شورن جو راڄوڻي نظام
ڪنهن به قوم، قبيلي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هي ضروري آهي ته، انهن قومن جي اڳواڻن ۽ رهبرن ۾ سندن قوم لاءِ خيرخواهي جا جذبا پوري اخلاص ۽ سچائي سان ڪارفرما هجن. امانت ۽ صداقت سندن سڃاڻپ هجي ته ديانت ۽ شرافت سندن اصول هجي. ڇو ته، اهڙا اڳواڻ ۽ رهبر ئي پنهنجي قومن کي تباهي مان ڪڍي، ترقي جي راهه تي گامزن ڪن ٿا. دنيا ۾ اهي قومون ترقيءَ جي معراج کي پهتيون، جن جي اڳواڻن ۾ قائدانه صلاحيتون پوري طرح موجود هيون. پر خدانخواسته جي قوم جا رهبر ئي رهزن ٿي پون ته پوءِ اهي قومون ترقي بجاءِ، تنزل ۽ تباهي جي تري ۾ هليون وڃن ٿيون، پوءِ اهڙين قومن جو ٻيڙو ترڻ بدران ٻڏڻ لڳندو آهي.
انهي ڪري قوم جي رهبر ۾ انسانيت کي اجاريندڙ امانت ۽ صداقت جهڙين سهڻين خوبين سان گڏ عدالت ۽ انصاف جو عنصر غالب هجي. اهو اڳواڻ رياڪاري ۽ طرفداري، اقربا پروري ۽ خود غرضي، مفاد ۽ مطلب پرستي کان ڪوهين ڏور هجي. قومن ۽ قبيلن جا اڳواڻ هيءَ پنهنجي ذميداري بلڪه خدائي فرض سمجهي ڪنهن به فيصلي ۽ نياء نبيري ۾ حق ۽ انصاف جو دامن نه ڇڏين، راڄوڻي توڙي قومي فيصلن ۾ ڪا به طرفداري نه ڪن بلڪه فيصلي کي ”خدائي امانت“ سمجهي بي ريائي جو مظاهرو ڪن ته، راڄن ۾ هلندڙ تنازعا ۽ تڪرار پُرامن حل ٿي وڃن ۽ فتني فساد جي پاڙ پٽجي وڃي. خدا جو حڪم به اهو ئي آهي ته، ٻن ڀائرن ۾ جيڪڏهن ڪو تنازعو ۽ تڪرار، جهيڙو جهڳڙو ٿي پوي ته، توهان جو فرض آهي ته، انهن ٻن جي وچ ۾ حق انصاف سان فيصلو ڪري، صلح صفائي سان انهن کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو ته جيئن آئنده انهن جي پاڻ ۾ ڀائپي به برقرار رهي ته منجهانئن ڪوڙ ڪپت، ڪلفت ۽ ڪدورت نڪري وڃي جيستائين انهن اصولن تي راڄن جي چڱمڙسي ۽ وڏيرپ قائم رهي تيستائين ڳوٺن ۽ راڄن جا نظام امن ۽ سڪون، ڀائپي ۽ محبت سان هلندا رهيا. پر جڏهن کان جتي انهن قدرتي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿي ته، اتي وري فتنن فسادن، جهيڙن جهڳڙن، نفرتن ۽ عداوتن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو.
سنڌ جي ماضي کي ڏسندؤ ته، ان ۾ انهن قومي رهبرن، اڳواڻن، پڳدارن ۽ چڱن مڙسن جي اڪثريت نظر ايندي جيڪي خدا جي عدالتي نظام کي برقرار رکيو آيا، ۽ پنهنجي قوم لاءِ نهايت شفيق، ٻاجهه ڀريا، همدرد، هڏ ڏوکي، خيرخواهه ۽ قوم جي ايڪي اتحاد ۽ ٻڌي لاءِ هر موقعي مهل تي ڪوشان رهيا. پر جيڪڏهن سنڌ جي موجوده صورتحال کي ڏسبو ته، چند ڳاڻ ڳڻين چڱن مڙسن ۽ پڳدارن کان سواءِ اڪثريت انهن جي ڏسبي جيڪي انهي خدائي عدالتي ۽ امن پسندي واري اصول تي عمل پيرا ناهن.
منهنجي ڄاڻ مطابق اهو فرق صدر ايوب جي بادشاهي ۾ بنيادي جمهوريتن کان پوءِ ٿيو. ڇو ته، انهي کان اڳ قومن، قبيلن جا راڄوڻي نظام پنهنجي قديم روايتن ۽ رواجن مطابق هلندا پئي آيا. ڳوٺن جي سربراهي يا قومن، قبيلن جي چڱمڙسي نيڪ مردن جي هٿ ۾ هئي، انهن کي ئي پڳ جو حقدار سمجهي، پڳدار ڪري چونڊيو ويندو هو. پر جڏهن بعد ۾ هڪ نئون سياسي وايو منڊل شروع ٿيو ته، انهي اهي سڀ پراڻيون روايتون ۽ رواج نيست نابود ڪري ڇڏيا. جنهن ڪري اڳواڻي اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ هلي وئي، جن جي رسائي حڪومتي ادارن ۽ سياسي ميدان ۾ وڌيڪ هئي. نيتجه ۾ رهبري ۽ اڳواڻي جا معيار، حق انصاف بجاءِ خود غرضي ۽ مفاد پرستي بنجي ويا. جيتوڻيڪ پوءِ به قومن، قبيلن جا روايتي پڳدار پنهنجي موروثي روايت برقرار رکيو آيا، پر سياسي ڪار وهنوار جي غلبه سبب اهي پوئتي رهجي ويا. عام ماحول ۾ هرڪو ماڻهو حق انصاف کان وڌيڪ پنهنجي مفادن کي اهميت ڏيڻ لڳو. انهي ڪري سنڌ جا قديم روايتي راڄوڻي نظام تعطل جو شڪار ٿي ويا، جيڪي هن وقت نالي ماتر وڃي رهيا آهن.
اسان انهن قديم ريتن رسمن، روايتن ۽ رواجن کي ٻيهر مضبوط ۽ منظم بنائڻ لاءِ نه ٿا چئون، پر ايترو ضرور چونداسون ته، انهن قديم روايتي راڄوڻي نظامن ۾ وڏي ننڍي جو احترام، ڪنهن وڏي جي ڳالهه ٻڌي ضد زور ۽ هوڏ هٺ تان لهي وڃڻ، سهپ ساڃاهه، فيصلي جي وقت پڳدار اڳيان ٻنهي ڌرين مان ڪنهن کي ڪس لڳي ته به راضي ۽ جي رس ته به راضي. پوليس ٿاڻي يا ڪورٽ تائين معاملو ڪو نه ويندو هو. راڄوڻي فيصلي سان مسئلو حل ٿي ويندو هو ۽ حقدار کي سندس حق ملي ويندو هو. جنهنڪري ڳوٺ، راچ جي ماڻهن ۾ خصومت ۽ کؤنس بازي به گهٽ هوندي هئي. جيڪڏهن ڳوٺ مان ڪو ماڻهو پنهنجي برادر واري يا پاڙيسري سان ڪا ناجائزي ڪندو هو ته، راڄ جو چڱو مڙس ۽ ڳوٺاڻا گڏجي ان کي هدايت، ڇينڀ ۽ ملامت ڪندا هئا ۽ جنهن سان ناحق ٿيو هوندو ته سڀ ان جا حمايتي ٿيندا هئا. جنهن ڪري لنب لوفر چور چڪار ۽ ڏاڍ مڙسي وارو وڌاء نه ڪري سگهندو هو ۽ آڻ مڃي سڄي راڄ کان بخشائيندو هو. اهڙي طرح ٻئي ڌريون وري به صلح سانت سان گڏجي گذارينديون هيون ۽ امن جي فضا قائم رهندي هئي.
پر افسوس! اڄوڪي ماحول ۾ ته سراسر قصو ئي اور لڳو پيو آهي. هيڻو ڦرجي، مارجي رهيو هجي ته به پاسو ڏاڍي جو پيا کڻندا. جيئن مشهور چوڻي آهي ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، يا رئيس جي اٺ کي ڪير چوي هُلي! پر پوءِ به، اڃا ڪي آهين ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي. اڃا به سنڌ سائي آهي، اڃا به ڪي مانجهي مرد مٿير ۽ هن ڏيهه جا ڏهيسر موجو دآهن جيڪي پنهنجي ڳوٺن ۽ راڄن لاءِ ڇانوَ ڇپر آهن ۽ هر ڏاڍي جي اهنج انياء کي منهن ڏيئي رهيا آهن.
سنڌ جي سماٽ قبيلن مان شورن جو به هڪ روايتي راڄ نيتي نظام آهي. جنهن موجب پاڙن، ڳوٺن ۽ قبيلن جي چڱمڙسي ۽ پڳداري جو هڪ موروثي سسٽم آهي. ايامن کان وٺي اهو نظام هلندو ٿو اچي. اهي چڱا مڙس ۽ پڳدار پنهنجي خاندان، پاڙي ۽ ڳوٺ راڄ لاءِ بڙ جي گهاٽي وڻ مثل آهن جو پاڻ ڪوشش ڪري ڪنهن ڳوٺ واري يا پاڙي واري کي ڏکيءَ ويل اڪيلو نه ڇڏيندا، ڏکي سکي ۾ شامل حال بلڪ وڌ کان وڌ مددگار ٿيندا آهن. پاڻ اس ۾ سڙندا پر ٻين کي ڇانوَ ڏيندا آهن. اڄ به آئي ويل توڙي شادي غمي ۾ انهن پڳدارن جي پنهنجي عزت ۽ وقار قائم آهي. ڳوٺ راڄ وارا کين عزت جي نظر سان ڏسن ٿا. شورا قبيلي جي جمله پاڙن ۽ چڱن مڙسن ۽ پڳ ڌڻين بابت اسان تاريخ شورا (صفحه 142 کان 145 تائين) مواد ورتو آهي سو مختصر ڪري هتي نقل ڪريون ٿا. شورا قبيلي جا ڪل 21 (ايڪيهه) پاڙا آهن، جيڪي ٻن پڳن ۾ ورهايل آهن. هڪ پڳ جو نالو پسايو ۽ ٻي پڳ جو مُنو.
پسايو پڳ ۾ ڪل چوڏهن پاڙا آهن، جيڪي هي آهن: (1) کمڻ: هن پاڙي مان ارباب جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. جيڪو پسايو جي چوڏهن پاڙن جو چڱو مڙس هوندو آهي. (2) ٻَتڙ: هن پاڙي مان پسائي جي ارباب لاءِ وزير چونديو ويندو آهي. (3) ڏيئو، (4) گوندرو، (5) آريسر، (6) اڀيه، (7) کيدو، (8) ڪيهر پوٽا، (9) ٻُٽائي، (10) علڻ، (11) سرڪي، (12) پير، (13) ٻوڙا، (14) ملتاني.
مُنو: مُني جي پڳ ۾ ڪل ست پاڙا آهن جهڙوڪ: (1) ڀريا: هن پاڙي مان مُني جي پڳ جو ارباب چونڊيو ويندو آهي. (2) ورياهه: هن پاڙي مان مُني جي ارباب لاءِ وزير چونڊيو ويندو آهي. (3) سرطانيا، (4) ڳاهيپوٽا، (5) ڌروت، (6) چاوڙو، (7) راڄڙ.
]نوٽ: هتي هيءَ ڳالهه به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته، مٿي ٻڌايل پاڙن جي نالن بابت شورا برادري جي ڪن سڄاڻ دوستن کي اتفاق ناهي. جيئن نورچشم مولوي فهيم الدين عرف فهيم فدا شورو هيءَ ٻه روايتون ٻڌي نوٽ ڪيون. اسان اهي ٻئي روايتون شورا برادري جي ڄاڻ خاطر ذڪر ڪريون ٿا.
بيان ڪندڙ وڏيرو خان محمد شورو ڳوٺ لاکو فقير، ڄامشورو.
هنڌ: رئيس ديدار خان شوري جي ڪچهري ۾ سندس بنگلي تي، ڳوٺ رئيس ڪرن خان شورو، ڄامشورو.
بتاريخ: 12 فيبروري 2016ع بروز جمعھ.
لکندڙ: فهيم فدا شورو مسڻ وڏي، ٽنڊو الهيار.
روايت (1): ڪتاب تاريخ شورا ۾ مُني جي اربابن جو پاڙو گم ڪيو ويو آهي، جيڪو حقيقت ۾ ”بادو“ آهي. سرڪاري طرح قانوني طور هن پاڙي کي سندس نالي ”بادا“ سان ديهه ۽ تپو به مليل آهي.
ڌارين سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سنڌ جو هڪ امر ڪردار جهونجهار شورو به اصل ۾ ”بادو“ پاڙي مان آهي. جنهن کي ڪتاب تاريخ شورا ۾ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. بادو پاڙي ۾ هي اوڙڪون آهن. بادو، لالاڻي ۽ ڪنڊاڻي.
روايت (2): ڪتاب تاريخ شورا جي مصنف، اڀيه پاڙي کي پسائي ۾ شمار ڪيو آهي. جيڪا هڪ تاريخي غلطي هئڻ سان گڏ حقيقت کي لڪائڻ برابر آهي. جڏهن ته اصل حقيقت هي آهي ته، اڀيه پاڙو مُني جي پڳ ۾ شامل آهي. اهو پاڙو مُني طرفان هڪ جنگ ۾ بطور امانت، عارضي طرح پسائي ۾ ملايو ويو نه ته اڀيه پاڙو اصل ۾ مُني جي پڳ ۾ شامل آهي. [
مٿي ذڪر ڪيل شورن جي ايڪيهه پاڙن ۾ پسائي جي پڳ وارن چوڏهن پاڙن مان هي ٽي پاڙا دراصل شورا ناهن بلڪه هنن جي پڳ ۾ آهن يعني سرڪي، ٻوڙا ۽ ملتاني. اهڙي طرح مُني جي پڳ وارن ستن پاڙن ۾ راڄڙ اصل شورا ناهن پر اهي به ان جي پڳ ۾ آهن.
شورن جي جمله ايڪيهه پاڙن ۾ پڳن جو سلسلو به موروثي هوندو آهي يعني جي پيءُ تي پڳ آهي ته ان جي وفات ڪري وڃڻ تي وري ان جي وڏي پٽ کي يا ان جي ڪنهن به پٽ کي پڳ ٻڌائي ويندي. هر پاڙي جي چڱمڙسي، يا ارباب يا وزير جي پڳ به موروثي هوندي آهي.
جيڪڏهن ڪنهن راڄوڻي فيصلي ۾ ڪا ڏکيائي يا پيچيدگي پيدا ٿي پئي ته، اهو پاڙي جو پڳدار ۽ وڏيرو پنهنجي پڳدار ارباب ڏي رجوع ڪندو آهي ۽ ان جي ساٿ ۽ مشوري سان اهو مسئلو حل ڪيو وڃي ٿو. گهڻو ڪري شادي غمي ۾ هر پاڙي جو چڱو مڙس ۽ پڳدار پنهنجي ڪڙم قبيلي سان شامل شريڪ ٿيندو آهي ۽ ان جي ئي مشوري مطابق ڪاڄ ڪيا وڃن ٿا. شورن ۾ اها قديم روايت اڃا به هلندي اچي، توڙي جو ڪيترن سماٽ قبيلن جديد ترقياتي دؤر جي پيش نظر انهن روايتن کي پراڻا رواج سمجهي نظر انداز به ڪيو آهي. پر شورن وٽ اها اباڻي روايت برقرار آهي، جيڪا سندن راڄ نيتي نظام جي عڪاسي ڪري ٿي شورن جي راڄوڻي قومي روايتن ۾ پڳ ۽ پڳدار جي وڏي عزت ۽ حيثيت آهي. پوءِ اها پڳ ذات شور اجي هجي يا پاڙي جي هجي يا ڪنهن گهر جي هجي. پر پڳ جي عزت ۽ عظمت پوري قبيلي، پاڙي يا گهر ڀاتين جي عزت برابر آهي.
ڪن دوستن جو خيال آهي ته، شورن جو راڄداري نظام، اصل ۾ سنڌ جي راجائن واري سسٽم جو يادگار آهي. پر جي انهن پڳ ڌڻين جا فيصلا سراسر حق وارا هجن ۽ شرعي اصولن جي روشني ۾ هجن ته پوءِ انهي پڳداري نظام ۾ ڪهڙي قباحت؟ پر جي اهي فيصلا علم عقل، دين شريعت، انسانيت کان صفا عاري هوندا ته پوءِ اهڙو نظام ته هونئن ئي انسانيت لاءِ ويل ۽ وبال آهي. سو اهڙي صورت ۾ ته حمايت ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. پر جتي ڪنهن ذات يا پاڙي جو ڪو پڳدار واقعي به قائدانه صلاحيتن جو مالڪ هئڻ ڪري، ان پڳ جو حقدار آهي ته پوءِ ان ۾ ڪهڙو حرج؟ باقي جيڪو ان درجي جو لائق نه هجي يا منجهس اها لياقت ۽ صلاحيت نه هجي، نه عقل جي اڪابري نه فيصلي ڪرڻ جي فراست، نه دانائي نه دليري، نه دينداري نه ديانت، نه حق گوئي نه همت حوصلو ته پوءِ اهڙي پڳدار تي ارمان ۽ افسوس ڪرڻ کانسواءِ وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي؟ ڇو ته، جنهن صورت ۾ جيڪو خود پڳ جي لائق ناهي سو جي وري پڳدار ٿيو ته، ٻين جي ڪهڙي حق رسائي ۽ داد فرياد ڪندو؟!
باقي راڄوڻي نظام لاءِ اسان جي راءِ مثبت آهي. البت ان جي موروثي سسٽم کي اڪثريت جي اتفاق راءِ ۽ مشوري سان چونڊ وارو سسٽم جاري ڪري هلائجي ته، اسان انهي طريقي جا وڌيڪ حامي آهيون ڇو ته ٻي صورت ۾ گادي نشين ۽ جاءِ نشين ٿيڻ سان هڪ شهنشاهيت جي پيروي ٿيندي. هن نظام ۾ ڪنهن موروثي گادي کي مضبوط ڪونهي ڪرڻو، بلڪه هتي ته انهي ماڻهو کي چونڊي پڳ ٻڌائي اڳواڻ بنائڻو آهي جيڪو وڌ کان وڌ پنهنجي قوم ۽ قبيلي جو همدرد خير خواهه ۽ ڀلو گهرندڙ هجي، انصاف پسند هجي، غريب غربي، مسڪين ۽ اڀري تي هٿ رکڻ وارو، چور چڪا ر۽ لنب لوفر کي برداشت نه ڪرڻ وارو هجي. انهن قديم سماجي نظامن توڙي قومي تهذيب و ثقافت کي زير و زبر ڪرڻ ۾ موجوده دؤر جي جديد سياست جو پاڇو پوري طرح اثر انداز ٿيو آهي، ۽ وري پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا، مٿان وري انٽرنيٽ جي اوتان اوت، سماجن، تهذيبن ۽ ثقافتن کي پاش پاش ڪري ماحول ئي بدلائي ڇڏيو، نه اها آڳاٽي تهذيب ۽ ثقافت رهي، نه وري اهي پراڻا سماجي طور طريقا. سنڌ جو قومي لباس جنهن ۾ سنڌي قوم جي دنيا جي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ هئي سو لباس به مٽجي ويو آهي. سنڌ جي شهري آبادي کي ڇڏي ڳوٺاڻي آبادي ۾ اڃا به ڪجهه نه ڪجهه ثقافت جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا نه ته ٻيو خير. منهنجي سمجهه ۾ جتي جتي روڊ رستا، لائٽ، گيس وغيره پهتو آهي اتي ثقافت جي تڏا ويڙهه ٿي وئي آهي.
اهڙي ماحول ۾ اسان جي مٿي پيش ڪيل راڄوڻي نظام بابت خيالن جي اظهار کي پڙهي ضرور حيرت ٿيندي! پر اسان ثقافتي لحاظ کان يا سماجي لحاظ کان سنڌي قبيلن ۾ جيڪا پنهنجي هڪ تاريخي سڃاڻپ رکون ٿا، سا ته پيش ڪرڻ اسان جو حق به آهي ته اسان جي قبيلائي تشخص جو هڪ معيار به آهي. انهي ڪري اسان ڪجهه نه ڪجهه پنهنجو موقف بيان ڪري ماضيءَ جي دؤر کان هلندڙ انهن قديم نظامن مان مثال خاطر، شورن جي راڄ نيتي نظام بابت پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.