تصوف ۽ طريقت جا سلسلا
جهڙي طرح جسماني علاج جا مختلف طريقا آهن جهڙوڪ: ايلو پيٿي، هيوميوپيٿي، اڪوپنڪچر، ۽ يوناني حڪمت (طب)، اهڙي طرح روحاني علاج لاءِ مختلف وقتن تي مسلمان بزرگن ذڪر اذڪار، ورد وظائف جا طريقا شروع ڪيا جن جي استعمال سان تجربن ثابت ڪيو ته،روحاني بيمارين ۾ شافي ڪافي فائدا ٿين ٿا ۽ ٿيندا رهن ٿا. روحاني علاجن جي اهڙن طريقن کي صوفيانه اصطلاح ۾ تصوف ۽ طريقت جا سلسلا سڏيو وڃي ٿو. انهن سلسلن جي ذريعي لکين ڪروڙين خدا جي خلق کي روحاني فائدو پهتو. جيڪي ماڻهو سڌي واٽ کان ٿڙهي ويا هئا، سي توحيد ۽ سنت مطابق سڌي راهه تي هلي زندگي گذارڻ لڳا. تصوف جو مرڪزي پروگرام خلق جي خدمت ڪرڻ ۽ سهڻا اخلاق ڌارڻ سان گڏ نفس کي پاڪ ڪرڻ ۽ دل کي صاف رکڻ آهي. قرآن شريف ان بابت فرمايو ته، قد افلح من زڪاها. يعني جنهن پنهنجو اندر اُجاريو، سمورين بداعمالين جي گندگين، غير اخلاقي ڪمن کان پاڪ ڪيو سو ڪامياب ٿي ويو. هونئن به پيغمبر ڪريمﷺ جي نبوي ذميدارين ۾ قرآن شريف خاص ڪري چئن ڪمن کي بيان ڪيو آهي.
(1) يَتْلُوْا عَلَيْهِمْ اٰيٰتِكَ، (2) وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتٰبَ، (3) وَالْحِكْمَةَ، (4) وَيُزَكِّيْهِمْ (سورت البقرة آيت 129 رڪوع 15 سيپارو1) يعني پيغمبر سائين جو پهريون ڪم ۽ ذميداري، الله جون نازل ڪيل آيتون ماڻهن کي پڙهي ٻڌائڻ، تلاوت قرآن جا آداب، تلاوت جو لب و لهجو، پڙهڻ جو طريقو سمجهائڻ. ٻئي نمبر ذميداري انهن آيتن جي معنيٰ ۽ مفهوم واضح ڪري ٻڌائڻ، قرآن شريف کي لغت ۽ ڊڪشنري جي مدد سان، نه پر پيغمبر سائين جي ٻڌايل تشريح جي روشني ۾ سمجهبو. ٽي ذميداري، قرآن شريف جي ٻڌايل پروگرام کي مڪمل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي، ڏاهپ ۽ عقلمندي سان ڪمال تائين پهچائي ڪامل ۽ مڪمل ڪرڻ. آخري ۽ چوٿين ذميداري هئي ته، جيڪا جماعت حضورﷺ جي زير تربيت ۽ زير تعليم آهي تنهن جي اندر کي اجارڻ يعني انهن کي نفس جي وسوسن شرارتن ۽ اجاين سڌن ۽ شيطاني لڪل حرڪتن کان اهڙو ڌوئي پاڪ ڪرڻ جو وري انهن جي دلين تي نه ته نفس جي شرارتن جو اولڙو ۽ نه ڪي شيطان جو پاڇو پئي. هر مومن مسلمان جي اصلاح پنهنجي دانائي ۽ ڏاهپ سان اهڙي طرح ڪري جو ان جي دل کي ايمان ۽ ڪامل يقين جي نور سان اهڙو روشن ڪري جو گمراهي جا انڌيرا دور ٿي وڃن. بيشڪ پيغمبر سائين پنهنجي نبوي ذميدارين کي انتهائي عمدي طريقي سان پوري طرح نڀائي مڪمل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت اصحابن سڳورن کي نبوي فيض مان ايترو ته نصيب ٿيو جو انهن اصحابن سڳورن کي نه ٻئي ڪنهن علم جي ضرورت پئي ۽ نه ڪنهن ذڪر اذڪار جي سلسلي جي حاجت پئي. هو رسالت مآب ﷺ جي علمي فيض ۽ صحبت ۾ اهڙا ته رنڱجي رچي لال ٿي ويا جو اهو رنگ لهڻ وارو ته هو ئي ڪو نه. هن ڪري ته اهو توحيد ۽ تقويٰ وارو چڙهيل رنگ، حقيقت ۾ خدا جو رنگ هو. جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته، صبغة الله و من احسن من الله صبغة. يعني ته اهو الله جو چڙهيل رنگ آهي. ڀلا الله تعاليٰ کان وڌيڪ ٻيو ڪو رنڱڻ وارو آهي؟ نه! بلڪ اهو الله سڀني کان وڌيڪ سهڻو رڱڻ وارو آهي. ڇو ته ٻيا رنگ ميٽجي ڊهي ويندا مگر الله جو چڙهيل رنگ ته لهڻ ڊهڻ ۽ ميٽجڻ وارو آهي ئي ڪو نه!
پاڻ سڳورن جو هڪ فرمان آهي ته، انما بعثت معلماً. يعني آئون دنيا ۾ استاد ٿي آيو آهيان. استاد جا ٻه ڪم هوندا آهن هڪ ته هو پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيئي ڪامل ڪري ته ٻيو انهن جي اهڙي تربيت ڪري جو منجهن ڪا به ڪمي باقي نه رهي. جنهن صورت ۾ پيغمبر دنيا جو استاد ٿي اچي ٿو ته خود پيغمبر جو استاد الله تعاليٰ پاڻ هوندو آهي. جيڪو وحي ۽ الهام جي ذريعي سندس تعليم ۽ تربيت ڪري ٿو. ڪو به شاگرد جي پنهنجي علم ۽ فن ۾ ڪمال جو صاحب ثابت ٿئي ته، ان مان سندس استاد جي ڪامل مهارت جي ثابتي ملي ٿي. اهو ئي سبب هو جو پاڻ سڳورا به ڪامل ته سندس صحبت يافته شاگرد اصحاب سڳورا به ڪامل هئا. پوءِ اهڙي صورت ۾ انهن اصحاب سڳورن کي نه ڪنهن ٻئي استاد جي ضرورت پئي، نه ڪي ٻئي پير مرشد جي محتاجي ٿي، ڇو ته، اصحابن سڳورن کي ظاهري علم جو به ڪا مل استاد مليو ته، باطني علم ۽ تربيت ۾ به ڪامل مرشد نصيب ٿيو.
پيغمبر سائين جي وجود ۽ سندس آندل هدايت واري روشني جي فيض جو مثال هن مان ملي سگهي ٿو ته، قرآن شريف جي مختلف سورتن ۾ پاڻ سڳورن جون ڪيتريون صفتون ذڪر ٿيل آهن. جن ۾ هڪ صفت ”سراج منير“ به آهي. يعني سدا روشن ڏيئو، جيڪو زمان ۽ مڪان جي قيد ۽ حد بندي کان بالاتر رهي روشني پهچائيندو رهي. پيغمبر سائين جي انهي سهڻي صفت .سراج منير“ کي سامهون رکي غور ڪريو ته، جڏهن سج اڀرندو آهي ته، سج جي تيز روشني دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ٿي. سج جي موجود رهڻ جي صورت ۾ ٻيون سموريون روشنيون ڀلي کڻي موجود هجن پر انهن جو سهائو محسوس ئي نه ٿيندو. سج جي روشني جيڪري اونداهي غائب ٿي ويندي آهي ته، ائين ئي جڏهن پاڻ سڳورن پنهنجي موجودگي ۽ نگراني ۾ اصحابن سڳورن جي دلين توڙي سموري وجود مان ظاهري جسماني ۽ باطني روحاني پليدي وارو انڌيرو ائين ڌوئي پاڪ صاف ڪيو جيئن سج جي هوندي رات جي اونداهي گم ٿيو وڃي. جڏهن اصحابن جا قلب ايترا پاڪ صاف، اڇا اجرا ٿي ويا، نفس جون سموريون گندگيون به صاف پاڪ ٿي ويون، نه دل تي ڪو ڪٽ ۽ زنگ رهيو، نه ڪو ظاهري جسم تي ڪو مر مير. ته پوءِ اهڙي ظاهري ۽ باطني پاڪائي کان پوءِ اصحابن سڳورن کي وڌيڪ ڪنهن چلي ڏهي ڪڍڻ، ذڪر اذڪار جي موجوده طور طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهي. اصحاب سڳورا، نبوي علم واري فيض ملڻ سان هڪ ئي وقت قرآن جا مفسر به هئا ته حديث جا اکئين ڏٺا ۽ ڪنين ٻڌا شاهد، گواهه ۽ محدث به هئا ته، قرآن حديث مان مسئلا ڪڍي ٻڌائڻ وارا ۽ عمل ڪرڻ وارا فقيه، مجتهد، مفتي ۽ عامل بالقرآن والسنت به هئا ته، دين جا داعي ۽ مبلغ به هئا. عابد زاهد، متقي سچا پڪا مومن مسلمان به هئا ته، فقيري ۽ تصوف جا صاحبِ ڪمال فيض يافته ۽ اهو فيض تقسيم ڪرڻ وارا پاڻ ڪريمن جا مريد، ته وري باقي دنيا جا مرشد، هادي ۽ رهبر هئا. اهو ئي سبب آهي جو صوفيت، تصوف، فقيري ۽ سلوڪ معرفت جي سلسلن جو انهي پاڻ سڳورن ۽ سندس اصحابن جي ڀلي دؤر ۾ ڪو به وجود ڪو نه هو. پر جيئن جيئن پاڻ سڳورن ۽ سندس اصحابن جو دؤر پري ٿيندو ويو تيئن تيئن ماڻهن جي دلين جي پاڪائي، پرهيزگاري ۽ دل جي صفائي ۾ فرق ايندو ويو. تان جو اڳتي هلي ڪجهه نين بدعتن ۽ ڪن مذهبي رنگ ۾ ريتن رسمن جي شروعات ٿي جنهن ڪري ڪيترا سادا سودا ڪم عقل ۽ ڪم علم ماڻهو اهي بدعتون ۽ نيون ايجاد ڪيل مذهبي ريتون رسمون به دين سمجهي ڪرڻ لڳا ۽ ڪي دنيا پرست جن کي مال ميڙڻ سان دلي محبت، عزت ۽ شهرت جي بک هئي تن سادن سودن ماڻهن جي سادگي جو فائدو وٺي به پاڻ کي عابد زاهد سڏائڻ شروع ڪيو. اهڙي وقت ۽ صورتحال ۾ دين جو درد رکندڙ ۽ امت جي اصلاح جو فڪر ڪندڙ الله جي نيڪ ٻانهن دين جي ظاهري علم سان گڏ باطني علم به سمجهائڻ سيکارڻ ۽ انهن جي عملي مشق ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. انهي ڪري ظاهري ديني علم يعني شريعت واري علم قرآن حديث ۽ فقه وغيره جي پرچار ۽ پڙهائڻ لاءِ درسگاهن جو سلسلو شروع ٿيو ته، باطني علم يعني طريقت واري ذڪر اذڪار ذريعي نفس کي پاڪ ڪرڻ (تزڪيه نفس) ۽ دل کي هر قسم جي حرص طمع، حرام جي طلب کان صفا ڪرڻ (تصفيه قلب) لاءِ خانقاهن جو سلسلو شروع ٿيو. جيتوڻيڪ فقيري، صوفيت ۽ تصوف جي ظاهري ويس ۾ ڪي اهڙا به صوفي رهيا ۽ ٿي گذريا آهن، جن انهي باطني علم ۾ الحاد ۽ بي ديني واري فلسفي سان گڏ شرڪ ۽ بدعت جي ملاوٽ ڪري تصوف کي ڪافي حد تائين توحيد ۽ سنت جي لائين کان هٽائي، ان جو رخ گمراهي ڏي ڪري ڇڏيو هو. پر پوءِ به اڪثريت اهڙن الله وارن ڪاملن جي رهي جن پنهنجي خانقاهن ۾ فيض فقيري، تصوف ۽ تزڪيه واري باطني تعليم کي شريعت جي روشن اصولن مطابق قائم دائم رکيو. اهڙي طرح انهن شريعت جي روشني ۾ ئي پنهنجي مريدن، معتقدن کي باطني علم وارو فيض ڏنو. هونئن ته صوفيت ۽ تصوف جا سلسلا گهڻا آهن پر جن کي امت جي اڪثريت اعتماد ۽ يقين سان مڃي ٿي سي چار سلسلا آهن. اهي چار ئي سلسلا دنيا ۾ ڪنهن هڪ هنڌ يا هڪ ملڪ ۾ شروع نه ٿيا آهن. بلڪه مختلف هنڌن ۽ ملڪن تان انهن سلسلن جو آغاز ۽ اجراء ٿيو آهي. جهڙوڪ قادري سلسلو، جيڪو حضرت شيخ سيد عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليھ ڏانهن منسوب آهي. ڇو ته مذڪوره بزرگ انهي قادري سلسلي کي تمام گهڻي ترقي ڏياري، مضبوط ڪيو ۽ پکيڙيو. سندس وصال 517هه مطابق 1123ع ۾ ٿيو. قلندر شهباز کان ڪجهه اڳ حضرت شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان ڪي بزرگ سنڌ ۾ آيا جن جي ذريعي اهو سلسلو قادري سنڌ ۾ پکڙيو.
چشتي سلسلو: هن سلسلي جو پهريون بزرگ شيخ ابو اسحاق (وفات 329هه مطابق 940ع) آهي. هند ۽ سنڌ ۾ حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري هي سلسلو پکيڙيو.
سهروردي سلسلو: هن سلسلي جو بنياد ته حضرت شيخ ابو نجيب عبدالقاهر سهروردي (وفات 522هه مطابق 1168ع) وڌو. جيڪو بغداد جي هڪ ڳوٺ سهرورد جو هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت ابو بڪر صديق خليفي اول رضي الله عنه سان ملي ٿو. پر سندس ڀائٽي شيخ شهاب الدين سهروردي هن سلسلي کي اوج تي پهچايو. انهي ڪري انهي سلسلي جو باني شيخ شهاب الدين سهروردي کي مڃيو وڃي ٿو. قلندر شهباز کان ٿورو اڳ ڇهين صدي هجري ۾ سلسلو سهروردي سنڌ ۾ پهتو. سيد محمد شجاع مشهد (ايران) جو رهاڪو هو ۽ حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جو نياڻو (داماد) ۽ خليفو هو. اهو ڪجهه وقت بغداد ۾ رهڻ کان پوءِ پنهنجي گهرواري سميت بغداد مان مڪي مڪرمه آيو. جتي کيس پٽ ڄائو جنهن جو نالو سيد محمد مڪي رکيو ويو. سيد محمد شجاع واپس مشهد آيو اتي وفات ڪيائين. پر سيد محمد مڪي لڏي اچي بکر (سنڌ) ۾ رهيو. ان کان سواءِ سنڌ مان حضرت شيخ نوح بکري به حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جو خليفو هو. جنهن هتان سنڌ مان وڃي حضرت شيخ سهروردي کان روحاني فيض ۽ خلافت حاصل ڪئي. سندس مقبرو بکر ٻيٽ ۾ آهي.
سهروردي سلسلو حضرت شيخ بهاء الحق والدين زڪريا ملتاني جي محنت سان به گهڻو وڌيو ۽ پکڙيو. اهڙي طرح سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سهروردي سلسلي جو اثر رهيو.
نقشبندي سلسلو: هن سلسلي جو باني حضرت شيخ بهاء الدين نقشبندي بخاري (وفات 791هه مطابق 1388ع) آهي. هي سلسلو سنڌ ۾ گهڻو پوءِ پهتو. سنڌ ۾ هن سلسلي جو پهريون بزرگ مخدوم آدم ٺٽوي آهي. جيڪو ٻارهين صدي هجري جي اوائل ۾ ٿي گذريو آهي. انهن چئن ئي سلسلن جي صوفيانه تعليم جو بنيادي مقصد ساڳيو آهي. البت مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي طريقا جدا جدا آهن. صحيح بخاري ۾ آهي ته، حضرت جبريل عليھ السلام، حضرت رسول الله ﷺ جن کان سوال ڪيو ته، ما الاحسان؟ يعني احسان ڇا کي چئجي؟ (سنڌيءَ ۾ احسان جي معنيٰ ڪنهن ڪم کي سهڻي نمونه ادا ڪرڻ، مقرر معيار کان به وڌيڪ سهڻو ڪري پيش ڪرڻ) پاڻ سڳورن جواب ۾ فرمايو ته، ان تعبدالله ڪا نڪ تراه و ان لم تڪن تراه فانھ يراڪ (يعني الله جي عبادت ائين ڪر جو ڄڻ تون ان کي ڏسين پيو، پر جي تون ان کي ڏسين ڪو نه ٿو ته، اهو توکي ته ڏسي پيو). ان جو نالو احسان آهي، جيڪو خوف خدا ۽ الله ڏي توجهه ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. رب جي ذات ڏانهن توجهه اهڙو ڪجي جو ٻئي پاسي خيال ئي نه وڃي. ان احسان کي ڪن بزرگن طريقت جو نالو ڏنو، ته ڪن تصوف چيو ۽ ڪن سلوڪ سڏيو آهي. نالي رکڻ سان ڪو فرق ڪو نه ٿو پئي، اهو احسان ئي آهي.
دين تي عمل ڪرڻ ڏکيو آهي پر ڪرڻو پوندو آهي، اها شريعت آهي، نيڪ عمل ڪندي ڪندي عبادت ڏانهن دل جو شوق به پيدا ٿي پوي ۽ سياري جي سردي، اونهاري جي گرمي هن کي نيڪ عمل کان روڪي نه سگهي ۽ شريعت تي هلڻ آسان لڳي، ته اها طريقت آهي. هر معاملي ۾ الله تعاليٰ تي نظر هجي، مخلوق کان ڪجهه به نه سمجهي، سڀ ڪجهه الله کان سمجهي، ته اها معرفت آهي. الله جي تعريف ۽ عبادت ڪرڻ باوجود پنهنجو ڪو به ڪمال نه سمجهي، عاجزيءَ جو اقرار ڪندور هي ۽ سمجهي ته، الله جي عبادت ۽ تعريف جو حق مون کان ادا ٿي نه سگهندو ته ان کي حقيقت چوندا آهن. اهي سڀ شيون قرآن ۽ حديث جي مطابق آهن. ڪن جاهل صوفين ۽ بدعتي فقيرن يا ڪن غلط راهه هلندڙ پيرن، تصوف ۾ ڪيتريون بدعتون ۽ غير شرعي ڳالهيون پيدا ڪيون آهن. جن سان موحد بزرگ جو ڪو واسطو ڪونهي.
امام ابن تيميھ ۽ ٻين عالمن جنهن تصوف جي مخالفت ڪئي آهي اهو واقعي به معيوب (عيبدار) آهي، اهو ائين آهي جيئن ڪيترن مسلمانن چوريون، ڦرون، بي ايمانيون، ٺڳيون ڪري دين اسلام ۽ مسلمانن کي بدنام ڪيو آهي. حالانڪ اهي خاميون دين اسلام ۾ ڪونهي. اسلام ته دين برحق آهي. غلط ڪم ڪندڙ مسلمان غلط آهي. اسلام سچو دين الاهي آهي. تصوف ۽ سلوڪ ۾ پيدا ٿيل بدعتن خلاف، توحيد پرست بزرگن نه رڳو آواز بلند ڪيو آهي پر ان جي خلاف باقاعده جهاد به ڪيو آهي.
سهروردي سلسلي جي پيشوا حضرت بهاء الحق والدين زڪريا ملتاني جي هنن قولن تي هي مضمون ختم ڪريون ٿا. (1) معرفت الاهي جي سلسلي ۾ پهريون قدم حب دنيا ترڪ ڪرڻ آهي. جڏهن انسان دنيا جي ڪمن ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو، تڏهن هو ان مقصد کان دور ٿي وڃي ٿو، جنهن مقصد لاءِ هو پيدا ڪيو ويو آهي. يعني الله تعاليٰ جي عبادت. (2) انسان جي اصل شيءِ دل آهي. دل جي اصلاح ٿي وڃي ته پوءِ بدن جي اصلاح به خود بخود ٿي ويندي. دل کي پليدين کان پاڪ رکڻ گهرجي. جيڪي شيون دل کي تباهه ڪن ٿيون انهن جو اصل هڪ آهي ۽ اهو آهي ”دنيا جي محبت“. (3) مريد لاءِ لازم آهي ته هو شريعت جو عالم هجي جيئن علم سان عمل ڪري، علم سندس رهبر ٿيندو، ته شيطان ساڻس هٿ چراند ڪري نه سگهندو.