تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

فڪر

فڪر


اوهين فڪر ڪريوپنهنجي الله سائينءَجو. هن انسان سڄوئي الله سائينءَ جو آهي. جنهن جو سڄوئي آهي ان طرف سڄوئي پيل هجي. پوءِ به ٻچو انجو آهي. چوي ٿو ته مون اوهان کي پنهنجو ڪري خلقيو آهي. چوي ٿو ته اوهين به مونکي پنهنجو ڪريو. مالڪ فرمائي ٿو ته اوهان جي سڀني ڪمن جي جوابداري مون تي آهي. فقط تون اجايو نه ٿيءُ. چوي ٿو ڇو ٿا بي وسيلا گهمو! چوي ٿو مون اوهان جو رب آهيان، اوهان جي نيڪين ۾ مان راضي آهيان، اوهين منهنجو امر مڃي مونکي راضي ڪريو ته مون به اوهان کي راضي ڪريان. رب جي راضپي سان سڀ ڪم ٿا ٿين. توڻي ظاهر توڻي باطن. سواءِ رب جي ظاهر باطن ٻيو ڇاهي وچ تي.
ديگر هرچه بيني، فنا را فنا.
ٻيو ڪم ڪهڙو اوهان کي ڏسجي! هت ماڻهو آيو آهي اثبات ڪرڻ الله کي. ٻين ڪمن جي جوابداري موڪليندڙ تي آهي. جنهن هت موڪليو آهي.
اي ڀوري ماءُ ڪا هينئين سين لاءِ.
ٻيو فڪر پنهنجي حياتيءَ جو به ڪريو. فڪر جي ڦرهي هجي، سورن جا سبق ۽ ماٺ مطالع هجي. روزگاريءَ جو دليل نه ڪريو جو رازق رب ڪريم آهي. هر شي کي پهچائيندڙ آهي. جيڪا شي رب پيدا ڪئي آهي، تنهن ۾ گذر جو خيال وجهي ڇڏيائين، جنهن جي دائم ديگ چڙهيل آهي، هر ڪنهن کي راضي ڪيو بيٺو آهي. اوهان کي به راضي ڪندو. انسان کي پنهنجن عادتن کڻي روليو آهي. رب بيڏوهو آهي. اوهين رب راضي ڪريو ته رب اوهان کي راضيڪري. جيئن ماڻهو عقل ۾ پوندو ويندو تيئن گذر جا غم پوندا ويندا. چريو ٿي پئجي ته غم ٻيا پيا کائيندس، چريوزماني ڏانهن ، جيئن رب نه وسري.
قسمت رب جي وس آهي، ڏور ڏاهي جي هٿ آهي. هر حال ۾ شڪر ۽ صبر هجي. ميرائي ۽ صبر سردار لوڪن جو فخر آهي. صبر معنيٰ طبيعت جي غريبي. رب جي رضا تي هميشه راضي رهجي، سندس نيڪ ٻانها اولياء ۽ انبياء به سندس رضا ئي راضي رهيا.
هڪ ڏينهن سڄيءَ عمر جي بادشاهي وٺبي سو فڪر ڪريو پنهنجي حياتيءَ جو. اهڙي مهل حياتيءَ جهڙي وري نه ڏسي سگهندو. اها به وهامي ٿي وڃي.
وهاڻي ويندياء، پوءِ گهڻا هڻندين هٿڙا.
رات ائين ٿي وهي جيئن درياه ٿو وهي. ڏينهن به ائين ٿو وهي جيئن درياه ٿو وهي. حياتي به ائين ٿي وهي جيئن دريا پيو وهي.
فڪر ڪريو جو حياتيءَ جهڙي شيءِ وڃي ٿي پيئي. فڪر جي ڦرهي هجي، سورن جا سبق ۽ ماٺ مطالعو هجي. جي ڪو مندو ڳالهائي ته ان سان پنهنجا چڱا اکر ڇو وڃائجن! نه پڄجي ته ماٺ ڪري وڃجي. ماٺ جهڙي ٻي ڳالهه ڪانهي. هُت به ماٺ ڪري وڃجي. ماٺ جهڙي ٻي ڳالهه ڪانهي. هُت به ماٺ معلوم آهي. عام سان خيال نه رکجي. دوستي پاڻان کان چڱي آهي، جوش به جاڳندس پر فڪر ڪونهيس. نٿو رکي پنهنجي حياتيءَ جي خبر ڄڻ غافل آهي. دشمن ۽ دوست ٻئي گڏيل اٿس. رب جي حڪم کانسواءِ ته پن به نٿو چري، پوءِجي دشمني رايو پوي ته فڪر ڪري، ڪين برو ڪم ڪري وهي؟فڪر ڪري.
پڙهڻ پڙهائڻ ۽ سيکارڻ جي هيءَ ڳالهه ڪانهي.هيءَ ساڀيان هلڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهه آهي. هينئر گهر جو مالڪ پنهنجي گهر ۾ آيل آهي ۽ پارس پرين ويجهو آهي. نيٺ فڪر رکجي پنهنجي موت جو. فڪر هجي انهي طرف ڏانهن، بيپرواهي رب ڏانهن نه هجي. هو ملڪ ڏاڍو بيپرواهيءَ سان آهي. هتان الله سائين ڪري ته ٺهي جڙي هلجي ته پوءِ اڳيئون وسوئي ڪونهي. قرب به هت آهي هن ملڪ ۾، جو موت جو خوف آهي. اڳتي ته بيپرواهي آهي. اک پوٽئي کانپوءِ اها جاءِ نه هونديس جتي پير رکي سگهي. ڏاڍا عذاب ٿا اچنس تڏهن دانهون ٿو ڪري . ان ئي الله سائينءَ وٽان آواز ٿو اچي ته تون دانهون ٿو ڪرين اهي تنهنجا اعمال آهن جي نه ڪيا آهن. مون ته توکي اڃا ڪجهه ڏنوئي ڪونهي ۽ ڏينهن قيامت جي مون ان کان سؤڻا وڌيڪ ڏک ڏيندوسانءِ. سو ٻچو هُت لاپرواهه بادشاهي آهي. سعيو ڪجي جو نيٺ خدا خدا سان ڪم پوڻو آهي. هتئون سمجهڻو آهي. الله ڪري جو هتئون سمجهي هلجي. ذڪر سان فڪر ڪريو، دم سان پريت رکو. راه راست سان هلندڙ ٿجي. سڌون نه ڪجي. مددگاريون به آهن پر خيال عام ڪڍي هٿ ڪجي.
دلق کي درياه ۾ اڇلن بهادر بي بها
دلق چوندا آهن وجود کي ۽ درياه وحدت جو ٿا چون.
فڪر سان ماني کائجي ۽ بکئي کي به کارائجي. توهان کي ته ماني کائجي ۽ بکئي کي به کارائجي. توهان کي ته ماني کائڻ به ڏانءُ نٿي اچي. جيئن ماڻهو کائيندا آهن. هاپو هاپو ته ڪتا ٻلا به پيا ڪن. فڪر سان ماڻي کائي، بکئي کي کارائي، انهن جي گهر کي کارائي، آڪهه کي کارائي ۽ پاڻ بک جهلي گهر ۾ به نه اچي ٻڌائي ته متان ڪروڌ ٿئي، ته ڄڻ ماني پاڻ کاڌائين پگهر جي پورهئي مئون ڪنهن بکئي جي بک لاهجي.
پنهنجي جدائي ڏسي روئجي. پنهنجي جدائي سنڀاري ته فراق جاڳيس. جدائي اهڙي آهي. اها به سنڀارجي فڪر ۾. جدائيءَ ۾ فراق آهي ڏاڍو. انهن کي جنکي لڳل آهي، اوهين به لائي ڏسو. دانهن رڳو جدائيءَ جي آهي. ڪنهن ڪنهن کي فراق چڱو آهي. فراق دردوند ڪري ٿو وجهي. فراق کانسواءِ ماڻهو بيدرد آهي. پنهنجي جدائي سنڀاريو. پري نه آهيو، ياد آهيو، اوهين نه وساريو. ائين آڏا ٿا گهمو. پنهنجي جدائي سنڀاريو ته جوش جاڳن.
جاڳيا جوش دل ۾ درسد پرين جا،
واندي گهم نه ويٺي ڪر ڪا ڪار ڪتڻ.
جدائي ۾ فراق آهي ڏاڍو.
الفراق اشد من الموت، آءٌهتي نه هوندياس،
آس نه لاهينداس،من جيئري جت ڏسين مران.
فراق اهڙي شي آهي. جدائي وارو ڏينهن ويجهو پوندو ٿو وڃي. هي بدن خاڪي خرقو آهي، تنهن ۾ جدائيءَ جي لار آهي.
چڙا توکي چوري، ٻوليءَ وڌو ڪن؟
ڏيئي ريهه رنگ جو، توکي جاڳايو جن،
وٽان تن، پرين لڳي لار فراق جي.
هي هي جي نه هوءِ ته جيڪر جيءَ جلي وڃي.
هي هي به جنهين کي لڳل هوندي انهن ۾ هوندي،
درد مند تڏهن ٿيندو جڏهن پنهنجي جدائي سنڀاريندو. مرشد وارا آهيو پاڻ سنڀاريو. هيءَ جيئري جي ڳالهه آهي، پوءِ مرشد کان طاسلب مئي به پري نه آهي. سو اوهان پري ڇو ٿا سمجهو پاڻ کي. هيءَ جدائيءَ جو هڪڙو ناز محبوب جو ٿيل آهي. باقي رب جيئري خواه مئي جدا نه ڪندوَ. پر جدائيءَ ۾ فراق آهي. جهڙي مونکي لائي ويا آهيو تهڙي اوهان کي به لڳل آهي. معشوق عاشق سان ڳالهائي ٿو پر ڳجهوو ٿو ڳالهائي. عاشق کي معشوق انت نه ڏيندو، ڇو ته ڀلي ڪري جدائيءَ جو فراق جاڳيس. جدائيءَجو عذاب موت کان به سخت آهي. پر جن کي لڳل هوندي. جدا نه رهو پنهنجي رب ڪريم کان. پوتل هججي جنهن لڙهيءَ جو موتي آهي تنهن لڙهيءَ ۾. ٻئي ڪنهن سان ريس نه ڪجي. جڏهن معنيٰ ۾ ايندو تڏهن درد جاڳندس. جي دانهن ڪري ته وجهجيس غمن جي کوهه ۾. اڃا درد جي دانهن ڪري ته غمن جو گيڙو ڏجيس.
ڪڪور ڪوهيار ڇپر ڇاٽان موڪليون،
هيڪر هنهيڻيءَ ئي ڀيرو ڪج ڀتار،
ساجن ترهون تار، ڏٺو ڏينهن قيام جي.
هتئون مڙيئي لڏ کڻڻي آهي، سو جيئري ئي سنڀارجي پنهنجي جدائي. هيئنر گهٽي سوڙهي آهي. انسان سوڙهيءَ گهٽيءَ مان آيل آهي، وڃي ٿو انهيءَ گهٽي مان به نڪرندو. مري لنگهڻو آهي، سرت رکو. اڳ وسوڙيل آهيو، اونهون نظر نظر مان نه ڪڍو. ريت رکو ڪا. جِنُ به ريت پت رکندو آهي، تون ته ماڻهوءَ جو ٻار آهين. عقل جا دانائو گهڻو، پر ڇا ڪجي جو پنهنجي ڳڻ ڪانه ڪئي اٿو. گهڻي علم کان گهڻو ويساه ڀلو آهي. عقل مان جڏهن نڪربو تڏهن خبر پوندي. ڪل عقل کي پوءِ پهچبو. ڪل کي تڏهن پهچندو جڏهن فڪر رکندو. هلي ته ڪل عقل پهچي. رب پاڪ جن کي عقل ڏنو ان سڃاتو پنهنجي رب کي ۽ سڃاتائون راهه رب جي. اڳيئون به سهڻا اها ٿا لڳن جن سڃاتو رب کي ۽سڃاتائون راهه رب جي. ماڻهو پاڻيهي هلي اهو ڀلو آهي، ٻيو ڀلو رب ڪريم آهي جو ڀلاين جو صاحب آهي. جن کي يادگيرا پنهنجا ٿو ڏيئي انهن سان ڀلائي آهي.