مُهاڳ
اهو انسان جو پهريون تجربو هو جيڪو امان حّوا بيان ڪيو، اهڙي ريت آدم " جي اولاد جو بيان ڪهاڻي بڻجي ويو. هن ڌرتيءَ تي پيار، محبت، امن ۽ رشتن جي تخليق ٿي ته ان سان گڏ نفرتن به جنم ورتو. اهوئي سبب آهي جو انسانن جي وچ ۾ تضاد پيدا ٿي پيا، انهن تضادن کي مٽائڻ ڪارڻ پيغمبر آيا، جنهن حضرت انسان کي سنئين واٽ وٺائڻ جا جتن ڪيا، جن انسانيت اُنسَ ۽ ايڪانت جو فلسفو ڏنو، ان کان پوءِ اهوڪم فيلسوف، شاعرن ۽ اديبن سنڀاريو، جن سماج ۾ پيار، ميٺ محبت، خلوص، سچائي، سوچ، سمجهه، فڪر ۽ ذڪر جو سنديش ڏنو. ان جو مثال يونان جي اُها سرزمين آهي، جنهن علم و دانش جا ٿنڀا جهڙوڪر هومر، ارسطو، افلاطون، اسڪائي ليس ۽ سوفو ڪيلز جهڙا ڏاها انسان پيدا ڪري سماج جي لاءِ فلاح و بهبود جا پيڪر ثابت ٿيا. جن پنهنجو اهو عظيم ذهني ۽ فڪري پورهيو دنيا کي ونڊي ورهائي ڏنو. ان پورهئي جو نالو ”ادب“ آهي، جنهن جي معنيٰ ريڙهيون ڏيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ آهي.“ اِها هڪ تلخ حقيقت آهي ته ادب، جذبن، احساسن، اُمنگن ۽ خيالن جي اظهار جو نالو آهي. ادب جون ٻه اهم صنفون آهن هڪ نثر (Prose) ۽ ٻيو نظم (Poetry). دنيا جي هر ادب ۾ سڀ کان پهريائين نظم (Poetry) شروع ٿيو آهي.
ان کان پوءِ دنيا جي هر ادب ۾ ڪهاڻي پيدا ٿي، اِها ڳالهه ذهن جي اسڪرين تي تري اچي ٿي ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسون ته نانيون ۽ ڏاڏيون رات جي گهگهه اونداهين ۾ قصا کڻنديون هيون، ائين اها روايت ادب جي اُفق تي نمايان ٿي.
اوائل ۾ ڪهاڻي مافوق الفطرت (Super Natural) جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيون ويون جن ۾ ڪُهنا ڪردار بادشاهن، ڏانئڻن، جادوگرن، جنن، ڀوتن ۽ جانورن جا هئا. دنيا جو هر ادب (Literature) ان صف سان مالامال آهي.
جيئن دنياوي موسم تبديل ٿيندي آهي تيئن انسان جي ذهني موسم به ٿيندي آهي، ڪجهه ساڃاهه وند اِهو سوچيو ته هاڻي انهن ڳالهين کي نئون لاڙو (Trend) ڏبي يعني مافوق الفطرت ڪردارن کان هٽي انساني ڪردارن جي سچي پچي تصوير چٽجي، جنهن ۾ حضرت انسان جي معاشرتي مسئلن تي بحث ٿيل هجي.
ادب ۾ اُها نئين صف (Fiction) جي نالي سان رونما ٿي، جنهن کي افسانو (Short Story) چيو وڃي ٿو، جيڪا اسان کي يورپ مان ملي. اِها صف سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان اڳ ۾ طبعزاد ۽ ترجمي جي صورت ۾ ملي ٿي. هر دؤر جو ادب ٻئي ادب کان ضرور اثر وٺندو آهي، اهڙيءَ طرح سنڌي ادب به افساني جو حقيقي تاثر ۽ گهاڙيٽو انگريزي ادب کان ورتو آهي، جن ۾ نشانبر روس جو ٽالسٽاءِ گوگول ۽ چيخوف، فرانس جوبالزاڪ ۽ موپاسان، انگلينڊ جو چارلس ڊڪنس، اهڙي ريت آمريڪا جا اوهيني ۽ ايڊگرايلن پو سرفهرست آهن.
سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب ايتري پذيرائي حاصل ڪونه ڪئي آهي، جيتري دنيا جي سڌريل ادب ڪئي آهي، ورهاڱي کان اڳ۾ هندي ليکڪن ان صنف سان سٺو پاڻ ملهايو، ورهاڱي کان پوءِ ڪهاڻي گهٽ سرجڻ لڳي آهي، جنهن جا اڪيچار اسباب آهن.
سنڌي ادب ۾ جا (Short Story) جا چند باني مُباني آهن جن هن صنف سان پاڻُ موکيو آهي ۽ جيئدان بخشيو آهي جن ۾ نشانبر مرزا نادر بيگ، جمال ابڙو، نسيم کرل، بادل جمالي، حميد سنڌي، امر جليل، نجم عباسي، علي بابا، طارق عالم ابڙو ۽ مدد علي سنڌي آهن، جيڪي مذڪوره قافلي جا سرواڻ ۽ رهبر آهن.
اڪثر اِهو ڏوراپو ڏنو ويندو آهي ته سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي مري وئي آهي ۽ ان جو جنازو نڪري چڪو آهي، اِها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست نه آهي.
پر جڏهن اويس ڀُٽو جهڙو ڀلوڙ نوجوان اديب سنڌي ادب جي سرزمين کي ڪهاڻين جو مجموعو ڏئي سيراب ڪري ٿو، تڏهن هڪ ڀيرو ڪهاڻي کي ٻيهر جيئدان ملي ٿو، ان ريت هُو ڪهاڻيءَ جي قافلي ۾ شامل ٿئي ٿو، اويس ڀُٽو سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي مجموعو ”لتاڙيل ليڪا“ پيش ڪري هڪ نئون آواز ڏنو آهي. ان کان اڳ ۾ هو سنڌي ٻوليءَ جي مشهور رسالن عبرت مئگزين، پرک، سوجهرو ۽ سارنگا ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ڇپائي چڪو آهي ۽ مڃتا ماڻي چڪو آهي. ان کانسواءِ هُو ٻاراڻو اديب سان گڏوگڏ جو ادب پڻ سرجيو اٿس.
ٻاراڻي ادب منجهان ٽي ڪتاب آيل اٿس جن منجهان جهرڪيءَ کان انٽرويو، ڇپائيندڙ نئون نياپو اڪيڊمي صرف هڪ روپيو هن کي پڻ مٿئين اداري ڇپايو آهي، ان کان سواءِ ٻاراڻي اسلامي ڪهاڻي جو مجموعو مهراڻ اڪيڊمي ڇپرائي رهي اٿس، جنهن جو نالو ”روشن روم“ آهي.
شاعريءَ جي ڪتاب ”تات مڙيوئي تنهنجي“ ڇپائيءَ هيٺ اٿس.
تعليم جي گوشي بابت به ڪم ڪيو اٿائين، ان سلسلي ۾ ”تعليمي ڪاميابي“ سنڌيڪا اڪيڊمي آڻي رهي اٿس.
اويس ڀُٽو هڪ سڄاڻ ليکڪ آهي. جنهن ادبي دنيا کي مالامال ڪيو آهي، اهو به ذڪر ڪندو هلان ته اويس مضمون سان به موکيو آهي، ان سلسلي ۾ ”گلن مُٺ“ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي دنيا ۾ واڌارو آهي.
اويس ڀُٽو ڪهاڻي جي فني ٽيڪنڪ ۽ موضوع سان ڪيترو نڀاءُ ڪري چڪو آهي، اهو پڙهندڙ تي ڇڏجي ٿو، اويس ڀُٽو پنهنجي مجموعي ”لتاڙيل ليڪا“ ۾ سماج ۾ ٿيندڙ براين جي لڪير ڪڍي ٿو ۽ سماج سڌارڪ نظر اچي ٿو، سماج ۾ جيڪي برايون آهن انهن کي تڙي ڪڍڻ چاهي ٿو، سماج ۾ جيڪي برايون آهن انهن کي تڙي ڪڍڻ چاهي ٿو، اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جن مان سماجي دلدل، سورن جون ساعتون، لتاڙيل ليڪا، رانگ نمبر چا رنگ ۽ ڪرڻي جي ڀرڻي شامل آهن.
مذڪوره ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻين جو تذڪرو ڪجي ٿو:
لتاڙيل ليڪا
هن ڪهاڻيءَ ۾ ويگن (Van) جي ڊرائيور جي موبائيل تي هڪ ڇوڪريءَ سان ڪِريل گفتگو جو چٽ چٽيو ويو آهي. جنهن ۾ ڊرائيور اخلاق کان ڪِريل ڳالهيون ڪري ٿو، اهو به خيال نه ٿو ڪري ته پويان پسينجر ويٺل آهن، حياء جو ليڪو لتاڙي الائي ڪٿي دنگ ڪري ٿو.
سماجي دلدل
هن ڪهاڻيءَ ۾ اِهو ڏيکاريو ويو آهي ته بخشو هڪ هوٽل تي ڪم ڪري ٿو، روز هڪ سؤ ويهه روپيا ملن ٿا، پر اُهي گهر ۾ خرچ نه ٿو ڪري اٽلندو انهن پئسن مان ايزي لوڊ ڪرائي سڪينه سان ڊيلي موبائيل تي ڳالهائي ٿو، اصل ۾ اُها سڪينه ناهي پر سُڌير آهي. هيءَ ڪهاڻي موضوع جي حوالي سان نواڻ جو احساس ڏياري ٿي.
سورن جون ساعتون
هن ڪهاڻيءَ ۾ اوباش مرد ذيشان جيڪو شادي شده آهي، پر پاڻ کان ننڍي عابد سان دوستي رکي ٿو ۽ پنهنجي وَني ڪريمان کي ويراڳي بڻائي ڇڏيو اٿائين.
آخر ۾ سندس مڙس کي ماري جڏهن در تي پهچائين ٿا ته ماڻهو کيس اِهو چون ٿا: ”عابد جي پيءُ مختيار کيس عابد سان روز روز گهمندو ڏسي گولي هڻي ڇڏي.“
اويس ڀُٽو رومانوي رنگ ۾ به ڪهاڻي کي خوبصورت ڪينواس ڏنو آهي، جن ۾ پيڙا، ڏک، درد ۽ خوشيءَ جي لهر جي اُپٽار ڪري ٿو، جن مان نشانبر اڄوڪي محبت، ڀسم ٿيل ڀروسو، لاحاصل محبت، روئاريندڙ رويو، روين جي ٽياس تي ٽنگيل محبت ۽ دردن ڪئي ڌام ڌوم آهن. جن کي پڙهي ڪنبڻي وٺي وڃي ٿي. ۽ سوچن جي سمنڊ ۾ غلطان ٿي ويهجي ٿو. هنن ڪهاڻين جو اسلوب، متانت ۽ سنجيدگي پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ سندس ڪهاڻين کي پڙهي ڪٿي به بوريت جو احساس نه ٿو ٿئي.
”اڄوڪي محبت“ ۾ محبت جي فلسفي جي اُپٽار ڪئي وئي آهي، محبت جو فلسفو سمجهايو ويو آهي، محبت ڇا آهي، محبت ڪرڻ وارن لاءِ هيءَ ڪهاڻي سکيا جو سامان آهي، ڪي ماڻهو محبت کي منفي سمجهندا آهن پر اويس هتي اصلاح ڪري ٿو.
”محبت کي جيڪي دردن ۽ سورن جو نالو ڏئي ان کي فضول سمجهندا آهن، اصل ۾ انهن کي محبت جو لفظ راحت ۽ سڪون جي لفظن سان رقص ڪندڙ هجي ٿو، ڪير ٿو چوي ته محبت ۾ پريشانيون ۽ سور هوندا آهن! پر محبت جي موجودگي ۾ اهڙي قسم جو خيال نه رهندو آهي.“
ڪهاڻي ”ڀسم ٿيل ڀروسو“ پڙهي وات پٽجي وڃي ٿو، ۽ هڪدم اِهو احساس ولاري وڃي ٿو، ته دنيا ۾ اڄڪلهه ائين به ٿي رهيو آهي، ڀاءُ تان يقين کڄي وڃي ٿو.
ائين اويس ڀُٽو جي هر ڪهاڻي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي ۽ اِهو محسوس ڪرائي ٿي ته دنيا ۾ ڇا ڇا نه ٿي رهيو آهي. انهن سڀني ڳالهين کي قلمبند ڪري اويس ڀُٽو کيرون لهڻي، جنهن ڪهاڻين جو مجموعو ”لتاڙيل ليڪا“ سنڌي ادب جي جهولي ۾ وجهي هن صنف کي زنده جاويد ڪيو آهي، اميد ته هُو سنڌي ادب جي لاءِ ڪوشان رهندو.
اياز ڀُٽو
سبجيڪٽ اسپيشلٽ (سنڌي)
ڳوٺ مبارڪپور
تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد