(ليکڪ پاران) من جي ڊيسڪ تان.....
ليکڪ سماج يا معاشري جو وري سڀني جي ڀيٽ ۾ هڪ اهو فرد هجي ٿو، جنهن جي ڪلهن تي سماج جو سارو بار هجي ٿو. هُو سماج ۾ ساهه کڻندڙ هَر ”سوچ“ کان واقف هجي ٿو، ڪٿي به جيڪڏهن ڪا سينواريل سوچ ڌاريندڙ ماڻهوءَ جي روَين ۾ انصاف جي جاءِ تي انياءُ ۽ ظلم زياده ڏسي ٿو ته هُو ان ظلم کي قلم جي نوڪ سان نروار ڪري ٿو. پنهنجي ليکڪ هئڻ جي ناتي، سماج جي سوُرن کي سڀني جي سامهون آڻي، تصوير جو ٽيون رُخ ڏيکاري ان سان نينهن نڀائي ٿو. هُو نه فقط مظلومن جي ان مسئلي ۽ مصيبت کي لِکي، اذيتن جو انبار ڄاڻائي ٿو بلڪ ڪنهن سان يا ڪنهن جي معصوم محبت سان ڪيل ڪُلفت ۽ دوکي واري درد جي دانهن کي به دل سان ٻڌي ٿو. ۽ لِکي ٿو، مطلب ته هُو معاشري جي هَر ماڻهوءَ جي مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهي ان کي لِکي ٿو.
اهڙي ئي ڪيفيت پنهنجي به رَهي آهي، جڏهن کان ”ادب“ ۾ اچي ادب سان رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ادب ۾ ايندي يا ڪجهه لکندي پاڻ کي نه ته گهڻو وقت ٿيو آهي نه وري ”گهڻو ڪجهه“ لکيو آهي. ادبي دنيا ۾ پير پائڻ سان شاعريءَ کان شروعات ٿي پَر جڏهن وري نثر جو نينهن نروار ٿيو ته ڪهاڻيءَ جي قرب پنهنجي قرب ۾ قابو ڪيو. جڏهن ڪهاڻي پنهنجي ڀاڪُر ۾ ڀريو تڏهن ”ڪهاڻي“ تي قلم کڻڻ ڪڏهن ڪڏهن نه بلڪ روز جي ريت بڻجي ويو، تان جو جيڪا به جبر کان وٺي جدائي تائين، بي حسي کان وٺي بي وسي تائين ڪهاڻي ڪنن تي پئي يا اکين آڌو آئي ته ان کي لِکڻ ۾ ليٽ نه ڪئي. ۽ پوءِ ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ، لکڻ، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو ڏاڍو پيار پئدا ٿي پيو.
ڪهاڻي صِرف اهائي ”ڪهاڻي“ نه ٿي هجي جيڪا ڪتاب ۾ ئي پڙهي وڃي ٿي. ڪهاڻي اها به نه ٿي هجي جيڪا لکي يا پڙهي وڃي ٿي. پر”هر شخص ڪهاڻي آ“، موجب ئي ڪهاڻي ”ڪهاڻي“ آهي. هرماڻهوءَ وٽ پنهنجي دردن سان سرشار داستانجي صورت ۾ هڪ ڪهاڻي هجي ٿي، جيڪا هُو پنهنجي دل ۾ ئي دفن ڪري دنيا سان دنيا جهڙو هلي، دنيا کي اهو ڪڏهن به محسوس نه ٿو ڪرائي ته هُو پنهنجي سيني ۾ ڪيترا نه سُور سانڍيون ويٺو آهي. اهڙي داستان جي ڪهاڻي پاڻ جتي به ڏئي، پڙهي ۽ ٻڌي آهي ته ان تي انتهائي اچرج ۽ حيرتن جي حوالي ٿي ويا آهيون. پَر ڪروڙين اهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جيڪي اسان سڀني جي اکين کان اوجهل آهن. اهڙي قسم جون ڪهاڻيون ان ڪهاڻيڪار کي ئي پلئه پيون آهن، جنهن جي اک ۽ قلم چؤطرف بيحد باريڪ بينيءَ سان ڪم ڪن ٿا. ۽ هُو اهڙين ڪهاڻين کي سڀني جي آڏو آڻي پنهنجي ذميواري واري احساس کي سمجهندي، ذميواري نڀائين ٿا.
مون پڻ ان حوالي سان معاشري جي اهڙي قسم جي ڪهاڻيءَ تي قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪا آءٌ ليکڪ هئڻ جي ناتي انهيءَ ذميواري کي”ذميواري“ سمجهي سُرجڻ جي سدائين ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ته ڪٿي آءٌ جيئن انهيءَ ذميواريءَ کان لاپرواهي جي لپيٽ ۾ نه اچان.
مون پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ معاشري يا سماج جي ڪُک مان جنم وٺندڙ هَر اُن درد جو درمان بڻجندي اُن کي وائکي ۽ پيش ڪرڻ لاءِ سُئيءَ جي پاکڙي مان اُٺ ٽپائڻ جيڏي جدوجهد ته ناهي ڪئي پر پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪندي هَر ادب ڪهاڻيءَ کي لکڻ جي لاجواب ڪوشش ڪئي اٿم، جنهن ڪهاڻيءَ کان ٻڌندي درد ۽ ڏاڍو ڏک محسوس ڪجي ٿو.
ڪهاڻيءَ جي ”ڪهاڻي“ واري ان ذڪر ۾ اهو به ذڪر ضروري آهي ته ڪهاڻي ڪهڙي هئڻ گهُرجي يا ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟؟ ان حوالي سان حقيقت ۾ سنڌي ادب ۾ ايندڙ انهن نامَ ڪٺين ڪهاڻيڪارن جا نالا: امرجليل، جمال ابڙو، نسيم کرل ۽ علي بابا، جن جي حيثيت هماليه جيڏي انڪري ئي آهي ته سندن قلم ۾ قوت آهي، سندن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو ڪمال آهي، اهو ڪمال، لازوال آهي. هِنن صاحبن جي ڪهاڻي ۾ رڳو دلبر جي دوري ۽ ديدار جي درد يا وري محبوب جي ملڻ يا ملاقات لاءِ من ملول هئڻ جا موضوع ڪونه ملندا، بلڪ هنن سياسي، سماجي، معاشي، جنسي، بين الاقوامي، سائنسي ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن کي پنهنجي افسانن ۾ آندو آهي. اهوئي سبب آهي جو سندن اهڙي ڪمال درجي جي ڪهاڻيءَ ڪري سنڌي ادب جي سينڌ اڄ به سنواريل آهي. ڪهاڻي جي اهڙن قلمڪارن جي ڪَڍَ لڳي ئي ”ڪهاڻي“ کي سمجهي سگهجي ٿو ته ڪهاڻي ڪهڙي هئڻ گهُرجي يا ڪيئن لکڻ گهُرجي. باقي آءٌ مذڪوره مانَ وارن کان هميشه اثر وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.....
پنهنجن ڪهاڻين ۾ فني گهاڙيٽن واري گهُرج جو به کوڙ خيال رکيو اٿم پر تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪنهن کوٽ جو خيال پئدا ٿئي ته ان جو سارو سبب ڪهاڻي کي ان ”ڪهاڻي“ جو قصو سمجهجهي جنهن ۾ سوُر سوين ۽ خوشيون گهٽ هجن ٿيون بلڪ هجن ئي نه ٿيون. جنهنڪري هڪ ليکڪ ان وارتا کي لکڻ لاءِ لاجواب ٿيندي ان کي جيئن جو تيئن لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پوءِ ان سلسلي ۾ هو ڪِٿي ڪِٿي ڪهاڻيءَ جي اُنهن اُصولن کي اپنائڻ کان رهجي وڃي ٿو.
مون ڪافي ڪهاڻيون لکيون ۽ لکندو رهان ٿو، رسالن ۾ ڇپائڻ جو شوق هو، جيڪي ڪجهه ڇپايون به. پر ڪهاڻي ڪتاب ڇپائڻ جو شوق ورلي ٿيم.
اهڙي صلاح، همت ۽ اُتساهه اَدل اياز ڀٽو ڏنو. جنهنڪري هن ڪتاب ڇپائڻ جو سَهرو سندس ڏانهن ئي وڃي ٿو.
”لتاڙيل ليڪا“ پنهنجي ڪهاڻين جي هِن پهرئين ڪتاب (مجموعي طور پنهنجي پنجين ڪتاب) آيل ڪهاڻين تي تبصري ۽ ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ لاءِ آءٌ انهن سڀني سڄڻن جو سِڪ وچان ٿورائتو آهيان. جن ٿورو وقت مون ناچيز لئه پنهنجي قيمتي وقت مان ڪڍي ڪتاب ۽ ڪهاڻي تي پنهنجي قلم سان سِڪ سندا ويچار لِکي وڏا وَڙ ڪيا. سائين سنڌي انعام جا به لک ٿورا جنهن هن ڪتاب کي ڇاپيو آهي. آخر ۾ انگريزي ادب جي مشهور اديب جيمِي لِي ڪِرٽس جي قول موجب ته ”ڪنهن ڪتاب جو ڪوَرُ ڏسي فيصلو نه ڪريو، جيستائين توهان ان کي پڙهيو ناهي.“
سو ائين ئي پنهنجي هيءُ ننڍڙي ڪوشش اوهان جي آڏو آهي، اوڻائين کي دل جي اک سان ڏسي، انهن جي نشاندهي ڪرائڻ واري هَر اُن قربدار جو آءٌ محبت سان منتظر آهيان جيڪي پيارا هِن ناچيز جي ننڍڙي ڪوشش کي پنهنجي سونَ ورنين صلاحن ۽ مُفيد مشورن کان مستفيد ڪندا.
اويس ڀُٽو
(مبارڪپور)
تعلقو ٺُل، ضلعو جيڪب آباد
2014-07-04
3822678-0343