رب جو خوف
رب جي خوف کان بيخوفا نه رهو جو ڪامل ڪنبندا ويا آهن. بيخوفائيءَ ۾ رب وسري ويندو آهي. خدائي خوف رکجي جو اول آخر خدا سان ڪم پوڻو آهي. جنهن جو خوف رکجي وري اميد به انهي ۾ رکجي. جنهن مالڪ جو موڪليل بندو آهي، وري به انهي سرڪار جي روبرو ٿيڻو آهي. هر ڪوئي موڪليل بندو آهي، حياتيءَ جي خزاني سان.
اڄ ماڻهو گلا نيڪيءَ کان ڊڄن ٿا پر الله سائينءَ کان نٿا ڊڄن. خدا جو خوف وڏي عبادت آهي. بيپرواهي نه انهي مالڪ کي جڳائي. جيڪڏهن اوهين سندس طرف کان بيپرواهي ڪندا ته آسمان چٻو نه ٿيندو! پر سڀ ڪنهن کي آئي خبر پوندي الله سائينءَ به پنهنجا امر واقف سڀ ڪنهن کي ڪري ڇڏيا اهن. مرشد به چئي رهيا آهن، ڪامل به ڪنبندا ويا آهن، ته توهين الائي ڇو بيخوفا ٿيا آهيو! بيخوفا ئي هر گز چڱي ناهي.اوهان کي مالڪ جي بيپرواهيءَ جي خبر ڪانهي تڏهن بيخوفا ٿيا آهيو. خدا جو خوف رکو ۽ پنهنجو مدايون به سنڀاريو.
هو ته دوست ڪهائي دادلا ٿو محب مارائي،
خاص خليلن کي ٿو سختيون سهائي،
پوءِ ڀُلن ۾ آهي مومل جي منزل جي.
جنهن به شيءِ جو خوف هوندو آهي ته اها شيءِ وسرندي ناهي. ماڻهو جيڪڏهن بيخوفو ٿيندو آهي رب ڪريم جي طرف کان، ته پوءِ رب به وساريندو آهي، جنهن سرڪار هت موڪليو آهي حياتيءَ جي خزاني سان، سو وري به انهي مالڪ جي روبرو ٿيڻو آهي. اهي گاگن واريون گوهيون به پنهنجي مالڪ جي خوف کان ٿا ڪريو!
باه جي سيڪ مان سيءُ لهندو، سيءُ لهندو، سوڙ ۾ به سيءُ لهندو،پر سالڪ ،باه جي اوڏو،توڙي سوڙ ۾، ته به پيو ڏڪندو،خدا جي خوف جو سيانٽو بيٺو هوندس. خوف جو فڪر سو به سالڪن تي بيهي ٿو.سالڪ بيخبر ناهي ڪنهن به تات کون.بيخبر اهي آهن جن هتي اچي پنهنجو الله وساريو آهي. سالڪ سالڪ آهي، بيخبر انهي کي چئبو آهي جيڪو رب ڏانهن بيخبر آهي. سالڪن جو چوڻ آهي ته :
لُکان لک لڳن ته به پير نه ڇڏج پنهل جو.
جاهل به انهي کي چوندا آهن جو پاڻ پنهنجي طرف کان بيخبر آهي. جيڪو پاڻ کان بيخبر آهي. سو گمراهه آهي، جاهل ڪري چئجي جو پاڻ نه سڃاڻي. عقل به جيڪو وهيءَ ۾ هٿ آيو سو آيو نه ته پيريءَ ۾ اڳيون به وڃي ٿو. جيڪي عقل کي پهتا سي ائين گهگير نه ٿيا، جيئن اوهان ٿيا آهيو، ڇو جو بيخوفائيءَ ۾ رب وسري ٿو وڃي. بادشاهن کي خدا جو خوف پئجي ويودل سان لڳي آئي، تخت بخت سڀ وسري ويا، هڪ رب ياد اچي ويو. بادشاهن کي دل سان لڳي آئي، لنگ لڳي ويو، بادشاهيون ڇٽي ويئون. پيرن کي جڏهن ڳالهه دل سان لڳي آئي، تنبو طولان ڇٽي ويا، بنديون سيراندي ڪري سمهيا. ڇڏي ٻاراڻيون عادتون وڃي مرداني عادت سکو، ڇڏي زالاڻي وک، مرداني وک کڻو.
اول آخر خدا سان ڪم پوڻوآهي ، سوخالق مالڪ جي طرف کان بيخوفا نه ٿيو. ڪڏهن خبر نه پوندي جو سودو صرافن جو اچي ويندو. انسان کي انهي طرف کان رهايو به بيخوفائيءَ آهي. خدائي خوف ڪونهي. جنهن کي خدا جو خوف ڪونهي اهو ماڻهو ڇا چئبو؟جن کي خدا جو خوف ناهي انهن بيخوفن کان نبي به ڊڄن ٿا، اولياءَ به انهن کان ڊڄن ٿا. چون ٿا ته هڪڙو ڪتو اٺن پهرن۾ سوڪوهه ڪري ويو. ڪيئن ڪري ويو؟خوف پنڌ ڪرايس، موت جي خوف، هن کي به موت جو خوف پنڌ ڪرائيندو. خوف سان رهجي.
ڪنهن اوهان کي هيتري عزت آبرو ڏني آهي، تنهن خدا جو خوف اوهان کي ماڻهن کي نٿو پوي!وجود پيارو ڪريو، توڙي رب پيار ڪريو،بيخوفا هرگز نه رهو. نيٺ خدا سان ڪم پوڻو آهه، ننڍن ٻارن وانگر روند ۾ رهجيو يا آهيو،جنهن اوهان کي هت موڪليو آهي وري انهي مالڪ جي روبرو ٿيڻو آهي. حياتيءَ جو خزانو سرڪار اجايو وڃائڻ لاءِ ته ڪونه ڏنو آهي!سو سجايو ڪجي. انهي سرڪار جي بيپرواهيءَ جي خبر نه اٿو!
اوهان پنهنجي رب کان ڊڄو. ماڻهن کان ڪيترو ڊڄيو! هيءُ سارو جهان ڌاريءَ رب جي سان ٿو تڳي، جيڪو لطف فضل جو سائين آهي. ٻئي سندس نوڪر هارا (نوڪر آهن) جي فضل جو سائين آهي. جي فضل منجهي ته به وس وارو آهي. جي لطف منجهي ته به وس وارو آهي (لطف ،مهرباني، فضل آزادي سڀني غمن کون) رحم ۽ لطف پيا گهرو پنهنجي رب کون ، جنهن وٽ ڪمي ڪانهي ڪا، هوڏانهن گهٽ ڪانهي، گهٽ رڳي پاڻ ۾ آهي. ٻنهي رب جي رحم ڏانهن بي اميد نه ٿيو جنهن جا بندا آهيو. رب نالائق نواز آهي. پنهنجي رحم ڏهون الله سائينءَ ڪنهن کي بي اميد نه ڪيو آهي. اوهين به اميدوار ٿي رهو ۽ اميد رکوپنهنجي الله سائينءَ جي رحم ۾. نيت صاف ته مرادان حاصل، ڏسجي ته مان انهي الله جو بندو آهيان. جيڪو بخشيشن جو صاحب آهي. انهي جا ٿي، اهو در هڪ ڏسو. بي اميد پنهنجي رب ڏهون نه ٿجي. الله سائينءَ کان امن امان پيا گهرو. ماڻهن کان نه ڊڄو، الله سائينءَ کان ڊڄو. انهي سوڙهه سنگهوڙ ۾ هر ڪوئي پنهنجا وسيلا سنڀاريندو آهه. ڊڄو خدا جي خوف کان. اٺ مست پويون لڳو ٿو اچي، خبر نه اٿو نه ته هلڻ کان جيڪر ڊوڙڻ ڏانءِ اچيو.
پنهنجي رب کان گهرو. امان ڏيندڙ آهي. رب جي رحم ڏانهن بي اميد نه ٿجي. رب رحيم آهي، وڏا خزانا خير جا اٿس. رب ڪريم پنهنجي امن امان ۽ پڙهده پناه سان ڍڪي وٺندو آهي.
سرڪار اعليٰ بي پرواهه سرڪار آهي جتي چوڻ چائڻ جو ڪنهن کي اختيار ڪونهي. رب لاشريڪ جنهن جو شريڪ نڪوثاني. نه حجت جي جاءِ نه ڏوراپي جي جاءِ. باقي سندس لطف ۾ هر وقت اميدوار رهجي. ٿڌيءَ ڪوسيءَ رب نه وسارجي. سواءِ سندس رحم ۽ ڪرم جي ٻيو چارو ڪونهي. الله سائينءَ جو فرمان آهي ته منهنجي رحمت مان اميد نه لاهيو. رب ٿو چوي ته جيڪو مونکان ڊڄي ٿو سو قبر قيامت جي تڪليف کان نه ڊڄي. اوهان کي الله سائين پنهنجو ڪري. جيڪي الله کي پنهنجو ڪري سمجهن ٿا، الله سائين به انهن کي پنهنجو ڪيو آهي.رب بيپرواهه آهي جنهن کان ڪامل ڪنبندا ويا آهن. خوف رڳو اڳ جو پيل اٿن ته الله شل پنهنجو ڪري.
رب بيپرواهه آهي ۽ بيپرواهيءَ تي بيٺو آهي۽ ڪيل اعمالن جي شامت آهي. رب بيڏوهو آهي. جڏهن مالڪ راضي ٿيو ته دير ڪانهي. اهو پنهنجو رحم مخلوق تي فرمائيندو. اڄ رڳو اسان بندن ۾ بيخوفي آهي. خدا جي خوف اصل ڪونهي، تڏهن مالڪ الملڪ بيپرواهيءَ تي بيٺو آهي. جڏهن راب راضي ٿيندو تڏهن ملڪ ٺهندو. اڄ ماڻهو بلڪل ٿورو آهي ۽ حيواني گهڻي آهي. بيخوفي خلق تنهن ۾ خدا جو خوف ئي ڪونهي. منزل جي خبر ئي ڪانهي.
خدا سڀ گناهه بخشي ٿو جو بخشيش جو صاحب آهي، باقي هڪ بيگناهه خون نٿو بخشي. بخشيش به گنهگارن تي ٿيندي آهي. ديوان حافظ ٿو چوي ته ڪرامت جا حقدار به گنهگار آهن.، سخيءَ جي ڪرامت به گنهگارن تي ٿيندي آهي.الله سائين راضي ٿي وري انهن کي بهشت ۾ وجهندو آهي. سواءِ گناهن جي سخيءَ وٽ ويندو ته گنهگار ٿي پوندو ته ڇو آيو آهين سواءِ ڪم جي! رب ٿو فرمائي ته مون توکي پنهنجو محتاج ڪري موڪليو آهي، تون وڃين منهنجي محتاجن جو محتاج ٿيو آهين!.
گرفتم دامن از تو شاه مردان،
مرا محتاجه نامردان مگردان .
(اي مردن جا سردار تنهنجي دامن جهلي اٿم مونکي ڪنهن نامرد جو محتاج نه ڪج)
روزا، نمازون ۽ عبادتون اهي سڀ عاجزيءَ جون نشانيون آهن. سڀ کان پياري شي ساه آهي، سو وڃي ٿو پيو، انجي ڳڻ ڪريو. سڀ کان ويجهي قيامت آهي سا به آئي بيٺي آهي.
رب جو قدر پوندو پر اهو ڏينهن ويجهو پوندو ٿو اچي. بيخوفي ڇڏي ڏيو، رب ياد ڪريو.
مَين ماريا ڪاپڙي مَين نه ماريائون،
چاريءَ جو چيو ڪري وڳ نه واريائون،
تنهان پوءِ ساريائون جڏهن هاڃين جو هل پيو.
پوءِ وڃي سنڀاريائون . پچر ئي ڪانهي. بيخوفي خلق پوءِ انهن کي ڇا ڪبو!
هڪڙي ڪامل جو قول آهي ته باه جي اُلن جي برسات پوندي. پوندي ضرور پر خبر ڪانهي ته ڪڏهن. پوءِ وري ڏکڻ کان ڪڪر ايندو اهو اچي برسات وسائي اها باهه وسائيندو.قدرت آهي! مڇيءَ جي برسات به ڪجهه سال ٿيا ته پيئي، مون به اها مڇي کاڌي. پر مڇيءَ جي برسات کانپوءِ ڏيڏرن جي برسات پئي. چوڻ وارا چوندا هئا ته هڪ ڀيري جوئر جي برسات به پيئي.
الله سائين شل ماڻهو ڪري ماري. ماڻهپي جا ڪهڙا به وقف آهن؟ ذڪر ۽ فڪر، حياءُ ۽ خدا جو خوف . اول حياءُ پوءِ يقين. حياءُ آهي پاڙ، يقين ميوو. الله سائين جنهن کي ماڻهو ٿو ڪري، انهي جي اٿڻي ويهڻي بندگي آهي. برهمڻ به بندگيءَ سان آهه. بندگيءَ کانسواءِ برهمڻ ناهي. بندو سهڻو به بندگيءَ سان آهي.