تصوف

صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

”صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو“ نامياري بزرگ حضرت نصير محمد صاحب فقير صوفي القادري جن جي رهاڻ تي مشتمل آهي جنهن کي روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي 1980ع ڌاري بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اسان ٿورائتا آهيون عبد الجبار شيخ ۽ فقير طارق حيات لاشاري صاحب جن جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book صوفي سونهون ـ ڀاڱو ٻيو

نام

نام سان خبردار رهجي فقط هڪ مالڪ جي نام کي بقا آهي، ٻي سڀ فنا آهي. سو سندس نام کان فراموش نه ٿيو. پوتل رهجي جو جيئن ماڻهو اڳيان به وڻي اچي.
هت مئجن منا ماڻ، اڳئيون ڀريا ٿا گهرجن ڀيڙ ۾
هت ٿورو وقت بيهڻو آهي سو مرد ٿي وٺو نالي رب ڪريم جي کي، نه وساريو جو اها ڳالهه وسارڻ جهڙي نه آهي.
جنين وساريو نام، تن پت وڃائي پانهنجي
نه وسري نه وساريو، وسري نه وري ٿو اڃا به جيئڻ ٿورو آهي پنڌ گهڻو آهي سو سندس نالو وڏو فرض آهي. اوهان هر حاجت ۾ به مالڪ جو نام ياد ڪريو. دم سان پريت رکو. سڀني ڪمن ۾ وڏي ۾ وڏو ڪم اهو آهي ته رب نه وسري، سندس نام وسريو ته ماڻهو بيراهه ٿيو.
جيئاريس ئي سنڀار، آءٌ ملي ڪنديس ڪوهه!
هڪڙن کي الله سائين سنجرندي سمجهائي ڇڏيو، هڪڙن کي ڄمندئي، نه ته به وهيءَ ۾ سنڀاري وڃڻ اها عادت نيڪن جي آهي، سو به انهيءَ نام جي نانوَ سان.
اوهان کي فقط هڪ رب جو نام ڏسيل آهي، باقي زماني جا ڪم سڀڪوئي ڄاڻي ٿو. اوهان کي اهڙي شيءِ مليل آهي جو سر ڏئي به نه پڄي سگهجي. انهيءَ شي جو سڃاتي قدر پوندو. هينئر سمجهه رکو،
سمجهه ويکين اڪ سمجهڻ نقطا، سالڪ سمجهي سوءِ،
بساطميءَ ڪيهي بات ڪهي، ڪوئي سمجهڻ والا هوءِ.
جيڪي اوهان کي مليو آهي سو سڃاڻو جو سڃاڻڻ کانپوءِ قدر پوندو. جنهن جي نالي وتي لکيا ڏوهه لهي وڃڻ اهو نه وساريو. رمز پاڻ ۾ لڳل هجي. بادشاهن بادشاهيءَ کي ترڪ ڏيئي ڪاٺ جون مانيون پيٽ سان ٻڌيون. انهيءَ رمز بازيءَ ۾ آيا. ميران ٻائي به انهيءَ رمزبازيءَ ۾ آئي.
مالڪ جي نام کي ائين وٺو جيئن وري چئي نه سگهو. الله جي نالي کي ائين وٺي وڃو جيئن وڻ ويڙهي وٺي وڻ کي، ذڪر کي ائين وٺي وڃجي جيئن وري پاڻ نه ڇٽي سگهي.
الله تون ايوين ياد رکين، جيوين ناگر ڪي چت گهاگهر ۾
اها راهه نه ڇڏيو ۽ راه سان پيا رڙهو. ڪو رب جي نالي سان چڱيءَ طرح رهي ته ڏسي ته رب جو نانءُ قلب جا طاق ئي ڪڍي ڇڏيندس. انهيءَ دردن جي دنبوري کي وڄايو ٻوليءَ حق جي سان، اهو خاڪي خرقو آهي.
دنبورا درد جي ٻولي ڪا ٻڌاءِ
جي الله ئي الله ٻيو فنا فاني جندڙو
الله نه وساريو، ٻنهي جهانن ۾ مٺو نالو الله سائينءَ جو آهي. مٺو نالو آهي رام جو،تون هنڊائي ڏس هنئين، اهو نالو ساڻ محبت جي گهرجي. دم دم تي سعيو هجي. سرت رکجي نالي رب جي سين.منالو رب جو جيڪو ئي بدن م پيو وهائيندو غير وجودئون تڏهن ٽرندو.هر درد جي دوا ته الله سائينءَ جو نالو آهي، اهو نه وساريندا ته الله ۽ مرشد مرڻ وقت به گڏ هوندو.
جنهن کي مالڪ جو نام وڻندڙ ٿئي ٿو ته اهو پاڻ مالڪ کي وڻندو آهي. اوهين اهو هڪ سبق پاس ڪريو ته توهان جا سڀيئي ڪم پاس ٿي وڃن، ظاهر جا، ڇا باطن جا، نالو رب جو نالائق ٿو نوازي وجهي. ههڙي مهل وري هٿ اچڻي ناهي. بادشاهن بادشاهي ڇڏي به رب گهريو آهي، اها ڪا ٿوري ڳالهه ڪانهي! اهو قدر پوندو اک ٻوٽئي کان پوءِ، نيٺ اک ٻوٽڻي آهي ۽ خدا سان ڪم پوڻو آهي.امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي خبر اڳ ۾ ئي پيئي آهي. شڪرانا آهن، اوهان کي مبارڪ هجي، ڪيترو علم پاس ڪيو اٿو! اوهين اهو هڪ سبق پاس ڪريو ته جيڪو علم پڙهيو اٿو تنهن کان اهو هڪ سبق ڀلو آه. منزل جيڪا اڳي باري ۾ آهي هاڻ انهيءَ ۾ پاس ٿيو ۽ پهچو. هيءُ وڏو سفر آهي جيئن مول سلامت هلي پهچي. ساري علم ۾ نقطه سمجهڻ وارو سمجهجي. گهڻائي کي ڇا ڪبو! گهڻائي آسمان ۾ تارن جي به آهي. پر درڪار هڪ سج جي آهي. جيڪو سبق اوهان کي ڏنل آهي اهو هڪڙو سبق ياد ڪريو ته ٻئي جهان موچارا ٿي وڃنوَ. سبق جيڪو مليل اٿوَ اهو ياد ڪندا جو انجو امتحان آخر ڏيڻو پوندو. غير وجودئون تڏهن ٽرندو جڏهن صيقل پيو وهائيندو . صيقلوهندو، تڏهن غير جو ڳنڍو ڳرندو. جيڪو صيقل وهائيندو انجو سينو صاف رهندو. صيقل اهو آهي جيڪو مرشد ڏسيو آهي.
علم ٻن قسمن جا اهن هڪ ذاتي ٻيو صفاتي. ذاتيءَ سان هدايتوند آهن ۽ صفاتيءَ سان عام آهن.
بي حسابو، بي کتالو، بي اديب
اوليان را حق کند علم نصيب

"لا" پڙهن، لاهوتي لوڪان پڙهه نه ڄاتي،
حق دا نالا نفي ڪرن، آپ ڪرن اثباتي
خير محمد خاصان دي مُنجهه ڳئي مصحلاتي (عقل)
ذاتي ۽ صفاتيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڄڻ رات ۽ ڏينهن جو فرق آهي. ذاتيءَ وارو ڏينهن ۾ بيٺو آهي ۽ صفاتيءَ وارو رات وانگر اوندهه ۾ ٿو هٿ هڻي.
مون توهانکي هڪ الله ڏسيو آهي ته الله نه وساريو. جيڪي سڀاڻي وساري هليو اهو اڄ وساريو. ٻارن ننڍن ۾ مخمور نه ٿجي ۽ خدائي خيال رکجي. خيال سنڀارجي ۽ اک پٽجي جو موت آيو بيٺو آهي. ڪيترو ننڍي ٻار وانگر هنج تي کڻيو هاڻي ٻاراڻي والد ڇڏي مرد ٿيو. اهو پنڌ مرداڻو آهي. دل جي ديگ تپائجي جو موت وسري ويو اٿوَ. ڪهڙو ڪم اٿوَ هتي جو ويهي رهيا آهيو! هيءُ خيال جو ڪم آهي. خدائي خيال کي خيال چئبو آهي. ٻئي خيال کي بي خيالي چئبو آهي. اوهين راز سان هجر جو راز عجب آهي. ٻڌل راز سان هججي.
بقا هڪ نالي رب جي کي آهي، سو انهيءَ ۾ گم هجو ٻي سڀ فنا آهي. ٻيون ڳالهيون نيون نه سکجن. اهي وهم ويٺي کانپوءِ مراقبي واري کي پيا چوندا دل ۾ ڪتابن واريون ڳالهيون. جڏهن بقا نالي رب جي کي آهي. ۽ اوهان کي مليل به آهي ته انهيءَ کون وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه آهي جو ڪتابن جون ڳالهيون ٿا ڳوليو. اهي سهنجائيءَ جون ڳالهيون ڇڏي ڏکن واريون ڳالهيون ڳوليو. جڏهن ٻڌل مون سان آهيو پوءِ هيڏي هوڏي ڏسندو. ڇٽي نه سگهندو. نه ڏسو هيڏي هوڏي جيڪي اوهان کي مليل آهي انهي ڏانهن ڏسو. جنهن سان ٻڌل آهيو تنهن کي ڏسو. اوهين خيال ۾ وهندا هوندو ته به اوهان کي ياد وري وري به اهي ڪتابن واريون ڳالهيون اينديون هونديون. هلندڙ خيال کي وري ٻتڙ ٿي پوي. جي مراقبه ۾ وهندوَ ته وري اهي ڪتابن واريون ڳالهيون ياد ڪندو.توڻي چڱيون ته به رب جي مٽ نه چئبيون. جيڪي اوهان کي مليل آهي انهيءَ قبوليت سان هلو. ڪتابن ۾ وري وڏو الله ملندو ڇا! گهڻيون ڳالهيون چڱيون نه آهن هلندڙ کي. ڪتاب رڳو تقرير ٿا سيکارين. صلح ته اصل ڪونه ڪن. تقرير رڳو صفاتي ٿيندي آهي.دل پوءِ شاخون کولي ڪونڪو سولو پيچرو ڪڍيو وڃي. پنهنجي سک لاءِ ۽ وڃيو صفاق ۾ وجهي. ڪتابن ڪئي رب حاصل نه ٿيندو آهي، رب ڪئي رب حاصل ٿيندو آهي. ڪتابن ۾ رڳو وسوسا آهن. توهان کي رڳو امر الله سائينءَ جو ڪيل آهي. الله سائينءَ جي طرف کان وري نفس اجايا رايا وجهندو آهي. ڪتابن جا، اهي ڪتاب ماڻهوءَ کي هوش کان ڪڍي ڇڏيندا آهن. هاڻي هوش رکو هڪ نالي رب جي سان.
اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀيئي وسار،
اندر کڻي اوجار، ٻيا پنا پڙهندين ڪيترا.
ماڻهو پاڻ به هڪڙو جيئرو ڪتاب آهي. ٻيا ڪتاب به انهي جيئري ڪتاب منجهان اتريل آهن. علم به جيڪو انسان کي پنهنجي کل ۾ آيل آهي سو اصل سان رهڻ گهرجي. ٻاهر ته بيان آهي. فڪر جي ڦرهي ، سورن جا سبق ، ماٺ مطالعو، اهو علم آهي. ساري علم مان درڪار هڪ نقطه جي آهي، اهو نقطه پاس ريو ته ٻئي جهان لهي وڃنوَ. علم جيڪو آهي اهو پنهنجي کل ۾ آهي. اهو علم ڀلو آهي. اهڙو علم ٻئي پاسي نه ڏسي سگهبو.
بدن ڪتاب آهي. علم جي معنيٰ آهي تعريف حق جي، علم ۽ تعليم آهي رب جي تعريف، جي واقف ٿيو ته لُونءَ لُونءَ تعريف آهي. ٻيا ٻاهران انهن اکرن ۾ منجهي مري ويا. اوهان اثبات پنهنجي الله کي ڪريو. هڪڙا سکن ته وري هڪڙا سمجهن، ڳالهيون ڇڏي ڏيو، حال کي وٺو، طالب جو ڪم آهي ته گهڻين ڳالهين نه پوي.
ڳالهين گهر کاريا، چشن ڀڳا هڏ،
سي ڪيئن سڻن سڏ، اديون عجيبن جا.
ماڻهو ٻچو سڀني وصفن سان اهي. اهو ڪتاب آهي جيئرو، انهيءَ ڪتاب تان ٻيا ڪتاب اترن ٿا. ٻيو جهنگ مان ڪونه ٿا آڻين، اهو ڪتاب ٺاهيل ڪنهن جو آهي! علم ڪنهنجو آيل آهي انهيءَ ۾.
گر نبودي ذات حق اندر وجود، آب گل را کي کند ملک سجود
ڪتابن ۾ صحبت پنهنجي رب جي ٿا ڏسو. ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ وڏو ڦير آهي. هي دوست دوئيءَ کان ڌوئڻا آهن.
بقا هڪ مالڪ سائينءَ جي نام کي آهي. باقي سڀ وهامندو ٿو وڃي، پوتل هججي جنهن لڙهيءَ جو موتي آهي تنهن لڙهيءَ ۾. ساري علم مون دراڙ به هڪ نقطه جي آهي. اوهان کي اهو نقطه سمجهايل آهي. اهو ڪجهه سمجهڻو آهي. مرشد وٽون به ڪجهه سمجهڻو آهي. جي سمجهي ڏسين ته ساري علم جي بحر مون درڪار هڪ نقطه جي آهي. فقط اهو آهي سندس لطف جو، جيئن هڪ الله نه وسري، اهو فقط هڪ، جو سر ويا سبق نه ڀلا.
سر ته ويو ڪاني ڪاڻ ۾، هو ڪي ٻيو ٿا گهرن.
انهيءَ نقطه اوهين نه ڇڏيو. ائين وٺي وڃو جو پاڻ ان مان ڇٽي نه سگهيو.
نقطه ڇا کي چوندا آهن.؟ جو سر ويا سبق نه ڀلا. منصور کي ڦاسيءَ تي چاڙهڻ کان اڳي سندس ڪرايون ڪپيائون.کلي پيو، پڇائيونس ته منصور کلين ڇو ٿو؟ چي جن هٿن سان مون ڪم ڪندو آهيان سو اوهان کي نظرئي ڪين ٿا اچن. وري پير ڪپيائونس ته به کلي پيو، پڇيائونس ته منصور ڇاهي؟ چي جن پيرن سان پنڌ ڪندو آهيان سي ته اوهان کي نظر به ڪين ٿا اچن! پوءِ ڪلهن کان ڪري ٻانهون ڪپيائونس. رت جو پيو وهي سو ڏاڙهيءَ کي لائي ڇڏيائين. پڇيائونس ته منصور ڇا ٿو ڪرين؟ چي وضو ٿو ڪران. پڇيائونس ته وضو ائين ڪبو آهي؟ جواب ڏنائين ته جن سان مون جهڙي ٿيندي آهي. سي وضو ائين ڪندا آهن. ٻچو سبق ياد هو. اوهان هڪ سبق جو امتحان به اڃا نه ڏنو آهي. جنين عملدارن مونکي هت وهاريو آهي اهي به پڇن ٿا ته سبق پڪا يا ڪچا؟ پوءِ مان اوهانجي سبق جو ڪهڙو جواب ڏيان. پڪو آهي ڪين ڪچو؟ خبردار رهجي پنهنجي صاحب سان، باطن جي قدرت جو صاحب به خبردار آهي. تون ڪاليج ۾ پراوا ٻار ٿو پڙهائين. مان وري ڪاليج ۾ پنهنجا ٻار ٿو پڙهايان.ڪيترا امتحان تو وٽ پراون ٻارن جا اچن ٿا. توکي عملدار سمجهن ٿا، ڏسو ته تن ۾ ڪڪيون به پڙهايو ٿا. مان به ڪڪيون پڙهايان ٿو.
اوهان کي خبر آهي ته حضرت يونس نبي هو، انکي وڏي مڇي اُڳري ويئي هئي. مڇيءَ جي پيٽ ۾ ته به الله نه وساريائين. مخدوم بلاول فقير هو. گهاڻي ۾ پيٺائونس. هڏ پيا ٺڪاوَ ڏين ته پاڻ پيو کلي! ته به انهيءَ گهاڻي ۾ الله نه وساريائين. حضرت ايوب کي سڄي جان ۾ ڪيڙا هئا ته به رب ڪريم نه وساريائين. انهيءَ پنڌ ميران ٻائيءَ کي ڪيترن غمن گوندرن ۾ وڏو ته به نه مڙي. اڃا ته خرار مان هڪ چوٿائي نه پيٺي آهي. اڳيئي ٿا دانهن ڪريو غمن جي! غمن جو ملڪ ته اڃا اڳڀرو آهي.
رڻ تتو رائو متو، پٽڻيون ٿيون پٽين،
سڏ ڪيو سورٺ کي، ٿيون اُڀيون اوسارين.
سڄي بحر علم جي ۾ ، درڪار هڪ نقطه جي آهي. اوهين گهڻين ڳالهين کي ڇا ڪندا! جيڪڏهن ماڻهو انهي نقطه سان آهي ته سڀ علم سان آهي. ٻيو ڄڻ ليڪن ۾ پيو گهمندو.
وري به انهي نقطه تي ايندو تڏهن مطلب کي لهندو. سو اهو نقطه نه ڇڏجي. درڪار هڪڙي الله جي آهي ٻيو انهن ليڪن کان ڀڄ پري، محبت پنهنجي رب سان رکجي، قدر سڃاتي کانپوءِ پوندو آهي. اهي پيغام انهي صورت کي ٿا ملن. پوءِ ڪنهن سنڀاريو ڪنهن نه سنڀاريو. گهڻائي لکجي ٿي صحبت جي واسطي نه ته درڪار هڪ نقطه جي آهي، اهو پڪو ڪجي!
وٺو نالي رب جي کي، رب کانسواءِ ٻي ڪهڙي تات ڪجي، اسين اوهان ڏي لکندا آهيون اٽو توهين لکندا آهيو گهوٻاٽو، جنهن جي نالي وتي دليون پيئون ٿيون نوازجن اهو نام نه وساريجي.
دنبوار درد جي ٻولي ڪا ٻڌاءِ،
جي الله ئي الله ٻيو فنا فاني جندڙو
جيڪي به نيڪ ، اولياءَ، انبياءَ آهن سي سڀ مالڪ جي نام نوازيا آهن. اوهان کي به اها راهه وٺرايل آهي. اها راهه وڃي حضور پهچائيندي آهي. سواءِ الله جي ٻي ڪهڙي صحبت ڪجي! راه نه ڇڏجي جو جيئن مئي جيئري گڏ هججي. انهيءَ رب جي پاسي جي اهل به چڱي آهي.
جيڪي به نام سان آهن اهي مون وٽ آهن ۽ مون انهن وٽ آهيان. اوهان کي سمنڊ آڏو آهي. جن کي الله سائين ياد آهي. تن کي سمنڊ هڪ سُرڪَ به ڪانه آهي. پاڻ کان جدا نه سمجهو. اوهان اسان جا آهيو اسان اوهان جا آهيون. مائٽ مٽ جي طرف کان ڇڏي هلبو.باقي مرشد جي طرف کان مئي به جدا نه ٿيندو. اوهين پري ٿا پاڻ کي سمجهو! مون کئون ته پري نه آهيو. پر مونکي گهڻو مٺا ٿا لڳو. جڏهن پاڻ ۾ گڏجو ٿا ٻيو جيڪو اوهان کان ڳالهرائي ٿو انهي کي ڏسي سگهو ٿا؟ ڏسندو پر جڏهن ڏسڻ مان ڏسو. اوهان پاڻ ۾ ٻه يا ٽي ويهي گڏجي الله ۽ مرشد جي صحبت ڪندا آهيو. مون به اوهان سان ويٺو ٿو صحبت ڪريان توڙي هتي ويٺو آهيان. اوهان منهنجي ڀاڪرين آهيو. انشاءَ الله ڀاڪرين گڏباسين. اوهين ڳالهائيندا آهيو اها تعريف رب جي اوهان کان ڪير ٿو ڪرائي! اوهين ته اڳي گونگا ٻاتا هئا انهي طرف ڏانهن! اوهان کي ان ڳالهائي ڪنهن وڌو آهي. تعريف ويٺا ٿا ڪريو هڪ الله جي ٻي مرشد جي، اهو چڱو آهي.
خدائي جيڪي اَمر آهن انهن به چيو، مرشد به امر چيو، پوءِ الله ۽ مرشد جو فرمان به وٺڻ گهرجي.ڪجهه فڪر ڪريو ۽ امر سان رهو. انسان امر جو بندو آهي، امر ڇڏي پاڻ وڻندي نه ڪجي. رب هادي هدايت ڪندڙ آهي مگر سندس امر ۾ رهجي، جيئن مالڪ کي ماڻهو وڻي اچي. ڪم هاج ڀلي ڪجي، نيڪ نيت سان ڪجي هججي امر الله سائينءَ جي ۾.
امر جي نه مڃين سي ڏوٿي ڏولائي پيا
جوئي امر ۾ هوندو سوئي ملندو. رب ٿو چوي ته تون مونکي راضي ڪر ته مان توکي راضي ڪريان. پوءِ رب کي ڇا ۾ راضي ڪري سگهبو؟ امر مڃڻ ۾، جيئن امر مڃيندڙ پٽ پيءُ کي وڻندو آهي. ڏينهن جو حلال وجه جي ڪم سان رهو، باقي رات جو الله سائينءَ جي نام سان گذاريو، هدايت کانسواءِ ماڻهو حيوان آهي. حيوان به جهنگل ۾ پيٽ ڀريو ٿا گهمن پيا. ماڻهو لٽو ڪپڙي ڪري ٿو پر جهڙو ماڻهو هدايت سان ٿو لهي، تهڙو لٽي ڪپڙي ۽ ٻئي ڪنهن نموني سان نٿو ٺهي. جي ماڻهو پاڻ هدايت وارو هوندو ته هدايت پيو ڏسندو. جي ٻي هدايت ماڻهو هوندو ته بي هدايتي پيو ڏسندو. پنهنجو پاڻ سنڀارڻو آهي. هدايت جي ڳالهين ۾ رب راضي ٿيندو آهي. بي هدايتيءَ کان الله سائين رکي وٺندو.
نام جو قدر اک ٻوٽئي کانپوءِ سڀ کي پوندو. ڪن سالڪن کي اهو نام جو قدر جيئري ٿي پيو.
طاهر نه بيني، باطن کُجا است
رازق، مالڪ، خالق هر ڪنهن جو آهي، باقي هادي ٿي هدايت ڪنهن ڪنهن سان ٿو ڪري. ڏسو ته هدايتوند ماڻهو به ٿورو آهي. ڪو ڏسجي ٿو! ٻي خلق خدا جي گهڻي آهي. دم اجايا نه ڇڏجن. مالڪ جي نام سان جيئن ڀريا ڀرپور اچن. هدايت وارن لاءِ نصيحت اثرائتي ٿيندي آهي.
جيڪي نٿا ڄاڻن نيڪي بدي، تن کي هدايت ڇا ڪندي!
هر شيءِ امر مالڪ جي سان آهي. سندس امر کانسواءِ ڪک به نٿو چري سگهي. اوهين امر ۾ رهو. امر سان ٻڌل رهو. ٻڌل ڍور لاءِ ڍڪ ئي ڪونهي. سو ٻڌل رهجي. اڄ حال اهڙو آهي جو ٻڌل به رسو ڇني ٿا کڏين. پوءِ ته مال ئي کڄيو وڃي. رب جو ڊپ ئي ماڻهن ۾ ڪونهي.
امر سان رهجي، امر مڃجي. جي رب جي نام سان محبت رکيل هجي ته ٻيا ڦرنا ئي ڪين پون.
جسي ٻيلي وچ شير پيا، ڪل جناور ڇپ گيا
آوڻ نال گروڙ جنهيندي، ڪل جناور بي وطن ٿيا
اڳ وچ شير پڇي ڦيڪاري، سارا جهنگل سنا ڳيا
جتان هوسين شير هڪوهڪ . اتي رهسين ڪونه ٻيا،
سچل دا وس نه ڪوئي، نينهن ازل دي نروار نيا.
خيالات جو ٻيلو آهي، شينهن نالو رب جو اچي پيو،
خيال خدائيءَ سان رهجي ٻيو اجاين خيالن کي ڇا ڪبو! سجايو خيال هڪ رب جو يادگيرو آهي. دوست پنهنجي دل ۾ حاضر ناظر ياد ڪجي. چوڻ وٺجي، ماڻهو امر جو بندو آهي. چوائي ۾ هوندوَ ته ڏک ۽ خطا نه ڏسندو.
ماڻهو زماني ۾ وڇانئجي ويا آهن. پر امر مڃجي. چوي ٿو ته ذڪر ڪريو. ذڪر ائين ڪريو جيئن وجود وسري وڃي. ذڪر سان سڀ شي آهي. هي وڻ به ذڪر سان آهن. ماڻهو ڪونه هوندو هو پوءِ کنڊل کان پڇندو هوس ته وڻن ۾ ذڪر ٻڌين ٿي؟ جي هائو سائي وڻ سڀ ذڪر پيا ڪن. جا شيءِ ذائقو موت جو چکي ٿي. سڀ شيءِ کي دوست دل ۾ ياد آهي.
خدائي خيال کي ختم ڪري ٻين ڪمن کي ٿا وٺو. خدائي خيال کي وٺو جنهن سان اول آخر ڪم آهي، ظاهر باطن ڪم آهي. دليل سڀ دور ڪندا وڃو. ڪهڙو به چڱو دليل ته به رب جي مٽ نه، دليل ٽاريا وڃجن. جيئن رب جي نالي کي ورتو اٿو تيئن نه ڇڏجو. پارس پرين هينئر ويجهو آهي، رڱڻ چڙهي پيئي آهي.اهو پنڌ مردانو آهي.
سهڻو شاهه لطيف چوي اڳيئون شال وڻان
خدائي ٻج ڳرو آهي. سامائجڻ کانپوءِ خبر پوندي آهي. درجه بدرجه سامائبو ويندو. رب جي نالي جو ٻج ڳرو آهي. بدن ملڪ آهي. جيئن لونءَ لونءَ ۾ سامائبو وڃي. مراقبه ۾ ويهجي ته جيئن وجود وسري وڃي. لونءَ لونءَ ۾ ذڪر هلي ٿو. لونءَ لونءَ رب گهري ته اهو ڀلو آهي. مان وري راضي تڏهن ٿيندس جڏهن توهان لونءَ لونءَ نالر رب جي ساڻ پيئي وڄي.
الله سائين جي اڻ تڻ ڀلي ڪري اوهان منجهه هجي. پوءِ جيئن ٻهاريءَ سان ملجي. رب ڪريم جي نام سان جيئن سدائين سهاڳڻ هججي. سواءِ الله سائينءَ جي ٻيا ڪهڙا ڳهه وجهڻا آهن!
ذڪر تئون ڪندو آهي. بازين منجهه بازي دم جي آهي. مونجهه به نه مڙجي. صحبت ڪانهي تڏهن ٿي مونجهه ٿئي. خيال خدائي پاڻ ۾ هڻي ڇڏجي. رمز پاڻ ۾ لڳل هجي. توڙي ماڻهن ۾ ويٺي به گهڻو نه ڳالهائجي. خيال بهاري نه وٺندو جيسين پنهنجو خيال هن خيال سان نه گڏبو. ڄڻ ذات صفات گڏي ڏسجي، درجه بدرجه،
ٽُٻن پوءِ ٽبي آهي بي انت ۾
خيال عام کان يگانو هجي. اهو ڄڻ جوڳه منجهه آهي.
پري ڪين آهيو. ويجها آهيو. ٻيڙو تري پوندو. سچ جو ٻيڙو لڏندو ٻڏندو ڪونه. منڊي ماڪوڙي ڪچي ڍڪڻي فقير پنهنجي ڪين ڇڏيندو. مطلب ته سبق ياد هجي. وسري نه،
ائين چرخو چور جيئن ڀونءِ وڻڪوئي نه ٿئي
تنهان پوءِ وڃي تور ته سون برابر سُٽ ٿئي
ائين چرخو چور جيئن ستن کي پيئي سار ٿئي
تنهان پوءِ وڃي تور ته ماڻڪن مٽ ٿئي.
تکي تار تن سان لائجي ته ماڻهو اڳيئون صرافن ۾ وڻي اچي. تکي تار تن واري اسان چئي هئي. ولايت جي خبر اوزار پهچائي ٿو. توهان جي اوزار کي به وڄ جو پاڻي آيل آهي. ڀڙڪو ڏيندو پر جڏهين ڇرڪ پويس. تار ڳنڍيل هجي، تار به بادشاهه جي بنگلي تي ٿيندي آهي. ڪو عام وٽ ته نه هوندي! هي ڳالهيون نه آهن حال آهن. حال بيحالن سان نه ڪجي. ڳالهه ڳالهه آهي، حال حال آهي.
ارمان آهي اوهان جو جو جيڪي اوهان کي مليل آهي تنهنکي سر ڏئي به نه پڄي سگهبو. اهو ارمان آهي جو نه سڃاتو نه سمجهوَ. اها نصيحت ۽ هدايت جيڪا اوهان سان ڪيل آهي سا جي پٿر سان ڪچي ته پٿر ئي ڦاٽي پوي. ۽ جيڪي اوهان کي مليل آهي ان کان واڌاري ڪا شي هجي ته چئجي. حيف اوهانجي عقل کي هجي جو رب نه سڃاتوَ. الله جا امر ڇڏي ڏنوَ، ڪجهه نه سمجهوَ، ارمان آهي ڪيتري نصيحت هدايت ٿي آهي پر اثر ذرو به نه ٿيو آهي. نصيحت به اها اثر ڪندي جا پتي تي پوندي. پتو به اوهان ماڻهن کي آهي الائي ڪونهي! ليکي لل ڪونهي!
گنبذ تان گولي کڻي ڇڏ ته ٺڪاو وڃي هيٺ ڪندي. ڳالهه کڻي ڪر ته اها دل تان ڪري پيئي. وري ٻي ڳالهه ياد اٿو؟ چي الاجي تو ڇا چيو! ڪنهن ڪنهن کي ڪل پيئي آهي. پر اهو به صبر ۾ رهيته چڱو آهي.
جي سموري سرڪار توکي مينگها ملندي ماٺ ۾
اوليا صاحب ٿو چوي ته
صبر دا ڏي لوڙها ميان شاهه باهو دم راکا ٻلهاوين
چي صبر ڪري ويهي دم هلاءِ
ٻچو، اڄ گڏهن کي هيرا ماڻڪ ٻڌي ٿا ڇڏين يعني سڀ جن کي رستو ٿا ڏسين يا نام ٿا بخشين سي ماڻهو ڪونهن، ڪيترا گڏهن مثل آهن.
توهان جو ڪهڙو ڪم آهي عام سان! فقط نام ۾ گم هجو. ٻيون ڳالهيون ئي نه سکو، جو مراقبه ۾ وهڻ کانپوءِ وهم ۽ اهي ڳالهيون اچي وسوسا وجهنديون. اوهين اهي سوليون ڳالهيون ڇڏي ڏکيون ڳالهيون قبول ڪريو.
ٻچو، مونکي سائينجن ذڪر ڏسيو، پر مونکان وسري ويو. ٻئي ڀيري جڏهن ويس ته هڪ ڏينهن فرمايائون ته بدنو کڻي ٻاهر هل. ٻاهر هلي چيائون ته اسان کي ريلي يا ڪاڪوس جو خيال ڪونه هو، توکان ذڪر وسري ويو آهي سو ويهه ته توکي وري سمجهايون. موٽي جاءِ تي آياسين ته مونکي خيال آيو ته فقط انهيءَ اکر کين ايڏي ءَ حد تي رسايو آهي! اتيئي پاڻ مون ڏانهن نهاري فرمايون ته نينگر سڀ پير پيغمبر اولياءَ انهي نالي رب جي پئي نوازيا آهن.
چوي ٿو مون توکي پنهنجو ڪري خلقيو آهي. چوي ٿو ته نڪو مون توکان پري آهيان. چوي ٿو ته تون مونکي پنهنجو ڪر. رب رحيم ڪريم آهي. گهري وٺو. جي نه ملي ته ماڻهو ڇو گهرن. جنهن جي دل کي طلب هوندي آهي ته اها گهرندي آهي. رب جي رحم ڏانهن اميدوار ٿجي. اول نالو الله، الله الله جو نالو نهال ڪندو. رب ڏانهن سڻائي آهي ته سڀ ڏانهن سڻائي آهي.
اوهان لکيو آهي ته ڪري ڪل ئي پاڻ ٿو ۽ ادم به پاڻ ڪرايو آهيس. وري تعليم به سڀ شي ٿي گهري. ۽ محنت به سڀ شي ٿي هري. وتايو فقير مست هو. چوندو پيو وڃي ته جيڪي ڪري سو الله. اوچتو ڇوڪر هنيس پٿر ته پٺيءَ ۾ زور سان ڌڪ لڳس. پٺتي ڏسي ڇوڪر ڏي بيهي رهيو. ڇوڪر وري جواب ڏنس ته جيڪي ڪري سو الله! ته وري وتائي فقير چيو ته قيامت پنهنجي به وڃائين ٿا. ٻچو دشمن ۽ دوست ٻئي ڏيل اٿس. رب جي حڪم کانسواءِ ته پن به نٿو چري. پوءِ جي دشمن ي رايو پوي ته فڪر ڪري. ڪين برو ڪم ڪري وهي؟ فڪر ڪري.
هڪ قاضي هو پرر وڏو درويش هو. هڪ ڏينهن مون وٽ آيو ۽ ڳالهه ڪيائين ته هڪ دفعي ذڪر بيهي ويو. پٽڪو ۽ چولو لاهي اچي بازار مان لنگهيس. جهنگ ۾ وڃي ڪائنچ به لاٿيم ۽ وري به اچي بازار مان لنگهيس. ماڻهن چريو چريو ڪري اچي ورتو چي قاضي چريو ٿيو آهي. بس! نفس ڦڪو ٿيو ته ذڪر کلي پيو.