تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

موت

موت

موت ياد ڪريو جو وڏي عبادت آهي. اهو مهمان اچڻو آهي، اهو ٽڪيٽ موت جو هر ڪوئي ڀريندو. موت نه وساريو.
ڪريو يادگيرو موت جو، اها وڏي عبادت آهي،
جنين موت وساريو ، واء تنين لاءِ واء
يادگيرو به ادم ڪبو ته ايندو. آخر خدا سان ڪم پوڻو آهي. ماڻهو موت جي طرفان ڪنوارو آهي. آخر اها به شادي ٿيڻي آهي. ٻيون مرادون سڀ پڄي آيون ۽ سوڻ به سڀ ٿيا. هاڻي موت سان شادي ٿيڻي آهي. هاڻي اٿي پنڌ ڪري. رڳي هاڻي پنهنجي فاتح رهيل آهي. هاڻي جنهن جي فاتح رهيل آهي تنهن کي جيئرو ڪيئن چئبو! موت دن بدن ويجهو ايندڙ آهي.
هيڪلائيءَ وارو ڏينهن ويجهو پوندو ٿووڃي. عاشق دانهون ڪندا ويا. باقي هاڻي اهو وڃي هڪڙوڏينهن رهيو آهي جو منزل هلي ماڻبي.
هاڻي وڃڻ جو وارو به اچي ويو آهي.هن جهان مان به اڪيلو هلڻو آهي.اهو ڏينهن ويجهو ٿيندو ٿو اچي پيو. هت آيو رهبر ساڻ ڪرڻ آهي. آيو رهيئي ڪونه ٿو پيو. اچڻ ۾ اچي ويو آهي، هاڻي وڃڻ ياد ڪريو. هيڪل آيو آهي، هيڪل وڃڻوآهي. سڄو سنسار هلندو ٿو وڃي.سڀ ڪنهن کي پنهنجا اعمال مٿي تي آهن.خدا جو خوف وڏي عبادت آهي. هاڻي ته ٽائيم به ڀرجي آيو آهي. هڪ ٽڪيٽ محڪم ڪريو، جو موت جو ٽڪيٽ به هٿ ۾ اٿس. جو اهو ماري پنهنجي ملڪ ۾ اٿس. موت آيو بيٺو آهي، اوهين پيا ٿا پهه پڇو!
نه ڄاڻان ڪيهي اڳيئون ڪندا پر پنوهار سين.
حياتي به الائي باقي ڇا آهي. موت ياد ڪريو ته رب ياد اچيوَ. هيءَگرم بازار آهي، هر ڪوئي هليو ٿو وڃي، سوپنهنجو وڃڻ به ياد ڪجي. نيٺ هيءُ وڃڻ وارو آهي. اها مهل به تيتر آهي. جيتر هيءَ حياتي آهي. ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. جيڪو پنهنجو موت وساري ٿو ته انهي کان بيخوفائيءَ ۾ رب حياتيءَ جو ٽائيم به ڀريو ٿو وڃي. موت گهري نه وٺي، رب گهري وٺجي.
جيئڻ ٿورو آهي، پنڌ گهڻو آهي. پنهنجي وڃڻ کان ماڻهو بيخبر ٿي پيو آهي، خبر به نه پوندي جو اوچتو سودو صرافن جو اچي ويندو. خير سان جيئن مول هلي سلامت پهچي. اڳيئون جيئن ماڻهو وڻي اچي. نيٺ پنهنجي گهر هلڻو آهي. بيڪمو ماڻهو هتي به پنهنجي ماتا پتا کي نٿو وڻي، سو اڳيئون شل پنهنجي گهر وڻي اچي. هيءُ وڏو سفر آهي. هيءُ ميلو جيئرن جو آهي. آخر اهو به گُل ٿيڻو آهي. جيئن پوءِ تيئن ماڻهو منزل کي ويجهو پوندو ٿو اچي.
موت ڇڏيو اٿو وساري، انهن ڳپلن تي ريجهي ويهي رهيا آهيو، الله ۽ موت ڏانهن بيخوفا ٿي پيا آهيو. بيخوفي ماڻهوءَ سان صحبت ئي نه ڪجي، پنهنجي رب ڏانهن ڪو اعتراض نٿو لهي، اوهين اعتراضي آهيو، رب قبول ڪريو. موت نه وساريو جو سڀ ڪنهن تي آيو بيٺو آهي. موت جو خوف هجي، جي هوندو ته ڊڪندو. هڪ ڪتو ملتان مان سوَ ڪوهه اَٺن پهرن ۾ ڊڪندو آيو، ڪنهن ڊڪايس؟ خوف. انسان کي به موت جو خوف هجي ته ڊڪي. فهمايش مان دل ورندي آهي. ماڻهوءَ جي، اسان ماڻهو حيواني آهيون جو فڪر ناهي موت جو.
سدائين نه هوندا ساهه سان اهي ميلائي جا مينهن.
سدائين به هيئن هجيوَ ڇا؟ ڪو سدائين انهن آڪهين ۾ ويهبو ڇا! ٻچو ماڻهو وڃڻ وارو آهي. اهو ويهي پنهنجو خيال ٻين کي ڏئي،اهو چڱو آهي ڇا! هر ڪوئي خيال سان وهي. خيال خدائيءَ کي ختم ڪري پوءِ ٿو ماڻهو ڳالهائي. ڳالهائجي ڀلي پر جيترو جڳائي. سڄو وقت ڳالهائڻ ۾ ڇا آهي! اها ڪهڙي ڀونڪ آهي سواءِ رب جي. جنهن جو دم ٽٻيل آهي نالي رب جي سان، اهو هڪڙوئي پاڻ ڏانهن خيال سان رهي. ماڻهو ڏسي ته اهو فهوو (بي انت) پنڌ آهي. خلق خدا سان ڏسي ويهي رهيا آهيو. پاڻ ۾ وهو ته ويهي خدائي ڳالهيون ڪريو.
جوانيءَ جي خُنود ۾ موت وسري ٿو وڃي. ليڪن جي عادت آهي جوانيءَ ۾ سنڀالي هلڻ، موت جي هڪل ائين آهي جيئن ٻيلي ۾ شينهن گجي. هينئر وڃڻ جو وارو به آيو، هڪ تنهنجو ٻيو منهنجو.
تم چلو هم آوت هين، اب ڪيا ڪرون ڪڇ بات،
تماري چٺي واچ گئي هماري هي هاٿ
ويهي ڪين وڃاءِ، توکي وري به هلڻو پوندوهوت ڏي.
هينئر سمجهه رکو؛
سمجهه ويکين اڪ سمجهڻ نقطا، سالڪ سمجهي سوءِ
الله سائين شل انسان ڪري ماري، حيوان ڪري شل نه ماري. اڄ انسانيت ٿوري آهي، حيوانيت گهڻي آهي جو آخرين وقت آهي حجت جي جاءِ ڪانهي.
موت اچي سڄي حياتيءَ جي بادشاهي ٿو وٺي. ٻه بادشاهه هڪڙيءَ بادشاهيءَ ۾ نه سامائبا آهن. جڏهن اها بادشاهي حياتيءَ جي ورتائين ته پوءِ وري ملڪ ئي ٻيو ڏيکاري ڇڏيندس.
بدن ملڪ آهي، ان ۾ هزار ڪوٺيون آهن. ساهه لڪي ٿو، پر جنهن به ڪوٺيءَ ۾ لڪي ٿو ته اتي اڳيئي عزازيل بيٺو آهي.
هڪ اولياءَ فرمايو آهي:
ڪريو يادگيرو موت جو وڏي عبادت آهي،
جنين موت وساريو،واءِ تنين لاءِ واءِ.
نون جي گهنٽي پيئي ٿي لڳي بنگلي سرڪار جي ۾. ٻئي اولياءَ وري چيو آهي ته رب فرمائي ٿو ته جي مونکان ڊڄين ٿو ته پوءِ ڪنهن کان نه ڊڄ. موت جو ڊپ چڱو آهي جو بي ڊپوئي کان رب وسري ويندو آهي.، ڪجهه موت ۽ مسڻ جو سمر به کڻو.
سمر کڻو ساٿيو، جو اڳيئون ان نه پاڻي.
ساٿ سنگت لڏي ويا، هاڻي وڃڻ جو وارو پنهنجو اچي ويو آهي. مٿئون ٽيم اچي ڀري آهي، تون وتين زماني جا ڌنڌا ڳوليندو! تون ڳول انهي کي جنهن کي ڳولڻ آيو آهين. اول ڳوليندڙ کي ڳول جنهن کي وڃائي ڇڏيو اٿئي. نه اها تنهنجي ذات، نه اهو تنهنجو نالو، نه انهي شهر جو ويٺل آهين، پهرين سڃاڻج پاڻ، ٻي سڀڪا صورت پوءِ.
جڏهن ذات پنهنجي ماڻهو وڃائي ويٺو ته اهو مطلب کي ڪيئن پهچي سگهندو! وڃي ساڳي صورت ٿيءُ. وٺ اصل کي، ڇڏ نقل کي. اهي گاگن واريون گوهيون ڇڏي ڏي.
هي جهان گذر جو آهي. جن لاءِ هي جهان رب ڪريم پيدا ڪيو آهي اهي به هن فاني جهان مان هليا ويا. حضرت سليمان عليه السلام نبي هو. ڪنهن به طرف هلندو هو ته پکي مٿان پرن جي ڇانو ڪري هلندا هئس. تڏهن به هن فاني جهان مان هليو ويو،سو ايترو رودن ڇو ڪجي؟ اها رب رضا جي گهر ٿئي ٿي. ڪجهه پوين جو خير گهرجي. رب بيپرواهه آهي، متان ڪا سينو ساهي. سڀاڻي پنهنجي مٿي تي به بيٺي ته پوءِ سڀ ڪجهه وسري ويندو. هي جهان سورن جو آهي. ڪهڙو زور پنهنجي رب سان لائبو! توهين پنهنجو موت ياد ڪريو. رب لاشريڪ آهي، ته جنهن جو شريڪ نه ثاني!نيٺ خدا سان ڪم پوڻو آهي. هر ڪنهن وٽان وڃن پيا ٿا هڪ تو وٽان ته نه ويا آهن! شاه سڪندر روءِ زمين جو بادشاهه هو تڏهن به هليو ويو. هي سارو جهان هليو پيو وڃي. ڪجهه وڃڻ پنهنجو به سنڀارجي. پنهنجا سور روئجن، ڪيتري نصيحت هدايت توهان کي ٿئي ٿي.!
تو منجهه چنچور چور ٿيا،تون پاهڻ ڪين لوهه.
سو اهڙي دل سخت پنهنجي رب ڏهون نه رکجي. هي سارو جهان اولاد سميت اکين جو ڍو آهي. مرد ٿيءُ.
ساهيون ساهيون ٻڌ، سور يتڻ وڏو سندرو.
ڇو جو هيءُ جهان سورن جو آهي. رضا تي هر ڪوئي راضي رهيو آهي. هتي جو روئڻ وري ويلن لاءِ چڱو ناهي. هو ته وڃي باغن بهارين ۾ ٿيا. پنهنجو رب نه وساريو. دل پنهنجي رب ڏي رجوع ڪريو. توهين پنهنجي دردن جي ڪريو جو نه پڄي سگهندو. رهندو وڃي نالو الله جو. نفس اچي راهه جهلي آهي. توهان کي خبر ئي ڪانه ٿي پوي. پاڻ سنڀاليو، جڏهن اوهين مون وٽ آهيو ۽ مون اوهان وٽ آهيان. اهو قدر اوهان کي پوندو. اها مهل ويجهي پوندي ٿي وڃي.
ياد ڪرين مرشد والي ڳالهين اڳين.
بيدردا نه ٿيو جو موت آيو بيٺو آهي. پنهنجي دائي ياد ڪريو ته جوش بيهن.
جاڳايا جوشن، دل ۾ دود پرين جا.
واندي گهر نه ويٺي، ڪر ڪا ڪار ڪتڻ جي.
جنهن شي سان جنهن جي مرڻ وقت خاطر هونديس. ته اهو نمونو ٿي مرندو.جانور سان حاضر هونديس ته جانور ٿي مرندو. زماني جو انهي وقت هڪ اکر به ياد بيهي ڪونه سگهندو. وري به علم حق واري جو سبق ياد بيهندو. اهو پڪو اهڙوڪجي جو سر هليو وڃي سبق نه وسري. خاطر ۽ پريت رب سان رکجي، پنهنجي دم سان رکجي. لڏپلاڻ لڳي پيئي آهي. اڇا آيا ته موت جا سلام آيا.
ساٿ سنگت چل گيا، آيا همارا وارا ري
انسان جي مٿان جوابداري گهڻي آهي. لکپڙهه اچي ويئي آهي ته مرڻ کان اڳي مري اچ. پوءِ جيڪي آبروءِ واراهئا سي پنڌ پيا. مرڻ کان اڳي اهو مرندو جيڪو مرڻ کان اڳي مرندو. موت جو يادگيرو ڪبو تڏهن مرڻ کان اڳي مري ويو. جنهن کان موت وسريل هوندو اهو مري مرندو، هينئر وڃڻ جو وارو به اچي ويو آهي. هي رهندن تي آهي.
هوندن اتي هُون، لاڳاپا لطيف چوي.
ساري جهان ۾ مڙس ۽ زال به ڪڏهن گڏ نه هوندا. تنهن ۾ جي مرڻو اٿيئي ته اڄ مر، نه ته سڀان سڀڪا مرندي.
صادق مارج موت کي جو وري نه ايندءِ وارو.
مرڻ کان اڳي ڪيئن مرجي؟ مرشد ۾ فنا کائي وڃجي ۽ ڪافر ٿي پئجي. مرشد ۾ فنا کائي، ان کي ڪافر چئبو آهي.
مردان دا ڪم مردان.
يعني ته مرڻ کان اڳي مري اچ. مرڻ کان اڳي اهي مرندا جنهين کي موت ياد هوندو. پهريون مرڻ سجايو آهي، پويون مرڻ اجايو آهي. پهريون مرڻ ڪا ڳالهه ڪرڻ جي آهي ڇا!
سر جو صرفو نه ڪر. صرفي ڪئي سوڀ ٿئي ٿي. سر قربان ڪر، نه ته نشان ڪر ته چُٽين ئي.
سر ته ويو ڪائي ڪاڻ ۾ هو ڪي ٻيو ٿا گهرن.
محويت پاڻ ۾ وٺجي. هينئر مند پنهنجي سنڀالجي. ٽيم اچي ڀري آهي.
ٻج گنگي پٺيان ٻانڀ ٿي اچيئي.
( گنگي : ماڻهو، ٻانڀ: موت)
صفات وارو چولو ڏيئي ذات وارو چولو وٺجي. پر انهي ڪپڙي جو خريدار ٿورو آهي. ڪپڙو ته دڪان تي کوڙ آهي.کنڊل چوندي هئي ته قبلا مونکي ڏاڙهي لٿل آهي، ڪڏهن گيڙو به ٻڌندي آهيان، يعني ته فنا کاڌائين، صفاتي چولو ڏيئي ذاتي چولو ورتائين.
جيڪي مرڻ کان اڳي مئا ته هو مري چڪا. پوءِ جيئن ڀاڳيو ماڻهو هجي، هتئون وانڊ پئي وري هن پاسي وجهي جتي گهڻو ويءُ هجي. هنن جو هلڻ ئي ائين آهي. اولياوَ جيڪي مرڻ کان اڳي مئا انهن تي وري ڪو ٻيهر موت ايندو ڇا! هڪڙن سان موت صلح ٿو ڪري.
يڪجاءِ ٿي ويهي رهڻ اهو به مرڻ کان اڳي مرڻ آهي. هڪ هنڌ وهندو ته سڀيئي اچي سلامي ٿينديس. جي گهمندو وتندو ته ڪتا پٺيئون لڳا گهمندس.
جز ۾ پڃرا ٻه آهن پر پکي هڪ آهي. هوڏانهن پکي ٻه آهن پر پڃرو هڪ آهي. پڃري جي قيد مان نڪرو.