شخصيتون ۽ خاڪا

خليفو پيرو فقير شورو

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خليفو پيرو فقير شورو “ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
ڪتاب سنڌ جي هڪ گمنامي جي گوشه ۾ گذاريندڙ غير معروف بزرگ، سهروردي سلسله جي سالڪ، ۽ پنهنجي حلقه ۾ غوثيه جماعت جي اهم اڳواڻ ۽ حضرت غوث بهاءُ الحق والدين محمد زڪريا ملتاني جي خانقاهه جي خليفه پيرو فقير شوري جي حالات بابرڪات بابت آهي.

Title Cover of book Khalifo Peero Faqeer Shoro

صوفي فقير، سچا سالڪ ۽ اهل سنت والجماعت

از: مولوي محمد يامين شورو

مسلمانن ۾ فقير ۽ صوفي سالڪ الڳ فرقو ناهي. ڇو ته اهي به اصل ۾ شريعت کي مڃڻ وارا يعني الله ۽ رسول ﷺ جي حڪمن تي هلڻ وارا سلوڪ و معرفت جا پانڌي آهن. عام ماڻهو کي اها غلط فهمي اڄڪلهه جي صوفي ازم يا صوفيت جي غلط تشريح جيڪري ٿي آهي. اها غلط تشريح تڏهن کان منظر عام تي اچڻ لڳي آهي، جڏهن کان ڪن ماڻهن شريعت کي باءِ پاس ڪري هڪ اهڙو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ مذهبي حد بنديون ۽ شرعي پابنديون نه هجن. ائين کڻي چئجي ته، مذهب کان بيزاري يا فراريت لاءِ هڪ آسان واٽ هٿ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ٿيڻ لڳي آهي. حالانڪ بزرگي ۽ فقيري لاءِ ترتيب وار هي چار ڏاڪا ۽منزلون ماڻڻ لازمي آهن. شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت انهن چئني مرحلن جو هڪ ٻئي تي اهڙو دارومدار آهي جهڙو مٿي چڙهڻ لاءِ چاڙهيءَ جي ڏاڪڻ جو. جڏهن به ڪو مٿي چڙهڻ لاءِ جڏهن چاڙهيءَ تي چڙهندو آهي ته پهرين ابتدائي ڏاڪي تي پير رکندو پوءِ ٻئي تي ۽ پوءِ ٽئي ڏاڪي تي. هڪ ئي ٽپ سان آخري ڏاڪي تي پير پهچي نه سگهندو. اهو ئي سبب آهي جو طريقت شريعت کان سواءِ ۽ حقيقت طريقت کانسواءِ ته معرفت حقيقت کانسواءِ ماڻي نه ٿي سگهجي.
انهي ڪري اسان فقيري سلسلي جو بنياد اسلامي تاريخ جي آئيني ۾ پيش ڪريون ٿا. حضور اڪرم ﷺ جي لاڏاڻي کان پوءِ انهي زماني جي مسلمانن، پاڻ سڳورن جي صحبتي هجڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي لقب کي پاڻ لاءِ پسند نه ڪيو. ڇو ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو فضيلت وارو لقب هو ئي ڪونه. انهي ڪري حضور ڪريم ﷺ جي صحبت يافته ڀلارن کي ”صحابه ڪرام“ رضوان الله عليهم جي عزت ڀرئي لقب سان سڏيو ويو. جڏهن صحابه ڪرام کان پوءِ واري دؤر جا ماڻهو آيا، جن کي اصحابن سڳورن جي صحبت ۽ شاگردي جي نسبت حاصل ٿي ته اهي اصحابن جي تابعداري ڪرڻ سبب ”تابعي“ سڳورا جي لقب سان مشهور ٿيا. انهن ماڻهن انهي تابعي واري لقب کي عزت ۽ شرافت وارو لقب سمجهيو.
انهن تابعي ڀلارن کان پوءِ وارا ماڻهو جيڪي انهن تابعين جي صحبت ۾ رهيا ۽ انهن جي طريقي ۽ ڏسيل واٽ تي هليا ته، اهي ”تبع تابعي“ سڳورا سڏيا ويا. انهي طرح اهي ٽي زمانا شمار ٿيا. جن کي حضور ﷺ پنهنجي هڪ فرمان ۾ ذڪر ڪندي فرمايو آهي ته، ڀلي ۾ ڀلا دؤر ۽ زمانا اهي ٽي آهن. يعني هڪ اهو زمانو جيڪو منهنجو (رسول الله ﷺ) ۽ منهنجي صحابه ڪرام جو دؤر آهي. ٻئي نمبر تي تابعين جو دؤر ۽ ٽئي نمبر تي تبع تابعي سڳورن جو دؤر، ۽ انهن کانپوءِ ايندڙ سڀ زمانا برابر آهن. ڪو به ڪنهن دؤر کان ڀلارو ناهي. پاڻ ڪريمن ﷺ جي فرمان جا الفاظ مبارڪ هي آهن. خيرالقرون قرني ثم الذين يلونهم ثم الذين يلو نهم.
انهن ٽنهي دؤرن ۽ زمانن جي گذرڻ کان پوءِ ديني ۽ شرعي لحاظ کان ماڻهن جا مرتبا ۽ درجا مختلف ٿي ويا. ٽنهي ڀلارن زمانن بعد جن ماڻهن حضور اڪرم ۽ سندن اصحابن سڳورن ۽ تا بعي ۽ تبع تابعي ڀلارن جي طريقه تي قائم رهي دين سان تعلق بنهه گهرو ۽ گهاٽو رکيو سي عام طرح عابد زاهد سڏجڻ لڳا، پر انهن خود پاڻ کي اهل سنت والجماعت سڏايو ٿي. پر اڳتي هلي نيون نيون بدعتون شروع ٿيون. جنهن ڪري مختلف فرقا ٺهي پيا ۽ هر فرقي هيءَ دعويٰ شروع ڪئي ته، سندن فرقي ۾ وڏا وڏا عابد ۽ زاهد آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهل سنت والجماعت جي خاص خاص ماڻهن پاڻ لاءِ تصوف جو لقب به پسند ڪيو. انهن اڪابر اهل سنت والجماعت لاءِ اهو تصوف جو لقب ٻي صدي هجري کان ئي سڏجڻ لڳو. هتي اهل سنت والجماعت جي نالي جو مطلب ۽ مفهوم به واضح ٿيڻ کپي ته بهتر آهي. عام ماڻهو اهو نالو ٻڌو ته ضرور آهي پر انهي نالي جي توجيهه ۽ تشريح شايد نه ٻڌي ۽ نه پڙهي هجي. انهي ڪري اسان انهي نالي جي مطلب ۽ مفهوم کي کولي سمجهايون ٿا.
اهل سنت جي معنيٰ ته حضور اڪرم ﷺ جي طريقي تي هلڻ وارا ڇو ته سنت خاص پان سڳورن جي طريقي کي چئجي ٿو. عبادات، معاملات اخلاقيات، سماجيات وغيره زندگي جي هر شعبي ۾ اهل سنت جي قول، فعل، گفتار ۽ ڪردار جو بنياد پاڻ سڳورن جو طريقو آهي. والجماعت جو مطلب ته، حضور اڪرم ﷺ جي طريقي تي هلڻ واري سڀ کان پهرين جماعت، اصحاب سڳورن جي هئي. جن پان ڪريمن ﷺ جي طريقي تي سندن روبرو، موجودگي ۾ زير تربيت ۽ زير نگراني عمل ڪيو. ڄڻ ته صحابه جي جماعت حضور اڪرم ﷺ جي تربيت يافته ۽ تيار ڪيل جماعت هئي جيئن پاڻ سڳورا پنهنجي نبوت ۽ رسالت ۾ خاتم النبين ۽ صاحب ڪمال هئا، تيئن سندن تربيت يافته جماعت اصحاب سڳورا به پاڻ ڪريمن جي تابعداري ۾ انسانيت جي بي انتها ڪمال جا صاحب هئا. تڏهن ته، الله تعاليٰ انهي ڀلاري جماعت لاءِ قرآن شريف ۾ هنڌين ماڳين ساراهه جوڳيون صفتون بيان ڪيون آهن. ڪٿي فرمايو ويو ته، لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ ڪٿي اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الرّٰشِدُوْنَ ، ڪٿي اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ. ڪٿي اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا. ڪٿي اَصْحٰبَ الْجَنَّةِ. ڪٿي اَصْحٰبُ الْمَيْمَنَةِ. ڪٿي رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ. ڪٿي لَهُمْ مَّغْفِرَةً وَّاَجْرًا عَظِيْمًا. ڪٿي حضور سائين جي ذڪر خير سان گڏ سندس اصحابن سڳورن جو به ذڪر. مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِ ۭ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗٓ اَشِدَّاۗءُ عَلَي الْكُفَّارِ رُحَمَاۗءُ بَيْنَهُمْ تَرٰىهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا يَّبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا ۡ سِيْمَاهُمْ فِيْ وُجُوْهِهِمْ مِّنْ اَثَرِ السُّجُوْدِ ۭ ذٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِي التَّوْرٰىةِ ٻ وَمَثَلُهُمْ فِي الْاِنْجِيْلِ ۾. ڪٿي سهڻين صفتن سان نوازيو ۽ ساراهيو ويو ته السابقون الاولون من المهاجرين والانصار. ڪٿي وري انهن صحابه جي دين ۽ ايمان کي باقي دنيا جي سمورن مومن مسلمانن جي دين ۽ ايمان جي پرکڻ لاءِ حق وارو معيار ڪري مقرر ڪيو ويو جيئن سورت بقره ۾ آهي. فان آمنو بمثل ما آمنتم بھ فقدا اهتدوا.
اهل سنت والجماعت جي لفظي تشريح کان پوءِ هي ڳالهه ازخود سمجهه ۾ اچي ويندي ته، حضور اڪرم ﷺ جي طريقي تي هلڻ واري اهل سنت والجماعت لاءِ رهبر ۽ سونهون، صحابه سڳورن جي جماعت آهي. انهي صحابه واري ڀلاري جماعت حضور اڪرمﷺ جي طريقي تي عمل ڪيو بلڪه ان طريقي کي پنهنجي زندگي جو نصب العين بنايو، تيئن اهل سنت والجماعت وارا به انهي صحابه جي ڀلاري جماعت جي پيروي ڪندي سندن نقش قدم تي هلي حضور ڪريمﷺ جي طريقي (سنت) تي عمل ڪن ٿا. اها تشريح ٻڌائي ٿي ته، اهل سنت والجماعت، اها جماعت آهي جيڪا قرآن ۽ حديث تي عمل ڪرڻ واري جماعت آهي ڇو ته صحابه جو عقيدو توڙي عمل قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ هو. انهن ڀلارن جو ڪو به قول ۽ فعل، قرآن ۽ حديث کان ٻاهر يا مخالف نه هو. صحابه ڪرام حقوق الله ۽ حقوق العباد مطلب ته اسلام جي سمورن احڪامن تي عمل ڪرڻ جي سلسلي ۾ حضور اڪرمﷺ جي نقش قدم تي پوري ثابت قدمي سان قائم رهيا. اڪثر صحابه هي جملو علي الاعلان دهرائيندا هئا ته، ”لا ازيد والا انقص“ يعني جيڪي شريعت جا حڪم اسان کي مليا آهن انهن احڪامن ۾ نه ته ذرو وڌائيندا سون ۽ نه وري انهن مان ڪجهه گهٽائينداسون. ڇو ته، شريعت جي حڪمن گهٽائڻ يا انهن ۾ ڪنهن ڳالهه يا ڪم جي واڌاري ڪرڻ جو اسان کي اختيار ناهي. اسان ته فقط عمل ڪرڻ جا پابند آهيون، حڪمن ۾ هيرا ڦيري ۽ ڪمي بيشي جا پاور فقط الله کي آهن. رسول الله ﷺ به ته الله جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن. حرام حلال، جائز ناجائز، پاڪ پليت، حق ناحق ۾ ردو بدل جو اختيار ته رسول الله ﷺ کي به نه هو. بس حرام حلال، جائز ناجائز بابت جيڪو حڪم الله تعاليٰ وٽان وحي ذريعي نازل ٿيندو هو ته رسول الله ﷺ اهو نازل ٿيل حڪم امت تائين پهچائيندا هئا. ڇو ته، خود رسول الله لفظ جي معنيٰ به اها ئي آهي ته، الله جو پيغام پهچائڻ وارو، خدا جو قاصد.
مذڪوره تشريح مان هي سمجهه ۾ آيو ته، اهل سنت والجماعت، اهڙي جماعت آهي جيڪا خالص موحد آهي، شرڪ کان ڪوهين ڏور، سنت طريقي تي هلڻ واري جماعت آهي ۽ بدعت ۽ غير شرعي ريتن رسمن ۽ رواجن کان پاڻ کي بلڪل پري رکن ٿا. پر جيڪڏهن اهل سنت والجماعت جو نالو سڏائيندڙ توحيد سان گڏ شرڪ به ڪري، سنت طريقي تي هلڻ سان گڏ بدعت به ڪندو رهي، ۽ جن ڪمن ۽ رسمن جو شريعت ۾ ڪو به ثبوت ڪونهي ۽ نه ڪي اصحابن سڳورن اهي ڪم ۽ ريتون رسمون ادا ڪيون ته پوءِ اها جماعت اهل سنت والجماعت سڏائڻ جي حقدار ڪونهي بلڪ ان جو نالو ته اهل بدعت والضلالت يا اهل سرقه والحماقت هئڻ کپي. ڇو ته جيڪو عمل، يا نظريو ۽ خيال، عقيدو يا فڪر قرآن شريف ۽ حديث رسولﷺ جي اصولي تعليم ۽ حضور سائين جي سنت طريقي ۽ صحابه ڪرام جي ڀلاري جماعت جي طريقي جي خلاف هجي ته پوءِ، اهو عمل، اهو نظريو اهو خيال، اهو عقيدو ۽ اهو فڪر سراسر گمراهي ۽ حق جي راهه ۽ صراط مستقيم واري سڌي واٽ کان ته صفا پري ٿي ويو!! اسان جيتوڻيڪ پنهنجي ڳالهه کي طُول ڏيئي ڊگهو بيان ڪيو آهي. پر جيئن ته، موجوده دؤر جي فقيراڻي رنگ ۽ فقيري رستو اختيار ڪندڙ فردن توڙي جماعتن ۾ شرڪ، بدعت ۽ غير شرعي رسمن رواجن کان پاسو نه ٿو ڪيو وڃي بلڪ اڪثر ڪم شريعت جي حڪمن خلاف ڪيا وڃن ٿا، تنهنڪري پنهنجو ذاتي فرض ۽ مسلمانن جي اجتماعي خير خواهي نظر ۾ رکي تفصيل سان لکيو اٿئون.
اهل سنت والجماعت جي طريقي تي هلڻ وارو، حقيقت ۾ دنيا جي سمورن شوقن ۽ خواهشن کان ڪناره ڪش ٿي فقيري زندگي گذاريندڙ هوندو. ڇو ته، هن وٽ دنيا جو نه هوس حرس هوندو ۽ نه ڪي طمع لالچ ۽ مال مايا ميڙڻ جي طلب ۽ تانگهه. جيئن آقاءِ نامدار سرور ڪونين ﷺ جي زندگي فقر و فاقه، مسڪيني ۽ غربت ۾ گذري، ۽ صحابه ڪرام آخر وقت ۾ جيتوڻيڪ مالدار به ٿي ويا هئا پر هنن جي شاهوڪاري عام ماڻهو جي مدد ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ پئي خرچ ٿيندي هئي، ۽ هنن ڀلارن جي ذاتي زندگي فقيري ۽ مسڪيني حال واري سادگي ۽ ڪفايت قناعت سان پئي گذري، تيئن انهن ڀلارن جي نقش قدم تي هلڻ وارن نيڪوڪارن جي ذاتي زندگي به مسڪيني حال ۾ پئي گذرندي.

ولايت:
ولايت جو لفظ ولي مان ورتل آهي. ولي جي معنيٰ دوست، وارث. الولاء عربي ۾ محبت، دوستي، ويجهڙائي ۽ قرابت کي چئجي ٿو. الله جو دوست هر اهو ماڻهو آهي جيڪو الله ۽ سندس رسولﷺ تي ايمان رکي ٿو ۽ چڱن عملن سان زندگي گذاري ٿو ۽ هر قسم جي گناهن کان پاڻ کي بچائي ٿو.
قرآن شريف ۾ فرمان آهي ته، اَللّٰهُ وَلِيُّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا. (سيپارو 1 سورت البقرة آيت 257) يعني الله تعاليٰ ايمان وارن جو دوست آهي. الله تعاليٰ کي وحده لا شريڪ ڪري مڃڻ جو عقيدو، سڀني عبادتن لاءِ بنياد آهي. اها ڳالهه (خدا کي وحده لا شريڪ ڪري مڃڻ) الله تعاليٰ کي ايتري پسند آهي جو جيڪو ماڻهو الله تعاليٰ جي هيڪڙائي بيان ڪري ٿو ۽ هن جي وحدانيت جي واکاڻ ڪري ٿو ته، الله تعاليٰ ملائڪن جي سامهون ان ماڻهو جو ذڪر ڪري ٿو ته، ڏسو منهنجو ٻانهو فقط مون کي پيو واکاڻي ۽ مون کي پيو پڪاري. انهي ڪري الله تعاليٰ اعلان ڪيو ته، جيڪو مون کي مڃي ٿو ته، آئون ان جو دوست آهيان. ٻئي هنڌ قران شريف ۾ ارشاد آهي ته، وَاللّٰهُ وَلِيُّ الْمُؤْمِنِيْنَ. (سورت آل عمران آيت 68) يعني الله تعاليٰ مومنن جو دوست آهي. ساڳي ڳالهه کي وري ٻئي انداز ۾ قرآن شريف اندر هنئين فرمايو ويو ته، وَاللّٰهُ وَلِيُّ الْمُتَّقِيْنَ (سيپارو 25 سورت جاثيھ آيت 19) انهي آيت سڳوري ۾ الله تعاليٰ پنهنجي دوستي ۽ ولايت جو تاج عطا ڪرڻ لاءِ تقويٰ (پرهيزگاري ۽ خوف خدا) کي شرط بنايو آهي يعني جيڪو خدا جي بي فرماني ۽ گناهن کان بچي ٿو سو خدا جو دوست آهي. تڏهن ته، بي بي رابعه بصري فرمائيندي هئي ته، توهان الله سان محبت جي دعويٰ به ڪريو ٿا ته، ان جي بي فرماني به ڪريو ٿا. الله تعاليٰ حضور اڪرم ﷺ جو به ولي (دوست) آهي جيئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته، اِنَّ وَلِيّۦ اللّٰهُ الَّذِيْ نَزَّلَ الْكِتٰبَ ڮ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحِيْنَ (سورت الاعراف آيت 196 سيپارو 9) يعني بيشڪ منهنجو ولي (دوست) ته الله تعاليٰ آهي جنهن قرآن پاڪ لاٿو ۽ اهو نيڪوڪارن کي دوست بنائي ٿو.
ولايت جو صاحب خدا کي روحاني حوالي سان بنهه ويجهو ۽ قريب هوندو آهي. ولايت جا ٻه قسم آهن. هڪ ولايت عام ۽ ٻيو ولايت خاص. ولايت عام ته سڀني ايمان وارن مومنن کي شامل آهي. پر ولايت خاص انهن سلوڪ ۽ معرفت وارن سالڪن سان خاص آهي، جن جي پوري زندگي تقويٰ تي گذري، تان جو انهي حال ۾ واصل بالله ٿيا. انهي ڪري عرف عام ۾ ولايت جو صاحب ان شخص کي سمجهيو وڃي ٿو جيڪو روحاني منزلون (ذڪر فڪر وغيره) طئي ڪري چڪو هجي ۽ سندس سموري حياتي پاڪائي پرهيزگاري، خوفِ خدا ۾ گذري هجي، اهڙي شخص کي ولي الله سڏجي ٿو. ولايت جو درجو ڪسبي آهي. ڪسبي جو مطلب ته ڪمائي سان حاصل ٿيڻ وارو درجو. پاڪائي، پرهيزگاري، عبادت رياضت جهڙي محنت ڪرڻ سان اهو درجو حاصل ٿئي ٿو. پر نبوت، صديقيت، ۽ صحابيت جا درجا ڪسبي ناهن بلڪ اهي وهبي آهن. وهبي جو مطلب ته، اهي درجا خدا جي خصوصي چونڊ جي نتيجي ۾ حاصل ٿين ٿا. الله تعاليٰ جنهن کي چاهي اهي درجا نصيب ڪري. ڪو به ماڻهو ڪيتري به عبادت ڪري، ڪيترو به خوف خدا ۽ تقويٰ رکي، پر ان کي اهڙي ڪمائي ڪرڻ سان به نبوت، صديقيت، صحابيت جو درجو ۽ مقام مرتبو حاصل ٿي نه سگهندو. ڇو ته اهي درجا اصطفائي ۽ اجتبائي مقام (خدائي چونڊ ۽ انتخاب وارادر جا آهن) جيئن قرآن شريف جون هيٺيون آيتون انهي مفهوم ۽ مطلب جي تائيد ڪن ٿيون.
(1) اَللّٰهُ يَصْطَفِيْ مِنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ رُسُلًا وَّمِنَ النَّاسِ ۭ.
(سورت حج آيت 75 رڪوع 10 سيپارو 17)
يعني ته، الله تعاليٰ ملائڪن مان به خاص خاص ملائڪ چونڊي ٿو، جن جي هٿان، هيٺ ڌرتيءَ تي انبيائن سڳورن ڏانهن تشريعي احڪام (يعني حلال حرام، پاڪ پليت، جائز ناجائز، حق ناحق وغيره بابت حڪم) ۽ عام ملائڪن ڏانهن تڪويني احڪام (يعني جيڪي دنيا ۾ ٿي گذريو يا ٿي رهيو آهي يا ٿيڻو آهي ۽ هر ماڻهو سان جيڪي ماضي ۾ ٿيو يا زمان حال ۽ مستقبل ۾ ٿيڻو آهي تنهن بابت حڪم) موڪلي ٿو. ماڻهن مان به خاص خاص ماڻهو چونڊي ٿو جن کي احڪام ڏيئي ٻين ماڻهن تائين، انهن احڪامن جي پهچائڻ جي مٿن ذميواري رکي ٿو. انهي جو خلاصو مطلب هي ٿيو ته، الله تعاليٰ پنهنجي مرضي سان جنهن کي چاهي، لائق ۽ مناسب سمجهي تنهن کي نبوت ۽ رسالت (پيغام پهچائڻ) لاءِ چونڊي ٿو. نبوت ۽ رسالت ماڻهن جي انتخاب ۽ اليڪشن ذريعي نه پر الله جي چونڊ سان ٿئي ٿي. انهي ڪري ئي اسان مٿي لکيو هو ته، نبوت ۽ رسالت جو مقام وهبي آهي.
(2) اِنَّ اللّٰهَ اصْطَفٰٓي اٰدَمَ وَنُوْحًا وَّاٰلَ اِبْرٰهِيْمَ وَاٰلَ عِمْرٰنَ عَلَي الْعٰلَمِيْنَ 33 ؀ۙ.
(سورت آل عمران آيت 33 رڪوع 4 سيپارو 3)
ترجمو: بيشڪ الله چونڊيو آدم کي ۽ نوح کي، ۽ ابراهيم جي اولاد کي ۽ عمران جي اولا دکي سڀني جهانن تي (سندن دؤر ۾).
(3) اَللّٰهُ اَعْلَمُ حَيْثُ يَجْعَلُ رِسَالَتَهٗ .
(سورت انعام آيت 124 رڪوع 15 سيپارو 8)
ترجمو: الله خوب ڄاڻي ٿو جتي ڪري پنهنجي رسالت کي.
(4) وَاجْتَبَيْنٰهُمْ وَهَدَيْنٰهُمْ اِلٰى صِرَاطٍ مُّسْتَـقِيْمٍ 87؀.
(سورت انعام آيت 87 رڪوع 10 سيپارو 7)
ترجمو: ۽ چونڊيو سون انهن کي ۽ هدايت ڪئي سون انهن کي رستي سڌي ڏانهن.
(5) اَللّٰهُ يَجْتَبِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يُّنِيْبُ 13؀.
(سورت شوريٰ آيت 13 رڪوع 2 سيپارو 25)
ترجمو: الله چونڊي ٿو پنهنجي طرف جنهن کي گهري، ۽ رستو ڏيکاري ٿو پاڻ ڏانهن ان کي جيڪو موٽي ٿو.
جيئن رسالت ۽ نبوت، صديقيت ۽ صحابيت جا درجا مافوق البشر (انسان کان مٿي ٻي ڪنهن مخلوق لاءِ) ناهن تيئن ولايت به مافوق البشر ناهي. جن شين جي ضرورت سڀني انسانن کي آهي، تيئن انهن اوچي درجي ۽ مقام وارن انسانن کي به آهي. کائڻ پيئڻ، ڏک سک، بيماري پوڙهپڻ، گرمي سردي، شادي اولاد، اهل عيال وغيره انهن جي اعليٰ مقام ۽ مرتبي کي گهٽائي نه ٿو. ڇو ته اهي انساني ضرورتون ۽ لوازمات جيئن هر ڪنهن انسان سان لاڳو آهن، تيئن هنن ڀلارن سان به بشري تقاضائن مطابق لاڳو آهن. مڪي جي قريش مشرڪن کي غلط فهمي ٿي پئي ته، جيڪو الله جو رسول هوندو سو نه کائيندو نه پيئندو. نه شادي ڪندو نه اولاد هوندس. نه ننڊ ڪندو نه آرام. نه هلندو ڦرندو نه ڪچهري ڪندو. حالانڪ اهي سڀ بشري ضروتون ۽ تقاضائون آهن جيڪي گهٽ وڌ ضرور شامل رهنديون. قرآن شريف مڪي جي قريش ڪافرن جي اهڙي غلط فهمي جي ترديد ڪئي هڪ هنڌ قرآن شريف انهن ڪافرن جي انهي غلط خيال ۽ اجائي سوچ کي هينئن بيان فرمايو ته، مالهذا الرسول يا ڪل الطعام و يمشي في الاسواق. يعني هي ڪهڙو رسول آهي جو کاڌو به کائي ٿو ته، بازارن ۾ به هلي ڦري ٿو؟! مڪي جي قريش ڪافرن جي نظر، پيغمبر ڪريم ﷺ جي فقط انهي ظاهري اٿي ويٺي تي هئي. انهي ڪري هيءَ ڳالهه واضح ڪري ڇڏيون ته، جنهن ماڻهو جي نظر، خدا وارن ڀلارن جي ظاهري حال تي هوندي سي فيض وٺڻ کان محروم ٿي ويندا ۽ دنيا آخرت جو نقصان الڳ ٿيندن. اها ئي ته ظاهري نظر هئي جنهن ابو جهل قريشي ڪافر ۽ ابو لهب قريشي ڪافر کي ايمان ۽ اسلام جي عظيم نعمت کان محروم ڪري ڇڏيو. ڀاڳ وارو اهو آهي، جنهن جي نظر الله وارن جي ظاهر تي گهٽ پر انهن جي باطني وصفن تي وڌيڪ هجي. انهن جي تقويٰ، پرهيزگاري، خوف خدا، عبادت اطاعت، الله جي حڪمن تي پابندي سان عمل ڪرڻ ۽ آقاءِ نامدار ﷺ جي سنت طريقي تي نظر هجي ته، انهي راهه تي هلندڙ الله وارن جي فرمانبرداري جو ڇا مقام ۽ مرتبو آهي!!؟

وليءَ جي سڃاڻپ:
جيئن ولايت جا ٻه قسم آهن تيئن ولي به ٻن قسمن جا آهن. هڪ ڪامل ولي ٻيا متوسط (وچولا) ولي. وچولي، درمياني درجي واري ولي جي سڃاڻپ ته آسان آهي. ڇو ته ان جون ڪيتريون اهڙيون وصفون هونديون جن کي عام ماڻهو به سمجهي ۽ سڃاڻي ويندو. پر ڪامل ولي جي اندر ڪي اهڙيون خاص وصفون ۽ نشانيون هونديون آهن، جيڪي عام ماڻهو جي نظر کان اوجهل ۽ غائب هونديون آهن. سڀ ڪو ان کي سڃاڻي نه سگهندو. انهي ڪري ڪامل ولي کي سڃاڻڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
ولايت هڪ روحاني منزل آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ باطني سفر طئي ڪرڻو پوي ٿو. انهي سفر ۾ هلڻ وارن جا سندن ڪوشش، محنت، زهد ۽ عبادت، اتباع سنت ۽ تقويٰ وغيره جيڪري درجا ۽ مقام به مختلف ٿين ٿا. انهي ڪري ڪنهن به سلوڪ معرفت جي سالڪ اهل الله کي ڏسي ان جي مقام ۽ درجي متعلق ڪا يقيني راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي. انهي جو مثال هيئن کڻي سمجهو ته، ڪنهن تمام بلند جبل جي چوٽي تي چڙهڻ لاءِ ڪيترا ماڻهو ڪوشش ڪن ٿا پر جبل جي تمام بلند چوٽي تي چڙهي وڃڻ ته فقط هڪ ٻن ماڻهن کي نصيب ٿيندو. باقي ٻيا ماڻهو جيتوڻيڪ چوٽي تائين پهچي نه سگهيا، ڪو هڪ هزار فوٽ جي بلندي تي پهتو، ته ڪو ٻه هزار فوٽ بلندي تي ته ڪو وري ٽي هزار فوٽن جي بلندي تي وغيره پر اهي چوٽي تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا هوندا ته سڀ جا سڀ زمين جي سطح کان مٿي. انهي مثال مان ولايت جي صاحب ولي جا درجا ۽ مقام سمجهڻ کپن.
هڪ حديث مطابق، وليءَ جي سڃاڻپ هي آهي ته، پاڻ ڪريمنﷺ فرمايو ته، جڏهن توهان ان کي ڏسو ته، اوهان کي الله ياد اچي وڃي. (ابن ماجھ) يعني ته ان جي چهري مان سندس پاڪائي، پرهيزگاري ۽ رجوع الي الله جا آثار پڌرا هوندا، جن کي ڏسي اهڙو اثر ٿيندو جو الله ياد اچي ويندو.

ڪرامت ولايت لاءِ ضروري ناهي!
ڪرامت ولايت لاءِ ضروري ناهي. يعني ته هر ڪنهن وليءَ لاءِ هي ڳالهه لازمي ناهي ته، هو ڪرامت جو صاحب هجي ۽ دنيا وارن کي ڪرامتون ڏيکاري ڇو ته، ڪرامت، ولايت جي لوازمات مان ناهي. ڪيترا اهڙا ڪامل ولي به ٿي گذريا آهن، جن جي هڪ به ڪرامت ناهي. هن ڪري ته، ڪرامت ولي جي اختيار ۾ ناهي. اها خدا جي مرضي آهي، چاهي ته، سندس ڪنهن نيڪ ٻانهي، بزرگ ولي جي هٿ تي ڪرامت ظاهر ڪري، دنيا وارن کي انهي ڀلاري بزرگ جي سچائي ظاهر ڪري ماڻهن جي دلين ۾ ان لاءِ عزت پيدا ڪري، جي وڻيس ته، ڪا به ڪرامت ظاهر نه ڪري. ڪرامت ولي جو اختياري فعل ناهي. اهو ائين آهي جيئن نبوت ۽ رسالت لاءِ معجزو ڏيکارڻ ڪو لازمي ناهي. ڪيترا اهڙا نبي ۽ رسول ٿي گذريا آهن جن کي ڪو به معجزو ڪو نه ڏنو ويو، ڇو ته معجزو نبي ۽ رسول جو اختياري فعل ناهي. جنهن جو مطلب ته، نبي يا رسول جيڏي مهل ۽ جتي چاهي ته معجزو ڏيکاري ائين ناهي، بلڪ اهو خدا جي مرضي ۽ اختيار ۾ آهي ته نبي يا رسول جي هٿ تي معجزو ظاهر ڪري، دنيا وارن آڏو سندس نبي ۽ رسول جي سچائي ظاهر ڪري. تذڪره غوثيه ۾ هي ڳالهه نظر آئي ته، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليھ وٽ هر وقت مريدن ۽ معتقدن جو هجوم رهندو هو. وٽس خانقاه ۾ رهندڙ فقيرن لاءِ ننگر پاڻي جو به انتظام هوندو هو. هڪ ڀيري سندس ڪو مريد ڪپڙن ڌوئڻ جي ارادي سان آسپاس جي ٻنين ڏي ويو. جتي هڪ واٽر تي وڃي پهتو. واٽر جي ڀر ۾ نار ۽ هرلو هليو پئي جتان انهي واٽر ۾ پاڻي پئي وهيو جنهن مان ٻني سيراب ٿي رهي هئي. انهي نار تي ويٺل هڪ شخص صوفي بزرگ جي ويس ۾ تنهن مريد کي ڏسي کانئس حال احوال ورتو. مريد وراڻيو ته، آئون بادشاهه پير حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جو مريد آهيان. اتي رهي پيو ذڪر فڪر ڪريان ته انهي صوفي بزرگ چيس ته تون بادشاهه پير وٽ ڪيترو وقت رهيو آهين؟ ته وراڻيائين ته، مون کي 30 40 سال ٿيا آهن. ننڍي هوندي کان وٺي هن عمر تائين اتي ئي رهيو پيو آهيان. ته وري پڇيائينس ته، انهي عرصي ۾ بادشاهه پير جي ڪا ڪرامت ڏٺئي؟ مريد وراڻيو ته مون ڪا به ڪرامت ڪا نه ڏٺي. تنهن تي هن جڙتو صوفي بزرگ چيو ته، جي آئون توکي ڪرامت ڏيکاريان ته تون مون کي مڃيندين؟ مريد وراڻيو ته، پوءِ آئون توهان جو مريد ٿيندس. اهو ٻڌي انهي جعلي بزرگ چيو ته، سامهون بيٺل پوک ڏي ڏسجانءِ. ان جي سامهون ڪجهه ڀاڄيون ڀينڊيون ميها وغيره پوکيل هئا. ٿوري دير ۾ نظر آيو ته، ڀينڊين جي بجاءِ اتي توريون، ته ميهن جي بجاءِ ڇاهيون نظر آيون. اهو ڏسي مريد حيران ٿي ويو ۽ ڪپڙا کڻي واپس ٿي ويو ۽ وڃي خانقاهه مان پنهنجو سامان کڻڻ لڳو ته، انکي بادشاهه پير ڏسي پڇيو ته، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ ته چيائين سائين! آئون توهان وٽ 30 40 سال رهيس پر توهان ته هڪ به ڪرامت ڪا نه ڏيکاري! آئون ٿوري دير لاءِ پريان صوفي بزرگ وٽ ويس ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ ته هن منٽن ۾ ڪرامت ڏيکاري. اهو ٻڌي حضرت بادشاهه پير فرمايو ته، جي تون وڃين ٿو ته ڀلي وڃ، پر هڪڙي ڳالهه ٻڌيو وڃ. تون مون وٽ جيترو به وقت رهيو آهين منهنجي ڪنهن به ڳالهه يا ڪم ۾ سنت طريقي جي خلاف ڏٺئي؟! ته مريد عرض ڪيو ته، سائين! مون توهان جو ڪو به ڪم سنت جي خلاف نه ڏٺو ته حضرت بادشاهه پير فرمايو ته، الله جي ولي جي وڏي ڪرامت اها ئي آهي جو هن جو ڪو به ڪم سنت (حضور ڪريم ﷺ جي طريقه) جي خلاف نه هجي.
انهي واقعي کي سامهون رکي هي ڳالهه چونداسين ته، الله جو ولي ته، اهو آهي جيڪو خدا جا فرض، واجب، سنتون، نفل ۽ مستحب تائين جيڪي ڪم آهن سي به ادا ڪرڻ وارو هجي. انهن فرضن ۽ واجبن ۾ حقوق الله ۽ حقوق العباد جا سمورا احڪام به شامل آهن جيڪي عبادات، معاملات ۽ اخلاقيات وغير جا آهن.
ڏهين صدي هجري جي مشهور بزرگ ۽ عالم عبدالوهاب شعراني فرمايو ته، ڪرامتن جو ظاهر ٿيڻ، ولايت (ولي هجڻ) لاءِ شرط ڪونهي. ولي هجڻ لاءِ شرط فقط الله جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ ان جي منع ڪيل ڳالهين کان پري رهڻ آهي. ان جو ڪاروهنوار، ڏيتي ليتي، اٿي ويٺي قرآن ۽ حديث جي دليلن سان وابسته هجي. جيڪو شخص اهڙو هوندو ته ان جي ولايت تي قرآن شريف شاهد آهي. جيتوڻيڪ ڪو هڪ ماڻهو به ان جو معتقد نه هجي ۽ نه ان وٽ مريدن جي جماعت هجي. (تفسير مظهري جلد 5)
هڪ ڀيري شيخ عبدالله بن مبارڪ، حضرت امام حسن بصري تابعيرحه کان پڇيو ته، ولي ڪير ٿيندو آهي؟ ته وراڻيائين ته، هوالذي يڪون في وجهھ حياء، وفي عينھ بڪاء، وفي قلبھ صفاء وفي لسانھ ثناء، وفي يده عطاء، وفي وعده وفاء ، وفي لطفھ شفاء. ترجمو: ولي اهو آهي جنهن جي منهن ۾ حياء، اکين ۾ خوف خدا کان لڙڪ، دل ۾ صفائي ۽ پاڪائي، زبان تي الله جي ساراهه، هٿ ۾ بخشش ۽ سخاء، وعدي ۾ وفا، سندس ڳالهه ۾ برڪت ۽ شفا هجي.

الله جي ولي جون عام طرح هي نشانيون آهن.
1. الله وحده لاشريڪ جي عبادت، بندگي، ٻانهپ ڪري، ڪنهن به غير جي آڏو نه جهڪي، هر ڳالهه ۽ هر حال ۾، توڙي هر ڪم ۾ الله تعاليٰ تي يقين، اعتماد، ۽ پورو ڀروسو ڪري، ان هڪڙي پالڻهار ۽ ڏيهن جي ڏاتار جو محتاج رهي، هر پل ۽ هر گهڙي پنهنجي قول فعل ۾ الله ڏانهن رجوع ڪري.
2. هر صورت ۾ رسول الله ﷺ جي اطاعت (تابعداري) ڪري، سندن سنت طريقي کي نه ڇڏي.
3. الله جي سموري مخلوق (ماڻهو ڇيڻو، ڍور ڍڳو، پکي پکڻ، وڻ ٽڻ وغيره) جي خدمت ڪري ۽ انهن جي ايذائڻ نه پر انهن سان همدردي ۽ پرگهور سار سنڀال وارو رويو ۽ جذبو رکي.
ڇا وليءَ کي سندس ولايت جو پتو پئجي سگهي ٿو؟
ولايت بابت هن وضاحتي مضمون ۾ پڇاڙي هن سوال جي جواب تي ڪريون ٿا ته، ڇا ڪنهن وليءَ کي سندس ولايت (ولي هجڻ) جو خود بخود پتو پئجي وڃي ٿو؟ يا کيس ماڻهو ۽ سندس مريد، معتقد ٻڌائن ٿا ته تون ولايت جي مقام ۽ مرتبي تي پهچي ويو آهين! انهي جو عام فهم جواب هي آهي ته، هر ڪامل ولي پنهنجي مقام ۽ مرتبي کي ذاتي احساسات ۽ مشاهدن ذريعي پاڻيهي معلوم ڪري وٺي ٿو. اها ڳالهه هيئن سمجهڻ کپي ته، ڪو نوخيز ڇوڪرو پاڻ کي سندس ڪن جسماني نشانين ذريعي پاڻيهي معلوم ڪري وٺي ٿو ته، هو بالغ ٿي ويو آهي. بلوغت بابت ٻئي ڪنهن جي ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪونهي. ڇو ته، بلوغت جو حال سندس اندروني مسئلو آهي جنهن کي ٻين کان وڌيڪ هو خود ئي محسوس ڪري وٺو. پر ڪامل ولي، ولايت کي خدائي امانت سمجهي راز ۾ رکي ٿو، ماڻهن جي اڳيان اهڙو ڪو به راز نه ٿو کولي. جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ظاهر ظهور ۽ علي الاعلان پيو ولي سڏائي ۽ پاڻ کي پيو پڏائي ته، آئون ولايت جي فلاڻي درجي ۽ مقام تي پهچي ويو آهيان ته اهو غلط بياني ڪري ماڻهن کي دوکو ۽ فريب ڏيئي رهيو اهي، اهو ولي سڳورو ناهي پر ولايت جي آڙ ۾ شهرت جو بکيو ۽ نام نمود جو طالب ۽ ڪو ڏيو آهي. اهو الله جو ولي نه پر نفس جو غلام ۽ شيطان جو آله ڪار آهي. اها ڳالهه هن مثال مان اڃا به وڌيڪ آساني سان سمجهي سگهجي ٿي ته، جنهن هرڻ ۾ مشڪ پيدا ٿي ويندي آهي ته، ان کي پاڻيهي پتو پئجي ويندو آهي ته، منهنجي نافه (دُن) ۾ مشڪ پيد اٿي وئي آهي. پوءِ انهي هرڻ جا سک ڦٽي پوندا آهن، ننڊون حرام ٿيو وڃنس. هر وقت کيس هي کٽڪو ۽ خطرو رهندو آهي ته، متان ڪو شڪاري اچي منهنجو دُن وڍي کڻي نه وڃي. اهڙي بيچيني ۾ ننڊ به بيٺي بيٺي ڪندو آهي ۽ هر وقت چوڪس رهندو ۽ کڙڪي ٻڌڻ تي ڇال هڻي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي ڀڄي ويندو آهي. اهڙي طرح جنهن نيڪ ڀلاري شخص کي ولايت واري نسبت الله تعاليٰ وٽان عطا ٿي ويندي آهي ته، اهو هر وقت هلندي ڦرندي، اٿئي ويٺي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي، کائيندي پيئندي پنهنجي دل ۽ نظر کي هر قسم جي مڪروه ۽ حرام شيءِ کان بچائيندو رهندو آهي ته متان ڪو عمدو لذيذ کاڌو، يا ڪو حسين خوبصورت ماڻهو سامهون نه اچي، يا ڪو اندر ۾ ابليس ڌاريندڙ انسان اچي ڪا شرارت نه ڪري، جنهن جي فريب، حرص ۽ طمع ۾ منهنجو ايمان کسجي نه وڃي.