مهاڳ
نحمده و نصلي عليٰ رسولھ الکريم
سنڌ جي اوليائن، بزرگن، صوفي فقيرن ۽ درويشن تي جيڪو تاريخي مواد آهي سو مختلف ڪتابن جهڙوڪ: تحفة الطاهرين حديقة الاولياء، سفينة الاولياء، مرغوب الاحباب، تاريخ تحفة الڪرام، برهانپور جا سنڌي اولياء (اردو) تذڪره مشاهير سنڌ، تذڪرة الا اولياء ۽ ڪن ٻين ڪتابن ۾ جمع ٿيل آهي.
آڳاٽين تاريخن جي مطالعه مان معلوم ٿئي ٿو ته، ان ۾ تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ تي توجهه گهٽ ۽ فضيلتن، ڪرامتن، عجيب غريب داستانن، واقعن، ٻڌل سئل ڪهاڻين تي وڌيڪ آهي. ڪنهن به بزرگ جي حالات بابت گهربل معلومات جيڪا تاريخي تقاضائن کي پوري ڪري سا بنهه گهٽ. هاڻي هن دؤر ۾ جيڪڏهن ناقدانه نظر (ڇنڊ ڇاڻ واري سوچ) سان ڪا تحقيق به ڪجي ٿي ته، اها بزرگن جي تاريخ سان هٿ چراند تصور ڪئي وڃي ٿي. حالانڪ جنهن مواد کي جيستائين تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي رکي نه ٿو پرکجي تيستائين ته اهو مواد خود قابل اعتماد نه ٿو رهي. اسان هن ڳالهه جا حمايتي آهيون ته، تاريخ ۾ اهڙي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي، ته جيئن نج حقيقت، ملاوٽ کان پاڪ صاف ٿي اسان جي سامهون اچي ۽ اهڙي ڇڻيل ڇنڊيل حقيقت لازمي طرح ڀروسي جوڳي هوندي نه رڳو اوليائن سڳورن بابت تاريخون، پر خود سنڌ جي باري ۾ لکيل مشهور تاريخ فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو به افسانوي رنگ کان بچي نه سگهيو آهي. ان ۾ به اهڙي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آهي. پر اصل مسئلو آهي ته، اسان ڪهڙي آڌار تي انهن تاريخن تي تنقيدي نظر وجهون؟! جڏهن ته اسان وٽ ڪا به اهڙي مستند تاريخ يا ڪا تحرير ڪونهي جيڪا هڪ معيار بنائي باقي ٻين تاريخن کي ان سان ڀيٽي واضح ڪري سگهون ته اصل حقيقت ڇا آهي ۽ ملاوٽ ڇا آهي يا ڇا ڪونهي؟ مختلف تاريخن ۾ لکيل مواد جي ڪمي بيشي کي پڌرو ڪريون ته ڪيئن ڪريون؟ انهي جو ڪارڻ اسان جي نظر ۾ هي آهي ته، سنڌ بابت جيڪو به تاريخي مواد آڳاٽو لکيل آهي سو مقامي ماڻهن يا مقامي عالمن بجاءِ، سنڌ کان ٻاهرين ماڻهن جو لکيل آهي جيڪي سنڌ جارهاڪو نه هئا. جهڙوڪ عرب، ايراني، يوناني ۽ انگريز وغيره. جن ۾ اڪثريت عرب سياحن ۽ ايراني سياحن جي آهي. انهن جيڪي ڏٺو يا ٻڌو سو لکي ڇڏيائون. انهن مؤرخن لکڻ وقت ڪا به تحقيق ڪا نه ڪئي هنن چڻ پنهنجو سفرنامو، يا سير سياحت جي روئداد ۽ ڊائري لکي. انهي ڪري هنن ڪنهن به تحقيق جي ضرورت محسوس به نه ڪئي. ڇو ته هنن فقط پنهنجون يادگيريون تحريري صورت ۾ لکي محفوظ ڪيون. هنن مؤرخن هيءَ دعويٰ به ڪو نه ڪئي هئي ته اسان ڪو هيءَ تحقيقي مواد ڪٺو ڪري رهيا آهيون. انهي ڪري ٻڌل سئل ڳالهه ۽ تحقيقي مواد ۾ لازمي طرح فرق ٿيندو. ٻيو ته اهي عرب ۽ ايراني وغيره مؤرخ جيئن ته عربي، فارسي، يوناني ۽ انگريزي ۾ تاريخون لکي ويا انهي ڪري سنڌ جي ماڳن مڪانن ۽ ماڻهن جي نالن ۾ به فرق ٿي ويو. جيتريقدر منهنجو اڌورو مطالعو آهي تنهن مان مون کي ته اندازو اهو ٿئي ٿوته، انهن مؤرخ سياحن ٻڌل ڳالهين کي پنهنجي تاريخ ۾ وڌيڪ جڳهه ڏني آهي. جنهن ڪري چند مشهور مشهور بزرگن کان سواءِ ٻيا جيڪي گمنام سنڌ جي ٻهراڙين، واهڻن وستين ۾ ويهي خدا جي ٻانهن کي سندن رب جي راهه ڏيکاري ۽ ڏسي رهيا هئا، سي بزرگ انهن مؤرخن جي نظرن کان اوجهل رهيا ۽ اهڙي طرح ڳڻڻ کان ٻاهر اولياء بزرگ ۽ درويش تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ نه ٿي سگهيا. پر پوءِ به اسان انهن ٻاهرين مؤرخن جا وري به احسان مند آهيون جن اسان جي سنڌ جي اوليائن بزرگن تي ٻڌل سئل مواد به تحرير ڪري اسان کي انهن جي حالات کان واقف ڪيو. جي نه ته شايد اهو مواد به اسان جي سامهون موجود نه هجي ها.
ويجهڙائي ۾ ڪن دلي دوستن جي حڪم تي سنڌ جي هڪ گمنامي جي گوشه ۾ گذاريندڙ غير معروف بزرگ، سهروردي سلسله جي سالڪ، ۽ پنهنجي حلقه ۾ غوثيه جماعت جي اهم اڳواڻ ۽ حضرت غوث بهاءُ الحق والدين محمد زڪريا ملتاني جي خانقاهه جي خليفه پيرو فقير شوري جي حالات بابرڪات متعلق ڪتابن جي ورق گرداني ڪئي پر ڪٿي به ڪو تاريخي، ڪتابي مواد ميسر نه ٿي سگهيو. بس جيڪو مواد مذڪوره بزرگ جي پونيرن فقيرن خاص ڪري بزرگ پيرو فقير شوري جي خانقاهه جي موجوده سجاده نشين فقير حاجي جان محمد شوري وٽان ملي سگهيو سو سڌاري سنواري ڪتابي صورت ۾ لکي جمع ڪرڻ شروع ڪيم، فقير جان محمد جيڪي ڪجهه لکي گڏ ڪيو سو به بزرگ پيرو فقير شوري جي معتقدن وٽان ٻڌي سڻي لکي جمع ڪيو. ڪجهه مواد حضرت مولانا مفتي محمد صديق خاصخيلي عرف استاد فقير منٺار مهتمم مدرسه ڳوٺ سچيڏنو ورياهه لڳ ٽنڊو آدم جي ٻڌايل زباني روايتن ۽ سندس لکيل يادگيرين تي مشتمل آهي.
آئون پنهنجي سمجهه سارو ۽ وس آهر جيڪي به سهيڙي سموهي سگهيو آهيان، سو پڙهندڙن جي پيش خدمت آهي. اميد اٿم ته پڙهندڙ بزرگ خليفه پيرو فقير بابت هن نئين نڪور مواد جو قدر ڪندا. جيڪڏهن اسان جي ڪا ڪمي بيشي نظر اچي ته، ٻاجهه ۽ شفقت سان درگذر ڪري اسان کي پنهنجي غلطي کان آگاهه ڪندا ته جيئن هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ انهي جي درستي ڪري سگهجي. هن ڪتاب لکڻ مان منهنجو مقصد فقط هي آهي ته، سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو، اسان جي هن بزرگ خليفه پيرو فقير شوري جي حالات کان واقف ٿئي، ته جيئن مذڪوره بزرگ جو نالو تاريخي ميدان ۾ عام خاص جي نظر تي اچي ۽ آئنده لاءِ سنڌ جي بزرگن ۾ هن فقير جو به شمار ٿئي. اسان جي مُدعا هن فارسي بيت ۾ سمايل آهي.
نام نيڪ رفتگان ضايع مَ ڪن،
تابمانَد نام نيڪت بر قرار.
يعني: بزرگن جي چڱي نالي کي گم نه ڪر،
ته جيئن تنهنجو چڱو نالو به دنيا ۾ برقرار رهي.
بزرگن جي پيرن جي خاڪ
[b]مولوي محمد يامين شورو
[/b]خطيب جامع مسجد مسڻ وڏي
۽ ناظم مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي
10 ربيع الاول 1438هه
مطابق 15 ڊسمبر 2016ع
بروز ڇنڇر