تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

حياتي

حياتي

حياتيءَ جي هڪ بادشاهي الله سائينءَ ڏني آهي انسان کي. سا ساري بادشاهي ٿي وٺجيس. ۽ بادشاهه هڪڙيءَ بادشاهيءَ ۾ نه سمائبا آهن،جڏهن اها بادشاهي حياتي جي ورتائينس ته پوءِ وري ملڪ ٿي پيو ڏيکاري ڇڏيندس. حياتيءَ جو ٽائيم اچي نزديڪ ٿيو آهي. هيءَ حياتيءَ جي مهل عجب آهي. جيڪي ڪجهه ڪري هلڻو آهي سو هتان ڪري هلڻو آهي. پر ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو.
وهاڻي ويندياءِ پوءِ گهڻا هڻڻدين هٿڙا.
عمر سڳوري آهي. ساري عمر ماڻهو پنهنجي هٿان پيو ٿو وڃائي. عمر جي ڌڪ کان به الله سائينءَ رکي وٺي. پنهنجي عمر سڳوري جو خير گهرجي. ساري عمر به شل افراد ڪنهن جي ته وڃي. هيءَ بازار به تيتر کليل آهي جيتر اک کليل آهي. اک بند ته بازاربه بند، هن کليل بازار مان ڪجهه ڪريو.
حياتيءَ جي عجب بادشاهي آهي. سڄي حياتيءَ جي بادشاهي برباد نه ڪجي. هيءَ حياتيءَ جي هڪ ساعتڙي آهي. ساعتڙيءَ ڪري سڄي عمر جي ڌڪ کان به الله سائين بچائي وٺي. باقي عمر ۾ رهيو ڇا آهي! ماڻهو آيو بيٺو آهي. اها ساعتڙي به وهامندي ٿي وڃي. همٿ به انهي ساعتڙيءَ ۾ رکجي.، ٿوري جيئڻ لاءِ پنهنجي عمر اجائي نه وڃائجي. هيءُ جهان هيري لعل جو هان آهي. اوهان کي جيڪا چال سڌارڻي آهي سا هت سڌاريو جو اڳيان حاڪم بيپرواهه آهن. حياتيءَ جي بدليءَ ۾ دير ڪانهي. ٽائيم ڀريو ٿو وڃي، تڪڙ ڪريو انهي طرف جي، جنهن طرف ضرور وڃڻو آهي.
هيءَ والد عمر ساري آهي چلپل جو چٽڪو.
حياتيءَ جي هڪ مهل آهي. وري اهڙي مهل هٿ اچڻي ڪانهي. سو ڪجهه ڪري وٺجي. هاڻي انهي رب جي پنڌ ۾ اندر سوايو ڪجي.
هيءَ عمر ته هڪ ساعتڙي آهي، هميشه رهڻ وارو جهان سچو اڳتي آهي. هتان ٺهي هلو ته اڳيئون انهن کي خطرو ڪونهي. هن فنا ۾ٿوري جيئڻ جي ڪري عمر سڳوري برباد نه وڃائجي. ۽ عمر سڳوري آباد ڪجي. سڀ شي آباد ڀلي آهي. هيءَ عمر هڪ خواب جي نشاني آهي. وهامندي ٿي وڃي. ياد به وسامندي وسامندي وسامي ويندي آهي. ڦوڪيندو ته ٽانڊڙيءَ مان ڍانڍ ٻري پوندس.
ڪجهه پنهنجي عمر سڳوريءَ جو خير گهرو جو اها درگذر ۾ آهي. هيءَ عمر هڪ ساعت آهي. ٿوري جيئڻ لاءِ رب ڪريم نه وساريو جو اهڙو حياتيءَ جهڙو وقت وري نه ڏسبو. هتئون ٺهي جڙي جيڪو هلندو انهي کي وسوئي ڪونهي. يادگيري جووقت به اهو آهي سو وڃي ٿو وهامندو. سعيو ڪريو ته جو وڃي ٿي وهامندي. اهڙي حياتيءَ جهڙي مهل وري هت نه ايندي. انهي ٿوري جيئڻ مان سالڪ سمجهندا آهن.درڪار هڪ رب جي رکو.رب ڪريم جي راز کانسواءِ عمر اجائي ٿي وڃي. هينئر پرين ساهه پساهه سان گڏيل آهي. رب ڪريم نه وساريو.
اجائي شل ڪنهن جي ڪڪڙ به نه وڃي. سو هيءَ ته عمر سڳوري آهي!حياتيءَ ڏانهن وقت گذرندا پيا وڃن. ڪهڙوڀروسو آهي حياتيءَ جو، ڪهڙو ڀروسو آهي هن سنسار جو! ڀروسو آهي ذات جو رکجي. ڪامل ڪنبندا ويا.
جيڪي آهه اڄ، صبح ناهه صديق چوي،
واڄي جيئن وڄ، مٿو مڙسي ڪري.
سدائين نه هوندا ساه سين، اهي ميلائي جا مينهن،
هن وڻ هتي جا، آهن ڏسڻ به ٽي ڏينهن.
عمر عزيز اجائي ٿي وڃي، ان جو به خيال ڪريو. ڪنهن به انسان جي شل گڏهه اجائي نه وڃي.سو هيءَ ته عمر سڳوري آهي.جيڪا شي نقصان ۾ وڃي ٿي انهي جو انتظار ڪريو.. سڄي حياتيءَ جي بادشاهي برباد نه ڪجي. ٻاراڻي راند ڇڏي ڏجي، عقل جاڳائجي. ڪيترا ڏينهن اتي اڃا ترسو! ڪا سدائين آڪهين ۾ ويٺو به ڏٺوَ. اتان به نيٺ اُٿڻو آهي. هي هان ميدان آهي، لڙائي اصغري ۽ اڪبري ٻئي لڳيون بيٺيون آهن. اڪبر ڇڏي وڃي اصغر ۾ پيا آهيو.
اصغر پاسي گهڻا تون اڪبر پاسي آءُ
مرد اُهو جيڪو اڪبري لڙائيءَ ۾ بيهي. لاڏاڻ لڳي پئي آهي،هاڻي عارف بازي کيڏ، سلطاني راند.
اهومالڪ هيئنر نزديڪ آهي،چوي ٿو ته مون توکي حياتيءَ جي بادشاهي ڏني آهي. سا پيو ٿو وڃائين، وڃي اجايو ٿيو آهين! هيءَ حياتيءَ جهڙي بادشاهي پيئي ٿي وٺجي، تون پيو ٿو ننڊان ڪرين! غافل غفلت ڇوڙ. محبوب ٿو چوي ته تو مون سان جيڪي قول ڪيا آهن، اهي پاڙ ته مون توسان سڀ پاڙيندس. اهو اقرار ته هر ڪوئي ڪري آيو آهي ته تنهنجو مان ويهي يادگيرو ڪندس. توڙي ماءُ جي پيٽ ۾ به دانهان ڪيائين ته ابتو ٽنگيل آهيان، ڪڍ هن ابتي ٽنگڙ مان، هن انڌاريءَ جي ڪوٺيءَمان ، چي تون ڪهڙوڪم ڪندين؟ چي مان ويهي تنهنجو يادگيرو ڪندس.هيءُ ته عبرت خانو آهي منهن ڪڍڻ سان ڦري ويو. ڪنهن ڪنهن کي ڪل وڃي پيئي. ڪنهن ڪنهن کي الله سائينءَ راهه سان وڃي لاتو.جي پنهنجو مالڪ سائين سڃاتو آهي ته انهن کي مالڪ به سڃاتو. هر ڪوئي پاڻ مان راضي ٿيندو ويو.سندس راز گهرجي۽ راز سان رهجي.
چوي ٿو ته تنهنجي سڀني ڪمن جي جوابداري مون تي آهي. تون وري مونکانسواءِ اجايو ٿو ٿين،اجايو ٿوڀٽڪين. توکي مون حياتيءَ جي بادشاهي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ تون پيو ٿو اها اجائي وڃائين. اجايو انهن کي ٿا چوجن مالڪ وساريو. الله سائين اوهان کي اجايو نه ڪندو. جيئن الله سائين هن صورت کي ٿو کارائي تيئن جانورن کي کارائي ٿو ڇا! گڏهه کي کڻي پٽ پهراءِ ته به ڪرندو ڪيريءَ ۾. سو هن انسان کي سائين جن بادشاهي ڏيئي ڇڏي آهي، جي اها اجائي وڃائيندوته ڏوهه اٿس. عمر سڳوري اجائي نه وڃائجي.
رب ٿو فرمائي ته مون اوهان کي سون ڏنو، چاندي ڏني، اولاد ڏني، اهو سڀ ڪجهه اوهان کي اکين جو ڍو ڪري ڏنم. پر اهي سڀ دشمن اٿو، اوهان جو ڪم ته وري به مون سان آهي.
هيءَ حياتيءَ جي مهل ڏاڍي چڱي آهي. گذريءَ کي ڇڏي ڏجي، فڪر رکو رهنديءَ عمر جو.
گهڻو کٽيو ته گهوريو متان وڃائين مور.
هينئر پارس پرين ويجهو آهي، ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. ياد ڪريو نه ته پوءِ ياد ڪندو. جيئن لوهه پارس سان گسندو تيئن سون ٿيندو ويندو. هينئر ڪعبه قبله انسان منجهه آهي. اک ٻوٽئي کانپوءِ وٿيون لڳنديون. اک ٻوٽيائين ته ساري جهان ڏانهن ڄڻ در اچي ويا، حٽتاڙ(هڙتال) ٿي ويئي. وکر وڪامي ويو،سڱ به سڀ ڇڄي ويا. سج لٿي کانپوءِ پير به وڃائي وهندو. هينئر گهر جو مالڪ پنهنجي گهر ۾ آيل آهي ۽ هينئر پارس پرين ويجهو آهي، پنهنجي جهڳي جي ٽپڙن تي وهايو نه ته جنهن پارس ڏٺو آهي سو سج بيٺي وٺندو. هڪڙو غريب هو سو هڪ فقير وٽ آيو.فقير کي چيائين ته منهنجا ٻچا ٿا بک مرن، ڪو حيلو ڏس. فقيرپارس ڏنس ته گهر ۾ جيڪي لوهه جا ٽڪر هجن ئي انهن کي هڻ ته تولاءِ اهو ئي گهڻو آهي. مگر سج بيٺي پهچائي وڃجانءِ. پارس کڻي غريب روانو ٿيو، وتي دڪانن تي لوهه چڪائيندو.لوهه چڪائيندي هن کي دڪانن تي سج لهي ويو. فقير ڏٺو ته هي اڃا پارس ڪونه آندو. پوءِ فقير وٽس ويو. چيائينس ته هاڻي پارس مونکي ڏي. سج لهي ويوآهي. هن چيو ته مون ته اڃا لوهه پيو چڪايان!
سڻيا هي سمڌا نهين، ميٽيا نه من ڪا موهه،
پارس ڪون پنهنجا نهين، رهيا لوهه ڪا لوهه.
ماڻهو ڄڻڪ اُڏامندو پيو وڃي. اڃا پکي به ڪا گهڙي وڻ تي وهي ٿو. سو ٿوري جيئڻ ڪري سڄي عمر زماني ۾ گم نه ڪجي. هيءَ حياتي هڪ ساعت آهي، انهن تي ڪهڙو ڀروسو آ تڪيه پنهنجي رب جو ورتل هجي. حياتيءَ جي خزاني مان جي به گهري، هر جاءِ وکر اٿس. اها بازار به بند، وکر وڪامي ويو. تون حياتيءَ جي خزاني مان جتي به گهري، هرجاءِ وکر اٿس. اها بازار به تيتر کليل آهي،جيتر سندي اک کليل آهي. اک بند ٿي ته بازار به بند، وک وڪامي ويو. تون حياتيءَ جوخزانو کڻي وڻجارو ٿي هتي آيو آهين. حياتيءَ جي خزاني مان وکر وهايو. وڃي ٿي وهامندي. نيٺ حياتيءَ ڏانهن به سج لهڻو آهي. سج لٿي کانپوءِ پير نه لڳندو آهي. هينئر حياتي جو سج بيٺو آهي.انهي سج بيٺي ڊوڙڻ سکجي. ڏينهن ٿورو آهي پنڌ گهڻو، جي ڊوڙڻو اٿيئي ته ڊوڙ. رات لڏي ويئي، ڏينهن لڏي ويو.هيءُ سارو جهان لڏيو ٿو وڃي. هن ميدان ۾ ڏينهن ٿورو ڏسي هڪڙا گهوڙا سنڀاريندا ويا، هڪڙن حياتيءَ جوڏينهن ٿورو ڏٺو، پاڻ سنڀاريندا ويا.
مرد سوئي مردفان جيڪو آپ نون آپ پڇائي.

وکر سو وهاءِجيڪو پئي پراڻو نه ٿئي.
انسان حياتيءَ جوخزانو آندو آهي ڪاڻ وحدت جي. هي بندو ته وڻجارو وحدت جو آهي. وحدت هيڪڙائي کي چوندا آهن. وحدت جو دڪان به اهوئي بدن آهي. راز وارا سڀيئي پاڻ منجهان راضي ٿيندا.
هيءَ حياتي هڪ وڏو سفر آهي. پنهنجي حياتيءَ جو خيال رکجي. دوست دشمن گڏيل اٿس. سالڪ ٿئي ته دوست دشمن جو رايو سمجهي. ظالم نفس به ماڻهووءَ ساڻ آهي. نفس کي ماري نه سگهيو، پاڻ کي نفس جي اڳيان مارڻو آهي. ڪيترن جي راهه ماري ٿو سا به هلندڙن جي. مرشد رهنما آهي. رب هادي گهري وٺو. نفس جي عادت شتر مرغ جهڙي آهي ۽ اڏام نه اٺ، بار کڻ نه پکي.
هيءَ حياتي جهڙي مهل وري نه ايندي. تنهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نه نهارجي، جو هيڏي هوڏي نهاريندي سج لهي ويندو. دنيا جي لاري نه لڳجي، لاري رب ڪريم جي لڳجي، ڪم رب ڪريم سان پوڻو آهي. عمر خراب نه ڪجي جو نيٺ پنهنجي گهر هلڻو آهي. پيريءَ ۾ ٻيون مرادون ڇڏي رڳو هڪ مراد ملڻ جي رکجي. زماني جي جھڙپن کي ڇڏي ويهي رب ياد ڪجي. ٽائيم اچي ڀريو آهي، اڃا مرادون ٿيون ڳولجن!.
عمر سڳوري به شل بنا نام جي ڪنهن جي اجائي نه وڃي. پاڻ کي اڇي ڏاڙهيءَ سان ڏسي لڄي به نٿا جو حياتيءَ جي ٽيم اچي سولي ٿي آهي! هي ڏيساور آهي، هر ڪوئي پنهنجي ڪم لاءِ آيل آهي. پنهنجي گهر ڏانهن بي ڪما نه ٿيو جو اڳيئون پنهنجي گهر به وڻي اچو.
گهر چورن گهل، ٻاهر سنگت ڪرين ٿو ساڌن سان.
حياتي به وهامندي ٿي هلي، سو رب رب ڪندا هلو. هتي ڏپهري جي جاءِ آهي، باقي منزل جي جاءِ اڳتي آهي. پر پوءِ ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. سڀ وقت سندس يادگيري جا پنهنجي هٿان پيا ٿا وڃن. ساري حياتي هٿان پيئي ٿي وڃي. هڪ ڏينهن اچڻ جو ۽ ٻيو ڏينهن آهي وڃڻ جو.اچڻ ۾ ماڻهو اچي ويو آهي، هاڻي وڃڻ وارو ڏينهن باقي آهي. هي سج جيڪي وڃن ٿا سي حياتيءَجا ماڻ ٿا وَهن. عمرته وڃيئي، عمر سڳوري ساري فراموشيءَ ۾ وڃي ٿي. سعيو ڪريو. هي مرداڻو پنڌ آهي. اهو هڪ رب راضي ڪريو ته پووءِ چئن ئي طرفن کان مددون پيئي ملنديون. مدد به همٿ سان آهي. همٿ به چوندا آهن سعيي کي. همٿ جي مهل به اها آهي جيتر حياتي آهي. جيڪا همٿ ڪرڻي اٿو سا هتان ڪريو.
هيءَ حياتي هلندڙ آهي. هي جهان لڏيو ٿو وڃي. ڪجهه پنهنجي لڏ پلاڻ به ياد ڪجي، نه ته ويٺي حياتيءَ جو سج لهي ويندو. حياتيءَ جهڙي شيءِ ڳپلن کائيندي ٿي وڃي. هينئر حياتيءَ جي مند ڀي اچي ويئي آهي. هر ڪوئي هليو ٿو وڃي، پاڻ به هلڻ وارا آهيون. گهڻي عمر به چڱي ناهي. الله سائينءَ جيڪا ڏٺي سا بس آهي. نبين نه گهڻي عمر ورتي، نه گهڻي دنيا.
دم جي ڌمال لڳي پيئي ٿي. حياتيءَ جي چڙهائي جيڪا ڪالهه هئي سا رات نه هئي، جيڪا رات هئي سا هينئر نه آهي. حياتي هارتُو ئي هارتُو آهي. فڪر رکجي جو حياتي ويندي رهي ٿي. رات وڃي ننڊ ۾، ڏينهن وڃي بڪندي. سڀ کان پياري شي ڪهڙي آهي؟ حياتي سڀ کان پياري آهي. اها ته وڃي ٿي پيئي. ڪجهه انهيءَ جو به يادگيروڪريو. ڪو هتي ويهي سگهيو ڇا!
کيڏڻ جا ڏينهن چار آهن، تنهن ۾ به رات پنهنجي ڏينهن پرائو آهي، نيٺ انهي مهاڄار مان به نڪرڻو آهي. پوءِ به جنهن لڙهيءَ جو موتي آهي انهي لڙهيءَ ۾ وڃي پوئجي. ٽيم حياتيءَ جو اچي ويجهو ٿيو آهي. هاڻي انهي غيرگند مان هٿ ڌوئي، رب جي پنڌ ۾ قدم سوايو ڪجي جو ڏينهن آهي ٿورو پنڌ آهي گهڻو. سو محبت رب جي اختيارڪريو. زماني جون سڀ مرادون ڏٺيون اٿوَ، باقي رڳو موت رهيل آهي.
حسن ۽ حشمت به سڀ وهيءَ سان آهي، عقل به جوانيءَ ۾ آيو ته واهه، نه ته پيريءَ ۾ ته اڳيئون عقل به پوئتي ويندو رهندو. پوءِگهر ۾ ڳالهائڻ به ڪونه وڻندن، کنگهه به نه وڻندن. عقل به الله سائينءَ انهن کي عطا ڪيو، جن سڃاتو راهه رب جيءَ کي.۽ سڃاتائون پنهنجو رب. مشرڪ يا منافق اهو جو رب جو در ڇڏي ٻين درن ڏي ڊڪي، ڪافر جيڪو الله کي پاڻ کان جدا سمجهي.
ٻيائيءَ جي ملڪ مان هيڪڙائي ڪڍندي. هيءُ عجب وقت حياتيءَ جو آهي. هي پويان پساهه آهن، پنڌ جي ڪاهه ڪر.قدم قدم تي سعيو هجي جو باري منزل آهي، ڪيترا ڏينهن ننڍي ٻار وانگي پنهنجي پاڇولي سان پيو راند کيڏندين؟ ٻاراڻي راند ڇڏ، عارفاني عارفبازي ڪر، جيئن وصال وڃي رب جي محبت ۾ ٿئي.
زال هجي، چاهي مرد هجي، ڪنهن به ذات جو هجي، جنهن کان چڱا ڪم پيو ڪرائيندو ان کي وڏو شرف ٿو ملي. هن کي اهڙو لاچار آهي جو رات پنهنجي آهيس ۽ ڏينهن پرائو.پر هيءُ سمجهي ئي ڪونه ٿو، ڄڻڪ هتي رهڻ آيو آهي. وڃي ٿي وهامندي. خبر ئي نه پوندي، اوچتو سودو صرافن جو اچي ويندو. سنڀار جي مهل اها، حياتيءَ ۾ آهي. پوءِ
وهاڻي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
آيو ئي هت اوڏانهين جا ڪم ڪرڻ آهي. اهڙي صحبت، اهڙي حياتيءَ جهڙي مهل وري هٿ نه اينديوَ. اڄوڪي صحبت سڀان ئي نه رکجي. صحبت عجب آهي، صحبت روح جي راحت آهي.
جيترو ماتا جي پيٽ مان کڻي هت آيو آهي، وري به هتان اوترو کڻي هلندو. ماءُ جي پيٽ مان ماڻهوءَ ڇا آندو آهي ۽ هينئر بازر ۾ ايترا مال ڪير ٿو کارائي! لٽا ڪپڙا ماني ٽڪرڙا ڪير پيو کارائي پيئاري!هلندي وقت به ايترو جکڻندو جيترو ماتا جي پيٽ مان آندو اٿس. باقي شي سڀ سرڪار جي آهي. ماڻهو واٽان واهو آهي، هليو ويندو، ڪير ورائيندس! جنهن مهل اک ٻوٽي ڪو ورائي ايندس ڪير!
آندائين به ڪين، ويٺو به ڪين ۽ نيائين به ڪين!
مڇيءَ کي طلب پاڻيءَ جي هوندي آهي ۽ پاڻي کانسواءِ مري ويندي آهي. اها مئل مڇي کڻي درياهه ۾ وجهبي ته تڏهن به جيئري نه ٿيندي. ڇا ٿيو! سو جي ڪجهه ڪرڻو آهي ته زندگيءَ ۾ ڪرڻو آهي. حياتيءَ ڏانهن به هينئر آخري وقت آهي. حياتيءَ جي خزاني مان رب گهري وٺو. رب جي راز کانسواءِ ماڻهو ائين آهي جيئن جهنگل ۾ حيوان. پوتل هججي جنهن لڙهيءَ جو موتي آهي.
ماءُ جي پيٽ مان ماڻهو جيڪي آيو سو آيو. ههڙي بازار وري نه لهي سگهبي. جيڪي گهرو سو سڀ ملي ٿو. گهر رب، رب نه وساريو. گهري وٺو. گهُر وتئون. هينئر بازار کليل آهي جيڪو گهرو ٿا سو ملي ٿو. اوهين گهرو اهو جيڪي گهرڻ آيا آهيو. رب جي گهر نه ڇڏيو. گهرو جيڪي گهرڻو هجيوَ پر اهو به هتي حياتيءَ۾. اوهان ڀلي رب ڪريم کان ٻاجهه گهرو نه رب ڪريم مونکي تون پنهنجو ڪر.
گذر جو خيال هر شيءِ ۾ آهي. ڇا سمنڊن جون شيون، درياهن جا ٽولا، بيابانن جون شيون، اهي سڀ شيون گذر گهرن ٿيون. پر وڻ به گذر گهرن ٿا، گاهه به گهري ٿو. جنهن جي دائم ديڳ چڙهيل آهي، سو هر شي کي راضي ڪيون بيٺو آهي. هر شي کي پالڻهار رب ڪريم آهي، باقي سڀ بهانو آهي. لک چوراسي جُوَنۡ کي ڏئي ٿو، انهن مان انسان به هڪ صورت آهي. روٽيءَ جوڊپ ڪهڙو! جبلن ۾ بلائون آهن جي نه اَنُ کائين نه گاهه، پوءِ به مار ته متاريون. انسان کي پنهنجي اعمالن کڻي روليو آهي، باقي رب بيڏوهو آهي.