تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

فراموشي ـ ننڊ

فراموشي ـ ننڊ

فراموشي سڀ ننڊ آهي، جي فراموشي ٿو ڪري ته پاڻ فراموش ٿو ٿئي پنهنجي رب ڏانهن. رب ڪريم جي راز سان هجو. رب ڪريم ماڻهو وساري ٿو ته راه کان بيراه ٿو ٿئي. جيڪا راه ورتل اٿو اها راه نه ڇڏيو. هيءُ هلندڙ قافلو آهي، پاڻ به هلندڙ ٿي. رڳو هَل هلان لڳي پيئي آهي. ڪنهن به شي کي بيهڪ ناهي، اوهين به بيهڪ نه ڪريو. وهندڙ پاڻي چڱو آهي. جو بيٺل پاڻي بانس ڪري ويندو آهي. هياءُ به پاڻي جو پتلو آهي، هلندو ته بانس نه ڪندو پر بيٺو ته بانس ڪندو. اها آهي پاڻيءَ جي بيماري. ٿڌيءَ ڪوسيءَ پوتل هججي. ماڻهو آخر وڃي منزل ڏسندو. هت ٿورو بيهڻو آهي. ٻئي جهان وساري ڇڏجن پر هڪ الله نه وسارجي.
جنين وساريو نام، تن پت وڃائي پانهنجي.
جي دل سهڻي جي يادگيري۾ رهندي ته اها دل پيئي سهڻي ٿيندي. سواءِ رب جي ماڻهو نٿو ٺهي. هتان ٺهي جڙي هلو، انهن کي اڳيان وَسو( ڀولو) نه آهي. هت جڃ ڀائي آهن، ڀنڊڻ ڀائي ته ڪونهي. پنهنجي ڀنڊڻ جي به ڳڻ ڪجي. هي وڃڻ وارو آهي، تنهنڪري رب جي طرف کان فراموشي نه ٿيڻ گهرجي.
فراموشي جاهلي آهي جاهل به بيخبر کي چوندا آهن. جيڪو مالڪ سائينءَ جي طرف کان بيخبر آهي سو جاهل جو ڪم آهي جهل سان رهڻ. حياتي درگذر ۾ آهي.
فراموشي مکن اي يار جاني،
اگر دورم مرا نزديک داني.
فراموشي بيخوفائيءَ ۾ رهندي آهي. فراموشي گمراهي آهي. جيڪو الله کي وساري ٿو ته اها دل گمراهيءَ ۾ رهندي آهي. آخر انڌا اهي سڏبا جن هت نه ڏٺو هُو ڏيهه. فراموشي ته روبرو به چڱي ناهي. اوهان کي رب ڪريم فراموشيءَ کان رکي وٺندو، پنهنجو ڪندوَ. هر حال ۾ رب نه وسارجي، ڪم هاج ۾ رب نه وسارجي. اصل نه وسري نه وسارجي. خيال عام کان يگانو هجي. اهو ڄڻ جوڳ منجهه آهي.جيڪو فراموش ٿئي ٿو، سو اها ڳالهه ناجڳائيندڙ ڳالهه آهي.پنهنجو رب نه وساريو، دل پنهنجي رب ڏي رجوع ڪريو.
فراموشي سڀ سپنو آهي. اوهين ننڊ ڦٽي ڪريو.رڳو زماني ۾ مخمور نه ٿيو. فراموشي رڳي اونده آهي. فراموشي سڀ ننڊ آهي. ننڊ نڀاڳن ساسن گڏيل آهي. ننڊ ۽ نڀاڳ اکر ئي هڪڙو آهي. جاڳ سهاڳ اکر هڪ آهي. جا دل فراموش آهي. ڄڻ اڃا اک ئي ته پئي اٿس. نادان آهي. ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. رڳو پنهنجي وصفن ۽ ٻين عادتن ۾ ٻڌو ويٺو آهي. ڇرڪ ڪونهيس. ڇرڪ ڪونهيس ڇرڪ هجيس ته سڀيئي ٻنڌڻ ڇني وجهي، پر ڇرڪ ڪونهي، بيخوفائي آهي. اک پٽيندو پر جڏهين نظر صرافن جي چڙهندو. پري کان ئي هڪل ٿيندس ته خبردار، هاڻي گهمي ڦري اهڙي جهان ۾ آيو آهين جو تو لاءِ ايتري زمين ناهي جو اٿي پير رکين . پوءِ اک پٽيندو، پر پوءِ انهي کي ڇا ڪبو!
سانگهارا( پاڻيءَ جا پويان ڏينهن)ٿيندا آهن، پوءِ ڪڙمي ننڊ ڦٽائيندا آهن. هينئر حياتيءَ کي به سنگهارا آهن. انهي ڪم لاءِ به ڪڙمي ٿي ننڊ ڦٽائي ڌڻيءَ کي ياد ڪجي.هر ڪوئي ماڻهو جنهن ڪم لاءِ آيو آهي، ان جو ڪڙمي آهي.رب سائينءَ جي پاسي جو چڻتو ٿي بيٺو هجي، جو فراموشي سڀ ننڊ آهي.اها اڻ ڀلي هجي .سانگهارن ۾ ڪڙمي ننڊ گهڻي نه ڪندو آهي، جو پويون پاڻي هوندو آهي. پويان پساه هيئنر رب سان ملايو. اهي ڏيو رب کي. اهي ڏيئي ڇڏجن نانءَ الله جي.
فراموشي ڇڏيو ۽ اک کوليو. اڃا اک به نه کولي اٿو. ظاهر باطن جو سک گهرو ته الله نه وساريو. مالڪ جي طرف جو خيال هر دم دل تي قابو بيٺل هجي، خيال عام کان يگانو هجي، اهو ڄڻ جوڳ ۾ آهي. مالڪ ياد هوندو ته اوهان به ياد ۾ هوندو،ٻيائيءَ کي ٻوڙي رب ياد ڪريو.
چت پنهنجي مالڪ سان لايو. وسري نه وري آدم ڪري سندس يادگيرو ڪجي. اول آخر ظاهر باطن الله سائينءَ سان ڪم پوڻو آهي. مالڪ توهان جي سڀني ڪمن جي جوابداري پاڻ تي ڪئي آهي. اوهان فقط مالڪ جي طرف کان فراموش نه يو، رب نه وساريو. انهي ڪم هاج ۾ وڏو ڪم خدائي آهي. جو غفلت پنهنجي رب ڏانهن ڪرڻ، سو چڱو ناهي، جي پنهنجي رب ۾ اميدوار ٿيو ته رب نه وساريو. سندس نالو وڏو فرض آهي، مگر ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو.هدايت وارا سڀيئي چوندا ٿا وڃن ۽ اشارا سڀيئي رب جي طرف جا ڏيندا ٿا وڃن
.ڪيرظاهر باطن ’’جا الله سائينءَ تي آهن. سجايا ڪم انهن جا آهن،جن ظاهر باطن پنهنجو الله نه وساريو آهي. اوهان رب راضي ڪريو. نه وساريو ته گڏ ئي گڏ آهيون، جدائي نه سمجهو. مونکي هر وقت ياد آهيو. اوهين به نه وساريو. گڏ هجو جيئن جدا نه ٿيو. اها سنگت جيئن ڇڄي نه. مئي به گڏ هجون. اوهان رب راضي ڪريو ته اوهان کي به رب راضي ڪري.
جنهن جي دائم ديگ چڙهيل آهي، جو جتي سو تتي، هو هر ڪنهن کي پهچائي ٿو ڏئي. ٿرين، برين، شهرين، بحرين، هر ڪنهن کي راضي ڪيو بيٺو آهي، سڀ ڪنهن ڏانهن رازق آهي. رڳو رب نه وساريو. هيءُ لڪ اهڙو آهي. هيءُ به هڪ لڪ آهي، اڃا ڀي لڪ لنگهڻا آهن.
اوهان کي فقط هڪ ڪم چئجي ٿو جيئن نه وسري ۽ نه وساريو. اهو هڪ ڪم اوهان کي جيڪو چيل آهي. ان تي محڪم رهندا. وڏوڪم نه خدائي پنڌ جو فرض آهي. ماڻهو وڃڻ وارو آهي سو پنڌ خدائي نه ڇڏجي. بوعلي سائينءَ جو چوڻ آهي ته چپ ٻڌ زماني جي اجائي جي اجائي گفتار کان، متان دم خالي وڃن. اک ٻڌ غير ڏهون ، ڪن ٻڌ گلا نيڪي ءَ ڏهون ،پوءِ چئو الله ڏس تون. اهو
سر سي سکن جنکي ويڙهيچا وجود ۾.
حضرت عيسيٰ نبي هو. تنهن تي ٻولي ٿي ته منهنجو يادگيرو ڪهڙي وقت نه ڪندا آهيو؟حضرت عيسيٰ جواب ڏنو ته وقت ٿوري جي وسرو نه ٿا، پر ڪجهه وساريون ٿا. وري ٻولي ٿي ته اوهان جي ٿوري جي بندش ڪجي ته ڪنهن کي ياد ڪندو؟ حضرت عيسيٰ جواب ڏنو ته انهيءَ وقت به توکي ياد ڪنداسين. وري ٻولي ٿي ته توکي انهي وقت به توکي ياد ڪنداسين. وري ٻولي ٿي ته مونکي انهيءَ وقت به نه وساريو.جڏهن ماڻهو سمجهي به ٿو، پوءِ وري هٺ
ٿو ڪري،ڄڻ خطا ٿو ڪري. هر حال ۾ به رب نه وساريو،رب ياد ڪريو. غفلت ڇڏي ڏيو. پنهنجي رب ڏانهن. رب راضي ته جڳ ئي راضي. من اٺن پهرن ۾ ڪو دم هٿ اچي وڃي ته لک ٿيو. جيڪو نٿو وساري ته اهو سدائين ميلي ۾ آهي.
چريا اهي آهن جن هتي اچي پنهنجو الله وساريو آهي. خلق عقل ۾ ڦاٿل آهي. انهن تي گهڻوغم گذر جو بيهي ويو آهي. پنهنجو موت وساري ڇڏيو اٿن تڏهن رب ڏهون بتال ٿيا آهن. اهو علم ٿي اهڙو آهي. خيال سنڀارجي، دشمن اجايا ڦرنا پيو وجهندو آهي. هڪ دليئون دوست نه وسري، ٻئي جهان تڏهن چڱا ٿيندو. زماني جون لذتون هڻنديون وڃن، وهم وجودئون ترندا وڃن، ڇا ننڊ ڏانهن، ڇا غفلت ڏانهن، مشرڪ اهو آهي جو رب جو در ڇڏي ٻين درن کي چڪي. دنيادار اهو آهي جيڪو پنهنجي رب ڏهون فراموش آهي. عبادت اها جيڪا خالص پنهنجي رب کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪجي. هڪڙا ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ عبادت ڪندا آهن. رب انجو اجورو به ڏئي ٿو پر موالين کي. سو رب ياد ڪريو پر دل سان ماڻهو دل ڏيئي ڇڏي پنهنجي رب ڪريم کي. بندگي به نياز آهي. بندگي بنا نياز جي بيفائدي آهي.
فراموشي ظاهر به چڱي ناهي، باطن لاءِ به چڱي ناهي. گهر جو مالڪ گهر ۾ آيل آهي پر وساري ويهي رهيا آهيو. ارمان آهي اوهان جو جو رب جهڙي شي وساري ويهي رهيا آهيو. ارمان آهي اوهان جو رب جهڙي شيءِ وساري ويهي رهيا آهيو. هينئر پنهنجي مند سنڀاريو ۽ فراموشي ڇڏي ڏيو. اوهان ماڻهن پنهنجو رب وساري ڇڏيو آهي، انڪري سڀ ڪنهن کي پنهنجا اعمال پيش آهن. پوءِ سڪا ساوا ٿا گڏجن. حياتيءَ جو خزانو برباد ڪرڻ لاءِ ته ڏنل ڪونهي!
يا ننڊ پياري ڪريو يا الله پيارو ڪريو. غفلت سڀ ننڊ آهي، توکي پيا ٿا جاڳائين تون دل جا جوش جاڳاءِ. جوش کان سواءِ غير نه جلندو. مرشد هڪ چڻنگ چولي ۾ وجهندو آهي، جي ڪو ڦوڪيندو ته ڍانڍ به ٿي پوندو. جوش جاڳائيندس هڪ اوجاڳو، جيئن ٻئي سان ڳالهائڻ جي واندڪائي نه هجيس. جدائي پنهنجي ياد ڪجي
ٻريئي ته ٻار نه ته ڦوڪ ته لڳي انبرين.
انبر وڏي ڳالهه کي چئبو آهي.
ڪيترن وري ننڊ ڏيئي هڪ اوجاڳو ورتو. سڀ سک ڏيئي هڪڙن وڳا ڏک ورتا. اهو به ڌنڌو آهي.
صوفي سر مست سودا دست بدست
سوداگر ڪونهي. ڏي وٺ ڪبي تڏهن سودو ٺهندو. ننڊ ويرياڻي آهي. سڀ ننڊ ڏبي تڏهن اوجاڳو ملندو. سڀ سک ڏبا تڏهن هڪ ڏک ملندو.
ننڊ نڀاڳ، جاڳ سهاڳ.
رب جي طرف کان غافل نه ٿجي. غافل غفلت ۾ رهجي ويندو آهي. سڄو منهن توهان ڏي آهي، ڪيتريون دعائون۽ فهمايشون به ڪجن ٿيون!. پنهنجو اندر اوجارجي ۽ ٻيا سڀ وهم وسارجن. ڪيتري توهان سان هدايت ڪجي ٿي! سمجهه کان ٻاهر نه وڃو. پنهنجي حياتيءَ جو خير گهرجي، اجايو برباد نه ڪجي. مونکي ته گهڻو ئي پيارا ٿا لڳو پر توهان کڻي پنهنجا عضوا پيارا ڪيا آهن. انهن وهمن مان خيال کڻو. مون ته گهڻو دعائون ڪريانوَ ٿو. پر توهين ته نهاريو به ڪونه، رڳو پنهنجو هڏ چم پيا ڏسو، هڏ نه روليو . رب ياد ڪريو.
توهان الله ۽ مرشد ڏانهن کڻي اکيون ٻوٽيون آهن. صاحب توهان جي من ۾ توهين هوش رکو. ڇا ڏٺو اٿوَ جو هوش کان بيهوش ٿيا آهيو!توهين جنهن کي ڏسڻ آهيو انهي کي ڏسو، اهي پيا ٿا اوهان کي ڏسن. اجايو بيهوش ٿي بيگانن خيالن ۾ خيال وجهو ٿا. ڪيتري توهان سان نصيحت ٿي ٿئي. رمز پاڻ ۾ هڻو، الله کي سڃاڻو.صاحب اٿوَ پنهنجي من ۾. پوءِ متان هٿ هڻو، چوائي وٺو. جيڪر منهنجو چوڻ وٺو ته هوند بيخوفا نه رهو، جڏهن الله ۽ مرشد هادي بيٺا آهن. جي رب نه وساريندا ته الله ۽ مرشد مرڻ وقت به گڏ هوندو.
اهو عقل ئي ٻن پوي، جيڪو جدا ڪري پنهنجي رب کان. اهو گذر ئي ٻن پوي. جيڪو جدا ڪري پنهنجي رب کان. اها اولاد ئي ٻن پوي. جيڪا جدا ڪري پنهنجي رب کان. جيڪي ڳالهيون گمراهه ڪرڻ جهڙيون آهن اهي نه ٻڌجن. ٻڌجن اهي مرشد واريون ڳالهيون. الله کانسواءِ ٻي ڳالهه ئي نٿو چوي. ذوُئين جي ويڙهي ۾ وڃي ٿا وهو. “ب” وڃي ٻين کي ڏيو. توهين اُلف سان رهو. مان توهان کي الله چيو آهي، دليل ڏي خيال نه ڪريو، الله ڏي خيال ڪريو.
دشمن گهر منجهه آهي، جيڪو راه مساريندڙ آهي، اجايا دليل اجايا ڦرڻا اهو دشمن ٿو وجهي.دشمن جي چواڻي ڇڏي ڏجي، توڙي چڱا دليل هجن ته به رب جي مٽ ناهن.
سوڍا ملن سوَ تهبه مٽ نه ڀانئج مينڌري.
جي دشمن سان لڙائي ڪرين ته لڙائيءَ وارا هٿيار ٻڌ. بي هٿيارو ڪهڙي فتح ڪندو! رهندو غلام ٿي پوندو. هٿيار چار توکي ڏسيل آهن، لڙائي اصغري ۽ اڪبري ٻئي لڳيون بيٺيون آهن. اڪبر ڇڏي وڃي اصغر ۾ پيا آهيو. اصغر پاسي گهڻا تون اڪبر پاسي آءُ. مرد اهو جيڪو اڪبريءَ لڙائيءَ ۾ بيهي. وري به پنهنجي عادتن سان لڙائي ڪرڻي اٿس. عادت عضوو آهي، عادتن پنهنجين سان لڙائي آهي. اڪبري لڙائي آهي.
نفس سان وڙهڻ لاءِ چار هٿيار آهن. خنجر صبر جو، ترار بک جي، نيزو عام کان تنهائيءَ جو ۽ ترڪ ننڊ جو. شيخ عطار اولياء جو ائين چيل آهي. ۽ چيو اٿس ته جيڪو منهنجي صلاح نه وٺندو، نفس ان جي چوائيءَ ۾ نه ايندو. سالڪ نفس جي اڳيان مري لنگهيا. نفس نامراد ڪتو آهي. نفس دشمن آهي مائٽا.اوهين ان سان لڙائي ڪريو. جڏهن الله سائينءَ نفس پيدا ڪيو تڏهن پڇيائينس ته ڪير آهين؟ جي تون تون آهين، مان مان آهيان. ملائڪن کي حڪم ٿيو ته تون بيابانن ۾ روليوس. پوءِ پڇيائونس ته هاڻي ٻڌاءِ ته ڪير آهين؟ چي تون مون آهين. مون مون آهيان. پوءِ وري ملائڪن کي حڪم ٿيو ته بحرن ۾ ٻوڙيوس. ملائڪن بحرن ۾ ٻوڙي وٺي آيس ته به وري ساڳيو جواب ڏنائين ته تون تون آهين ۽ مون مون آهيان.اتي ملائڪن کي حڪم ٿيو ته اوجاڳا ۽ بکون ڏيوس. پوءِ پڇيائونس ته تون ڪير آهين؟ چي تون خالق مان مخلوق!
بدن ملڪ آهي، خيالات ٻيلو آهي، ۽ خلط حيوان آهن. سڀ ڪنهن ۾ چار خلط ٿيندا آهن (انهن کي عناصر به چوندا آهن) پهريون خاڪي (کائڻ پيئڻ) ٻيو بادي( واءُ، حرص)ٽيون آهي آبي(ننڊ ۽ فراموشي) ۽ چوٿون (آتشي (شهوت) . جڏهن خاڪي بک سان ماريائون تڏهن ٻيا عناصر پاڻيهي پيا ڇٽڻ لاءِ زور لائيندا. بادشاهي پهرين جي وٺي، پهرئين کي قابو ڪري ته ٻيا پنهنجو پاڻ جند ڇڏائڻ جي ڪندا. بک ڪڍي ته ننڊ (آبي) پنهنجو پاڻ ڇڏائي وينديس، بادي به ويندي رهندي.
اوهين ڀڄي وڃو. ڀڄڻ ڏانءُ اچيوَ ٿو ته ڀڄجي ڇا ڏانهن؟ بدن سان جيڪي لذتون لاڳو آهن. انهن کان ڀڄي وڃو ننڊ سميت، ننڊ جي اهڙي منع ٿا ڪن، هل به نٿا ٻڌو رات جو! اِهو گم آهي ماڻهو ننڊ ۾.
گم ٿيوين وچ ذات،تڏهان صفات سڃاڻين،
وحدت وادي وچ لڙهه جاوين، قطرا قلزمنال رُلاوين،
فرق ڳيا فرقات، رليا پاڻي دي وچ پاڻي.
پاڻي پاڻيءَ ۾ گهڻو ٿيندو ته ٻڏندو نه. ڄڻ وڃڻ وارو آهي، مسافر جيئن هجي، ننڊ هڪ ڪچي، جيڪو رات جو هڪ ننڊ ٿو ڪري سو ڀلي ڏينهن جو به هڪ ننڊ ڪري، وڌيڪ نه، نه ته رات وارو نشو به لهي ويندس. پر صفا ننڊ به نه ڦٽائجي. سمهي الله الله ڪرڻ کان ويٺي جي ننڊ به ڀلي آهي، سو ويٺو رهجي. پيٽ ڀريل آهيس تڏهن ٿي ننڊ اچيس.جي پيٽ خالي هوندس ته ننڊ به ڪانه اينديس ۽ خيال به سٺو هلندس. جيڪي به زماني جا ساز آهن، دهل، دلا، تنبورا وغيره سي وڃن ٿا تڏهن، جڏهن سندن پيٽ خالي آهي. هيءُ انسان به تنبورو آهي. تارون آهن رڳون جي وڄنديون ۽ انهن مان آواز نڪرندو. هڪ هڪ رڳ نالي رب جي سان وڄندي.
ڪنهن ڪنهن منڱڻهار،سڌ پيئي انهي ساوَ جي
انسان پاڻ به ساز آهي. خيال وارا وڄائيندا آهن، بي خيالا نه وڄائيندا آهن. هڪڙا خدائي خيال ختم ڪري پوءِ ٻيا خيال ڪمائيندا آهن. بيخيالن سان صحبت نه ڪجي جو هو ڪيترائي بيخيال ڪري وجهندا آهن.