لاحاصل
نبيل چيو ”نه ڪا ڳالهه ناهي…“
مون کيس چيو ته ”نبيل تون مون کي ڪا اهڙي ڳالهه آهي، جا نه ٿو ٻڌائين، ٻڌاءِ ته ڇو ڏکايل پسين پيو“.
نبيل منهنجي گهڻي زور ڀرڻ کان پوءِ ڳوڙهن کي اگهي ٻئي پل ٿڌو ساهه ڀري ٻڌايو“ وحيد، آئون ساڻس بيحد پيار ڪندو هوس ۽ هن جي به مون سان بيپناهه محبت هئي. منهنجي زندگي ۾ هن جو اچڻ هوا جو جهوٽو ثابت ٿيو. پر سچ ان ٿوري وقت ۾ هن جي محبت مون کي خوشيون ۽ راحتون ڏنيون. پر مون کي فقط افسوس ان ڳالهه جو آهي ته زندگي جي هن طويل سفر ۾ کيس پنهنجو همسفر نه بڻائي سگهيس. جيڪا منهنجي رهجي ويل حسرت آهي. اي ڪاش! هوءَ منهنجي ٿئي ها… نبيل اوڇنگارون ڏيندي ٻڌايو.
مان کانئس پڇيو ته ”نبيل توهان جي پيار جي شروعات ڪٿان ۽ ڪيئن ٿي. مطلب ته توهان ڪڏهن کان هڪ ٻئي کي چاهڻ لڳا…؟“
نبيل چيو ته هن ۽ منهنجي پيار جي ڪهاڻي، واقعي هڪ ڪهاڻي آ. ها اها ڪهاڻي جنهن ۾ توکي هن ۽ منهنجي محبت ۾ شدي ملندي. ڇڪ ملندي. سڪ ملندي… ها سور به ملندا…“
پوءِ هو ٻڌائي ٿو…
وحيد مان جڏهن هاءِ اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته جويريه به ڏهين ڪلاس ۾ پنهنجي گرلز اسڪول ۾ پڙهندي هئي. اسان جو اسڪول ۽ هن جو اسڪول هڪ ٻئي جي سامهون هوندو هو. مان هر روز صبح جو تيار ٿي اسڪول جي مين گيٽ اولهندي پاسي واري ڀت جي ڀرسان نم جي وڻ هيٺان بيهي هن جو شدت سان انتظار ڪندو هوس.
هوءَ هميشه پنهنجي ٻن ساهيڙين طوبيٰ ۽ عبادت سان گڏ اسڪول ايندي هئي. هوءَ جڏهن منهنجي ڀرسان گذرندي هئي، ته هن جو مون ڏانهن ڪو خيال يا توجهه ڪونه هوندو هو. ڇو ته کيس اها خبر ڪونه هئي ته هڪڙو پاڳل ديوانو آهي، جيڪو کيس چاهي پيو. هوءَ جڏهن گذري پنهنجي اسڪول ويندي هئي، جيستائين منهنجي نظرن کان غائب نه ٿيندي هئي، تيستائين آئون هن مان نظرون نه ڪڍندو هوس. اسان جي جڏهن موڪل ٿيندي هئي ته مان ڪلاس مان سڀني کان اڳ نڪري انهيءَ وڻ هيٺيان اچي بيهندو هوس. گهڻا دفعا ته دوستن اتي بيهڻ جو سبب پڇيو. مون به گهڻا دفعا نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن جڏهن مون کي ايئن ڪندي روز ڏٺو ته انهن مان گهڻن کي ان بابت ڄاڻ پئجي وئي. ايئن هنن جي موڪل ٿيندي هئي هوءَ موڪل ۾ به ساڳين ساهيڙين سان گڏ ايندي هئي ۽ مان اتي ئي بيهندو هوس. ڪافي ڏينهن کان پوءِ منهنجي انهيءَ بيهڻ واري معمول کي هڪ ڏينهن هن محسوس ڪيو.
هڪڙي ڏينهن جيئن ئي آئون ساڳي جاءِ تي سندس انتظار لاءِ بيٺو هوس آئون کيس پري کان ڏٺو ته معمول جي ابتڙ ساڻس ٻئي ساهيڙيون ڪونه هيون. ان وقت مون سوچيو ته ڇو نه ساڻس مختصر پر جامع انداز ۾ دل جي ڳالهه ڪجي، ڇو ته اڄ ساڻس ساهيڙيون به ڪونهن. هوءَ جيئن ئي ويجهو پهتي ته مان بيٺل جڳهه تان وکون وڌائي هن جي طرف وڌيس. هوءَ آئي ته مون کيس چيو ”ايڪسڪيوزمي جويريه… پليز ٻه منٽ!“
مون چيو ”جويريه… اصل ۾… م… مان… م… مان“ لفظ منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. زبان کي رواني ۾ آڻي وري کيس ”جويريه مان توکي چاهيندو آهيان“.
منهنجا اهي لفظ ٻڌي جويريه جهٽ به نه بيٺي، اهي ٻڌي يڪدم اتان هلي وئي. مان به دلشڪستو ٿي، اسڪول آيم ۽ موڪل کان پوءِ سندس انتظار لاءِ ڪونه بيٺم مون کي سندس بي رخي تي بيحد افسوس هو، ان ڏک ۾ ڪا ڳالهه ڪين وڻڻ لڳي!
ان ويچار ۽ فڪر ۾ ته هن پاران ڇو موٽ نه ملي. ٻئي ڏينهن آئون اسڪول به نه ويس! روز جيان جويريه جن جو اسڪول وڃڻ دوران ان جڳهه تان گذرڻ ٿيو، جتي آئون بيهندو هوس!
شام جو ڪجهه ڪلاسين سان ملڻ ٿيو ته انهن سڀ کان پهريان اسڪول نه اچڻ جو سبب پڇيو. مون ته کانئن لنوائي طبيعت صحيح نه هجڻ جو بهانو ڪيو. انهن مان هڪڙي دوست ٻڌايو ته ”يار اڄ اسان جنهن مهل اسڪول وڃي رهيا هئاسين ته واٽ ۾ ڪجهه ڇوڪريون گڏيون جيڪي ڳالهائينديون پئي ويون. تن مان هڪ ڇوڪري ٻي کي ڳالهائيندي ڳالهائيندي چيو ”اهو چريو اڄ ناهي بيٺو“ ان جواب ڏنس ”ها هونئن ته پاڳل روز بيهندو آ، پر اڄ خبر ناهي ڇو ناهي بيٺو“ پهرينءَ مزاحيه انداز ۾ چيس ”ڪٿي درياءَ ۾ ته ٽپو نه کاڌو اٿائين)!“ ان تي سڀني ڌڇوڪرين جي ٽهڪن جو گڏيل آواز گونجيو. ائين پوءِ اهي کِلنديون پئي ويون....“
مون کي ان ڳالهه تي ٿورو ڏک ۽ ٿوري خوشي ٿي! ڏک ان ڪري ٿيو ته ڪاش! اسڪول وڃڻ کپي ها.... ۽ خوشي ان ڪري ٿي ته درياءُ ۾ ٽپو کائڻ واري ڳالهه پڪ جويريه ڪئي هوندي....
بهرحال ٻئي ڏينهن روايت کي جاري رکندي ساڳي جڳهه تي جويريه جو جوش وچان منتظر رهيس ۽ دل ۾ وري اهو سوچي رهيو هوس ته اڄ کيس ڪجهه به ناهي چوڻو. منهنجي انهن سوچن جو تسلسل تڏهن ٽُٽو جڏهن هن جي پينسل هيل جو آواز منهنجي ڪنن تائين آيو. مان الرٽ ٿي بيٺم. اهي جيئن گذرن پيون ته مون فقط جويريه جي چهري ۾ نظرون کُپايون. هن جي هٿن ۾ ڪتاب هئا. جن مان ڪو هڪ هيٺ ڪِري پيو، هن جلدي اهو مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جڏهن ڪتاب هيٺيان مٿي کنيو، ته هڪ لمحي هن مون ڏانهن مسڪرائيندڙ نظر ڦيرائي، ٻئي لمحي اهي رستي کي چيرينديون اسڪول طرف ويون.
آئون خوش محسوس ڪرڻ لڳم.... خير آئون به اسڪول آيم! موڪل ملڻ سان ئي پنهنجي جاءِ سنڀالي جويريه جن جي به موڪل ٿي. اهي جيئن ئي آيون مون ڏٺو طوبيٰ ۽ عبادت اوريان ۽ جويريه پريان هئي. گذري رهيون هيون جو جويريه ان طرف چور نظر سان نهاريو. جتي آئون هيس. هن ڏٺو ۽ يڪ ٽڪ نظرون سڌيون ڪيون. هن جي نهار ۾ مون نينهن پسيو. هو ويون آئون به گهر آيس.
ٻئي ڏينهن آئون اسڪول لاءِ تيار ٿي گهران نڪتس ۽ اچي انهيءَ جاءِ تي جويريه جو انتظار ڪرڻ لڳس.
جويريه، طوبيٰ ۽ عبادت سان اچي رهي هئي. اڄ جويريه جيءَ جهوريندڙ انداز ۾ هئي. گلابي ڪپڙن ۾ جويريه جو چهرو گل جي پنکڙين جيان لڳو. سهيلين سان ايندي سندس ٽهڪن جو پڙاڏو منهنجي ڪنن جي زينت بڻجي رهيو هو. هو آئي ۽ ويجهوئي پهتي هئي جو اڄ وري اڳ جيان سندس هٿن مان ڪجهه ڪتاب اچي پٽ پيا.
مان حيرتن جي حوالي ٿي ويس ته آخر ڇو هي ٻيو دفعو آ، جو سندس ڪتاب ڪِريا آهن. بهرحال هن زمين تان ڪِريل ڪتاب کڻي، مون ڏانهن مسڪرائي ڏٺو ۽ اتان ئي اک جي اشاري سان ڪجهه چيو. مون سندس اشاري واري ٻولي ڪونه سمجهي.... جڏهن اهي اتان گذري ويون ته پري کان مون ڏٺو ته اتي هڪ پنو پيو هو، جتي جويريه جا ڪتاب ڪِريا. مان يڪدم ڊوڙيس پني کي کڻڻ لئه.... سوچيم ته جويريه جي ڪتابن مان ڪِري پيو آهي، جو کڻڻ کانئس وسري ويو آهي ۽ ڏسجي ته ڇاهي.... مان پنو کنيو ۽ جلدي ۾ ان کي کولڻ لڳس. مون جيئن ئي ڏٺو ته اهو خط هو جيڪو منهنجي نالي لکيل هو. مون کي ايتري خوشي ٿي جو آئون ڪپڙن ۾ پئي ماپيس، مون خط پڙهڻ شروع ڪيو.
”هيلو- سلام....“
اوهان جي نالي جي ته خبر ڪونهي. البت اوهان کي منهنجي مهانڊي جي حوالي سان گذريل گهڻن ئي ڏينهن کان ڀت وٽ نم جي وڻ هيٺيان روزانو اسڪول ايندي ويندي ڏسندي پئي اچان. مون کي اها خبر نه هئي ته توهان هتي ڇو بيهندا آهيو. پر اها خبر تڏهن پئي. جڏهن آئون اسڪول وڃان پئي مون سان ساهيڙيون ڪونه هيون. توهان موقعي جو فائدو وٺندي مون سان جيڪا هٻڪندي ڳالهه ڪئي، تڏهن مون سمجهيو ته ادو ڪنهن لئه پريشان آهي، محبت کي اظهارڻ واري ڳالهه مان پنهنجي ساهيڙين سان به ڪئي آهي. جيڪي به هاڻي اوهان جي بيهڻ کان باخبر ٿي ويون آهن. جن کي پهريان اوهان بابت ڪا خبرڪونه هئي. مون کي اها خبر نه ٿي پوي ته مون ۾ آخر آهي ڇا. اهڙيءَ ريت اوهان پابنديءَ سان بيهي منهنجو انتظار ڪريو ٿا.... اوهان جو ائين ڪرڻ روز جو معمول ڏسي مان ته سمجهي وئي هيس ته ضرور ”دال ۾ ڪارو“ اهي پر اها خبربعد ۾ پئي ته اوهان کي مون سان محبت آهي. ان کان اڳ مون اهو نه سمجهيو هو ته طوبيٰ، عبادت ۽ مان. ٽنهي مان ڪنهن کي چاهيو پيا....! ها. اوهان جڏهن مون سان محبت جو اظهار ڪيو. ان وقت مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي هئي، جنهن ڪري اوهان کي موٽ نه ڏني. ٻي ڏينهن اسڪول ايندي ۽ ويندي مان اوهان کي نه ڏٺم، ته مان سمجهي وئي هيس ته اڄ ڪاوڙ ۽ ڏک جي ڪري اسڪول نه آيو آهي، جو مون کيس موٽ نه ڏني آهي. انهيءَ مان مون کي وڌيڪ معلوم ٿيو ته توهان مون سان شديد محبت ڪيو پيا. مون کي اوهان جي چاهت جو قدر آهي.... ان ڏينهن آئون اوهان کي ”ها“ يا ”نه“ ڪجھه ڪونه چئي سگهيس. سو هن ليٽر ذريعي مان اوهان کي ٻڌايان ٿي ته ”مان توهان سان پيار ڪيان ٿي، آءِ لو يو.... اوهان جي جويريه!“
سندس خط پڙهي مان ڏاڍو مسرور ٿيم! ڪافي ڏينهن ان جڳهه تان اچڻ وڃڻ مهل ڪڏهن ٽهڪ ته ڪڏهن اشارن جي ٻولي ڳالهائيندي، محبت کي اظهاريندي رهي. خطن جو سلسلو به هلندو رهيو!! هڪ ڏينهن کيس ملاقات لاءِ چيم. جنهن کي مڃيندي هن هڪڙي جڳهه تي پاڻ ٻئي ملاقاتي ٿياسين! ان ڏينهن جڏهن جويريه کي پنهنجي اکين سامهون ويٺل ڏٺم. ڀانئيو هيم ته سندس ڪو مٽ ناهي. خدا عزوجل جي هر تخليق تعريف لائق آهي. الله رب العزت جي سڄي مخلوق مان انسان وري اشرف المخلوقات آهي. انسانن مان عورت جي تخليق وري قابل غور ۽ قابل تعريف آهي. ڇو ته هوءَ حسين آهي. جويريه به حسين لڳي رهي هئي. مون کيس پاڻ سان گڏ ڏسي محسوس ڪيو ته دنيا جون هڙئي خوشيون منهنجي جهوليءَ ۾ آهن. مون کيس چيو: جويريه! هن دنيا ۾ ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي سونهن سندرتا جي حوالي سان الڳ حيثيت رکندا آهن. جن کي مالڪ ڪائنات طرفان ڪائنات جي سڄي ساري خوبصورتي مليل هوندي آهي. اهي ماڻهو ڏاڍا نازڪ ۽ نفيس ٿيندا آهن. انهيءَ جي سوچ ۽ سڀاءُ سڀني کان سٺو هوندو آهي. انهن جو اٿڻ، ويهڻ، گهمڻ، کائڻ، پيئڻ مطلب ته سڀ ڪجھه من لڀائيندڙ ٿيندو آهي. سچ ته اهڙا ماڻهو آئيڊيل هوندا آهن. واقعي متاثر ڪندڙ هوندا آهن. جويريه حقيقت ۾ تون به انهن منجهان آهين. تو منهنجي روح جي پاتال کي ڇهيو آهي. ڪائنات جي حسين شيءِ آهين. تون مون کي حد کان وڌيڪ وڻندي آهين“. چيائين ”نبيل! اهو سراسر تون اجائي تعريف ڪرين پيو. جن ۾ حقيقت جو ڪوبه ڪرڻو نظر نه ٿو اچي! آئون ته بس.... “
نه جويريه تون غلط چوين پئي جو آئون غلط چوان پيو. آئون ته حقيقت چوان پيو. ڇو ته حقيقت ڪڏهن به لڪيل ناهي هوندي. حقيقت هڪ آئينو آهي ۽ آئيني ۾ سڀ ڪجھه صاف ظاهر هوندو آهي. پوءِ آئون غلط ڪيئن ٿيس....!!“
ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”واقعي ڪو چريو آهين“ وري چيائين ”نبيل هڪ ڳالهه جيڪا مان تو سان ڪنديس ته نبيل، تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين.... ساڄو هٿ پڪڙي پنهنجي هٿ سان مروڙي وري چيائين ”تو ڪڏهن سوچيو آ ته جيڪي ماڻهو ڪنهن کي دل جي اٿاهه گهراين تائين چاهيندا آهن. انهن جي يادن، سوچن، سپنن ۾ گهاريندا آهن. سي ماڻهو ڏس ته ڪيتري نه گهڻي دل ۾ محبت رکن ٿا ڪنهن لئه.... انهن سواءِ گهڙي گهڙي بيزار ۽ بي چين ڪندڙ هجي ٿي. نبيل يقين ڪر حرن کي به تو سان گهڻي محبت ٿي وئي آهي. اها مون کي به خبر ناهي ته ايئن ڇو؟ سچي! تو ۾ هڪ اهڙي ڪشش آهي، جيڪا مون کي توڏانهن مائل ڪري ٿي. تنهنجي چهري جي رونق روح کي راحت رسائيندڙ آهي. جنهن ۾ سونهن سوڀيا سرس نفشيل آهي.... “ مون کيس چيو ”جويريه، تون مان هڪ ٻئي سان، محبت ڪيون ٿا نه....؟“
چيائين ”ها پر ڇو.... “
چيومانس ”محبت هڪ اهڙو جذبو آهي. جنهن سان انسانيت جي عظمت کي سڃاڻي سگهجي ٿو. محبت نازڪ و نفيس، پاڪ ۽ مقدس جذبي جو نالو آهي. محبت هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو نالو آهي. محبت ته ڏک ۽ سک ۾ گڏ گهارڻ جو نالو آهي. محبت ننڍين ننڍين ڳالهين کي درگذر ڪرڻ جو نالو آهي. جويريه! جيڪي ماڻهو سچي محبت ڪندا آهن. اهي هڪ ٻئي تان سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. سردي گرمي سر تي سهڻ وارا هوندا آهن. ها، انهن جي دل ۾ محبت جي حاصلات واري تمنا هوندي آهي. جويريه، منهنجي به اها خواهش ۽ آرزو آهي ته آئون توکي حاصل ڪريان.... “ انهيءَ ڳالهه تي هوءَ بلڪل خاموش ٿي وئي. هن مٿان سڪتو طاري ٿي ويو. مون کانئس خاموشيءَ بابت پڇيو ته ”ڇا سبب آ، ڇو تون خاموش ٿي وئينءَ.... “، يا توکي اها ڳالهه صحيح نه لڳي!“
چيائين ”نه نبيل.... پر.... “
چيومانس ”ڇا پر.... “
چيائين ”نبيل پر منهنجي والدين منهنجو رشتو منهنجي ماسات سان طئه ڪري ڇڏيو آهي“.
مان نرڙ تي آيل پگهر کي اگهي، منتشر ٿي کانئس پڇيو.... ”جويريه ڇا تون سچ پئي چوين يا.... “
چيائين ”ها نبيل واقعي سچ چوان پئي.... “ نبيل! مان جڏهن ڄائي هيس ته مون کي منهنجي ماسات مير جي نالي ڪري ڇڏيو هئائون.... نبيل مون کي تو سان محبت آهي پر منهنجي حاصلات وارو خيال مون کي پنهنجو بڻائڻ وارو خيال، مون کي پنهنجي نالي ڪرڻ وارو خيال ها اهڙو خيال ته مان تنهنجي ٿينديس. ذهن مان هميشه هميشه جي لاءِ ڪڍي ڇڏ! ڇو ته مان ڪنهن ٻئي جي آهيان.... “
مون بيقرار ۽ بي ترتيب ٿي کيس چيو ”نه جويريه تون منهنجي سفر جي منزل آهين. تون منهنجي خوابن جي راڻي آهين. تون منهنجي آهين.... تون منهنجي آهين.... ها منهنجي.... “ مان اڀ ڏاريندڙ دانهن ۾ دٻجي ويم.
هن مون کي حوصلو ڏنو ۽ چوڻ لڳي ته ”نه نبيل ايئن ناهي، نه ئي ٿيندو. ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.... “
مان سندس ڳالهه ڪٽيندي چيم ”نه جويريه، تون ايئن نه چئه.... توکي ايئن نه چوڻ کپي.... ڇو ته هر ماڻهو جي پنهنجي خواهش ٿيندي آهي ۽ هر ماڻهو پنهنجي ان خواهش جي پورائي لئه سوچيندو آهي.... ايئن تنهنجي حاصلات منهنجي هڪ خواهش آهي، جيڪا آئون پوري ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇاڪاڻ ته جويريه، هن زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪڏهن مون ڪا سٺي شيءِ ڏٺي آهي ته اها تون آهين، ۽ صرف تو سان ئي محبت ڪئي آهي.... ڇا تون منهنجي انهيءَ معصوم چاهت ۽ جذبن جو قدر نه ڪندي.... جويريه ٻڌاءِ پليز.... جويريه!!“ مان روئي ويٺس.
جويريه پنهنجي نرم هٿن سان منهنجي ڳلن تان ڳوڙها اگهندي چيو نبيل ڏس ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. والدين جيڪي اسان کي خوشين جي هندورن ۾ نپائي وڏو ڪن ٿا. جيڪي پاڻ کي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ رکي اسان کي سڪون فراهم ڪن ٿا. راتين جون راتيون جاڳي اسان کي آرام ڪرائين ٿا مطلب ته والدين جا اسان مٿان اڻ ڳڻيا احسان آهن ۽ اسان وري جڏهن ٿورا وڏا ٿيون ته پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳون ٿا پوءِ پنهنجي پيءُ ماءُ کي صلاح مشوري جي حوالي سان کانئس صلاح وٺڻ ته ٺهيو پر کين ٻڌائڻ به اجايو ۽ بيڪار سمجهون ٿا. نه نبيل پاڻ کي ايئن نه ڪرڻ کپي. ڇو ته پڙهيل لکيل هئڻ جي ناتي اسان کي اهو نه ٿو جڳائي جو اسين والدين جي حڪمن جي انحرافي ڪيون. نبيل! جيڪڏهن مان توکي پياري آهيان. تون مون سان پيار ڪندو آهين ته منهنجي ڳالهه نبيل توکي سمجهڻ گهرجي. ڇو ته جيترو تون مون کي پيارو آهين، اوترا مون کي منهنجا والدين به عزيز آهن. اها مون تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته آئون سندن حڪمن جي تابع رهان“.
مون کيس گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جويريه مون کي گهڻو ڪجھه سمجهايو.... ايئن هوءَ مون سان وقتن بوقتن مون سان ملندي رهي. پر وڏي ڳالهه اها ته مون سندس محبت ۾ ڪا ڪمي ڪونه ڏٺي. محبت کي هن برقرار رکيو، پر سندس بقول ته هوءَ منهنجي نه ٿيندي، ڇو ته هوءَ اڳ ۾ ئي ڪنهن ٻئي جي آهي. مان افسوس واري عالم ۾ گهاري رهيو هوس ۽ پل پل ۾ پريشانيون پريشان ڪرڻ لڳيون، ائين جويريه جي شادي به اچي ويجهڙ ۾ پهتي....
هڪ ڏينهن جويريه ملي هن ٻڌايو ته ”نبيل! تنهنجي ۽ منهنجي هيءَ آخري ملاقات آهي. ڇو ته منهنجي شاديءَ ۾ ڪجھه ڏينهن باقي آهن. نبيل! ناراض نه ٿجانءِ، ڇو ته مان بيوس آهيان ۽ مان ڇا ٿي ڪري سگهان.... “ هن جي اکين مان ڳوڙها پنبڻين جا بند ڀڃي وهڻ لڳا ۽ هوءَ وڌيڪ هڪ لفظ به نه ڳالهائي سگهي.... هوءَ مسلسل روئندي رهي! منهنجي اکين ۾ به ڳوڙهن جو سمنڊ هو جيڪو به اٿلي پيو.... مون کيس چيو ”جويريه بلڪل تنهنجو ان ۾ ڪو ڏوهه ناهي. تون بيوس آهين واقعي مجبور آهين.... ڳچ پلن کان پوءِ هوءَ ڀنل نيڻن سان موڪلائي وئي.... “
نبيل جون اهي پر تجسس ڳالهيون ٻڌي مون کي پڻ حيرت ٿيڻ لڳي ۽ گڏوگڏ لاحاصل محبت تي افسوس به ٿي رهيو هو. مان نبيل کي حوصلو ۽ آٿت ڏيندي چيو ”ڪنهن کي حاصل ڪرڻ محبت نه آهي، بلڪه ان جي دل ۾ جاءِ ٺاهڻ محبت آهي.... “
***