تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

دل

دل

مالڪ جي طرف ڏي دل کي تازو رکجي. جهڙي تهڙي حال سان به دل ٻڌل پنهنجي رب سان هجي. اها دل پوءِ الله سائين سهڻي ٿو ڪري. دل سهڻي رکو پنهنجي رب ڏانهن . دليئون قبول ڪريو پنهنجو رب. جيڪي چڱيون دليون آهن انهن رب ڪريم قبول ڪيو. سهڻي جي صحبت ۾ پئي ڪيتريون دليون سهڻيون ٿيو وڃن. جي دل سهڻي جي يادگيري ۾ رهندي ته اها دل پيئي سهڻي ٿيندي. سهڻي کي وڻن ٿيون سهڻيون دليون. سهڻيءَ دل سان مرجي ته چڱو آهي. دل جاڳائجي، خدا جو خوف ڏيکارجيس. جو رب جي سرڪارڏاڍي آهي.
ڪا ڪا دل سهڻي ٿي ٿئي. جا دل رب قبول ٿي ڪري سا سهڻي آهي. نالي رب جي سان سڀ سونهي ٿو، سهڻيون دليون ڪئين دليون سهڻيون ٿيون ڪن.سهڻي شڪلوڻي زماني جي ماڻهن کي، دل سهڻي وري وڻي رب کي. نالو رب جو دل سهڻي ٿو رکي. ميران ٻائيءَ جي دل سهڻي به نالي رب جي ڪئي هئي.
دل کي جيئرو سندس يادگيرو رکندو آهي، جنهن دل ۾ الله آهي ته اها دل تازي آهي. اوهين ساڀيان پنهنجي دل الله سان ٻڌو. جا دل الله سان ٻڌل آهي، انهيءَ کي ٻيو ڪير ٻڌي! دل به چور جي پنهنجي رب جي طرف، باقي هن زماني ۾ ماڻهو ڪيترا هٿ هڻندو! هتي ڪجهه به نه آهي. جيڪي آهه سو اڳتي آهي. ٿڌيءَ ڪوسيءَ دل شروع ٿي بيٺي هجي پنهنجي رب ڏهون. ڪا ڪا دل به بجليءَ وانگر ٿي آهي. جيئن بجليءَ ۾ ڇڪ ٿي ٿئي تيئن دل جيڪا وڌيڪ ڇڪ يا ڪشش ٿي ڪري اها به بجليءَ وانگر آهي۽ ڇڪ ٿي ڪري.
دل تي نظر آهي محبوب جي.
هٿ ڪار ڏي، دل يار ڏي.
دل کي هاڻي وڃڻ جو ٻارڻ ٻارجي ته جوش جاڳن دل درياه آهي،ڀل ته دل تي ڇو ٿو بيهي. چولو عشق جو، يعني ته جڏهن زمانو وسري ۽ هن پاسي ميل پئجي وڃي. پنهنجي جدائي سنڀارجي جو ضرور اٿڻوآهي اِڌاهين.
ڪيترا ڏينهن هٿ چوريا! دل به چوريو، جڏهن دل سان جنهن کي لڳي آئي ته هٿ وارو انهي کان پاڻيهي ڍرو ٿي ويندو. هيءُ هڪ وڏو سفر آهي، ماڻهو اچي منزل کي ويجهو ٿيو آهي، ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. هيئنر “ ونحن اقرب” ويجهو آهي.
گهڻو ئي هٿ پيرکي وهايواٿو، هاڻي دل کي وهايوَ. جا دل شروع ٿيل آهي پنهنجي رب ڏهون، اها دل ڄڻڪ پنڌ ۾ آهي. هو سوَ مڻڪا سمرنيءَ جا ڦيرين تون هڪ مڻڪو دل جو ڦير نه اتي آرسي سڏبين.
آرسي جن ڪيو، اٺ نه ٻيلي تن جا،
پٿر پير ڊگها ڪري جڏهن ستيون جي،
تڏهن تنيين کسي، ساٿ ستيئي ڇڏيو.
جيسين ڳالهه دل سان نه لڳندي، تيسين هٿ واري نه وسرندي. جنهن کي لڳل ناهي ته لائي ڏسي. ڄڻ ڳالهه دل سان لائجي. پر سو به لڳل هونديس ته هي هي به هونديس. سڄو ڪيس مٿي تي آهيس اها خبر ئي ڪانهيس!
اي هينئان ننڌڪ، تون سڄڻ ساريو نه مرين!
جڏهن دل سان لڳي ائي ته پوءِ هٿ واري پاڻيهي وسرندي. جنهن کي لڳل ناهي ته لائي ڏسي. ڄڻ ڳالهه دل سان لائجي. پر سو به لڳل هونديس ته هي هي به هونديس. سڄو ڪيس مٿي تي آهيس، اها خبر ئي ڪانهيس!
اي هينئان ننڌڪ ، تون سڄڻ ساريو نه مرين!
جڏهن دل سان لڳي آئي ته پوءِ هٿ واري پاڻيهي وسرندي. پوءِ
سي ڪيئن اُجهامن من جنجا سنڀاليندڙ سپرين!
هي وڳ به ڪنهن جو ته آهي!
بادشاهن کي جڏهن دل سان لڳي آئي ته بادشاهيون ڇٽي ويون. پيرن مان جن کي دل سان لڳي آئي، تنبو طولان ڇڏي بنڊيون سيرانديءَ ڪري رب قبول ڪيائون.،
جنهن وقت دل سان لڳي آئي، ته پوءِ اها دل هڪ غنچ آهي رب گهرڻ جو. مالهي پڪو اهو آهي جو گلن تي بيٺو آهي باغ ۾.کليل خوشبوءَ واري گل تي ڀنور ايندا آهن. مالهيءَ جو ڪم آهي گل سنڀارڻ. گل دل کي چوندا آهن، ڀونر اک کي چوندا آهن. ڀلي دل جي مکڙي کلي ته پوءِ پاس ٿيندين. هر ڪوئي پاس ٿو ٿئي، توهين سبق پڪو ڪريو ته پاس ٿيو. دوست دل مون نه ڪڍجي، دل ۾ پچائجي.
وڃن ٿيون وجود ۾، لونءَ لونءَ ۾ سي لارون،
هادي فقير، ڪج ڪو درد جو دارون.
ظاهر باطن به الله انهن سان راضي آهي جيڪي دليون محبت رب ڪريم جي ۾ رهن ٿيون. محبت مالڪ جيءَ ۾ دليون سهڻيون ٿين ٿيون، ظاهر باطن، منهن سهڻي کان دل سهڻي چڱي آهي. سهڻي سائينءَ جي محبت ۾ دليون سهڻيون ٿينديون آهن. زماني وارن سان به گهڻو نه ڳالهائجي جو گهڻي ڳالهائڻ ۾ دم اجايا ٿا وڃائجن. دل ڀلي رب پنهنجي سان ڳالهائي، محبوب ٿو محلات ۾ ڳالهائي. سر قربان ڪر نه ته نشان ڪر ته چئينئي.
سيکارڻ جي ڳالهه ناهي. ڪجهه سمجهڻو آهي.
سڪ به لڪ به، پوءِءَ به لڪ لڪوٽيءَ لڪ،
ته تڏهن پسڻ ٿئي پرينءَ جو.
جنهن دل ۾ الله جو نالو اچي پيو ته اهو ڪيترائي نالا وساري ڇڏيندو.هڪڙي درويش وٽ هڪ دنيا ماڻهو پنهنجو پٽ ننڍي هوندي ئي ڇڏي ويو. ڇوڪرو اتي ڪم ڪار ڪندو هو. روز صبوح جو فقير کانئس پڇندو هو ت ابا تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڇوڪرو به هر روز پنهنجو نالو ٻڌائيندو هو.ائين ڪندي ڇوڪر اچي جوان ٿيو ۽ مٿون اڇي ڏاڙهي مچ لٿيس. فقير اڃا به ڇوڪر کان نالو پڇندو اچي. هڪ ڏينهن ڇوڪر فقير کي چيو ته قبلا ورهيه ٿي ويا آهن روز پيا نالو پڇو، منهنجو نالو اوهان کان وسري ٿو وڃي ڪيئن؟فقير چيو ته ابا اسان هڪ نالو ياد ڪيو آهي ۽ اهو اندر ۾ اهڙو ته وُڙهي ويو آهي جو ٻيا نالا سڀ وساري ڇڏيا اٿس. من ۾ چڱو نالو اچي پوي ته رب جي مٽ نه. خيال رب سان ٻڌل هجي. هن ڪ۾ ئي خيال جو آهي.نالي رب جي کي ختم ڪري ٻين ڳالهين سان لڳڻ، اهو جاهلن جو ڪم آهي، جاهل انهيءَ کي چئجي جيڪو پاڻ ڏانهن بيخبر آهي. اهو علم ئي اهڙو آهي.