يادگيريون (شورا فقير-2)
مون فقير صاحب جي خاندان جا گهڻا صالح شخص ڏٺا. خضر فقير، حاجي طيب، حاجي محمد مراد، نهايت ديندار صالح شخص هئا. خليفي صاحب کان حضرت پيرو فقير عليھ الرحمة بابت پڇيم. چيائين ته، اڃا فقير صاحب ٻاهر ويندا هئا آئون ساڻن گڏ ويندو هوس. پاڻ کٽين جو گهڻو احترام ڪندا هئا.
مون ٻيا به سندن خاندان جا گهڻا فقير ڏٺا پر جيئن ته منهنجو گهاٽو تعلق حاجي محمد فقير سان هو ۽ اهي دير تائين به رهيا ۽ اسان وٽ گهڻو ايندا به هئا، ساڻن رفاقت ۾ مختلف جاين تي وڃڻ به ٿيو. ٻيا سگهو فوت ٿي ويا. ساڻن ويهڻ جو خلاصو موقعو به ڪو نه مليو ان ڪري سندن حالات ۽ نالن جو يقيني علم به نه رهيو. حاجي طيب عصر نماز تي سوير اچي مسجد ۾ ويهندا هئا، اتي ئي ملندا هئاسون. حاجي محمد مراد سان چڱو موقعو مليو جو ديني مسائل پڇندا هئا ۽ فقير حاجي محمد فقير وٽ گهڻو ويهندا هئا. وڏيري حاجي محمد مراد شوري 3 ذوالحج 1388هه يوم الجمعھ 1 بجي مطابق 21 فيبروري 1969ع تي وفات ڪئي. بعد العصر سندس جنازي نماز پڙهائي وئي ۽ فقير صاحب جي قريب، مغرب نماز کان اڳ کين دفن ڪيو ويو رب مٿن رحم فرمائي. آمين نهايت صالح شخص هئا.
20 رمضان المبارڪ 1397هه مطابق 5 سيپٽمبر 1977ع ليلة الاثنين (سومر جي رات) 9 بجي ڌاري وڏيري حاجي درياخان شوري ٽنڊي آدم ۾ پنهنجي گهر وفات ڪئي. مرحوم چند سالن کان بيمار هو کيس فالج جو اثر ٿيو. علاج مان افاقو ٿيو پر آخر هلڻو آهي، وقت پورو ٿي ويو. سندس جنازو ڳوٺ آندائون. پيرو فقير عليهم الرحمة جن کان اولهه ۾ جو قبرستان آهي، ان جي اوڀر ۾ کلي ميدان ۾ جنازي نماز پڙهڻ بعد ان قبرستان ۾ کيس دفن ڪيو ويو. 12 بجي دفن کان فراغت ٿي. مرحوم، ايوب خان جي دؤر ۾ يونين ڪائونسل پيرو فقير شورو جو ڏهه سال چيئرمين ٿي رهيو. پاڙي وارن سان سندس سلوڪ سٺو هو. ڪم ڪار غريبن جا چڱي نموني ڪيائين. طبيعت جو نرم خوش خلق هو. اسان سان سندس تعلق سٺو رهيو. 1391هه ۾ جڏهن مدرسي جي نئين عمارت جو بنياد رکيو ويو، ان وقت وڏيري محمد شريف واري بنگلي تي فقير غلام حسين، وڏيري حاجي دريا خان ۽ وڏيري محمد شريف کي منهنجي آڏو هڪ هڪ ڪمرو ٺهرائي ڏيڻ لاءِ چيو ويو. وڏيري محمد شريف ٻارهن سؤ روپيا ڏنا. وڏيري حاجي دريا خان چيو، ڪم گڏ هلي، ڪمري تي جي پيسا لڳا، آئون ڏيندس. ريتي، ڪڪري جون کانئس چاليهه ٽرڪون پهتيون. مون کين چيو ته هاڻي ضرورت ڪانهي، تڏهن بند ڪيائون. چڱين خصلتن جو مالڪ هو، رب کيس مرهي. آمين.
6 ذوالحج 1402هه مطباق 24 سيپٽمبر 1982ع بعد صلواة الجمعة (جمعي نماز کان پوءِ) وڏيري حاجي گل محمد شوري پنهنجي ڳوٺ پيرو فقير شوري عليهم الرحمة ۾ پنهنجي نئين تعمير ڪرايل بنگلي ۾ وفات ڪئي. مٿس دل جو دورو پيو. جمعي نماز جماعت سان پڙهيائين، اڳ ۾ ڪجهه فيصلا ڪيائين. بهترين پاڙيسري ساٿي هو. رب کيس بخشي، مٿس رحم فرمائي. وڏيري دريا خان کان پوءِ، يونين ڪائونسل پيرو فقير شورو عليهم الرحمة جو چيئرمين تازندگي رهيو. ڪيترا فيصلا طرفين کي مدرسي ۾ آڻي شريعت مطهره جي مطابق ڪرايائين. فون تي مسئلا پڇندو هو، يا طرفين (ٻنهي ڌرين) کي موڪليندو هو. شريعت مطهره جو وٽس احترام هو. نماز روزي جو پابند هو. نماز روزي جو وڏيرو حاجي دريا خان به پابند هو. دنيا فاني آهي. اڳي پوءِ نيٺ هلڻو آهي. وڏيري حاجي گل محمد شوري پوئتان ٻه ڀائر ميان حاجي عبدالحڪيم ۽ حاجي عطا محمد ۽ چار پٽ ڇڏيا. رب سندن حفاظت فرمائي. صراط مستقيم تي هلائي. آمين
20 ربيع الاول 1401هه يوم الثلاثاء (اڱاري ڏينهن) سوا يارهين بجي دلي دوست، سفر ۽ حضر جي ساٿي فقير حاجي شفيع محمد شوري وفات ڪئي. بروقت اطلاع تي پهچڻ ٿيو. سوا ٽي بجي سندس جنازي نماز پڙهي سندس والد محترم حاجي محمد فقير عليهم الرحمة جي قريب دفن ڪيو ويو. ٿر، بلوچستان، پنجاب، سنڌ، حجاز مقدس جا گڏجي سفر ڪياسون. وفات کان چند سال اڳ مٿن فالج جو حملو ٿيو. علاج مان قدري افاقو ٿيو. پر گهمڻ ڦرڻ جهڙا نه رهيا. ان حالت ۾ به گاڏي سندن چوڻ تي کين مون وٽ ڇڏي ويندي هئي. شام جو واپس کڻي ويندي هئي. ڪافي ڀيرا ائين ڪيائون. سندن ڪچهريون وساري نه ٿيون سگهجن. رب مٿن دائماً ابداً رحمت نازل فرمائي. پوين جي حفاظت فرمائي. آمين. پوئتان ٻه پٽ ميان حاجي احمد ۽ محمد عرف حاجن ڇڏيائون. ميان حاجي احمد کي ڪافي اولاد آهي. رب کين پنهنجي حفاظت ۾ رکي. آمين.
4 جمادي الثاني 1401هه ليلة الجمعة (جمعي جي رات) 10 بجي پاڙيسري رفيق، دلي دوست فقير عبدالله بن حاجي محمد صديق شوري سول اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪئي. (10 ۽ 11 اپريل 1981ع جي درمياني رات) 5 بجي صبح جو سندن جنازو ڳوٺ پهتو. بروقت اطلاع تي پهچڻ ٿيو. 9 بجي جنازي نماز پڙهي ڪجهه دير تائين احباب لاءِ ترسي دفن ڪيو ويو. هفتو اڳ جمادي الاول جي آخري خميس ڏينهن سندس گهر ۾ ساڻن ڊگهي ملاقات ٿي. سندس محبت ۽ پيار جو اثر دل تي باقي رهندو. بهترين ساٿي، دل گهريو دوست جدا ٿي ويو. آخر فنا، آخر فنا. رب مٿس رحم فرمائي سندن اولاد جي حفاظت فرمائي، کين سڌي رستي تي هلائي. آمين. مرحوم پوئتان ٻه فرزند مولوي محمد صديق ۽ ميان عبدالواحد ڇڏيا آهن. رب کين پنهنجي حفاظت ۾ رکي. آمين.
استاد فقير منٺار جي لکيل ڪاپين تان نقل ڪيو ويو يادگيريون ڪاپي نمبر2- صفحو 17 کان 20 تائين)