تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

دم

دم

دم پساه مالڪ جا آهن ۽ معرفت جا موتي آهن. اهي اجايا نه وڃائجن. دم ساري جسم مان ڀريل اچي ۽ ڀريل وڃي. رمز پاڻ ۾ لڳل هجي.نالي رب ڪريم جي کي ائين وٺي وڃجي جيئن وڻ ويڙهي وڻ کي وٺندي آهي. جيئن وري نام کان پاڻ ڇٽي نه سگهي. اصلي موتين جو پورهيو لڳي ته ٻيا پورهيا سڀ ڇڏي ڏجن. اهي ڌنڌا انهن ڪيا جن کي دل سان لڳي آئي. باقي عام کي ته هٿ سان لڳي آئي. هٿ تڏهن ڍرا ٿيا جڏهن دل سان لڳي آئي. جن کان صورت وسريل آهي ته اهو پنڌ انهن جو ناهي. محبت پنهنجي رب جي دم سان رکو. جيئن دم خالي نه وڃي.
خيال رکين هڪو هڪ دم دا
دم ٽٻيو اچي ٽٻيو وڃي، ڪو هاج ۾، اٿڻ ويهڻ ۾، کائڻ پيئڻ ۾ دم سان هججي. پريت رکي، دم سان دوستي رکي، ٻيو ڪهڙو ڪم اوهان کي ڏسجي؟ دم اجايا نه وڃايو. الله سائينءَ جا ڏنل آهن. ٻيو ڪونه ڏيئي سگهندو. دم وڏي غنيمت آهي.
گذريءَ کي ڇڏي ڏيو، رهندا وڃن ٿا جيڪي دم ، سي هٿ ڪريو، مور ته نه وڃايو. پياري ۾ پياري شي آهي ساهه. اها ته گهران پيئي وڃي ئي وڃي.
جو دم حياتي هووي، رهِ يار نال آوي
اهي دم آهن معرفت جا موتي پر ڪنهن سنڀاريو. ڪنهن نه سنڀاريو، جيڪي به دم سندس نام سان هلن ٿا اهي سجايا آهن. بنا نام وارا دم اجايا آهن. ڪنهن سڃاتا ڪنهن نه سڃاتا.
پويان پساهه آهن سي پنهنجي رب کي هاڻي ڏيو. هينئر پويان پون آهن. رب کانسواءِ اجايا ٿا وڃايو. جيڪي به دم آهن سي هلايو نام الله جي سان. جن کي دم جو قدر پيو انهن مان اها ٻولي نڪتي ته برابر رات هڪ دم مونکان سواءِ نالي رب جي ڇٽي ويو. دم جڏهن ختم ٿيندا ته هڪ دم لاءِ به سڪندو. لک ڪروڙ ڏيندو ه به هڪ دم نه ملندس. سج جيسين بيٺو آهي تيسين ڪو ڪونه ٿو نهاريس پر لٿي کانپوءِ قدر ٿو پوي.
ڏنل دم رب جا سي ماريندا ٿا وڃو! اهي اهڙا دم آهن جي لکن ڪروڙن ۾ به هڪ نه ٿو ملي. اهي تو زيان ڪري ماڻهو. رڳو زيان خور به نه ٿجي. زيان خور ڇا چوندا آهن؟ اهي زيان نه آهن جيڪي روز پيا ٿا ڪريو. جيئرا دم بنا رب جي اجايا پيا ٿا وڃايو. زيان ئي زيان پيو ڪري ته زيان خور نه چئبو! اولياءَ هجي ڪامل، ان کي ٻئي جهان ڏيو ته تون هڪ دم ڏي ، هو ته ڏيندو جو هن جو دم الله جي نام سان آهي. هن جي دم دم ۾ الله سمايل آهي. هي ٻئي جهان الله جي مٽ ته نه آهن. جنين سڃاتو سي هڪ دم ئي نٿا ڏين ٻنهي جهانن تي. پوءِ اهي دم ٿا وڃائجن پيا جو ٻنهي جهانن تي هڪ دم به نه ڏجي.
دم جي ڪاهه ڪريو ۽ دم جي سرت رکو
دم دم ڌمال دم ڪي، ڪرني نه فراموش،
موسيٰ به ڪوه ڪهتا، رب ارني نه فراموش
جڏهن سڀ دم ماڻهو ڏيئي بيهندو، پوءِ قدر پوندو، دم دم تي سعيو هجي، ڀريو اچي ڀريو وڃي، سعيو ڀلي هجي پوءِ جيڪو پڄي سگهي. وسان نه گهٽائجي. سعيو ڪجي جو اندر جا هٿ به سعيو چوريندو آهي.
چولي اندر جوئي ٻولي .سو ساڌو ساڌِ کڙا هٿ چولي،تنهن تان وويسان اولي گهولي.
نئون دم نئون سعيو. بندي تي آهي سعيو.سعيو به انهن کي کپي جن کي مليل آهي. جنهن جو هادي پنهنجو رب ٿو ٿئي، آدم ۽ سعيو به انهن ڪيو. دم سان پريت رکجي. هيءَ رمز بازي آهي. دم نه وسارجي، جيئن هڪ دم به بنا رب جي خالي نه وڃي. اٺن پهرن ۾.
جو دم غافل سو دم ڪافر
همٿ ڪريو. همٿ سعيي کي چوندا آهن. همٿ ادم کي چئبو آهي. همٿ اها آهي جو نه وسري نه وسارجي. خيال سان محبت گهڻي هجي. هي سارو جهان خود خيال آهي. زال جو خيال پنهنجو، مڙس جو خيال پنهنجو. پيتي کانپوءِ خيال بيخود ٿيندو آهي. اهو واپار جو اهڙي دستو آهي. جيڪا ڳالهه الله سائينءَ وس ۾ ڪري ڏني آهي. انهيءَ ۾ نه گهٽائجي. ڄڻ ادم ۽ سعيو وس ڪري ڏٺا اٿس. مجرو به همٿ کي آهي.
سعيو ڪريو. رب ڪريم پيارو ڪريو يا پنهنجي جان پياري ڪريو، اها واردات سر جي آهي. پوين گناهن ڪنهن جي ڪانه ڪئي آهي.طالب هر ڪوئي پيئي ٿو پيو پر هرڪوئي طلب سارو ٿو پيئي. جي سعيو ڪندو ته رب ڪريم مهربان ٿيندس. لاهي پاهي به رڳو پيٽ واري پاسي بيهڻ اجايو آهي. هينئر پارس پرين ويجهو آهي تڏهن ٿو سعيو ڪرائجي. همٿ سعيي کي چوندا آهن.مرد به همٿ سان آهي، مجرو به همٿ کي آهي، نيڪن جو ڪم آهي هتان سمجهي هلڻ، باقي مئي کانپوءِ ڇا ٿيندو! هر ڪنهن سعيو ڪيو آهي. جو هيءُ سڏ سرڪار جو اهڙو آهي جو محل ماڙيون ڇڏي هليا.
جن همٿ ڪئي تن حق ڏٺو ٻيا نسبت نادان.
ڄڻ ان طرف ڏانهن همٿ ڪريو. سعيو هجي. ٻين ڪمن جو سعيو ڪريو ٿا ته اهي ڪم پورا ٿي ٿا اچن. هيءُ به سعيو ڪريو. جو سعيي سان هي ڪم به پورو ٿي ٿو اچي. هر حال هر گهڙيءَ سعيو هجي، سعيو ڪرڻ رب ڪريم جي طرف ڏي هر هڪ انسان جوفرض آهي.ڪم هاج ۾ به نه وسري نه وسارجي. سعيو اهوئي ڪجي.
حياتي ساعتڙي آهي. همٿ سان بيٺو هججي. مدد به همٿ سان آهي. نيٺ خدا سان ڪم پوڻو آهي. خاص خداوند آهي. حق پاڪ خداوند آهي. اوهان هڪ رب راضي ڪريو ته پوءِ چوطرفيون مددون ملن.
پڙهيا آهيو پر مطلب سمجهوئي نٿا. اوهان لکيو هو ته جيڪي تقدير ۾ هوندو اهو ٿيندو. باقي ادم ڪرڻ اجايو آهي. اهو توهانجو چوڻ اجايو آهي. تقدير تي ڀاڙڻ اها عادت زالن جي آهي مرد ادم ڪندو آهي. مرد تي ادم جو حڪم آهي ته ادم ڪريو. پر نه سڀ مرد مرد آهي، نه سڀ زالان زالان آهن. ادم ڇڏي پرائيت تي بيهڻ اها به زال آهي. همٿ ادم کي به چئبو آهي. زالاڻي وصفن مان نڪري مرد ٿيءُ. جيڪي ادم ڇڏي ويٺا آهن اهي ڀنيون رليون آهن. مرد تي امر ادم جو ٿيل آهي. ادم ڪريو. جنهن ڪم تي ادم ڪري اٿبو ته ڪم پورو ٿي ويندو آهي.ادم ڇڏي ويٺو هوندو ته اهو ڪم ئي رلي ويندو. اهو ادم ڇڏڻ جو رايو توهانکي جنهن وڌو اهو دشمن آهي. اهو رايو ماري ٿو. ڪاملن جو دم دم تي ادم آهي. ادم مهرباني آهي. جي ادم هوندو ته ڪم سان هوندو. جيڪڏهن ادم ئي نه هوندوته بي ڪمو ٿيو ويٺو هوندو. موت آهي رسريل، ماڻهو بيخوفو ٿيو ٿو پوي. بيخوفي کان ادم ٿي نه سگهندو.
ڪريو يادگيرو موت جو، جو وڏي عبادت آهي،
جنين موت وساريو، واءِ تنين لاءِ واءِ.
يادگيرو به ادم ڪبو ته ايندو. ادم نه ڇڏيو، مرد ٿيو، زالون نه ٿيو. رڱڻ چڙهي بيٺي آهي. زالن مان پيو ٿو مرد ڪري، ڍڳن مئون پيو ٿو ماڻهو ڪري، پر جن ادم ڪيو. نه سڀ زال زال آهي نه سڀ مرد مرد آهي. قدم قدم تي سعيو هجي جو آخر خدا سان ڪم پوڻو آهي. اڄ جي محنت سڀان تائين نه رکجي. چرخي کي ڏور تاريڪ پيا تئين وجهو.
دم کي ڪماليت وٺرايو. ٻيون ڳالهيون سکڻيون ته نه آهن. امتحان توهان جو تڏهن پڪو ٿيندو جڏهن پون ڪماليت وٺندو. جيڪي پون بنا رب جي ٿا وڃن اهي زواليت ۾ ٿا وڃن. حياتي ئي زواليت ۾ وڃي. موت ڇڏيو اٿوَ تڏهن ٿا پون وڃن بنا رب جي. دم سان پريت هوندي ته دم ڪماليت وٺندو. نئون دم نئون خيال. سندس دن عطا ٿيل سي به وڃن ٿا، تار سان رهو. بي تاري اولاد ئي چڱي ناهي. دم جي ڪاه هجي. پوءِ جي ماڻهو منزل رسيو ته لک ٿيو نه ته راه جو مرڻ به ڀلو آهي. فقط سعيو هجي، دم دم جو سعيو وقت بوقت اوهان کي ڪبو آهي. باقي ٻيا ائين نه ڪندا آهن. دم جي ڪاه هجي. ۽ سونهون نظر مان نه ڪڍجي. اها چڱائي ڪنهن جي آهي؟ نيٺ هدايت پنهنجن کي ڪبي آهي. نه وسري نه وساريو. سهڻي جي اڳيئون سهڻا لڳو. جيڪي مرشد چيو آهي ان تي ويساه ڪجي ته دم ڪماليت وٺي. اها خبر سڀ وحدت مان پوندي. جيئن آهسته آهسته وڌيڪ وهڪ ڪبي ۽ دم چڱيءَ طرح هلائبو. تيئن دم بدن ۾ وهندو ويندو.۽ هڏن مان به آواز نڪرندو. سو خيال سان پوتل رهجي.رمز پون سان گڏيل هجي. وسري ياد ڪجي.
پنڌ ڪندي پرينءَ ڏي جو مون کٽن ڏينهن،
هوند منهنجي نينهن اَپر لاوان لڌيون.
دم سان پريت رکجي. اها ٿوري ڳالهه ناهي جو وڃڻ جو وارو به آيو آهي. اڃا ريل ڪانٽي مٽ ڪري ٿي، ماڻهو ايترو به نٿو بيهي. دم سان پريت هجي. ۽ سونهون به نظر مان نه ڪڍجي. پريم به پنهنجي دم سان رکجي. ٻيو رهبر به نظر منجهان نه ڪڍڻ کپي. دم جي ڪاه ڪريو. دم خالي نه ڇڏيو، ۽ سونهون نظر مان نه ڪڍو. ماڻ خالي نه ڀرجن، ماڻ ٽٻيو اچي ٽٻيو وڃي. ماڻ دمن جو. فقير درويش انهي کي چئجي، رات جو جنهنجو پيٽ خالي هجي طعام کون، دم سڀيئي نام سان ٽٻيا اچن، ٽٻيا وڃن. نه خالي بنا رب جي.
اڪ دم هو وڻ نال الله دي، بهتر ڪنون بادشاهي،
ڪيا جو مَلِڪُ سليمان هويا، جنهندا لشڪر لک سپاهي،
ديوان پريان امر وچ رهندي، جيهي آهي تيهي ناهي،
تنهين ڪنون به اڳي ميان سچل سائين، وچ ڏيندا هي دم اوگاهي.
ڪهڻيءَ واري سان به گهڻو نه ڳالهائجي. رهڻي واري سان ڀلي ڪري ڳالهائجي . پر سر ڀلو آهي. پر صبر به خدا ڪارڻ ڪجي. متان دم اجايا وڃن. اجائي گهڻي ڳالهائڻ ۾ دم اجايو نه وڃي. سواءِ رب جي. اجائي اٿڻ وهڻ کان به ڪِري ڪجي. اجايو گهمڻ ڪو چڱو آهي ڇا! اجائي وک ئي چڱي ناهي. ائين اهو ڪم اهڙو آهي جو ٻنهي جهانن ۾ سهڻو ڪندو، انهي ڪم سان لڳل هوندا ته، توهانجي وڻي به مات ٿي. جيئن پوءِ تيئن دل تازي ٿيندي ويندي. ڪنن ڏهون به ٻوڙا ٿيو، آدم به تڏهن اهي جڏهن دم سان آهي. جي دم سان ناهي ته آدم ناهي، ڪا ٻي صورت آهي.
صبر سکجي. جيڪو خواب ڏسو ٿا وري ٻين کي ڏسيو ٿا. صابرين ماڻهوءَ جي دل ڳوڙهي رنگ جيان رچندي آهي. اهو نالو رب جيڪو پنهنجي اندر ۾ وهائيندو ، انهي کي قسمين قسمين خواب ٿيندا. عام سان ڳالهه نه کولبي آهي، جهليو پاڻ کي، توهان جي دل دانهن کان نٿي رهي. جيڪو خواب خيال جي ڳالهه ظاهر ٻين سان ڪندو، انهي کي ايمان جاڳندي ويرم نه ٿيندي.
ماٺ ڪر مَ ڪُڇ
صبر سکجي، رب ڪريم کي سڀ ستر معلوم آهي، توڙي ماڻهو کڻي هجي، صبر عجب آهي. هُت صبر به معلوم آهي، ستر چئبو آهي صبر کي. هيءُ حال احوال به سڀ معلوم آهي. هي اچڻ وڃڻ به سڀ معلوم آهي. ڪڇهريءَ ۾ ڪو ڳالهاءُ اهڙو آهي جو ڳالهه ڪندي ماڻهو ڪافر ٿي ٿو وڃي. وري ڪا اهڙي ڳالهه آهي جو ڳالهه ڪندي رب پيو راضي ٿيندو. اها به ڳالهه، هوءَ به ڳالهه.
جي ياد ڪر نه ته پوءِ ياد ڪندين
اڇو ٿيو آهين پر اندر اچوئي نه ڪرين،
اڳين عبادتن کان لِک نٿو لاهين،
انهيءَ ۾ دغا جا دانهين، ٿيندين لک لطيف چئي.
پوءِ ڇا ڪجي؟ چي ماٺ ڪجي.
ماٺ ڪر مَ چو ڪوجهو ڪهين مَ ڪَهه
منديون سنديون ڳالهڙيون تون سڀني جون سهه،
ته تنهنجو گپ مان گڏهه، پوري سوڌو ٻاهر ٿئي.
پر ايترو به ڪو سهي نه! بارگير آهي، اهو سهندو جيڪو بارگير ٿيندو. پر وهٽ ئي بارگير پيو وڻندو. بارگير ڀلو آهي. پوءِ ڪهڙي صلاح آهي؟ سبحان الله ، ويکيا درشن اتريا پاپ!
نٿو ڦري قول بادشاهن جو، بادشاهه اهو جنهن ” فاذڪروني اذڪرڪم” چيو. چي تون گهر مونکي ته مان گهران توکي. جيڪو دم سان رهي سو رب سان گڏ آهي. سالڪ کي ٻئي جهان ڏي نه هو هڪ دم جو منصب نه ڏيندو. جو هنجي دم دم ۾ رب سمايل آهي.
چون ٿا ته ٻه ملائڪ ڪلهن تي ويٺا آهن هڪ چڱا ڪم پيو لکي ٻيو برا ڪم. جڏهن ڪو دم سان ٿو رهي ته الله سائين چڱن ڪمن لکڻ واري ملائڪ کي حڪم ٿو ڪري ته اهي تون نه لک، اهي تنهنجي لکڻ کان گهڻو مٿي آهن اهي مان لکندس. تڏهن ٿو چئجي ته:
گهڙيءَ ۾ ته گهڻو ، نه ته به هڪ دم،
لهن ئي گوندر غم، محشر جا مراد چوي.
مون ته راڳ ڪونه ٻڌندو آهيان ٻچو مان ٻوڙو آهيان. ٻچو اجايا دم ٿا وڃائجن. ڄڻ خدائي خيال ختم ٿو ڪري تڏهن ٻئي پاسي ٿڳ ٻڌي، ٻئي سان ڳالهائي ٿو، ڄڻ پنهنجو خيال ٻئي کي ٿو ڏئي. هي جو ڳالهائجي ٿو، ڪو ماڻهو ٿو ڳالهائي ڇا؟ اهو خيال ٿو ڳالهائي، نه ٻئي کي خيال ڏجي:
ساهيون ساهيون ٻڌ، سور پتڻ وڏو سندرو،
ڪيچ اڳاهون پنڌ، متان ڇپر ۾ ڇڙي پوي
اهو سندرو ٻڌڻو آهي. رڳو چويٿو ته سندرو نه ٻڌ، پنڌ ته اڃا پري ٿيو.
قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته کائو پيئو ڀلي، زيان نه ڪريو. ملن جي معنيٰ آهي ته کائو ماني ۽ ميوا پيئو پاني ۽ خرچ اجايو نه ڪريو. انهن جي حقيقي معنيٰ آهي ته کائو خودي، پيئو شراب وحدت جو ۽ زيان نه ڪريو اجايا دم.
جنين ڪين ڏٺوسي ڪين ٿيا. ڪين ۾ موتي ٿيندا آهن. ڪين ۾ ايترا موتي ٿيندا آهن جو شاه سڪندر وٽ به نه هوا. سمنڊ به ڪين ۾ ٿو وهي جو بي انت آهي. ڪين هيڪڙائيءَ کي چئبو آهي. اهي دم جيڪي اچن ٿا تو منجهون ، اهي معرفت جا موتي آهن. نه وڃايو اجايا دم. اهي دم موتي معرفت جا نه وڃايو. قدر پوندو جڏهن سڀ دم ڏيئي ويٺو پوءِ، سڀڪو تعريف دم جي ڪندو ويو آهي. دم زنده هجي، دل ۾ دوست پچائجي، وحدت منجهه به دم ٿو نيئي وجهي.
نئون دم نئون خيال. خيال خدائيءَ کي ختم ڪري پوءِ ٿا وٺو ڪم کي. ڪم هاج ۾ خيال خدائيءَ ته پوءِ به ڇڏڻو نه آهي.بي ڪمون ماڻهو گهر ۾ به نٿو وڻي. درويش لوڪ ڳالهه الله سائينءَ جي ڪري، اوهين وري ڪريو پنهنجي بيماريءَ جي ڳالهه، اوهين رب وساري پيو ڳالهيون ٿا ياد ڪريو. دم دم ئي سعيو هجي جو ماڻهو هلڻ وارو آهي. گوهي گاگن واري ڇڏ متان پوءِ هٿ هڻين!
جي ماڻڪ موتيءَ جو پورهيو هٿ لڳي ته ٻيا پورهيا ڇڏي ڏجن. رات سمنڊ آهي، جنهن ۾ ونجهه ڪونه ٿو لڳي. موتين جو پورهيو به انهي سمنڊ۾ آهي. جيڪو ساهي منجهائيندو انهي وات ۾، اهو موتين جو پورهيو ڪندو، موتي معرفت جا. هيڏي سج لهي هوڏي اڀري انهي وچ ۾ هڪ دم به خالي نه وڃي.
مفتي منجه وهار ته لهيئي ڪاڻ قاضيءَ جي
پڇاڻو ئي لهي وڃي.
هيءَ گهنٽي جيڪا دم جي لڳي پيئي ٿي اها چڙهائي آهي. ٽيم ڀرجي ٿي وڃيس.
دو جڳه اپنا جوئي گنوائي، سوئي منصب پاوينگا
ٻنهي ۾ هن جو ڇا آهي؟ ٻڻهي جهانن ۾ هن جو ڪم رڳو رب سان آهي، ٻئي جهان ڀلي جيڪي گهرن انهن کي ڏئي. رڳو سندس راز کپي ، من سچائي!
جيڪو دم قدم ٿي نه ڄاڻي، نال تنهيندي ڪم ڪيها
تنهن سان ڪهڙو ڪم جيڪو پنهنجو دم ئي نٿو سڃاڻي، جن کي ساه کنئين سڌ نه پوي تن سان سور ويهي ڪهڙو سلجي، انهن جون وري ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن. اجايو ڳالهائڻ آهي، جن کي پنهنجي ساهه جي ئي خبر ناهي، جن کي پنهنجي دم جي خبر ڪانهي.
دم آهي پکي ننڍڙو ، نه پير، نه چهنب، نه پر، کائي موتي، دم سائو اهي روح به سائو آهي. انڪري ساول وڻي ٿي.