صوفيت، صوفي ازم ۽ تصوف
اهي ٽيئي لفظ ويجهي ويجهي معنيٰ رکن ٿا. تنهنڪري قريب المعنيٰ يا هم معنيٰ لفظ چئجن. مفهوم جي لحاظ کان صوفيت، صوفي طريقي يا انهي جماعت کي چئجي جيڪا تصوف واري سلسلي جي هجي.
مذڪوره نالن جي اشتقاق ۽ اصل مادي جي باري ۾ عربي ٻولي جي ماهرن جو ڪنهن هڪ مادي تي اتفاق ڪونهي. ڪي ان جو اصل مادو صفا، ته ڪي صفھ، ته ڪي وري صف ٻڌائن ٿا، پر اسان جي سمجهه ۾ صوفيت، صوفي، يا تصوف جو اصل مادو صوف آهي، جنهن جي معني! اُن اوني لباس پائڻ کي عربي ۾ تصوف چئجي ٿو. جيئن قميص پائڻ کي عربي ۾ تقمص چئجي ٿو، ته اهو اشتقاق اسان کي ڪنهن حد تائين درست لڳي ٿو. جيتوڻيڪ صوفي طريقي وارن سڀني جو لباس اوني ڪو نه هو پر اڪثريت جو اوني لباس هو.
صوفيت:
صوفين وٽ اسلامي علمن جا ٻه قسم آهن هڪ ظاهري ٻيو باطني ظاهري علم مان مراد شريعت آهي ۽ باطني علم اهو آهي جيڪو چند صحابه ڪرام جهڙوڪ: حضرت ابو بڪر صديق، حضرت علي، ۽ حضرت ابو ذر غفاري وٽان نقل ٿيو. حضرت ابو بڪر کان حضرت سلمان فارسي ته حضرت علي کان امام حسن بصري اهو علم نقل ڪيو.
قرآن شريف ۾ صوفي يا صوفيت يا تصوف جي نالي سان ڪو به اصطلاح ڪو نه ٿو ملي. جيئن هن کان علاوه ٻئي مضمون (تصوف ۽ طريقت جا سلسلا) ۾ ذڪر ڪري آياسون ته، اهو تصور اسلام جي پهرئين نسل (صحابه ڪرام) ۾ موجود ئي ڪو نه هو. مشهور مؤرخ علامه ابن خلدون جي لکڻ مطابق ته، اهو اصطلاح ٻي صدي هجري ۾ ڏسڻ ۾ آيو. ابن خلدون جا لفظ هي آهن ته صوفيت مان مراد پاڻ کي پوري طرح الله جي حوالي ڪري ڇڏڻ. (جيڪو حقيقت ۾ اسلام جو تصور به آهي) ۽ اهي صوفي، مڪمل روحاني پاڪائي، انسان جي اندروني ڪيفيتن، وجود جي فطرت، ۽ دنياوي خوشين، مزن کان پري ٿي عبادت ۽ الله جي ٻانهپ تي زور ڏين ٿا. جيستائين اهي سمورا طور طريقا حضرت محمدﷺ وٽان آندل الله جي پيغام جي حدن اندر رهندي اختيار ڪيا وڃن ته ايستائين ته لفظ صوفي ۽ تصوف جي بجاءِ ان کي شريعت ئي چئي سگهجي ٿو. ڇو ته جڏهن سڀ ڪجهه قرآن ۽ سنت جي مطابق ئي آهي ته، پوءِ ان کي تصوف ڇو چيو وڃي هن ڪري ته، انهي لاءِ ته شريعت جو اصطلاح پاڻ سڳورن جي قريب ترين زماني کان ئي موجود هو. پر پوءِ ان ۾ اسلامي حڪومت جي پري پري تائين پکڙي وڃڻ ڪري، اسلام کان اڳ وارا يوناني ۽ ايراني فلسفيانه خيال شامل ٿيڻ لڳا. انسان ۽ ڪائنات جو تعلق، الله سان ويجهڙائي، دنياداري کان ڪناره ڪشي، انسان جي بي وسي جهڙا تصور شامل ٿيڻ کان پوءِ صوفيت پنهنجي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي انهي قسم جي روحاني پاڪائي ۽ عبادت جي تصور کي قرآن شريف جي سورت الحديد جي آيت نمبر 27 ۾ رهبانيت جو نالو ڏنو ويو آهي. ۽ ان کي خود انسان جي تخليق (گهڙيل، ٺاهيل) سڏيو ويو آهي.
اردو جي مشهور شاعر ڊاڪٽر سر اقبال سيالڪوٽي، اسلام ۾ تصوف جي تصور کي اسلام جي زمين تي هڪ ڌاريو ۽ اجنبي تصور قرار ڏنو آهي جيڪو غير عرب (اسلام جي وسيع ٿيڻ ڪري) ۽ (اسلام کان اڳ واري) ايراني عقليت پسند ماحول ۾ وڌيو ويجهيو. ڊاڪٽر اقبال تصوف جي باري ۾ اها راءِ سيد سليمان ندوي جي نالي 13 نومبر 1917ع تي پنهنجي هڪ خط ۾ هنن لفظن سان تحرير ڪئي آهي. هيءَ صحيح آهي ته، اسلام ۾ تزڪيه نفس ۽ روح تي زور ڏنو وڃي ٿو ۽ انهي تزڪيه کي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ صوفين جا ٻه قسم نظر اچن ٿا. هڪ اهي صوفي جيڪي مڪمل نموني پاڻ کي قرآن شريف ۽ شريعت جي حدن ۾ رکندي ائين ڪندا رهيا (۽ ڪري رهيا آهن) ۽ ٻيا اهي صوفي جيڪي غير مسلم فڪرن ۽ فلسفن سان گدلي ٿيل تصوف تي هلندا هئا (۽ هلن ٿا) يعني هميشه هڪ اهڙي صوفيت به موجود رهي آهي جيڪا ڪنهن به طرح اسلام سان تعلق نه ٿي رکي ۽ ڪيترا صوفي اهڙا به آهن، جو صوفيت جي رياضتن مان گذرڻ بعد هڪ اهڙي درجي تائين پهتا جو ان کان پوءِ هنن پاڻ کي اسلام کان الڳ ڪري ڇڏيو.
ننڍي کنڊ هندستان ۽ پاڪستان ۾ اسلام جي اشاعت ۽ پکيڙڻ لاءِ صوفي بزرگن جو ڪردار تمام گهڻو اهم تسليم ڪيو ويو آهي.
جيتوڻيڪ محمد بن قاسم کان به اڳ هتي سنڌ ۾ اسلام جي دعوت ڪن اصحابن سڳورن جي معرفت پهچي چڪي هئي. سنڌ جي هڪ نامور عالم حضرت علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي حيدرآباد واري تصديق سان لکيو آهي ته، روايت ڪئي وئي آهي ته، رسول الله ﷺ پنهنجن پنجن اصحابين کي سندن خط ڏيئي سنڌين ڏانهن موڪليو. جڏهن اهي سنڌ ۾ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ پهتا ته اتي جي ڪن ماڻهن اسلام آندو. ان کان پوءِ ٻه اصحابي سڳورا ميزبان سنڌي کي ساڻ ڪري سنڌ کان واپس وريا ۽ انهن مان ٽي اصحابي سڳورا سنڌ ۾ رهي پيا. (انهن جي تبليغ سان) ڪيترن سنڌين اسلام قبول ڪيو ۽ اهي سنڌين کي اسلام جا احڪام ٻڌائيندا رهيا ۽ اتي ئي سنڌ ۾ وفات ڪيائون. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي انهن روايتن تي محدثانه طور بحث به ڪيو آهي. اسان کي هنن روايتن جي ٻين تاريخي حوالن سان به تائيد ملي آهي. (بياض هاشمي قلمي ورق 2 بحواله مقدمو نور القرآن ص 2 ۽ 3) پر محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ ۽ محمود غزنوي جي هندستان تي حملن ڪرڻ سان گڏ دين اسلام جي بزرگن خاص ڪري صوفي فقيرن بزرگن جي سنڌ ۾ اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. انهن صوفي فقيرن جي پر امن طريقو اختيار ڪرڻ ۽ انهن جي سهڻن اخلاقن ۽ ديني تبليغ جي نتيجي ۾ لکين ماڻهن اسلام قبول ڪيو.
صوفي ازم:
صوفي ازم ڇا آهي؟ اسان جي سماج ۾ اولياء الله، بزرگان دين يا صوفين جي باري ۾ هي تصور آهي ته، الله وارو اهو هوندو آهي جنهن جي هٿ ۾ تسبيح هجي، مصلو ڪلهي تي هجيس ته بدن تي گودڙي اوڍيل هجي. پر نه رڳو دين جي غلبه واري جدوجهد کان لاتعلق هجي بلڪ هن جو طرز عمل هيءَ هجي جو جيڪڏهن ڪو ان کي ٿپڙ هڻي ته، هو وريءَ ٻي ڳل پيش ڪري، يا جواب ۾ دعائون ڏيندو وڃي. ياد رهي ته، اهو تصوف ۽ طريقت ناهي. اسلامي تصوف جو موضوع ۽ مقصد جهالت کان ڇوٽڪارو ۽ رب جي معرفت حاصل ڪرڻ، تزڪيه نفس، روح کي انوار الاهي سان روشن ڪرڻ، دنيا ۽ ان جي عيش عشرتن کان منهن موڙڻ، حقيقي خالق سان مضبوط تعلق جوڙڻ، خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ آهي. انهي ڪري جيستائين تصوف جي مقصد ۽ موضوع جو تعلق آهي، سو ته سراسر دين آهي ۽ اهو مطلوب (گهربل) آهي. تصوف جو اصطلاح جيڪو اسان وٽ هلندڙ آهي سو غير قرآني آهي. قرآن ۽ حديث (ڪتاب و سنت) ۾ تصوف لاءِ اهم اصطلاح ”احسان“ آهي، جنهن جو مفهوم سهڻو سلوڪ ڪرڻ يا ڀلائي ڪرڻ آهي. بهرحال “تصوف“ غير قرآني اصطلاح هئڻ ڪري قرآن ۽ حديث جي چاهيندڙ شيدائين ۾ انهي اصطلاح کان دوري پيدا ٿي وئي. جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته، شريعت ۽ طريقت ۾ وڇوٽي پيدا ٿي وئي. حالانڪ اصل ۾ شريعت ۽ طريقت ۾ ڪو به ڦير فرق يا وڇوٽي ڪو نه هئي. هاڻي اسان پنهنجي اصل موضوع جو جائزو وٺون ٿا ته، ڇا تصوف جو طريقو مسنون (سنت طريقي مان ثابت) ۽ منصوص (قرآن حديث جي متن مان نڪتل) آهي يا نه؟ ۽ بيو هي ته، دين جو اصل مخاطب هڪ فرد آهي يا پورو انساني سماج؟ يعني ته، هر انسان تي اصل ذميداري سندس خود جي آهي يا ٻين انسانن کي دعوت، تلقين، تبليغ، نصيحت جيڪا به ٿي سگهي سا ڪرڻ سندس ديني فرض ۾ شامل آهي؟ انساني شخصيت جي اندر ٻه متضاد عنصر، هڪ ٻئي جون ٻه مخالف طاقتون، هڪ ٻئي سان وڙهندڙ ٻه قوتون، هڪ سندس نفس حيواني ۽ ٻيو روح ملڪوتي موجود آهي. انهي ڪري روح کي طاقت وٺائڻ ۽ سگهارو ۽ طاقتور بنائڻ لاءِ گهربل اسباب مهيا ڪيو وڃي ۽ حيواني نفس کي سنوارڻ سڌارڻ لاءِ تزڪيه (پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش) ڪئي وڃي. انهي تزڪيه جو مقصد نفس کي فنا ۽ ختم ڪرڻ، ماري ڇڏڻ ناهي بلڪ نفس کي ضابطي ۽ ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي. ضبط نفس ۽ تزڪيه نفس اهي شيون گهربل آهن. اسلام ۾ نفس ڪشي (نفس ماري ڇڏڻ) جو ڪو به حڪم ڪونهي. جڏهن ته روح کي طاقت ۽ سگهه ڏيڻ لاءِ ذڪر الاهي آهي. جنهن جو نچوڙ ايمان آهي ۽ ذڪر الاهي ۾ اهم ترين شيءِ قرآن شريف آهي. جنهن جي باري ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو ته، هيءَ يعني قرآن ”الذڪر“ آهي. مطلب قرآن سڀ جو سڀ ذڪر اهو ئي آهي. ذڪر جو ٻيو ذريعو نماز آهي ۽ ان کي به قرآن جي پڙهڻ (قرئت) سان ادا ڪرڻو آهي. ذڪر جو ٽيو ذريعو مسنون (حديثن ۽ پاڻ سڳورن جي معمولات مان ثابت) ذڪر اذڪار ۽ دعائون آهن. مطلب ته پاڻ سڳورن جن ذڪرن جي تلقين ڪئي آهي ۽ جيڪي دعائون کانئن نقل ٿيل آهن ۽ سندن روزمره جو معمول به هيون، انهن مسنون ذڪرن کي پنهنجي زندگي جو معمول بنائڻ سان ايمان جي مضبوطي ۽ گهرائي ۾ واڌارو ٿيندو رهندو. ايستائين جو انسان تصوف يا احسان جي منزل حاصل ڪري وٺي. احسان جو انفرادي هدف (احسان جي ذاتي منزل) ماڻڻ کانپوءِ هاڻي احسان جو اجتماعي هدف (احسان جي سماجي منزل) حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي ۽ اهو هدف آهي سماج ۾ هلندڙ ظلم واري نظام کي ختم ڪري، عدل انصاف واري نظام کي قائم ۽ جاري ڪيو وڃي، ته جيئن وڌ کان وڌ تعداد ۾ انسان، اسلامي تصوف يا احسان مان فائدو وٺي سگهن. ٿورو غور ڪريو ته، اهو ماڻهو ڪيتريقدر خود غرض چئبو، جيڪو سالن جا سال جهنگلن ۽ ويران بيابانن ۾ نفس کي مارڻ لاءِ تڪليفون پيو سهي. پاڻ کي پيو مانجهي ۽ رڳڙي، پر ٻئي طرف ڪروڙين انسان لڳاتار ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙ هجي رهيا هجن. انسانن جي تمام وڏي اڪثريت لاءِ اهڙو موقعو ئي ميسر نه ٿو ٿئي جو ڪو اعليٰ خيال يا ڪو اوچو نصب العين انهن جي سوچ جي ڀرپاسي گذري. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي روح کي نفس جي هٿ ڪڙين مان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته، ٻين کي به ظلم ۽ ڦرلٽ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي به جدوجهد ڪري، ته جيئن اهي به ايمان جي دولت مان فائدو وٺي سگهن. سياسي ڏاڍ، معاشي استحصال ۽ ڦرلٽ سماجي اوچ نيچ تي جڙيل سماجي نظام کان هڪ فرد متاثر نه هجڻ ممڪن ئي ڪونهي. پاڻ سڳورن جي هڪ حديث آهي ڪاد الفقر ان يڪون ڪفراً. يعني مسڪيني، سڃائي ۽ محتاجي انسان کي ڪفر تائين پهچايو ڇڏي.
حقيقي صوفي ازم جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو نڪتو به نوٽ ڪرڻ جهڙو آهي ته، خلق جي خدمت جون ٽي منزلون آهن. پهرين منزل: بکين کي کاڌو کارائڻ، ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ، ٻي منزل: ماڻهن جي آخرت سنوارڻ جي ڪوشس ڪرڻ. الله جي طرف سڏڻ، انهي کان مٿي ڪا خدمت خلق ٿي نه ٿي سگهي جو انسان ٻين جي هميشه واري زندگي جي ڪاميابي لاءِ ڪوشش ڪري.
ٽي منزل خدا جي خلق کي ظالماڻه نظام جي ڏاڍ ۽ استحصال ڦرلٽ وغيره کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. فقط پهرئين قسم جي خدمت کي سڀ ڪجهه سمجهڻ، دين جي خدمت خلق واري تصور کي محدود ۽ تنگ ڪرڻ جي برابر آهي. انهي سلسلي ۾ اصل حڪيمانه قول حضرت شاهه ولي الله جو آهي. هو فرمائي ٿو ته، ”جنهن سماج ۾ دولت جي تقسيم جو نظام غير منصفانه هجي ته، اتي هڪ پاسي دولت جا ڍير لڳي ويندا، عياشيون ٿينديون، بدمعاشيون ۽ خرمستيون هونديون، ته ٻئي پاسي مسڪيني ۽ سڃائي ۽ محتاجي جو دؤر دؤرو هوندو ۽ انسانن جي تمام وڏي اڪثريت حيوانن وانگر بار ڍوئڻ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندي. الله تعاليٰ کان امير به غافل ته غريب ۽ مسڪين به غافل هوندا. امير به محروم ته غريب محتاج به محروم. اهڙين حالتن ۾ انصاف واري سماجي نظام قائم ڪرڻ کانسواءِ انسانن جي تمام وڏي اڪثريت لاءِ روحاني ترقي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگهي.“
تصوف:
امام غزالي پنهنجي ڪتاب المنقذمن الضلال ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”جڏهن آئون ٻين علمن مان فارغ ٿيس ته صوفين جي طريقي ڏانهه ڌيان ڏنم. مون کي معلوم ٿيو ته، انهن جو طريقو علم ۽ عمل سان تڪميل کي پهچي ٿو. انهن جي علمن جو مقصد آهي: نفس مارڻ (نفس کي ضابطه ۾ آڻڻ) اوڳڻن ۽ برين عادتن کان پاڪ ۽ صاف رهڻ، دل کي ٻيائي کان پري رکڻ، ۽ ان کي الله تعاليٰ جي ذڪر سان سينگارڻ ۽ سنوارڻ. امام غزالي جو اهو مشاهداتي بيان، حقيقت ۾ تصوف جي صوفيانه طريقي جو مختصر تعارف آهي. اها ئي صحيح معنيٰ تصوف جي طريقي جي سڃاڻپ آهي. صوفي بزرگن تصوف جي روشني ۾ انسانيت، اخلاقي اقدار، محبت، اخلاص ۽ عشق الاهي جو پيغام ڏنو آهي، ۽ نبي ڪريمﷺ سان محبت ڪرڻ ۽ سندن پيروي ڪرڻ جو درس ڏنو آهي. صوفيانه تعليم شريعت کان جدا ناهي. شريعت تي دل جي حضور سان عمل ڪرڻ کان پوءِ ئي سالڪ، طريقت جي منزل تي قدم رکي ٿو. طريقت جي روحاني منزل تي، الله تعاليٰ جي ربوبيت ۽ قدرت جي عجيب ڪارنامن ۽ ڪرشمن جي باري ۾ غور فڪر ڪرڻ سان حيرت ۾ وجهندڙ مشاهدا ماڻڻ بعد، الله تعاليٰ جي ذات جي معرفت ۽ سڃاڻ حاصل ٿيڻ ڪري معرفت جي منزل تي رسڻ کان پوءِ جيڪا ذات حق آهي تنهن جي حقيقت جي پروڙ حاصل ٿئي ٿي. جڏهن اها پروڙ ۽ پرک پوي ٿي ته، سالڪ کي دنيا جهان جي ڪا به ڪَل نه ٿي رهي، ۽ سالڪ حقيقت ۾ محو ۽ مستغرق رهي ٿو. تصوف جا اهي سڀ مول متا شريعت کان الڳ به ناهن ته شريعت سان ٽڪرائجن به ڪو نه ٿا. ڇو ته تصوف جو بڻ بنياد اسلامي تعليم ئي آهي.
موضوع جي مناسبت سان بهتر ٿيندو ته، سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، سهروردي سلسلي جي سالڪ ۽ معرفت جي منزل ماڻيندڙ عارف حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان سر يمن ڪلياڻ داستان پنجين ۾ آيل صوفي فقيرن بابت ڪجهه بيت پيش ڪريون.
صوفي سالم سي ويا، جي اڪثر سين اڏيار،
بازي باز ندن کي آهي او يسار،
پريان سين پهڪار، رنديءَ رساڻي ڪيا.
ڏکين لفظن جي معنيٰ:
صوفي: سالڪ.
ويا: منزل تي پهتا.
اڏيار: پاسو ڪندڙ
اڪثر: گهڻ، ماڻهن جي رش، گوڙ.
بازي: راند.
بازندن: عشق جي رانديگرن.
اويسار: اڻ وسرندڙ. وسرڻ نه جهڙو.
پهڪار: هم صلاح. هم ڪلام.
رِندي: مستي، عشق جي موج.
رساڻي ڪيا: پهچايو. پڄايو.
سمجهاڻي: جن صوفي فقيرن ماڻهن جي گهڻ، گوڙ ۽ رش کان پاسي ٿي گمنامي ۾ رهي عبادت رياضت سان پنهنجي منزل مقصود تي وڃي پهتا. هنن فقيرن سڀ ڪجهه بلڪ پنهنجو پاڻ حقيقي عشق تان گهوري قربان ڪري ڇڏيو. جڏهن صوفي فقيرن پنهنجو تن من ۽ ڌن رب جي رضا خاطر حقيقي عشق جي راهه ۾ قربان ڪيو ته، کين انهي قرباني جو اهڙو ته روحاني فائدو راحت ۽ سڪون مليو جو وسرڻ جوڳو آهي ئي ڪو نه. اهڙن صوفي فقيرن کي سندن عاشقانه عبادتن ۽ پرهيزگاري نيٺ وڃي حقيقي محبوب رب العالمين سان ملايو.
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
سمجهاڻي: صوفي فقيرن پنهنجي هستي، پنهنجي ذات، ۽ پنهنجو وجود وڃائي، پنهنجي مَين (انا) کي ميٽي دل مان ئي ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو. دل کي اهڙين سوچن، خيالن کان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي هستي وڃائي ڇڏيائون، هاڻي منجهن ڪو به وڏائو ۽ ڪا به مَين (انا) موجود ڪونهي. جڏهن دل جي آرسي ڌوپي صاف ٿي وئي ته اهڙي دل ۾ نور الاهي جا جلوا پيا ٿين ته جيئري ئي خدائي جلوي جي جوت پيا پسن ۽ انهي روحاني نظاري سان روح کي راحت پيا پهچائين.
صوفي لا ڪوفي، ڪو نه ڀانئيس ڪير،
منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر نه آهس پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.
سمجهاڻي: صوفي فقيرن جو ڪو به الڳ فرقو ڪونهي. هي فقير انهن گروپ بندين جهڙي فرقي بازي کان بنهه پري آهن. هنن الله لوڪن جو اهڙن تفرقي جي ڪمن سان ڪو به واسطو ڪونهي. عام ماڻهو کي انهن جي مقصد جو پتو به ڪونهي. پر اڪثر سطحي نظروارا انهن جي حقيقت حال کي پروڙي به نه ٿا سگهن. ڇو ته، اهي فقير اندر جو اندر پنهنجي نفس کي مار ڏيڻ ۾ لڳا پيا آهن. انهن جي نفس سان ويڙهه بنهه ڳجهي آهي. نفس کي لڪل نمونه اهڙي ته سزا ٿا ڏين ۽ ان جي مستي ماري ٿا ڇڏين جو ڪنهن کي ڪو پتو ئي نه ٿو پوي. صوفي فقيرن ۽ الله لوڪن وٽ نفس سان ويڙهه ڪرڻ ۽ ان جي شر ۽ شرارتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ذڪر ۽ تقويٰ ذريعي جدوجهد ڪرڻ، جهاد اڪبر آهي. اها ڳالهه اسان کي حضور اڪرمﷺ جي سيرت پاڪ ۾ هڪ واقعي مان نظر اچي ٿي. سو هيءَ ته پاڻ سڳورا جڏهن سن 7 هجري ۾ يهودين جو خيبر واور علائقو فتح ڪري واپس مديني شريف پهتا هئا ته، پاڻ مسجد نبوي ۾ اچڻ سان فرمايائون ته، رجعنامِن الجهاد الاصغر الي الجهاد الاڪبر. يعني ته اسان ننڍي جهاد کان فارغ ٿي هاڻي وري وڏي جهاد ڏانهن موٽي آيا آهيون. ننڍي جهاد مان مراد هئي خيبر واري لڙائي جيڪا يهودين سان ٿي هئي، ۽ وڏي جهاد مان مراد آهي نفس سان جهاد ڪرڻ. ڪافر سان وڙهڻ ۽ ان کي شڪست ڏيڻ، خنجر ڀالا، گرز، تيرن ۽ تلوارن سان وڙهڻ ظاهر ۾ وڏي بهادري، همت، پهلواني ۽ جرئت وارو ڪارنامو آهي، پر نفس سان ويڙهه ڪرڻ اُن کان به وڌيڪ ڏکيو ۽ مشڪل آهي. هن ڪري ته، ڪافر، مومن جو ٻاهريون دشمن آهي ۽ سو به پڌرو ۽ ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ اچڻ وارو پر هي نفس ته اندر ۾ لڪل دشمن آهي، سو به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ته ان سان ويڙهه ڪرڻ، ان کي ماري مڃائڻ ۽ شڪست ڏيڻ لاءِ تمام مضبوط پڪي ايمان ۽ وڏي تقويٰ جي ضرورت آهي. نفس کي هيسائڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته، دل خد اجي ياد کان غافل نه ٿئي، ۽ نفس جون خواهشون ۽ سڌون پوريون نه ڪجن، بلڪ انهن سڌن کي ٺڪرائي ڇڏجي. تڏهن ته حضرت شاهه ڀٽائي اهڙي رياڪار صوفي کي جٺ ۽ ملامت ڪري ٿو:
صوفي چائين سڌ ڪرين، صوفين اِيءَ نه صلاح،
ڪاٽي رک ڪُلاهه، وجهه اڇلي آڳ ۾.
سمجهاڻي: اي رياڪار! پاڻ کي صوفي فقير به ٿو سڏائين ته وري نفساني خواهشون، اوچا کاڌا کائڻ، عمدا لباس پائڻ، ڀلين سوارين تي چڙهڻ، محل ماڙين ۾ رهڻ جهڙيون سڌون به ڪرين ٿو ته، پوءِ تون صوفي فقير ناهين؟ تون ته سڌڙيو فقير چئبين! الله لوڪ صوفي فقير، خدا وارا بزرگ ۽ سچا سالڪ اها ڳالهه سوچين به ڪو نه ٿا، اهو ته الله وارن جو مرڪ ناهي. جي فقيري واٽ ورتي اٿئي ته، سڀ هوڏ هستيون ۽ سڌن واريون سوچون ڦٽيون ڪر. هي عمدا لباس، تاج ڇٽ سڀ لاهي ڦٽا ڪر، بلڪ انهن کي باهه ۾ اڇل ته ڀلي سڙي رک ٿين! سادگي ۽ قناعت اختيار ڪر جي ائين نه ٿو ڪري سگهين ته، پوءِ صوفي فقير سڏائڻ ڇڏي ڏي.
ڏني ڏکويا، اڻ ڏني راضي ٿيا،
صوفي تي ٿيا، جيئن ڪين کنيائون پاڻ سين.
سمجهاڻي: سچا سالڪ ۽ صوفي فقير ته اهي آهن جن کي ڪا دنيا جي شين مان ڪا شيءِ ڏجي ٿي ته، هو رنج ٿا ٿين، ڇو ته انهن جي دنيا جي لذتن سان دل نه آهي. هنن کي اهڙي عيش عشرت يا ڪا مزيدار شيءِ نه ٿي ڏجي ته راضي رهن ٿا. جڏهن انهن پنهنجي هستي ڇڏي نيستي واري واٽ ورتي آهي تڏهن ته صوفي فقير ۽ سلوڪ جا پانڌي بنيا آهن.
سر آسا جي داستان چوٿين ۾ ته، شاهه سائين رياڪار فقيرن کي سخت نندا ڪئي آهي ۽ تمام ناراض ٿي ڪاوڙ واري انداز ۾ جٺ ڪئي آهي.
منهن ته موسيٰ جهڙو، عادت ۾ ابليس،
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين.
منهن ته موسيٰ جهڙو، سيرت شيطاني،
بازي بيراني، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين.
ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آزر آهيين.
اڳتي وري اهڙن رياڪار ٻٽي پاليسي رکندڙ مسلمانن ۽ خاص ڪري فقيراڻي ويس ۾ هلندڙ فقيرن کي سڌي راهه ڏسيندي هدايت ڪري ٿو ته،
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
هينئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ،
هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالهو رهين.
سمجهاڻي: شاهه سائين فرمائي ٿو ته، فقيري رستي جون جيڪي منزلون ۽ درجا آهن سي ماڻڻ لاءِ سعيو ڪر. شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت حاصل ڪري انهي صوفياڻي سلوڪ واري سفر ۾ ثابت قدم رهي پنهنجو ايمان پڪو ۽ بي ريا عمل جاري رکندين ته دنيا ۾ موجود گندگي ۽ گدلاڻ کان هر طرح محفوظ رهندين. جيڪو نفس ۽ شيطان جي شر ۽ شرارتن کان حفاظت ۾ رهيو ته، اهو گناهن جي غلاظت ۾ ملوث ٿيڻ کان خدا جي پناهه ۾ رهندو. جيڪو ٻانهو خدا جي پناهه ۾ اچي ويو ته، ان جا ٻئي جهان موچارا ٿي ويا. کيس رب جي رضا به حاصل ته صاحب ڪوثر ۽ شافع محشرﷺ جي شفاعت نصيب ٿيڻ سان گڏ سندس برڪت ڀرئي هٿ سان حوض ڪوثر جو پاڪ پاڻي پيئڻ جي به سعادت ملندي. پوءِ جنهن حوض ڪوثر جو پاڻي پيتو ته کيس وري اڃ ئي نه لڳندي، ۽ جنهن کي مديني جي مير سهڻي حبيب ﷺ جي شفاعت نصيب ٿي ته، کيس حساب ڪتاب جو اونو ئي نه رهندو.
اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وَعَلَى آلِ مُحَمَّدٍكَمَا صَلَّيْتَ عَلَى إِبْرَاهِيمَ وَعَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ
إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ. اللَّهُمَّ بَارِكْ عَلَى مُحَمَّدٍ، وَعَلَى آلِ مُحَمَّدٍكَمَا بَارَكْتَ عَلَى إِبْرَاهِيمَ وَعَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ
*-*-*
رَبِّ اجْعَلْنِيْ مُقِيْمَ الصَّلٰوةِ وَمِنْ ذُرِّيَّتِيْ ڰ رَبَّنَا وَتَقَبَّلْ دُعَاۗءِ 40 رَبَّنَا اغْفِرْ لِيْ وَلِوَالِدَيَّ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ يَوْمَ يَقُوْمُ الْحِسَابُ 41ۧ
رَبَّنَآ اٰتِنَا فِي الدُّنْيَا حَسَنَةً وَّفِي الْاٰخِرَةِ حَسَـنَةً وَّقِنَا عَذَابَ النَّارِ ٢٠١
(آمين)