شخصيتون ۽ خاڪا

خليفو پيرو فقير شورو

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خليفو پيرو فقير شورو “ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
ڪتاب سنڌ جي هڪ گمنامي جي گوشه ۾ گذاريندڙ غير معروف بزرگ، سهروردي سلسله جي سالڪ، ۽ پنهنجي حلقه ۾ غوثيه جماعت جي اهم اڳواڻ ۽ حضرت غوث بهاءُ الحق والدين محمد زڪريا ملتاني جي خانقاهه جي خليفه پيرو فقير شوري جي حالات بابرڪات بابت آهي.

Title Cover of book Khalifo Peero Faqeer Shoro

شورا قبيلي جو اصل نسل

از: مولوي محمد يامين شورو

مون جڏهن شورا قوم بابت تاريخي مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪيئي ڪچيون ڦِڪيون، غلط سلط ڳالهيون مليون جيئن ته اهي سڀ ڳالهيون ماڻهن وٽان مليل زباني روايتون هيون. انهي ڪري مون ڪوشس ڪري لکيل مواد هٿ ڪرڻ جي شروعات ڪئي.
مون کي افسوس آهي ته، اسان جي سنڌي قومن بابت لکيل مواد بنهه گهٽ آهي. جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ ڪتاب آهي به ته، ان ۾ وري تفصيل ڪونهي. خاص ڪري شورا قوم تي ته بنهه نالي ماتر مواد آهي. منهنجي انهي سلسلي ۾ ڪوشش ۽ ڳولا جاري آهي جيئن جيئن مواد ملندو ويندو تيئن ئي مليل مواد کي مضمونن جي صورت ۾ ترتيب ڏيئي پيش ڪبو. في الحال جيڪا به معلومات گڏ ٿي سگهي آهي سا سڀني جي سامهون آهي، شورا قوم، راجپوت نسل مان آهي. راجپوت جي تشريح ڪندي الهه رکيو ٻُٽ صاحب لکي ٿو ته،
راجپوت لفظ مان اعليٰ نسل جون ذاتيون مراد آهن. چچنامي ۾ چيل آهي ته، راجا ڏاهر جي لشڪر جا خاص سپاهي راجپوت نسل جا ٺڪر هئا. موجوده دور اندر سنڌ ۾ رهندڙ راجپوت نسل جون قومون سوڍا سڏجن ٿيون ۽ ٺڪر جي قومي نالي سان مشهور آهن. اهي ٺڪر سنڌ ۾ تيرهين ۽ پنڌرهين (13 ۽ 15) عيسوي صدي جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. سومرن ۽ سمن جي لشڪر ۾ اڪثر ڪري ان ذات وارا سپاهي هئا. (1)
مٿي لکي آيو آهيان ته، ”شورا قوم راجپوت نسل مان آهي.“ انهي سلسلي ۾ منهنجي نظر مان هڪ مضمون گذريو جنهن جو خلاصو عرض ڪجي ٿو، سنڌ جي اوليائن مان شيخ رهاڻ جو نالو تمام گهڻو مشهور آهي. جنهن لاءِ سنڌ ۾ پهاڪو ڏيندا آهن ته ”شيخ رهاڻ جگري جوان“ اهو بزرگ سنڌ جي مشهور شهر رڪن پور ۾ رهندو هو. شيخ رهاڻ جا مريد ساري هند ۽ سنڌ ۾ آهن بلڪه ڪڇ ۽ مارواڙ ۾ به آهن. مارواڙ جو راجا ڌروت، راجپوت نسل جي گجر پاڙي مان هو. راجا ڌروت کي ٽي پٽ ۽ هڪ ڌي هئي. جن جا نالا هن طرح آهن. (1) جکرو، (2) ڏندرو، (3) چنيسر ۽ (4) هڪ ڌيءَ مِلڻي.
شيخ رهاڻ، راجا ڌروت کي مسلمان ڪيو.
راجا ڌروت، سندس مرشد شيخ رهاڻ جي وصيت موجب گنجي ٽڪر ڀرسان رهڻ لڳو، هن پاڻ سان چار ٻانها (1) منڌرو، (2) سوهو، (3) چِليو، (4) هيل يا گگو آندا هئا. راجا ڌروت گنجي ٽڪر تي ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ گذاري ويو ۽ سندس وصيت مطابق کيس ڪڇ جي طرف دفنايو ويو.
جيئن ته راجا ڌروت جي گذاري وڃڻ بعد سندس پٽن ۾ ايتري همت ۽ حوصلو نه هو جو پنهنجي پيءَ جي بادشاهي سنڀالي هلائي سگهن، مٿان وري آسپاس جي بادشاهن جي حريص نگاهن ۽ سندن حملن جا خطرا هر وقت موجود هيا. انهي ڪري راجا ڌروت جي ٽنهي پٽن جکرو، ڏندرو، چنيسر ۽ ڀيڻ مِلڻي پاڻ ۾ گڏجي هيءَ فيصلو ڪيو ته، مارواڙ جي راڄڌاني کي وزيرن حوالي ڪري اتان نڪري هليو وڃجي. انهي فيصلي مطابق ٽنهي ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ پاڻ سان چار ٻانها وٺي گهوڙا پلاڻي روانا ٿيا. سندن سفر جو رخ سنڌ ڏانهن هيو. ڪڇ کان ايندي مانجهوءَ جو پتڻ اڪري ويروءَ واري جبل وٽ پهتا. پر اتي جي آبهوا کين نه وڻي انهي ڪري اتان لڏو کڻي جهول ماڙي جي ڀر ۾ گهڙا مڪان ۾ اچي رهيا. جهول ماڙي جهمپير جي ايراضي ۾ آهي. تنهن زماني ۾ جهمپير وسندڙ شهر ۽ بندر هو. جتي هڪ پهلوان هيڪل راوتيو نالي رهندو هو. تنهن پنهنجي سک ۽ آرام لاءِ جهول ماڙي ٺهرائي هئي انهي پهلوان جو مرشد جک جوڳي هو، جيڪو رمل ۽ ڍاري جو ماهر هو. اهو اصل ڪڇ جي طرف جو هو. پهلوان ايترو ته مشهور هو جو 7 8 (ستن اٺن) ڪوهن ۾ ڪنهن کي باهه ٻارڻ به ڪو نه ڏيندو هو. انهي هيڪل پهلوان، ناريجن مان شادي ڪئي هئي.
هڪ ڏينهن راجا ڌروت جا ٽيئي پٽ جکرو، ڏندرو ۽ چنيسر شڪار تي ويا ۽ شڪار ڪري موٽي آيا. هيڏانهن وري هيڪل راوتيو پهلوان پنهنجي مرشد جک جوڳي ڏانهن ويو. جنهن کيس ٻڌايو ته، ”تنهنجي ماڙيءَ ڀرسان ڪي ماڻهو رهندڙ آهن، جن مان توکي نقصان ٿيندو.“
راجا ڌروت جا پٽ جيڪي شڪار ڪري موٽيا هئا تن مان جکري چيو ته، آئون هيڪل پهلوان سان رهاڻ ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو. هيڏانهن پهلوان پنهنجي مرشد جک جوڳيءَ وٽان موٽي پنهنجي رهائش واري جاءِ جهول ماڙيءَ ڏي اچي رهيو هو ته، کيس رستي ۾ راجا ڌروت جو پٽ چنيسر مليو. جيئن ته هيڪل راوتيو پهلوان آسپاس جي ستن اٺن ڪوهن ۾ ڪنهن کي سهندو ئي ڪو نه هو سو چنيسر کي ڏسندي ئي هڪل ڪري ساڻس اٽڪي پيو. ٻئي پهلوان وڙهڻ لڳا. نيٺ چنيسر، هيڪل راوتئي پهلوان کي ماري سڌو جهول ماڙيءَ تي ويو. جنهن پهلوان جي نوڪرن کي چيو ته، ”مون پهلوان ماري ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ان جي هٿن ۾ ستن اٺن ڪوهن واري ايراضي ۽ توهان سڀ منهنجي قبضي ۾ آهيو.“ تنهن تي نوڪرن، چنيسر کي ٻڌايو ته، هيڪل پهلوان جو مرشد جک جوڳي سامهون واري جبل جي ٽڪريءَ تي (جيڪا ٽن ميلن جي پکيڙ ۾ آهي) رهي ٿو. اها ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ هي ٽيئي ڀائر جکرو، ڌندرو ۽ چنيسر انهي بزرگ وٽ ويا. اتي پهچڻ کانپوءِ بزرگ کين چيو ته، اوهان مون وٽ نه رهو. اوهان مان مون کي نقصان ٿيندو.“ پر هي ٽيئي انهي بزرگ جک جوڳيءَ جي خدمت ۾ مصروف رهيا. انهي جوڳي وٽ هڪ ڪتاب هو جنهن ۾ ڍاري ۽ رمل جو علم هو. جنهن وسيلي هو خزانا هٿ ڪندو هو. ان بزرگ ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي شاگردن کي چيو ته، ”آئون هِن ٽڪريءَ ۾ ٻوٽيون ڳولڻ ٿو وڃان، توهان ڪتاب کولي بيهجؤ.“ جڏهن اهو جوڳي ٽڪريءَ اندر ڪنهن غار يا ڍوريءَ ۾ ويو ته، سندس شاگرد ڪتاب کولي بهيڻ بدران بند ڪري کڻي آيا ۽ اهو جوڳي اتي ئي ڪنهن غار ۾ غرق ٿي ويو. اها ٽڪري ۽ جهول ماڙي ماڻهن جي عبرت لاءِ اڃا تائين موجود آهي.
راجا ڌروت جي ٽنهي پٽن جو اولاد هن ريت مشهرو ٿيو:
جکري جي اولاد مان جکرا، هيجب ۽ هيڪل ٿيا،
ڏندري جي اولاد مان مير بحر، ملاح ۽ مهاڻا ٿيا.
چنيسر جي اولاد مان شورا ٿيا. (2)
مٿي لکيل خلاصه مان هيءَ ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته، شورا قوم جو ڏاڏو راجا ڌروت، راجپوت گهراڻي جي گجر قبيلي جو هو. سندس راجڌاني جو ملڪ مارواڙ ڪڇ هو. جتان راجا ڌروت جي گذاري وڃڻ بعد سندس اولاد ڪڇ کان سنڌ پهتو. راجا ڌروت کي سنڌ جي مشهور تاريخي بزرگ شيخ رهاڻ مسلمان ڪيو. راجا ڌروت جي مسلمان ٿيڻ بعد سندس پٽ ۽ اولاد نسل در نسل مسلمان رهيو. راجا ڌروت جو اولاد سنڌ ۾ سڀ کان پهرين جهمپير جي علائقي ۾ جهول ماڙيءَ ڀر سان گهڙا مڪان ۾ رهيو.
هڪ زباني روايت مطابق ته، جڏهن راجا ڌروت جا پٽ ۽ ان جي ڌيءَ ملڻي گهڙا مڪان ۾ اچي رهيا هئا ته، اتي رهڻ کان ڪجهه عرصو بعد جهول ماڙيءَ واري علائقي جي ناريجا قوم جي سردار کانئن ڀيڻ جو سڱ گهريو. جيئن ته هي ڏُلجي مسافر ٿي آيا هئا تنهن ڪري سندن وڏي ڀاءُ جکري، سڱ ڏيڻ جي هاڪار ڪئي، پر ٻيا ٻه ڀائر ڏندرو ۽ چنيسر سختيءَ سان انڪار ڪري بيٺا. هاڻي هنن ڀائرن لاءِ ڏکيائي ٿي پئي. انهي پريشاني وچ ۾ سندن نوڪرن ۽ ٻانهن مان هڪ مڱڻهار (لنگهو) هو. تنهن هنن کي تسلي ڏني ته توهان فڪر نه ڪريو. مون وٽ هڪ رٿا آهي انهي مطابق سڱ ڏيڻ کان به بچي وڃبو ته ناريجن سان سڱ ڏيڻ جي هاڪار ڪري انهن جي دشمني کان محفوظ ٿي وڃبو. انهي کانپوءِ ناريجن جي سردار پنهنجي شادي جا ڏينهن مقرر ڪري آسپاس دعوتون ڏنيون. نيٺ شادي جا ڏينهن آيا ۽ گهوٽ کي ساٺ سنوڻ ٿيڻ لڳا. لنگهي اهو موقعو بهتر سمجهي، جنهن جاءِ تي ساٺ سنوڻ ٿي رهيا هئا، انهي جاءِ جي چوڌاري تيزاب هاري پوءِ ان کي تيلي لڳايائين ته، چوڌاري باهه ٻرڻ شروع ٿي وئي ۽ لنگهي پاڻ کي ڄاڃين ۾ شريڪ ڪري دهل وڄائڻ شروع ڪيو. تان جو انهي باهه جي چوڌاري وڪوڙي وڃڻ ڪري ڄاڃي ماڃي، گهوٽ وغيره سڀ سڙي ويا. تان جو اهو لنگهو به سڙي ويو.(3)
مون پنهنجي چاچي مرحوم عبدالواحد شوري کان سندس پيءَ (يعني منهنجي ڏاڏي محمد عمر شوري مرحوم) جي هيءَ ڳالهه ٻڌي هئي ته، ”اسان راجا ڌروت جو اولاد آهيون. اسان جو اصل وطن جيلسمير آهي. جتان کان گذر سفر جي بهاني هتي سنڌ ۾ پهتاسون. ٺڪر، راٺوڙ ۽ سوڍا سڀئي اسان راجا ڌروت جي خاندان ۽ ان جي جدا جدا پاڙن، اوڙڪن جا نالا آهن.“ انهيءَ ڳالهه مان ٻن قسمن جي معلومات ملي ٿي. پهرين ته، راجا ڌروت، جيسلمير جو بادشاهه هو انهي راجا ڌروت جي اولاد مان شورا قوم آهي. ٻيو ته، راجا ڌروت جي خاندان جي جدا جدا پاڙن ۽ اوڙڪن جا نالا ٺڪر، راٺوڙ ۽ سوڍا آهن.
مون ڏاڏا مرحوم جي مٿي ذڪر ڪيل ڳالهه تي ويچاريندي انهن لفظن جي معنيٰ ڏي به توجهه ڪيو ته ٺڪر، راٺوڙ ۽ سوڍي جي اصل معنيٰ ڇا آهي؟ ڇو ته سنڌي قومن جي پاڙن ۽ اوڙڪن تي سندن وڏن جي نالي يا انهن جي ڪنهن گڻ پويان نالو پوي ٿو ۽ انهي نالي سان قوم مشهور ٿي وڃي ٿي. ٽنهي لفظن جي معنائن لکڻ کان اڳ اسان راجا ڌروت جي جيسلمير جي راجا هجڻ جي شاهدي بابت لکنداسون اردوءَ ۾ لکيل تاريخ فرشته جي مصنف محمد قاسم فرشته پنهنجي انهي تاريخ ۾ جيسلمير جي هڪ راجا جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو نالو ”ڌولت“ هو.
منهنجي سمجهه ۾ اهو ”راجا ڌولت“ ساڳيو ڌروت آهي. البته اردوءَ جي اُچار ۾ ڌولت ٿي ويو آهي. باقي تاريخ فرشته جي لکڻ ۽ منهنجي ڏاڏي جي ٻڌايل زباني روايت مطابق ته اهو جيسلمير جو راجا هو. جڏهن ته اسان شروع ۾ لکي آيا آهيون ته، اهو راجا ڪڇ مارواڙ جو هو. آئون سمجهان ٿو ته، فرق ٿورو آهي، ڇو ته مارواڙ توڙي جيسلمير ٻئي رياستون ڪڇ علائقي جون آهن. انهي ڪري ٻنهي رياستن جي هڪ ٻئي کي ويجهي هئڻ ڪري ڪنهن مؤرخ مارواڙ لکيو ته، ڪنهن وري جيسلمير ڄاڻايو آهي.
هاڻي ٺڪر، راٺوڙ ۽ سوڍي جي اصل معنيٰ لکجي ٿي. جنهن مان پتو لڳائي سگهجي ته راجا ڌروت جي اولاد ۾ ڪهڙا گڻ هئا؟
لفظ ٺڪر: معنيٰ مورتي پوڄيندڙ، جل ديوتا جي پوڄارين جو ٻائو هندو فقير.(4)
لفظ ٺاڪر: معنيٰ راجپوتن جي هڪ ذات. سردار، عزت جو لفظ، راجائن ۽گُرن جو لقب، سوامي. (5)
لفظ راٺوڙ: معنيٰ اسم خاص، راجپوتن جي هڪ ذات جو نالو. (صفت) سگهارو، پهلوان، جانٺو، بهادر، ڏٽو مُٽو، جبرو، جنگجو. (6)
لفط سوڍا: معنيءِ سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن جي هڪ ذات.(7)
مٿي ذڪر ڪيل معنائن ۾ غور ڪرڻ بعد سمجهه ۾ اچي ٿو ته، راجا ڌروت جو اولاد پهلوان، بهادر ۽ سگهارو هو. جنهن مان ڪِن خاص گڻن وارن کي ٺڪر، راٺوڙ يا سوڍو سڏيو ويو. تنهنڪري انهن جون باقاعده جدا جدا ذاتيون سڏجڻ لڳيون.
شورا قوم جو اصل راجا ڌروت سان ملي ٿو. راجا ڌروت جو سمورو خاندان ڪڇ کان سنڌ منتقل ٿيو. اهڙي شاهدي اسان کي تاريخ تحفة الڪرام مان ملي ٿي. مذڪوره تاريخ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ڪڇ کان جيڪي به قومون سنڌ ۾ داخل ٿيون تن جون پنج نُکون آهن جن مان مون کي هينئر چار نُکون ياد آهن جيڪي هي آهن: (1) نِيت، (2) پيت، (3) سميت، (4)؟، (5) ڌروت.
مناسب آهي ته راجا ڌروت ۽ سندس خاندان کي مسلمان ڪندڙ، سنڌ جي بزرگ هستي شيخ رهاڻ جو مختصر تعارف لکون ۽ هي به معلوم ڪريون ته، اها ڪهڙي صدي ۽ زمانو هو جڏهن راجا ڌروت شيخ رهاڻ جي هٿ تي اسلام قبوليو ۽ ان جي خدمت ۾ وقت بوقت حاضر ٿي اسلام جا حڪم ۽ تعليم سکندو رهيو.
”شيخ ريحان (رهاڻ) ذات جو سومرو، اتي جو ڪامل آهي. شيخ ريحان جو اصلي نالو چنيسر هو. چون ٿا ته، هڪ ڀيري شيخ ريحان (رهاڻ) جي زيارت لاءِ شيخ رڪن الدين (شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني جو پوٽو) ۽ مخدوم لعل شهباز به اتي آيا هئا. جن کيس ماني، کير ۽ ماکي کائڻ لاءِ زور ڀريو هو.“ (8)
اهو شيخ رڪن الدين وڏي پايه جو بزرگ هو. جنهن جو سلطان علاءُالدين خلجي وڏو معتقد هو. شيخ رڪن الدين جڏهن دهلي ويندا هئا ته، سلطان علاءُ الدين سندن استقبال ڪندو هو.(9)
سنڌ جي اوليائن بابت لکيل تاريخن مان ثابت آهي ته، شيخ رهاڻ ستين صدي هجري جي پوئين اڌ جو مشهور بزرگ آهي. مٿين تاريخي حوالن مان ٻه ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون.
(1) ته شورن جي ڏاڏي راجا ڌروت کي جنهن بزرگ مسلمان ڪيو هو، تنهن جي زيارت لاءِ ملتان جو بزرگ شيخ رڪن الدين ۽ لعل شهباز قلندر جهڙا وڏي پايه جا بزرگ ايندا هئا. جنهن مان شيخ رهاڻ جي بزرگي ۽ شان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
(2) ته شورا قوم ستين صدي هجري جي مسلمان قوم آهي.
اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون ته، راجا ڌروت جي ٽنهي پٽن جو اولاد سندن اصلي نالن پٺيان مشهور ٿيو. مثال طور جکري جو اولاد جکرا، هيجب ۽ هيڪل وغيره، سنڌ ۾ جکرا، هيجب ۽ هيڪل ذاتيون مشهور آهن جڏهن ته اهي اصل۾ وڏن جا نالا هئا. اهڙي طرح ڌندري (جنهن کي ڪِن تاريخن گندرو لکيو آهي) جو اولاد گندرا، ملاح مير بحر ۽ مهاڻا مشهور ٿيو ته پوءِ انهن جي ئي ڀاءُ چنيسر جو اولاد ”شورا“ ڪيئن مشهور ٿيو، ٿيڻ ته کپي ها جو اهي به ”چنيسر“ سڏجن ها. تنهن جا ٻه جواب اسان وڏن کان ٻڌا آهن. پهريون جواب: راجا ڌروت پنهنجي ٽنهي پٽن جکرو، ڏندرو (يا گندرو) ۽ چنيسر کي جدا جدا وقتن ۾ ڪي بادشاهي ڪم ڪار چيا، ٻن پهرين پٽن ته پاڻ تي رکيل ڪم ڪيا. البت چنيسر ڪم نه ڪيو. جڏهن کانئس بادشاهه پڇيو ته پاڻ کارو ٿي جواب ڏنائين. تنهن تي بادشاهه چيس ته، ”هڪ ته ڪم ڪو نه ڪيئي ٻيو وري ”شور“ پيو ڪرين؟!“ ان کان پوءِ چنيسر جو لقب ”شورو“ مشهور ٿيو. جنهن جي معنيٰ به کارو آهي. انهي چنيسر جي لقب سبب سندس اولاد به ”شورو“ مشهور ٿيو. ٻيو جواب: چنيسر وڏي هڪل ۽ آواز سان ڳالهائڻ وارو، وڏي شهرت ۽ ڌاڪو رکندڙ، گهنڊ وجهي هلڻ وارو ۽ ڪنهن جي به آڻ نه مڃڻ وارو هيو. تنهنڪري مٿس لقب ”شورو“ پيو. جڏهن ته شوري لفظ جي معنيٰ به انهي ڳالهه جو ڏس ڏئي ٿي. جڏهن چنيسر جو لقب شورو مشهور ٿيو ته ان جو اصلي نالو گم ٿي ويو. اسان جا وڏا راجا ڌروت جي پٽن جا نالا جکرو، گندرو، شورو ٻڌائيندا هئا يعني ته چنيسر جي نالي تي لقب غالب ٿي ويو. (10) شورا قوم بابت تاريخي مواد ڳولڻ وقت ڪي تاريخون اهڙيون هٿ آيون جن شورن کي سمن جي هڪ شاخ ڄاڻايو آهي. جنهن لاءِ حوالي طور هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
(1) اها حقيقت تسليم ٿيل آهي ته، عربن ۽ بلوچن کانسواءِ ٻيون جيڪي ڏيهي قومون سنڌ ۾ رهنديون هيون جيڪي درجي بدرجي اسلام ۾ داخل ٿينديون آيون تن کي سماٽ يعني سما قوم جون شاخون سڏيو وڃي ٿو.(11)
انهي حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته، جيڪي به سنڌ جون مقامي قومون هندو هيون ۽ پوءِ اسلام آندائون سي سما قوم جون شاخون آهن. جيئن ته شورا قوم جو ڏاڏو ۽ سندس خاندان هندو هو پوءِ مسلمان ٿيو ته ان جي قوم به سماٽ ۾ شامل هجڻ ڪري سمن جي شاخ طور شمار ڪئي وئي.
(2) جديد تحقيقات موجب به سما نو مسلم راجپوت آهن.(12)
(3) سما قوم گهڻن قبيلن ۾ ورهايل هئي. جن جا سردار: ڄام، ارباب، وڏيرا، ڄاموٽ وغيره لقبن سان سڏبا هئا. سما نسل جا ڪٽنب سنڌ، راجپوتانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، لس وغيره حصن ۾ رهندڙ هئا. جي جدا جدا قبيلن جي نالن سان سڏجڻ ۾ ايندا هئا، جن ۾ شورا قوم به هڪ آهي.(13)
(4) تازو آئون سنڌ يونيورسٽي جي اهم اداري سنڌالاجيءَ ۾ ويس جتي مطالعي دؤران هڪ اهڙو ڪتاب نظر مان گذريو. جيڪو انگريزيءَ ۾ لکيل هو. ريسرچ لئبريري سنڌالاجيءَ جي ڪائونٽر تي ويٺل دوست جي مهرباني سان اُن ڪتاب ڏسڻ جو موقعو مليو. وقت ٿورو هو، انهي ڪري تفصيل سان پڙهي ته نه سگهيس. البت سرسري نظر وڌيم. ڪتاب جو نالو انگريزي ۾ ڊگهي عبارت سان ٻن ٽن سٽن ۾ لکيل هو. آئون انگريزيءَ ۾ نالو لکڻ بجاءِ ان جو سنڌي اچار لکان ٿو.
”هسٽوريڪل اينڊ ٽريڊيشنل آف دي مسلمان پيجز فائونڊ اِِن سنڌ بلوچستان اينڊ افغانستان.“
اهو ڪتاب شيخ صادق علي شير علي انصاري جيڪو 1901ع ڌاري سنڌ جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو تنهن لکي ڇپرايو هو. ڪراچي جي سنڌ گورنمينٽ پريس ڇاپيو هو.
انهي ڪتاب ۾ شورا قوم کي سمن جي شاخ ڄاڻايو ويو آهي. حوالي لاءِ مٿئين ڪتاب جو صفحو 35 ڏسي سگهجي ٿو. جتي سمن جي شاخ ڄاڻائيندي ڪتاب واري Sora or Shora لکيو آهي.
ڪتاب جي سرسري مطالعه مان معلوم ٿيو ته، مذڪوره ڪتاب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي انهن قومن کي ڳڻيو ويو آهي جيڪي زميندار آهن. ڪتاب ۾ بلوچ قومن جو شمار الڳ ڪيو ويو آهي ته سنڌي قومن جو ڳاڻيٽو جدا ڪيل آهي.
هينئر توهان جي سامهون تاريخن مان چار حوالا ذڪر ڪيا ويا. جن مان پڌرو ٿئي ٿو ته، ”شورا سمن جي شاخ آهن.“ انهي جي حقيقت وڌيڪ خدا ڄاڻي ٿو. پر هيستائين آئون پنهنجي ذاتي معلومات جي آڌار تي انهي ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته آئون شورا قوم کي هڪ مستقل ذات مڃان ٿو. ڪنهن به ٻي ذات جي اوڙڪ يا پاڙو مڃڻ مون کي صحيح نظر نه ٿو اچي. ٿي سگهي ٿو تحقيق ڪندي ڪي اهڙا مضبوط ثبوت مِلن، يا شورا قوم جو شجرو ملي. جنهن ۾ دليلن، ثبوتن ۽ شاهدين سان شورا قوم کي سمن جي شاخ ثابت ڪيو ويو هجي ته، مون کي مڃڻ ۾ ڪو به عار نه ٿيندو. باقي منهنجي ذهن ۾ هڪڙي ڳالهه کُٽڪي ٿي ته، شورن جي وڏن سمن سان مائٽي ۽ سڱاوتي ڪئي هجي، اُن آڌار تي ڪنهن تاريخ واري شورن کي سمن جي شاخ لکيو هجي ۽ انهي تاريخ تان وري ٻين نقل ڪيو هجي ته اهو ٿي سگهي ٿو.
شورا قوم بابت ڪيترين ئي تاريخن ۾ ڌارين سان وڙهڻ ۽ انهن کي پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ تان تڙي ڪڍڻ لاءِ بيشمار لڙاين جا قصا ذڪر ٿيل آهن. پنهنجي ديس تان سر قربان ڪرڻ ۾ شورا قوم ڪيترين ئي قومن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڌارين سان خوب مقابلو ڪيو.
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ صاحب لکيو آهي ته،
سومرن، سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر کان پوءِ سنڌ دهليءَ جي مغل حڪومت هيٺ آئي ۽ مغل بادشاهه پنهنجا گورنر سنڌ جي مختلف علائقن تي مقرر ڪندا هئا.
سماٽ قوم جون ڪيتريون ذاتيون مغل گورنرن سان چوٽون کائينديون رهيون. ان وقت جي حالتن تي يوسف ميرڪ جو سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ سٺي روشني وجهي ٿو. ۽ ڪيترين ئي سنڌي ذاتين جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موجود هيون. ان دور ۾ سنڌ اندر ڪي زبردست قومون موجود هيون جن ڌارئي راڄ جي حڪومت کان ناراضگي ڏيکاريندي انهن سان جنگيون جوٽيون ۽ آخري دم تائين وڙهندا رهيا.
انهن جنگجو (ويڙهاڪ) ذاتين ۾ سميجا، انڙ، ساريا، شورا، نومڙيا وغيره مشهور هئا. اهي سڀ سماٽ قوم سان واسطو رکندڙ هئا. (14) خلاصو مطلب ته، شورا قوم راجپوت نسل مان راجا ڌروت جي پٽ چنيسر عرف شوري جو اولاد آهي. راجا ڌروت کي شيخ رهاڻ مسلمان ڪيو هو تنهنڪري شورا قوم پنهنجي ڏاڏي راجا ڌروت جي مسلمان ٿيڻ واري زماني يعني ستين صدي هجري کان وٺي مسلمان ليکجڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن ته، مسلمان ٿيڻ کان اڳ راجا ڌروت، راجپوت جي گجر پاڙي مان هو. پر ڪي ان کي ٺڪر سڏين ٿا. شورا قوم سنڌ جي تمام وڏين ذاتين ۾ شمار ٿئي ٿي. ڇو ته هيءَ قوم سموري سنڌ جي هر ضلعي ۽ هر تعلقي ۾ گهڻي تعداد ۾ آباد آهي.


حوالا:
(1) ڪتاب سماٽ صفحو 31 ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ.
(2) هفتيوار اخبار ”آزاد“ ڪراچي 3 جون 1968ع
مضمون: جهول ماڙي
مضمون نگار: عبدالله گندرو- سونڊا ضلع ٺٽو
(3) زباني روايت: سيٺ عبدالله شورو، ديهه ماڙي، تعلقه ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽو.
(4) جامع سنڌي لغات صفحو 722 جلد 2
(5) جامع سنڌي لغات صفحو 716 جلد 2
(6) جامع سنڌي لغات صفحو 1410 جلد 3
(7) جامع سنڌي لغات صفحو 1694 جلد 4
(8) تاريخ تحفة الڪرام صفحو 446 سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد
(9) تاريخ تمدن سنڌ صفحو 262 مولائي شيدائي
(10) جامع سنڌي لغات صفحو 1782 جلد 4
(11) ڪتاب سماٽ صفحو 50 ليکڪ الهه رکيو ٻُٽ
(12) ڪتاب سماٽ صفحو 49
(13) تاريخ خاصخيلي صفحو 43 ليکڪ مولائي شيدائي ڇاپو 1961ع
(14) ڪتاب سماٽ صفحو 54
