سورن جون ساعتون
هوءَ سوچن، خيالن، وسوسن، اڌمن ۽ الڪن جي ڄار ۾ بلڪل جڪڙيل ئي هئي جو سندس ڀر ۾ ستل ننڍڙو عادل ننڊ مان جاڳيو ۽ روئڻ لڳو. ڪريمان ان ڄار مان ڪجھه پاڻ ڇڏائي کيس پنهنجي ٿڃ پياري مٿان کيس چادر اوڍي کيس سمهائڻ جو جتن ڪيو. هن وري پنهنجي انهيءَ سوچن واري ڄار ۾ پاڻ کي جڪڙي ڇڏيو ئي مس ته عادل جي روئڻ جو آواز وري کيس هڪ لحظي ۾ سندس سوچن جي تسلسل کي ڪڙي ملائڻ ڪونه ڏني. هاڻي عادل ڏاڍو روئي رهيو هو. هن هاڻي ذيشان جي ڳالهين کي ذهن مان ڪجھه ساعتن لاءِ پنهنجي سماعتن کان ان ڪري به ڪڍڻ پئي چاهيو جو عادل کي ننڊ پنهنجي آغوش ۾ ڪونه ڀري رهي هئي. جنهن ڪري هوءَ کيس ريجهائي ۽ سرچائي رهي هئي. ڪريمان جي آزاريل وجود مان تڪليفون ليئا پائي رهيون هيون. هوءَ بي وس هئي ۽ بي واجبي سندس مٿان روان دوان هئي. هوءَ مجبور، مايوس ۽ ملول هئي، سندس مڙس ذيشان پاران ڏنل اذيتن، اهنجن، انتظارين ۽ بيقرارين جو سندس دل ۽ ذهن ۾ ذخيرو زياده ٿي ويو هو.
اهو روز جو معمول هو، جعو ذيشان سارو ڏينهن گهر کان غائب هوندو هو. ڪريمان ڏينهن جي پرنور نزاڪت واري محبت کان ته محروم هئي پر رات جي تاريڪيءَ ۾ به سندس دل مان تفريحون تُرڪ ٿيل هُيون، ۽ ان جاءِ تي تڪليفون تمام هيون. ذيشان رات جو هونئن ته گهر کان بلڪل غائب هوندو هو. پر جي گهر ايندو هو ته رات جا اڍائي يا ٽي وڄائي ڇڏيندو هو. ڪريمان ننڊاکڙن نيڻن سان در ۾ ديدون اٽڪائي سندس اوسيئڙو ڪندي هئي ايئن راهن ۾ نيڻ وڇائي، سوچي سوچي ڪڏهن ته ساري رات ننڊ، ”ننڊ“ نه ڪرڻ جو ساڻس سودو ڪري ڇڏيندي هئي تان جو اسر جي آذان ۽ ڪڪڙن جون ٻانگون نئين ڏينهن شروع ٿيڻ جو ڏس ڏينديون هيون. پر ڪريمان کي ذيشان جو ڪوبه ڏس نه ملندو هو. هن عادل کي آرامي ڪرڻ پئي چاهيو، ان ڪري به ته سندس کاٻي پاسي کان ڀر ۾ ستل ڌيءَ عائشه جو آرام نه ڦٽي.
ڪريمان جي هر روز رات جو ننڊ نه ڪرڻ ۽ ويهي جاڳڻ ڪري سندس جوانيءَ واري جلدي ۽ جمال کي جهٽڪو جهجهو رسيل هو. هن ذيشان کان ڪيترائي ڀيرا سندس بي حسي، بي خيالي، بي واجبي ۽ بي قائدگيءَ جي باري ۾ پڇيو هو ته ڇو ائين ڪري پيو، کيس گهر ٻارن کان وڌيڪ وقت ٻين لاءِ ڇو آهي؟ پر ذيشان سندس ڳالهين کي ڪابه اهميت نه ڏيئي ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو هو.
ڪجھه ڏينهن کان ڪريمان کي خبر پئي هئي ته ذيشان مختيار جي پٽ عابد سان گهڻي اٿ ويهه ڪري ٿو، جيڪو سندس عمر کان پندرنهن سال ننڍو آهي. ڪريمان کي سندس انهيءَ ڳالهه جي سُڌ پوڻ کان پوءِ کيس انتهائي افسوس ٿيو هو، پاڙي ۽ ڳوٺ جي عورتن جي طعنن ۽ ميارن کان بچڻ لاءِ هن ذيشان کي گهڻو سمجهايو ته هو عابد سان اٿڻ ويهڻ ڇڏي ڏي، پر ذيشان پنهنجي ڀائرن ۽ پيءُ ماءُ جي چوڻ تي عمل نه ڪري ڪريمان کي اهو چوندو هو ته هو پنهنجي وڏن جو ئي چوڻ نه ٿو وٺي ته سندس حڪم ۽ ڳالهه کي ڪيئن مڃيندو! پاڙي جي ۽ پنهنجين عورتن ڪريمان کي ڪيترائي طعنا هنيا ۽ ٽوڪون ڪيون انهن کيس چيو ته اهو ئي تنهنجو مڙس ذيشان آهي نه، جنهن لاءِ تون پنهنجي پيءُ ماءُ سان کيس حاصل ڪرڻ لاءِ حشر ڪيا هئا ته مان ذيشان سان لائون لهنديس! تون انهيءَ ذيشان جي چونڊ ڪئي هئي نه، جنهن اڄ توکي اذيتن جي اوڙاهه ۾ اڇلائي پاڻ لوفرن ڇوڪرن سان گڏ گهمندو ٿو وتي. ڪريمان مٿان هاڻي سڀني چٿرون چاهه وچان پئي ڪيون، سندس مڙس جي گهر ۾ عدم دلچسپيءَ ۽ ساڻس ناپوَت ڪري اهڙو ويڌن سندس لاءِ ناسور بڻجي ويو. ڪريمان کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ لڳي….
هوءَ انتهائي بيزار ٿي چڪي هئي پنهنجي گهر کان، پنهنجي مڙس کان، ٻارن کان، طعنا ڏيندڙ ماڻهن کان مطلب ته چار ئي طرف سندس لاءِ چڱائيءَ ۽ سک جي لمحن مان مزو ماڻڻ لاءِ سٺا ثابت نه ٿي رهيا هئا پر کيس هر طرف تڪليفن سان سرشار محسوس ٿي رهيو هو….
ذيشان پنهنجي ٻارن کي ڇڏي عابد جي الفت ۾ محو ٿي ويو هو. ڪريمان جي کيس حق چوي، کيس توجهه جي طلب لاءِ چوي ته هو کيس ماري ڪٽي ساڻس لاتعلقي ۽ نفرت ڪندو هو.
”اسان جي معاشري ۾ آخر اهڙي قسم جا عمل، انسان ڇو ڪري ٿو. ڇو جو هو پنهنجي گهر ٻارن کان بيزار ۽ باغي ٿئي ٿو؟“
ڪريمان اڄوڪيءَ انسانيت ۽ ان جي بڇڙائيءَ تي ويچار ڪري ئي رهي هئي جو، سودي وٺڻ لاءِ ويل سندس ڌيءَ عائشه روئندي ۽ رڙيون ڪندي گهر ۾ آئي. هن عائشه جو روئڻ معمول وارو نه ڀانيو سندس روئڻ ۾ دانهون ۽ سڏڪا سمايل هئا.
ٻئي پل ڪريمان گهر جي در مان ذيشان کي رت سان رنڱيل، چئن ماڻهن جي هٿن ۾ کنيل ڏٺو. سندس وجود لرزجي ويو. سندس نڙيءَ ۾ اٽڪيل لفظ سندس وات مان ڪجھه پڇڻ لاءِ اڃا نڪتا ئي ڪونه، جو ان کان اڳ انهن ماڻهن کيس چيو ته ”عابد جي پيءُ مختيار کيس عابد سان روز روز گهمندو ڏسي گولي هڻي ڇڏي…“
***