وحشي
ٻئي ڏينهن به جڏهن هو مون سان مليو، سندس حالت ساڳئي پسيم. هو منهنجي سٺي دوست سان گڏ سٺو همراز به آهي، مون نه ٿي چاهيو ته آئون سندس انهيءَ نااتفاقيءَ واري حالت کي ڏسي ڪا وڏي ڳالهه ڪونه ڀانيان، ان ڳالهه پٺيان ڪوبه پسمنظر ڪونه ڀانيان ۽ اهو سوچيان ته ٺيڪ آ جيڪڏهن نفيس معمول جي ابتڙ نظر اچي پيو ته خير آ، سندس انهيءَ اداسيءَ جو ڪو ذاتي ڪارڻ ٿي پئي سگهيو ۽ آئون بي جا پڇا ڪري کيس ڇو پريشاني ۾ اضافو ڪريان پر اهائي ڳالهه ته منهنجو دوست دلبر آهي، جڏهن پاڻ هڪ ٻئي جا سٺا دوست ۽ همراز آهيون تڏهن پڇڻ ۾ ڇو تڪليف يا ٻيو ڪجھه محسوس ڪريان. ڀانيم ته شايد هو ڪو ماضي جي يادگيري ۾ نه هليو ويو آهي، ڇو ته اهي ماضي جون يادگيريون انسان کي اندران ئي اندران اڏوهي جيان کائينديون رهنديون آهن. ڪالهه ڳالهائيندي ڳالهائيندي نفيس جي اکين مان اوچتا ٻه ٽي لڙڪ به وهي آيا هئا، ڳوڙها خون جا اهي قطرا آهن، جيڪي غم جي سبب پاڻي ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. پر آخر هو ڇو اهڙي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. جيڪو ٻين جي غم کان بي غم هجي اهو انسان سڏائڻ جو مستحق ڪونهي. مون سوچيو مان به اگر پنهنجي دوست جي انهيءَ غم کان بي غم آهيان ته سچ ته مان سندس دوست سڏائڻ جو مستحق نه آهيان. ڇو ته غم جي ڪڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ ۽ ڳوڙهن کي روڪڻ لاءِ صرف دوستي جي ئي ضرورت هوندي آهي. مون چاهيو ته نفيس کان اها ساري وارتا معلوم ڪيان ته نيٺ منهنجو دوست ڇو ايترو ڏکويل آهي.
”يار اڄ هوٽل تي نه پر، ڪنهن اڪيلي جاءِ تي هلي ويهون ٿا“ مون نفيس کي چيو. ”ڀلا پوءِ هن پارڪ ۾ ڇو نه هلي ويهجي اتي ٿانيڪا ٿي ويهون ٿا، شهر جي گوڙ گند واري ماحول کان بچي دماغ کي به هلي ڪو سڪون ڏيارجي“ نفيس پريشان وچان رومال سان پگهر اگهندي چيو. پوءِ ٻئي شهر جي مين روڊ تي هلندڙ بي انداز گاڏين جي وچ مان روڊ ڪراس ڪري اچي پارڪ پهتا. کن پل کان پوءِ مون نفيس کي چيو ”يار اڄ چوٿون ڏينهن آهي، مون کي نفيس ساڳيو نفيس مزاج ۽ خوش نظر ڪونه اچي رهيو آهي، ڇا ڳالهه آهي“.
نفيس جي اکين مان لڙڪ ٽمي پيا اداسي ۽ پريشاني جڏهن وڌي وڃي ته اکين جا سارا ڳوڙها پي ويندي آهي. نفيس چوڻ شروع ڪيو ”يار ڳالهه نه پڇ. گهڻا ئي سور ۽ درد آهن ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايان“.
مون کيس چيو ”نفيس تون منهنجو جگري دوست آهين مان توکي ان حالت ۾ نه ٿو ڏسي سگهان سو مون کي پنهنجي اندر جي جيڪا به اور آهي سا مون کي ٻڌاءِ ۽ پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪر“.
نفيس ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو ته ”يار محبت ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ته روڳ بڻجي ويندي آهي، جا انسان کي غمن جي گهاڻي ۾ وجهي ڇڏيندي آهي. زندگي ۽ محبت ٻئي پڄاڻي کان بي خبر هوندا آهن، پر خبر ناهي محبت ڪرڻ وارا ڇو آخر ۾ خالي هٿئين رهجي ويندا آهن. اها به خبر ڪونه اٿم ته محبت مسڪراهٽن سان شروع ۽ ڳوڙهن تي ختم ڇو ٿيندي آهي“.
”اهو ٺيڪ آهي پر پليز پهريان اهو ته ٻڌاءِ ته اها ڪير آهي جنهن تنهنجي دل جي حسين ديس کي ڌوڏي ڇڏيو آهي“. مون نفيس کي منٿ ڪندي چيو.
”توکي خبر نه آهي ته مان اسريٰ سان ڪيتري محبت ڪندو آهيان، جنهن جو ذڪر مون تو سان پهرين به ڪيو هو“. نفيس چيو.
”ها اهو ته تو مون کي ٻڌايو هو پر ان وقت ته تون ايتري شدت واري محبت جو حوالو نه ڏنو هو مون سندس ڳالهه سان ڳالهه جوڙيندي چيو.
”محبت دل ۾ هوندي آهي ۽ دل چيري نه ڏيکاري ويندي آهي. غفار! محبت جي لاءِ اهو چوڻ ئي بس آهي ته اها محبت آهي“. نفيس مختصر ٿيندي چيو.
”پر يار ڪجھه شيئر ڪر“ مون چيو.
”يار گذريل انهن چئن مهينن اندر ڇا وهيو واپريو، آئون توکي ٻڌايان ٿو“.
”منهنجي نوڪريءَ جو ٽرانسفر ڪراچي کان هتي ٿيو. آئون انهيءَ ريجنل آفيس ۾ سندس ماتحت طور ڪم ڪري رهيو هوس. اسريٰ منهنجي مٿان عهدي تي فائز هئي. ننڍي عمر ۾ وڏي عهدي واري اها سيٽ کيس ڏاڍي سونهي پئي. هوءَ روزانو آفيس اچڻ مهل سلام ڪري پنهنجي آفيس ۾ ويهندي هئي، سندس اهڙي سادگي سندس حسن کي نکيريندي هئي. هوءَ هر روز ڪانه ڪا ڪنهن ايجنڊا تي ميٽنگ ڪوٺائي هدايتون ڏيئي ڪجھه اسائنمينٽ به ڏيندي هئي. ميٽنگ دوران سندس ڳالهائڻ ايترو ته پرلطف هوندو هو جو جڏهن به هوءَ ڳالهائيندي هئي تڏهن سندس سريلو آواز دل کي سڪون فراهم ڪندو هو. مون کي آفيس ۾ سندس اچڻ تائين سندس خوبصورتي ۽ سادگيءَ سان پيار ٿي ويو.
ميٽنگ دوران ٻين جي ڀيٽ ۾ آئون واڌارا سوال پڇي کيس پنهنجي قابليت ۽ ڪم ۾ دلچسپيءَ هئڻ سان گڏوگڏ سندس ۾ دلچسپي هئڻ جا آثار ڏياريندو هوس. اهو سڀ ڪجھه ان ڪري جو مون کي سندس مٿان موهت ٿي پئي هئي. ميٽنگ دوران آئون سندس ڏانهن سارو متوجهه ٿي هن جي ڳالهائڻ دوران سندس پيارين اکين ڏانهن پڻ ڏسندو هوس. يار اکيون اکين کان شرمائينديون آهن ۽ اهي ڏسڻ کان ڪڏهن به نه ڍاپنديون آهن ڇو ته اکيون انسان جي قلبي ڪيفيت جون ترجمان هونديون آهن. گلن جي خوشبوءَ نڪ سان سونگهي سگهجي ٿي پر اکين جي خوشبو کي دل سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. بنا ڪجل جي سندس اکيون ڏاڍيون حيا جو مجسمو لڳنديون هيون. جنرل اسٽاف کي روزمره جي ڪم متعلق مفيد مشورا ۽ ڪارائتيون ڳالهيون جڏهن ميٽنگ جي دوران هوءَ ٻڌائيندي هئي تڏهن سندس شخصيت پرڪشش نظر ايندي هيم. پر ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندي ڳالهائيندي سندس خاموشي سندس لفظن کان وڌيڪ وضاحت ڏيندي هئي. سندس نرالي گفتگو مان نرالي شخصيت ۽ ڪردار جا اهڃاڻ نظر ايندا هئا. ڇو ته ڪوبه آئينو انسان جي ايتري حقيقت تصوير پيش نه ٿو ڪري سگهي، جيتري ان جي گفتگو پيش ڪري سگهي ٿي. ڳالهين کي ڳالهين جي ذريعي نڀائڻ ۽ سلجهائڻ سندس گفتگو جو فن هو. ڇو ته زبان ۾ جيڪڏهن مٺاس هجي ته پٿر کي به ميڻ بڻائي سگهجي ٿو. سندس انهيءَ هڙئي خوبين ڪري منهنجي دل ساڻس ڏانهن مائل ٿي وئي. آئون سراپا سندس شخصيت ۽ حسن تي حيران ٿي پيس منهنجي دل ۾ سندس لاءِ جذبن سان سرشار پيار پالجڻ لڳو. منهنجي دل ۽ ذهن کيس مڃڻ، ڀانئڻ ۽ چاهڻ لاءِ تيار ٿي پيا. دل جي ڀيٽ مون کيس دماغي طور تسليم ڪيو ڇو ته دماغ جون هزارين اکيون هونديون آهن ۽ دل جي فقط هڪڙي اک. هر معاملي کي دل جي بجاءِ ذهن سان قبول ڪرڻ گهرجي. مون سوچيو ته هاڻي آئون اسريٰ لاءِ سانڍيل ايتري سڪ کي ان آڏو ڪيئن پيش ڪريان يا کيس ڪيئن اهو چوان ته منهنجي دل ۾ سندس لاءِ ڪيترو پيار آهي. اهو ڪيئن پيدا ٿيو آهي. پر حقيقت اها آهي ته پيار جو ڪوبه ڏينهن، رات، موسم ۽ ٽائيم مقرر نه هوندو آهي. ڪا اهڙي شيءِ نه آهي جنهن کي انسان هٿ کان وٺي اختيار ڪري، پر هيءَ خود بخود ٿيڻ واري شيءِ آهي. پر.... پر يار!
نفيس وڌيڪ ڪجھه به ڳالهائي نه سگهيو، مون کيس ڳالهه کي جاري رکڻ جي التجا ڪئي جنهن کان بعد وري هن ڳالهه کي نئين سر جوڙيو.
”پر افسوس جو يار اڳتي هلي قصو ايئن ٿيو جو روزانو پنهنجي اسٽاف مان مون کي سندس جي باري ۾ نوان انڪشاف ۽ نيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون، اسان جي انهيءَ اسٽاف مان هن لاءِ ڪو ڪيئن چئي رهيو هو ته ڪو وري ڪيئن؟ ڪنهن چيو ته مائي مزيدار آهي يار مون کي لڳي ٿو ته اسان جي ئي اسٽاف منجهان ڪجھه ماڻهن ان کي پنهنجي زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ مارڻ جو منصوبو جوڙيو هوندو نيٺ انهن پنهنجي انهيءَ گڏيل منصوبي کي حتمي شڪل ڏني هوندي جو هڪ ڏينهن اسريٰ آفيس مان موٽي گهر وئي ته انهن مان ڪن سندس رات جو گهر جو دروازو ٽوڙي اندر گهڙيا ۽ سندس ڪمري ۾ پهچي دروازو لاڪ ڪري سندس بي حرمتي ڪئي، سندس تقدس پائمال ڪري سندس عزت کي خوب لُٽيو ۽ عزت لُٽڻ کان پوءِ هنن کيس اتي ئي گوليون هڻي ماري ڇڏيو.“ نفيس جي جسم لرزائيندڙ اهڙي ڳالهه ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ۽ حيرت ٿي. نفيس پنهنجي ڳالهه کي جاري رکيو ”يار ٽن ڏينهن کان پوءِ سندس آفيس واري ٽيبل جي خاني ۾ مون کي هڪ اڇو پنو ويڙهيل هٿ آيو. مون ان کي کوليو پني مٿان تاريخ سندس موت کان هڪ اڳ جي هئي، پني ۾ لکيل هو:
”نفيس ميٽنگ ۾ منهنجي ڳالهائڻ دوران اوهان جو بار بار ڏسڻ ۽ واڌارا سوالا پڇڻ منهنجي لاءِ اهو حيرت جوڳو عمل هو. مون سوچيو ته ڪٿي آئون غلط نه هجان. پر بعد ۾ منهنجي سوچ صحيح ثابت ٿي ته اوهان کي مون سان پيار ٿي ويو آهي اهو سڀڪجهه اوهان جي اکين ۽ ڳالهائڻ مان محسوس ٿي رهيو هو. اوهان به سچ ته ڏاڍا سٺا آهيو. اوهان جي اهڙي عمل کان پوءِ منهنجي دل ۾ به اوهان لاءِ پيار پيدا ٿي ويو آهي. آئون اوهان کي دل ئي دل ۾ چاهڻ لڳي آهيان.“
نفيس وڌيڪ ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيو ۽ سندس اکين مان لُڙڪ پنبڻين مان لارون ٺاهيندي وهڻ لڳا.....
مان نفيس جي پاڪيزگي واري پيار ۽ سندس اسٽاف جي اهڙي ڪُڌي عمل تي سوچڻ لڳس ته اڄ جي انسانيت ڪٿي وڃي بيٺي آهي ۽ ماڻهو ڪيترا نه وحشي ۽ درندا ٿي ويا آهن...
***