کانسواءِ ماڻهو حيوان آهي.
عشق بلا شاهه دا اوکا اڻاگا، ڪائي رين نهين واندي.
سو حيراني خيال ڇڏي پنهنجو رب اثبات ڪريو جو نيٺ پنهنجي رب سان ڪم پوڻو آهي. جن کي دل سان لڳي آئي سي دانهان ڪندا ويا. جنهين جي دل ۾ اَٺ ئي پهر الله آهي. اهي بي فيضا نه آهن، باقي عشق ته اڃا ڳڀرو آهي. ماڻهو هن جهان ۾ آيو به ڪنهن فيض جي واسطي آهي. اهو فيض آهي جو دانهون ٿو ڪرائي.
جنهن دل کي طلب هوندي آهي اها دل گهرندي آهي. هن تڙ جي اُڃ اهڙي اهي جو پيتي ئي نه لهي. جيئن ويجهو پوندو ايندو تيئن چوندو ته ڄڻ مون ڪجهه به نه ڏٺو. چڪور پکي آهي چنڊ تي عاشق. چنڊ ۾ چار ئي پهر اکيون وجهي بيٺو هوندو، ننڊ نه هوندس. ٻيا پکي طعنا هڻندا اٿس ڏينهن جو ته ساري رات حيران آهين، چنڊ توسان ڪڏهن به ڳالهايو به؟ چي نه تو لاءِ ڪڏهن بيٺو به؟ چي نه. پوءِ تون ڇا تي حيران ٿيو آهين؟ چڪور جواب ڏنو ته
اپني توڙ نباه، اُسڪي او جاني
هن تي به اهو حق آهي ته
ملي ته ملندياس نه ته گهوري جند جتن تان.
رب جي راهه سان نباهڻ مشڪل بازي آهي. جهڙي تهڙي حال سان به هلڻ کپي. اولياءُ ٿو هڪڙو چوي ته توهان جو ارمان آهي اسان کي جو گهر جو مالڪ ۾ وساري ويهي رهيا آهيو،اولياءَ پيو ٿو ارمان ڪري. رب جو عشق گهري وٺو، ملي ٿو. جي نه ملي ته ماڻهو ڇوگهرن!
هي جهان هڪڙو ميدان آهي، تنهن ۾ ٻه جماعتون لنگهي آيل آهن. ننڍي عقل اچي ڏٽي ڏڪر کنيون آهن. غازين وري عشق جي تاڙي هنئين، سر گوءِ رکيائون. اوهان کي انهيءَ راند ۾ ڇڏيو اٿئون، عاشقن راند ۾، ٻاراڻي راند نه آهي. مرد ٿي وٺجي انهي پنڌ کي. عشق جي تاڙي لڳي ته سر گوءِ رکجي. زماني ۾ ته غم گهڻا آهن پر عشق جو غم آهي ٻيءَ طرح.
ڪافر ٿئي عشق ڏي، عقل ڊڄي ٿو ته متان شينهن عشق جو، ننڊ ۾ آهي سو اٿي گهُر نٿو ڪري.
لوڪ لهوارو لڙهيو، هليا عاشق اوڀارا.
عاشق پنهنجي رب تي ٿجي. عاشق ٿي پئجي پنهنجي معشوق تي، عاشق ٻڪرا معشوق ڪاسائي، جڏهن ڪسڻ قبول ڪري! جي قبول ڪيو انهن جو حال ڏٻرو آهي. سي ڏٻرا آهن ۽ عاقل متارا آهن. ڏٻرا ڪاساين به نه قبولا پر جيڪو فراق انهن ڏٻرن ۾ آهي سو متارن ۾ ڪونهي.
قرب جي ڪاتي حياوَ سان ٿي ڪُهي ۽ انسان کي خبر ئي نٿي پوي. جيسين بلڪل ڪسجي وڃي. هڪڙا قرب جا ڪٺل آهن، ٻيا لوهه جي ڪاتين سان ڪٺل آهن. عاشق معشوقن جا ڪٺل آهن. ڪٺلن مان دانهن نه ٿيندي آهي پر جيڪي ڪسندا پيا سي دانهن ڪندا.
معشوق پنهنجي رايي وارا آهن. پر عاشق وري معشوق کان پري هوندو ڇا! عاشق ۽ معشوق گڏيل آهن. هي سمجهه جو ڦير آهي. معشوق اولائتو پيو رئندو عاشق کي مَنجهه نه ڏيندو. عاشق ۽ معشوق ٻئي باحجاب رهندا آهن، گستاخ پاڻ ۾ نه ٿيندا اهن. عاشق معشوق کان جدا نه آهي، جيڪي حيران ٿي ٿا پون ۽ ملي نٿا سگهن. ويجهائي اهي آهن، عاشق ۽ معشوق جو ملڻ ٿيندو آهي، سپنو نه آهي ساڀيان آهي.
جيڪڏهن عشق گهرين ته حرام کاءُ، جڏهن حرام کائيندين تڏهن حلال کي پهچندين. حرام جيسيتائين نه کائبو تيسيتائين حلال جي خبر نه پوندي. حرام آهي پنهنجو ماس.
خاص طعام لحم گفتہ مرسلان،
لحم خود گفتہ نه لحم ديگران.
ڪسندي حلال شيءِ آهي. حلال کي حرام نه چئبو آهي. حلالين کي حلال ٿو کارائي، حرامين کي حرام ٿو کارائي.
سوري ۽ سڪڻ جي اکر هڪڙو آهن.
هوءَ وهاري واتن تي ، هوءَ رئاري ضروري،
ٻنهي جي پوري، جيءَ ڏئي ريءَ نه رهي.
توکي اڃا نه واٽن تي وهاريو اٿس نڪو وري رئاريو اٿس، تون ته اڳ ۾ پنهنجي ٿڪڻ جون ڳالهيون ٿو ٻڌائين، مٿي ڀر به هل. پر جي مٿي ڀر نه هلي سگهين ته پاسي پر به هل. ٻيو اهڙي صلاح جهان ۾ ڪونه ڏيندو.
پکي هڪڙو درياه جي اورينءَ ڀر ۽ ٻيو وري پرينءَ ڀر. انهن مان هڪڙو ٻولي ڪندو آهي، انهي ٻوليءَ تي ٻئي پکي اڏامندا آهن پر ملي نه سگهندا آهن. وري ماريءَ ماري هڪ ڳوٿريءَ ۾ وڌا. پر وري مارڻ واري کي پيا دعائون ڪن ته تو اسان جو ميلو ڪرايو آهي.
پکي جڏهن ٻئي هڪ ٻوليءَ ۾ هوا ته ماريءَ به قصد ڪيو، پر انهن مان هڪ پکيءَ وري ٻوليءَ جي مٽ ڪئي. تڏهن ماري به قصد کڻي ڇڏيو. هاڻي وري جڏهن ٻئي پکي ساڳي ٻولي ڪن تڏهن ته ماري به تيار ٿيندو.
ٻيون ٻوليون سڀ وهم آهن ڇڏي ڏيو، هڪ رب جي محبت ۾ رهو. دل مان هڪ ڪڍي حق سان رهو، فقط هڪ ٻوليءَ سان. رب راضي ڪريو ۽ رب جي امر سان رهو. پنهنجو پاڻکي سمجهائجي. رب ڇڏي ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ماڻهو پيو ته ڄڻڪ ٻتڙ ۾ پيو.
ٻچو هي کير به جيڪر نه پئجي پر قبضي نٿي ڇڏي. ادهم سلطان بخارا جو بادشاه هو انهي ڪهڙا کير پيتا ۽ ڪهڙيون قبضيون ٿيس! نين وزير هو اهو ساڻس وزيري ڇڏي نڪتو ۽ گڏ هوس. انهي پنهنجي شعر ۾ چيو آهي ته سلطان طعام اهڙا کائيندو هو جو ديگڙا هميشه چڙهيا پيا هوندا هوا ته بادشاهه الائي ڪيڏي مهل کاڌي جي طلب ڪري. سندس خوراڪ هر وقت تازي هوندي هئي ۽ رات ڏينهن بورچيخانو تيار رهندو هو. انهي بادشاه کي اڄ ڪاٺ جي ماني ٻڌل آهي. سلطان جي پوشاڪ درزي هميشه سبندا ئي سبندا هئا. ڪپڙا اهڙا پهريندو هو جو پنج دڪا ڪپڙن جي تور هجي. اڃا ڪپڙو بدن تي پاتو ته لاهي وري ٻيا ڪندو هو. سو وري اڍائي مڻن جي گودڙي کنيائين. گهوڙن جي سواري ائين ڪندو هو جو ڏينهن ۾ ڪيترن ابلق گهوڙن تي سواري هوندي هيس. اهو جبل جي چوٽيءَ تي لانگ ورائي سوار ٿيو. اتي بٺ لڳو پيو هو. الله سائينءَ پنهنجي پياري لاءِ هرڻين کي حڪم ڪيو. اتي کٻڙا آهن اهي اچي انهن ۾ کير هاري وينديون هيون. ادهم سلطان پنهنجي نفس کي چوندو هو ته گهرج هجيئي ته ڀلي کاءُ پيءُ، هي ڪاٺ جي ماني اٿيئي ۽ هو ڪونڊا کير جا. مونکي طلب ڪانهي، توکي آهي ته تون کاءُ. ظاهري بادشاهه ۽ نازڪ بدن هو مگر عشق ته اهڙا ڪم ڪرائي ٿو پيو. باقي زمانو ته ٻاراڻي راند آهي، سو ميدان ۾ مرد ٿي مرداني راند کيڏڻ گهرجي.