ننڊ نڀاڳ، جاڳ سهاڳ!
خيال خدائيءَ کي مرد ٿي وٺجي جو هيءُ پنڌ مردانو آهي. هينئر وقت حياتيءَ جو به آخرين آهي. پوءِ انهن کي اڳيئون اوکي ڪانهي جن کي اٺ ئي پهر دل ۾ سندس نام آهي.
جن جي دل ۾ اٺ ئي پهر الله آهي، اهي ماڻهو بي قبضا نه چئب.ماڻهو هن جهان ۾ آيو آهي ڪنهن جي فيض لاءِ. سو الله ئي وساريو. اهي ڳالهيون ساڀيان آهن. جيڪي ڳالهيون ساڀيان آهن سي ساڀيان سمجهجن. اٺن پهرن ۾ من ڪو دم هٿ اچي! ماڻهو اهڙو به نه آهي. ڄاڻجي ته اهڙي به نه هيس.
چريون ڏيئي چار، بيوان وٺجي هڪڙي،
پوءِ بيوان سندو بار چريون چوريئي نه سگهن.
چري به دل، بيوان به دل. چري اها دل آهي جنهن پنهنجو رب وساريو آهي. بيوان اها دل آهي جنهن کي نام جو نشو هر دم بيٺو آهي.
هيڪر دل ڏيئي وري کڻي نه وٺجي. دل کي جڏهن يادگيرو ٿو پوي ته اهو دل کي ڄڻ سڏ پهتو. دل جو ڪم آهي ته نه وسري نه وسارجي.
هٿ هاج ۾ دل دوست ڏي.
جا دل فراموش آهي، انهيءَ کي ننڊ چوندا آهن. فراموشيءَ ۾ دل مري ويندي آهي. ڄمار وڏيءَ کان سمجهه وڏي ڀلي آهي. توکي ٻيا ٿا جاڳائين تون دل جا جوش جاڳاءِ. جوشن کانسواءِ غير نه جلندو. غمزا به غمن سان لڳندا آهن. جيڪا دل رمزن ۽ غمزن ۾ آئي، اها خبر انهي کي رهندي. محبت رب جيءَ کانسواءِ دليون ويران ٿي ٿيون وڃن. هٿ، پير، ڏات چوريو ٿا باقي دل نٿا چوريو!
ٻريئي ته ٻار نه ته ڦوڪ ته لڳي انبرين(انبر:وڏي ڳالهه) نه ته جيئن باهه وسامندي وسامندي وسامي ويندي آهي. تيئن وري دل به زماني ۾ وسامي ويندي آهي. دل کي زنده به رب جو يادگيرو رکندو آهي. دل جيئري رکندو آهي رب جو يادگيرو. چڻتو رب جو اصل دل تان نه لاهجي. چڻتو مڙيوئي مالڪ جي طرف ڏانهن هي. جا دل حاضر ناظر آهي.تنهن دل کان رب نه وسرندو.
مالڪ جي نام جو دل تان يادگيرو اصل نه لاهجي، نه ته اڳيئون ٻي ڪا وسئن آهي اصل ڪانه. هلڻو به ضرور آهي. اهي توهانجي نه دلين کي چهبوڪ هڻجن ٿا پيا. بيخوفائي اصل نه ڪجي. دل نه قبول ڪري ته به رب قبول ڪرائجيس. جيڪا دل مالڪ جي محبت نٿي قبول ڪرائجيس. جيڪا دل مالڪ جي محبت نٿي قبول ڪري اها کوٽي آهي. ادم ڪري به پنهنجي من کي سمجهائجي ۽ دل کي قبول ڪرائجي جو ههڙي مهل، ههڙي حياتي وري هٿ اچڻي ناهي.
دل کي اجايا گهنگهرو ٻڌا اٿو جو اجايو هيڏي هوڏي جون ڳالهيون پيا دل ۾ رکو. هڪ ڳالهه محبت پنهنجي رب جي. پنهنجي عضون سان پيا ٿا کيڏيو. ايتري پنهنجي رب سان ڇو نه محبت رکو ته لکيا ڏوهه لهي وڃن! ڇڏيو اهي ٻاراڻيون رانديون. رب ياد ڪريو نه ته پوءِ ياد ڪندو.
دليون موهيون ويٺيون آهن زماني ۾. هن پاسي ۾ جڏهن دل موهجي ٿي ته طرف ئي انهي وڃي پيو. زمانو آخر فنا ڏٺائين، ڪم ڪندو وتيو ته به معنيٰ سان رهيو. جيڪو معنيٰ سان رهيو. جيڪو معنيٰ ئي نه سمجهي ان سان ڪم ڪيهو. معنيٰ ئي پنهنجي سمهي، پاڻ ئي ڪتاب آهي. پر جي ڪتاب ۾ منهن هڻبو ته جيڪو سو نقطو نظر ايندو. ڪتاب ۾ منهن هڻي ته ڏسي. علم مان گهڻو واقف هجي پر جي پاڻ ڏانهن بيخبر آهي ته جاهل آهي. پاڻ ئي جيئرو ڪتاب آهي.
جيڪا دل رب نٿي قبول ڪري ته اها دل ڪڍي ڪتن کي ڏجي ته من ڪتن کاڌي ڪو درجو ٿئي! رب جي نالي ۾ وڏي طاقت آهي. ڪو چڱيءَ طرح رهي ته ڏسي ته قلب جا طاق ئي ڪڍي ڇڏيندس.
بيدردي دل مئي کانپوءِ نه زال آهي نه مرد،کدڙي آهي. جنهن دل ۾ هي هي نه آهي اها دل آباد نه آهي.پر سو به تڳل هونديس ته هي هي به هونديس.اُڻ تڻ پنهنجي رب سائينءَ جي دل ۾ هجي. اڻ تڻ مالڪ جي دل تي دائم هجي.
ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن،
سرتيون سارو ڏينهن، هينئون ته هڪ جاءِ ڪڏهين.
درد جاڳائجي. درد مالڪ جي نام سان جاڳايو جو نيٺ مالڪ سان اول آخر ڪم پوڻو آهي. مالڪ جي طرف کان دل کي بيدرد نه ڪجي. بادل وسن ٿا، برپٽ جا گل به ٽڙيون پون. هيءَ دل به ائين آهي. رب جي نظر دلين تي آهي. بيدردو نه گهمجي. سواءِ رب جي دل بيدردي ٿئي ٿي. رب جي محبت دليون ويجهيون ڪندي ايندي.
دردمندان ديان دانهان سڻ ڪر آپ خداوند کڙيا،
دل درياهه، من ٻيڙا محبت والا، ٿي مردان تريئي.
ڪنهن پڇيوته قبلا هيتري نصيحت هدايت ٿا ڪريو، ٻڌون به ٿا، سمجهون به ٿا، پر دل جاڳيئي نٿي سو ڇو؟ چي ننڊ هجي ته جاڳي! هتي دليون ئي مري ويون آهن. پر ميون کلون رڱجن ٿيون، باقي ميون دليون ته رڱبيون! هُن ۾ مصالح ٿا پون. مئيءَ دل جو مصالح آهي نيڪن صحبت. ليڪن جي صحبت ۾ دل رَچي ويندي آهي. يا نه ته به ڪڪورجي نه ويندي،( پڇندي ايندي ميوي وانگر) ۽ نيٺ رچي ويندي. ٻيو ڪلجڳ به آهي، انهي طرف جو ڪوبه خريدار ڪونهي. سو ٻين سان ريس نه ڪريو اوهين سعيو ڪريو.
کلن ۾ مصالح وجهندا اٿن. پوءِ اٺ ٽي پهر بنا ننڊ جي اڀيون ادب ۾ بيٺيون هونديون آهن. هيءُ به اٺيئي پهر ادب ۾ بنا ننڊ جي اُڀو رهي ته رڱجي پوندو. صابرين دل ڳوڙهي رڱيل ٿيندي آهي.
ڳوليانءِ ڦوليانءِ هوت، شال نه ملانءِ هوت،
من اندر جي اوت ملنديئي مات ٿئي،
ويجهو ٿي ٿو ورنائي دانهون دردمندن جون.
اهي هڪڙن لاءِ بيت آهن، هڻ وارن لاءِ وڏيون هدايتون آهن. ليڪن جي صحبت اها آهي. اهي دل سان هنڊائجن، راز ڏي ٿا ڇڪين. راز کانسواءِ ملي نه سگهندو. راز گهري وٺجي پاڻ منجهان. هينئر ويجهو آهي.
دل جي آزار جو دوائون چار آهن. هڪ ته صحبت ليڪن جي هجي، ٻيو علم حق جو هجيس، ٽيون رات جو اوجاڳو هيس ۽ چوٿين مٺي بک هميشه لاءِ. سواءِ ديدار جي ٻي دوا ڪانهي مرض منهنجي جي. ويجهو هججي ته ڏاڍو سٺو آهي. صحبت دل کي تازو ٿي ڪري.
دل سهاڳڻ اها آهي جا پنهنجي گهر جو ڪم ڪري، جتان آئي آهي هت ڏيساور ۾. پنهنجي گهر جو ڪم ڪريو، پينون رليون نه ٿيو، پنڌ ڪريو. اڄ ڪلهه مريد مرشد کي پنيون رليون ٿيو پون. پنڌ ڪريو، اوهين لاهي پائي رڳو پيٽ تي بيهي رهيا آهيو. ٻار کي هڪ ٿڻ وات ۾، ٻيو هٿ ۾، ته ٽئين لاءِ پيو ڏسي. هر ڪوئي پنهنجي اعمالن سان آهي. وڃي انجي دامن وٺو. جيڪا دل مرشد جي چوائيءَ ۾ آهي، اها دل فيض لهي ٿي. جيڪا به دل سهاڳڻ هوندي آهي. اها دل هتان هدايت جا زيور پائيندي آهي، اڳيئون سهاڳ جيئن ملي. جيڪا به اڳ سهاڳڻ هوندي، انهيءَ دل ۾ ڪٺمال (رحمت جي مالها) رب جي يادگيري تي ٻڌل هوندي.
گلا براءِ هڪ دفعي عرض ڪيو ته قبلا جلد گهرايو ته ديدار نصيب ٿئي. ٻچو دل جيئري رکجي ته ماڻهو ڄڻڪ مليو پيو آهي. پري پاڻ چڱو.
جيئاريس ئي سنڀار، ملي ڪنديس ڪوهه!
ويرون تار وجود ۾ آهي پرينءَ جي پچار،
سي ساجن ڪيئن چئجن ڌار، جيڪي هنئين ۾ حل ٿيا.
ڪهاڙي وهائيندي وهائيندي مڏي ٿي پوندا آهي ته لوهار جي دڪان تي کڻي وڃي آهي لارائڻ. هيءَ دل به هڪ ماس جو ٽڪر آهي. زماني ۾ رهندي رهندي ڪيئن نه مڏي ٿيندي! دل کي زماني کان جهلي هڪ رب ياد ڪريو. اوهان پنهنجو دوست رکو دل ۾ ته اوهان کي پنهنجو دوست آڏو ايندو. دل مان شڪ ڪڍي حق سان رهو. رب ڇڏي ٻيءَ ٻوڳليءَ پيو ته ڄڻ ماڻهو ٻتڙ ۾ پيو. ديوان حافظ ٿو چوي ته دل ۾ هڪ جي جاءِ آهي، جي گهڻائي آهي ته مسافرخانو آهي.
يقين جو درخت آهي مومن جي قلب تي. ايمان انهي درخت جو ڦر آهي مومن جو قلب تي. ايمان انهي درخت جو ڦر آهي، جنهن کي حياءُ هوندو. ايمان به انهي کي ٿيندو. پر جي حياءُ ئي نه هوندس ته ايمان ڪٿان ايندس! مومن معنيٰ موم دل يا عابد. ڪوجهيءَ دل کي جهان ئي ڪوجهو ۽ سهڻيءَ دل کي جهان ئي سهڻو پيو نظر ايندو. پاڻ چڱو ته ان کي جهان ئي چڱو نظر ايندو. مومنن جي دل ۾ الله آهي، عام جي دل ۾ ڪتا آهن،ڏسيو فقيرن کي، ڀونڪون ٿا ڪن.دل ڏسي ٿي، ٻه اکيون ٻه ڪن دل به رکندڙ آهي.