پڄاڻي پاڻ لهي
”نه پر ان ۾ ڪهڙو حرج آهي جو آءُ جلال سان شادي ڪريان ۽ تون وري ڪير ٿيندي آهي جو مون کي شادي يا دنيا جا اصول سمجهائين! منهنجي زندگي آهي آئون ڇا به ڪريان، اهو نه فقط منهنجو ذاتي مسئلو آهي، حق پڻ آهي“ سندس ماءُ حليمه کيس چيو.
”امان توکي خبر نه آهي ته اهو قادر جو پٽ جلال پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيترو بدنام ٺڳ ۽ لٽيرو رهيو آهي. بابا مرحوم چوندو هو سندس پيءُ به نامي گرامي ڳوٺ جو ٺڳ رهيو آهي. جلال ڪو چڱو انسان نه آهي. نيٺ هن توکي ڪهڙي لالچ ڏيئي لائون لهڻ لاءِ ورغلايو آهي. امان اسان جو پيءُ پوري ڳوٺ ۾ عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽ هن جي تمام گهڻي عزت آهي. جلال وارا ته پنهنجي خراب ڪردار جي ڪري پاڻ کي عزت وارو سمجهين پيا پر امان بابا جي عزت انهن سڀني کان وڌيڪ آهي. پر انهن سڀني ڳالهين کان وڏي اها ڳالهه ته اهڙي ڳالهه ٻڌي اسان جا سڀ ڳوٺ وارا ڇا چوندا ۽ ڇا وڃي بچندو. ويچاري بابا مرحوم جي عزت جو....!! امبرين جي لهجي ۾ سختي هئي.
”امبرين ڏس شرافت سک! اسان توکي سٺي تعليم ان ڪري ڪونه ڏياري آهي ته تون ٻه اکر پڙهي والدين جي عزت نه ڪرين ۽ انهن سان اهڙي سخت لهجي ۾ ڳالهائين! هاڻي وڌيڪ ڪجھه نه ڳالهائجانءِ ڇو ته توکي ڪوبه حق ڪونهي بحيثيت ڌيءَ جي ماءُ سان اهڙيءَ ريت پيش ايندي ماءُ کيس گرجندي چيو. هاڻي سمهي پئه ته جيئن صبح جو ڪاليج لاءِ جاڳ ٿيئي“.
حليمه جو مڙس الهه بخش ڳوٺ جي معزز ترين شخصيتن مان هڪ هو، سندس پهرين زال جي وفات کان پوءِ هو ڳوٺ ڇڏي اڪثر شهر ۾ رهڻ لڳو، تڏهن هن هتي حليمه سان شادي ڪئي هئي شادي کان پوءِ ڪجھه مهينا شهر ۾ جڏهن رهيو ته هن حليمه کي شهر جي تيز ترين ماحول ۾ سندس چال چلت کي ڪجھه سٺو نه ڀانيو. بعد ۾ کيس هو پنهنجي ڳوٺ وٺي آيو. حليمه شهر جي ڇوڪري هجڻ ڪري خوبصورتي ۽ سڀاءَ جي حوالي سان ڳوٺ جي عورتن ۽ ڇوڪرين ۾ نرالي ۽ منفرد هئي. تعليم يافته هجڻ ڪري هن پنهنجي اولاد کي ڳوٺ ۾ رهي ڪري به اعليٰ تعليم ڏياري. سندن اولاد ۾ ٻه پٽ عمران ۽ فرقان ۽ هڪ ڌيءَ امبرين آهي. امبرين سٺي ذهنيت رکندڙ ڇوڪري آهي. جلال ڳوٺ ۾ پنهنجي تعارف جو محتاج نه آهي، سندس شخصيت ۽ ڪردار ڪنهن کان به وانجهيل ڪونه آهي، هن جيڪو به مال گڏ ڪيو آهي ۽ ڪيئن گڏ ڪيو آهي، انهيءَ کان ڳوٺ جو هر ننڍو وڏو ڀليءَ ڀت باخبر آهي. هن جيڪو به پنهنجو مال گڏ ڪيو آهي اهو پنهنجو نه آهي بلڪه مسڪين ۽ بي وس ماڻهن جي نڙيءَ تي نهن ڏيئي گڏ ڪيو آهي. ڪار، بنگلي ۽ زمين کان وٺي جيڪا به سندس ميراث ۽ ملڪيت آهي اها سراسر ٺڳيءَ جي آهي. نه فقط ايترو پر ان ڳوٺ جي ڪافي عورتن کي ڳوٺ جي هڪ ڪراڙي (ڌوتي) جي معرفت مال جي لالچ ڏيئي کين پنهنجو ڪيو آهي شل نه ڪنهن چڱيءَ عورت تي هن جي نظر پوي، هن جي چنبي کان بچي ته اها ڳالهه ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندي. ڪجھه مهينن کان پوءِ الله بخش جي زال حليمه تي به هِن جي نظر پئي هن هي موقعو به هٿ کان وڃائڻ نه ٿي چاهيو. نيٺ پنهنجي حرفت ۽ مڪار کي جاري رکي سندس لاءِ ڪم ڪندڙ ڌوتي جانڻ ذريعي حليمه کي پڻ لالچ عيوض پنهنجو ڪرڻ جو زور بار رکيو. الله بخش کان اوجهل انهيءَ وارتا جي خبر کيس بعد ۾ سندس دوستن پاران پئي ته تنهنجي زال جلال سان لڪي رابطا وڌايا آهن. الله بخش کي اهڙي سڌ پوڻ کان پوءِ کيس تمام گهڻو غصو آيو. هن حليمه کي تمام گهڻو ڪٽيو ۽ ماريو ۽ ساڻس ناجائز واسطن ۽ رابطن کان روڪيو. پر نه ته حليمه ان عمل کان بعض آئي نه وري جلال پنهنجي حرفتن کان هٽيو. جلال حليمه کي ڪيتريون ئي سوکڙيون پاکڙيون موڪليون ۽ وڌيڪ لالچون ڏنيون ته هو الله بخش کان وڌيڪ کيس خوشيون ڏيندو ۽ سکيو ستابو رکندو ۽ پڻ سندس اولاد جي تعليم ڏيارڻ کان وٺي سندن هر گهرج پوري ڪندو. جلال ان حوالي سان اها ڳالهه طيءِ ڪئي ته هو الله بخش کي الله جي حوالي ڪري حليمه کي پنهنجي حوالي ڪندو پوءِ کڻي ڇا به ٿئي. حليمه سندس مڪار واري ڄار ۾ بلڪل جڪڙجي چڪي هئي ۽ هن نيٺ جلال جي انهيءَ صلاح کي سٺو ڀانيو ۽ جلال پڻ حليمه کي حاصل ڪرڻ جو اهو واحد حل سمجهيو. آخر جلال جانڻ جي ذريعي حليمه ڏانهن زهر جي هِڪ ٿيلهي موڪلي جيڪا حليمه کي ملي ۽ حليمه الله بخش کي زهر کارائڻ جي روز سٽ سٽيندي رهي. هڪ ڏينهن الهه بخش کي رات جو کير ۾ زهر ملائي ڏنو جيڪو رات جي معمولي ننڊ مان الله بخش کي حقيقي ننڊ طرف وٺي ويو الله بخش جي اولاد کي سندن پيءُ جو اهو غير معمولي موت سندن جسمن کي لرزائي ڇڏيو. پر حليمه جي انهيءَ حرفت جي کين ڪائي ڪل نه پئجي سگهي.
اڄ اٺون ڏينهن الله بخش جي وفات کي هو، جو حليمه کي انهيءَ ساري مقصد کي ماڻڻ جو الڪو ٿي بيٺو هو، جنهن جي ڪري هن هي سارو کيل تماشو ڪيو. امبرين پنهنجي ڀائرن کان وڏي هئي ۽ سندس ڀائر کانئس ننڍا هئا. انهيءَ ڪري هوءَ پنهنجي ماءُ حليمه کي اهڙي عمل کان روڪي رهي هئي پر حليمه ان حوالي سان بضد هئي.
اڄ هوءَ جڏهن ڪاليج کان واپس گهر آئي ته هن جلال کي پنهنجي گهر ۾ ڏٺو جيڪو حليمه سان گڏ ويٺو هو. امبرين اهو منظر ڏسي ششدر ٿي وئي کن پل کان پوءِ هن چيو ته امان هي سڀ ڪجھه ڇا آهي ۽ هي جلال هتي ڇا پيو ڪري.... سندس ماءُ چيو ته ڇا وري ڇا آهي مون جيڪو ڪجھه چيو هو اهو ٿي رهيو آهي. امبرين کيس چيو پر امان توکي هي سڀ ڪجھه ڪيئن جڳائي پيو. توکي خبر ناهي ته بابا جي وفات کي هڪ هفتو به نه گذريو آهي ۽ تون وري هتي رنگ رليون ملهائي رهي آهين! توکي تنهنجي اهڙي عمل تي ٿورو حياءُ هجڻ گهرجي امان. امبرين ڪتابن کي ٽيبل تي اڇليندي چيو.
”بڪواس بند ڪر ۽ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃ مون کي خبر آهي تون ڪيتري باشعور آهين“. سندس ماءُ ڪاوڙ ۾ چيو.
”امان والدين جي اصلي ذميواري آهي پنهنجي اولاد ۾ وڌ کان وڌ شعوري صلاحيت بيدار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ. باشعور ۽ تعليم يافته اولاد جيڪا احساس ڪمتري ۾ مبتلا نه هجي اها ڪڏهن به والدين جي آڏو سرڪشي اختيار نه ٿي ڪري سگهي. امان پيءُ پنهنجي ٻارن کي جيڪا انتهائي اهم شيءِ ڏيئي سگهي ٿو سا آهي والده سان پيار! ها منهنجي بابا مون کي منهنجي ماءُ سان به پيار ڪرڻ سيکاريو هو. هي پيار نه آهي ته ٻيو ڇا آهي امان؟ مان ڪيئن چاهينديس ته منهنجي ماءُ ائين اهو سڀ ڪجھه ڪري، مان ڪيئن چاهينديس ته منهنجي ماءُ هڪ بدنام ۽ بدڪردار ماڻهو جي ور چڙهي. امان جڏهن ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماحول کان وڌيڪ تنگ ٿيندا آهن ته سماجي ناانصافين خلاف بغاوت ڪندا آهن، غير محفوظ ۽ بي رحم حالتن ۾ رهڻ سبب سندن مستبقل تاريڪ رهندو آهي ۽ جيئڻ جنجال بڻجي ويندو آهي. جلال وارن جو اهو ئي ڪم رهيو آهي، ڳوٺ جو هر هڪ سندن ستم کان بيزار آهي“.
جلال امبرين جون اهي ڳالهيون ٻڌي پنهنجو منهن ڳاڙي ڪري غصي ۾ اٿي هليو وڃڻ کان اڳ ۾ حليمه کي چيو ته هن ڇوري کي سمجهاءِ نه ته حالت ڏاڍي خراب ڪندومانس. حليمه کيس پويان سڏ ڪندي رهي پر هن پوئتي ڪونه ڏٺو.
”هي تون ڪهڙي بڪواس ۽ فضول گوئي ڪري رهي آهين؟ جلال ڇا سوچيندو امبرين! مان هي جيڪو فيصلو ڪريان پئي صحيح آهي يا غلط ان سان تنهنجو ڪو واسطو ڪونه آهي. ۽ ٻي ڳالهه ته شادي هر ڪنهن جو حق هجي ٿو ۽ خود مذهب پڻ ان شيءِ جي اجازت ڏيئي ٿو“ ماءُ کيس سخت لهجي ۾ چيو.
پر امان تون جنهن سان شادي ڪرڻ چاهين پئي ان جو ڪردار ڪهڙو آهي، جيڪو ماڻهو ڪرداري بنياد تي ٺيڪ نه آهي ته اهو ٻين جي لاءِ ڪيئن ٺيڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. امبرين کيس چيو.
”پر ماڻهو کڻي ڇا به ڪن، ڇا به چون تون ڇا به ڪرين ۽ ڇا به چوين پر مان جلال سان شادي ڪنديس، اهو مون کي پر سڪون زندگي فراهم ڪري سگهي ٿو ۽ توهان جي مستبقل لاءِ آسري جو سامان بڻجندو“. سندس ماءُ چيو.
پر امان اسان کي اسان جي بابا جي وفات جو ڏک ۽ غم اڃا لٿو ئي ناهي ۽ تون انهيءَ غم ۾ ڪيئن مسرور ٿيڻ چاهين ٿي. امبرين ڏک ڀري انداز ۾ چيو.
خوشيءَ جو هڪ لمحو، غمن جي هزار لمحن تي حاوي هوندو آهي. غم به زندگي آهن ته خوشيون به زندگي. خوشي ۽ غم ملڻ زندگيءَ جو اٽوٽ حصو آهن. غمن کي ڀلائڻ لاءِ خوشيءَ جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. سو هن غم کي وساري ڇڏ ڌيءَ. سندس ماءُ سمجهائيندي چيو.
امان جن جي زندگيءَ ۾ خوشيون تمام گهڻيون هجن، انهن کي ننڍڙو غم به وڏو لڳندو آهي، ها اسان جي بابا اسان کي سچ ته گهڻيون خوشيون ڏنيون پر سندس اهو غم ڀلائڻ جهڙو نه آهي امان! جيڪا خوشي تون ماڻڻ چاهين پئي اها توکي ڪڏهن به راس ناهي ٿيڻي. ڇو ته حقيقي خوشي اهو ئي انسان حاصل ڪندو آهي، جيڪو پنهنجي خواهش تي قبضو ڪري. امبرين چيو.
ڌيءَ مان چاهيان ٿي ته منهنجي محروم پيءُ اسان کي کوڙ خوشيون ڏنيون پر ڪنهن خوشيءَ جي کسجي وڃڻ تي ايتري چري نه ٿيءُ ڌيءَ! بلڪه ٻي خوشيءَ جي ڳولها ڪر. پنهنجي چهري تي ڪاوڙ ڏک ۽ غم بجاءِ خوشيون سينگار. ته جيئن توکي ڪوبه غم نظر نه اچي. ماءُ کيس چيو.
سندس ڌيءَ جي روڪڻ کان حليمه نه مڙي ڪجھه ڏينهن بعد مذهبي حدون ٽوڙي جلال سان شادي ڪئي. سندن شادي کان پوءِ سڄي ڳوٺ سميت امبرين کي به اها خبر پئي ته حليمه پنهنجي مڙس الله بخش کي جلال جي چوڻ تي زهر ڏيئي موت جي ننڊ سمهاريو هو. امبرين کي اهڙي خبر پوڻ کان پوءِ سندس هوش ۽ حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. سندس ماءُ به جلال جيان کيس ظالم لڳي رهي هئي، ته ڪيئن هن سندس پيءُ کي زهر ڏيئي ماري ڇڏيو هو. ڳوٺ جي ماڻهن پڻ ان اهڙي وارتا تي اچرج کاڌو. شادي کان پوءِ جلال سندن گهر ۾ ئي رهڻ لڳو، جيڪو عمل امبرين لاءِ ڪنهن عذات کان گهٽ نه هو. حليمه ٻه ٽي هفتا خير خوبي ۽ خوشيءَ سان گذاريا. هڪ ڏينهن جلال حليمه کي چيو ته ”هاڻي مان امبرين سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو“ اهڙي ڳالهه ٻڌي حليمه حيران ٿي وئي ۽ کيس چيائون ته ”جلال ايئن نه ٿو ٿي سگهي مان جو تو لاءِ آهيان“. جلال چيس ”حليمه! صفا نادان آهين تو جهڙيون اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي منهنجيون هيون، پر اڄ اهي الائي ڪٿي آهن، اهو آئون به نٿو ڄاڻان“ هاڻي منهنجي نظر ۾ امبرين آهي جنهن جي نازن ۽ نخرن منهنجو راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. حليمه کيس منٿون ۽ ايلاز ڪيا ته هو ايئن نه ڪري پر جلال جو ته ڪم ئي اهو هو سو ڪيئن ٿي مڙيو!
امبرين کي جڏهن اها خبر پئي ته هوءَ تپي باهه ٿي وئي ۽ سندس پيرن هيٺيان زمين ڇڏائجي وئي. جلال هاڻي اهو فيصلو ڪيو ته سڀاڻي هو حليمه جي ڌيءَ امبرين کي به پنهنجي ڪنوار بڻائيندو.
حليمه ڀانيو ته دنيا اميدن ۽ آرزوئن جي نه پر، حقيقتن ۽ نتيجن جي جاءِ آهي، هن کي پنهنجي ساري ڪئي تي کيس گهڻو ارمان ٿي رهيو هو. هڪ بدڪردار ماڻهو جي وڪڙ ۾ اچي پنهنجي باڪردار مڙس کي مارڻ کان وٺي کيس پنهنجي هر عمل تي نهايت افسوس ٿي رهيو هو. جيڪو هن ڪنهن وڏي خوشيءَ ماڻڻ لاءِ ڪيو هو.
سندس ذهن چڪرائجڻ لڳو ۽ سندس ڌيءَ امبرين جا چيل هي لفظ سندس ذهن ۾ ڦرندا پئي رهيا ته ”امان! جيڪا خوشي تون ماڻڻ چاهين پئي، اها توکي ڪڏهن به راس ناهي ٿيڻي. ڇو ته حقيقي خوشي اهو ئي انسان ماڻي سگهندو آهي، جيڪو پنهنجي خواهشن تي قبضو ڪري.... “
***