شخصيتون ۽ خاڪا

خليفو پيرو فقير شورو

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خليفو پيرو فقير شورو “ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
ڪتاب سنڌ جي هڪ گمنامي جي گوشه ۾ گذاريندڙ غير معروف بزرگ، سهروردي سلسله جي سالڪ، ۽ پنهنجي حلقه ۾ غوثيه جماعت جي اهم اڳواڻ ۽ حضرت غوث بهاءُ الحق والدين محمد زڪريا ملتاني جي خانقاهه جي خليفه پيرو فقير شوري جي حالات بابرڪات بابت آهي.

Title Cover of book Khalifo Peero Faqeer Shoro

خليفو پيرو فقير جي پوٽن وغيره بابت ٻُڌل واقعات

از: فقير حاجي جان محمد شورو

(1) آچر ٿهيم ڳوٺ ڪامل ڪالوني واري چيو ته، هڪ ڀيري آئون صبح سوير ڏاندن جو جوڙو ڪاهيو پئي ويس ٻني تي، ته سائين حاجي محمد فقير (پيرو فقير جو پوٽو) مسجد جي ٻاهرين دروازي وٽ بيٺو هو ته مون سلام ڪيو ته پاڻ سلام جو جواب ڏيئي، مون کي چيائين ته، ابا ٿورو هيڏانهن اچ ته آئون وڃي ساڻس مليس. چيائين ته ابا هن جانور ويچاري سان هي ڪهڙو ويل ڪيو اٿئي، جو هن ڏاند کي نٿ هنئي اٿئي ٿلهي رسيءَ جي؟ مون وراڻيو ته سائين هيءَ ڏاند ويڙهو آهي، انهي ڪري ايتري ٿلهي نٿ هنئي اٿمانس. پر سائين اڳتي وڌيو ڏاند ڏانهه، ته مون چيو ته، سائين! ڏاند کي ويجها نه وڃو، ڏاند وڙهندو! ته سائين چيو ته، ابا ڪو نه وڙهندو. نيٺ سائين ڏاند ڏي وڌيو، دل ۾ چيم ته، يا خدا خير ڪج، آچر چيو ته، خدا پاڪ جو قسم، سائين وڃي ڏاند جي مٿي ۽ پٺن تي هٿ گهمايا ته، ڍڳو ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو. سائين چيو ته، ابا آچر! هاڻ ڍڳو ڪڏهن ڪو نه وڙهندو ۽ اها نٿ رسي واري ڪڍي ڇڏينس. مون سائين جو چوڻ ڪري انهيءَ مهل رسي واري نٿ ڪڍي ڇڏي ۽ پوءِ ٻني تي ويس وڃي هر ڪاهيم. پوءِ جيترو به وقت اهو ڍڳو مون وٽ هو ته ڪڏهن به نه وڙهيو. بس هڪ سنهي رسي سان ٻڌل هوندو هو.

(2) پيرل مري ولد مراد علي مري ڳوٺ شهبيگ مري واري ڳالهه ڪئي ته، لعل محمد مري جي ٻڪرين جو وڏو ڌڻ واڙ ۾ هوندو هو. هڪ رات خبر ناهي ته، ڪي ظالم ماڻهو آيا جو سڀني ٻڪرين جا ٿڻ وڍي ويا. لعل محمد مري چيو ته ٻڪرين سان هي ظلم مراد علي ڪيو آهي. سو لعل محمد آيو بابا مراد علي وٽ ۽ اچي چيائنس ته، ابا مراد علي منهنجي ٻڪرين جا ٿڻ تو وڍيا آهن؟ بابا مراد علي چيو ته، مون ڪونهي وڍيا. پر لعل محمد، بابا مراد علي کي چمبڙي ويو ته، مون کي تون ٻڪريون ڀري ڏي. ته بابا چيو ته، ڀريندس. لعل محمد چيو ته، آئون تنهنجون ٻڪريون ڪاهيو ٿو وڃان. بابا مراد علي چيو ته، هروڀرو تون مون کي ٿو چوين ته، تو منهنجي ٻڪرين جا ٿڻ وڍيا آهن! هاڻي جي منهنجون ٻڪريون ڪاهيو ٿو وڃين ته ڀلي ڪاهي وڃ پر منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌ، هي ٻڪريون آئون توکي هتي ڪاهڻ ڪو نه ڏيندس ها باقي هڪڙي جاءِ آهي جتي ڏيندس، ته لعل محمد چيو ته ڪٿي ڏيندين؟ ته بابا مراد علي چيو ته، ڪورٽ تي. لعل محمد چيو ته، ڪهڙي ڪورٽ؟ ته بابا مراد علي چيو ته، سائين حاجي محمد فقير وٽ. پوءِ اهي ٻئي آيا. سائين حاجي محمد ويٺو هو. بابا مراد علي ساري ڳالهه ڪري ٻڌائي ته سائين وڏي (حاجي محمد فقير) چيو ته، ابا مراد علي! ٻڪريون تون ڏيئي ڇڏ لعل محمد کي، خدا توکي ڪو نه ڇڏيندو. پوءِ لعل محمد گهر ٻڪريون ڪاهي ويو. خدا جي قدرت! سڀئي ٻڪريون هڪ هڪ ٿي مري ويون.
(3) چاچا ولي محمد سينهڙي ڳالهه ڪئي ته، سائين حاجي محمد وٽ هتي انگريز ڍل وٺڻ آيو. جنهن مهل انگريز جي نظر سائين حاجي محمد تي پيئي ته چيائين سائين! آئون توکان ڍل ڪو نه ٿو وٺان. توهان بزرگ ماڻهو آهيو. سائين چيو ته، نه، آئون ڍل ڏيندس، پر انگريز چيو ته سائين آئون توکان ڍل ڪو نه ٿو وٺان. تنهن تي سائين حاجي محمد چيو ته، اسان سرڪاري پاڻي وهيا آهيون آئون ته ڍل ڏيندس نيٺ سائين حاجي محمد ڍل ڏيئي ڇڏي.
(4) هي ڳالهه چاچا ولي محمد سينهڙي ٻڌائي ته بابا جن سائين وڏي حاجي محمد فقير سان حج تي گڏ ويو هو. جڏهن اتي پهتا ته، بابا وڃائجي ويو. سڀني رفيقن ڳولا ڪئي، پر ڪٿي به نه لڌا. ٻه ٽي ڏينهن لڳي ويا پوءِ سڀني رفيقن سائين وڏي حاجي محمد فقير کي چيو ته، سائين توهان دعا گهرو ته حاجي محمد صالح اچي وڃي ته سائين وڏي دعا گهري. اڃا دعا گهري مس واندو ٿيو ته، بابا حاجي محمد صالح اچي ويو.
حاجي محمد فقير کي ڳوٺ جا، توڙي ٻاهر جا ماڻهو سائين وڏو ڪري سڏيندا هئا.
حاجي محمد صالح هن ڳوٺ پيرو فقير شوري جو هو. سدائين درگاهه واري مسجد ۾ اذان ڏيندو هو. برسات هجي يا جهڪ، ڇا به هجي پر اذان هتي اچي ڏيندو هو. حالانڪ حاجي صالح جو گهر درگاهه واري مسجد کان پري هوندو هو.
(5) ڪڻڪ جي لابارن تي هتي ٿر جا ماڻهو ايندا هئا. هڪ ڀيري سندن ڪو ٽامي جو ٿانوء کوهه ۾ ڪري پيو ته اهي ٿري سائين وڏي وٽ آيا ۽ اچي چيائون ته سائين! اسان جو ٿانوء موريو ڀلو هو، سو توهان جي کوهه ۾ ڪري پيو آهي، سو ڪڍي ڏيو. سائين وڏي چيو ته، ابا! کوهه وڏو آهي. انهي مان نڪري نه سگهندو. پر هنن ضد ڪيو ته هروڀرو اسان کي ٿانوء ڪڍي ڏيو. موريو ٿانوء کي ڪرندي ٻه ٽي ڏينهن ٿي ويا هئا. نيٺ سائين وڏي چيو ته، ابا هلو ته هلي ٿانوء ڪڍون. کوهه تي وڃي سائين وڏي ڪجهه پڙهيو، ته پڙهڻ سان قدرت خدا جي ٽامي وارو موريو مٿي نڪري تري بيهي رهيو ۽ پوءِ اهو ٻاهر ڪڍي ورتائون انهي وقت ڳوٺ جا ماڻهو به ڪافي تعداد ۾ بيٺل هئا، جن اهو سڄو نظارو اکين سان پئي ڏٺو.
(6) حاجي عبدالرحمان ٻجوري چيو ته، آئون استاد فقير منٺار مرحوم جي مدرسي ۾ پڙهندو هئس اتي فقير سائين حاجي محمد شورو گهڻو ايندو هو. هڪ ڀيري فقير حاجي محمد آيو ته، مدرسي ۾ نماز باجماعت ٿي چڪي هئي. آئون اڃا مسجد ۾ ويٺل هئس. جنهن مهل سائين حاجي محمد فقير مسجد ۾ آيو ته، سومار ماڇي به نماز پڙهي رهيو هو ته، فقير حاجي محمد سومار جي ڀر ۾ بيهي نماز پڙهڻ لڳو. جڏهن سومار نماز پڙهي بس ڪئي ته، سومار سائين وڏي کان پڇيو ته توهان منهنجي پٺيان نماز پڙهي آهي ڇا؟ ته سائين وڏي وراڻيو ته هائو! مون تنهنجي پٺيان نماز پڙهي آهي. سومار چيو ته، آئون ماڇي گدلو گنهگار، توهان بزرگ ڀلارا ماڻهو اهو ٻڌي سائين وڏي چيو ته، تون مسلمان ڪو نه آهين ڇا؟ سومار چيو ته، هائو سائين آئون مسلمان آهيان. پوءِ سائين وڏي چيس ته بس اهو ئي ڪافي آهي.
سومار وري چيس ته، سائين مون ته سنت پڙهي هئي، هاڻي توهان فرض جي نيت ڪري فرض نماز پڙهايو، آئون توهان جي پٺيان ٿو پڙهان. پوءِ فقير صاحب نماز پڙهائي، سومار ماڇي ڀر ۾ بيٺو. تان جو نماز ختم ٿي.
اهو نظارو ڏسي حاجي عبدالرحمان چيو ته، اڳي آئون ماڇي ذات کان نفرت ڪندو هئس. پر هن موقعي تي فقير صاحب کي محبت ڪندي ڏٺم ته، ماڇي ذات کان منهنجي نفرت ختم ٿي وئي.
(7) حاجي عبدالرحمان ٻجوري هيءَ ڳالهه به ٻڌائي ته، مون سان سيد قاسم شاهه ڳالهه ڪئي ته، آئون حاجي محمد فقير وٽ ويٺو هئس. هڪ پٺاڻ آيو ۽ اچي فقير صاحب کي چيائين ته، ماني کارايو. فقير صاحب سندس پٽ حاجي شفيع محمد کي چيو ته، ابا وڃ ماني کڻي اچ. انهي وقت حاجي شفيع محمد فقير ننڍو هو. سوماني کڻي آيو مکڻ ۽ ٻاجهري جي ماني. مکڻ ماني جي مٿان رکيل هو. پٺاڻ دٻڪي ورائي چيو ته، مين گدهي ڪا ڪهانا نهين کائون گا. هن جي ذهن ۾ هو ته، ٻاجهري جي ماني گڏهن جو کاڌو آهي. پٺاڻ جا اهي لفظ ٻڌي فقير صاحب يڪدم اٿي بيهي چيو ته، حاضر بابا ٻي ماني اچي ٿي. فقير صاحب، حاجي شفيع محمد کي چيو ته، ابا جلدي وڃ ڪڻڪ جي تازي ماني تيار ڪرائي کڻي اچ. ننڍڙو شفيع محمد وري گهر ويو. فقير حاجي محمد، انهي پٺاڻ جي سامهون ٻانهون ٻڌي بيٺو رهيو ۽ چئي رهيو هو ته، حاضر بابا دير ڪا نه ٿيندي. جيستائين شفيع محمد ماني کڻي اچي تيستائين فقير صاحب بيٺو رهيو. نيٺ حاجي شفيع محمد ماني کڻي آيو ته سائين حاجي محمد مکڻ لسي مان ڪڍي کيس ماني تي رکي ڏنو ته پٺاڻ وري چيو ته، يه جوٺا هو گيا هي ته وري سائين حاجي محمد ننڍڙي شفيع محمد کي چيو ته، ابا وڃ ٻي ماني کڻي اچ. وري به سائين حاجي محمد، پٺاڻ جي سامهون ٻانهون ٻڌيو بيٺو رهيو. پوءِ جڏهن ماني الڳ ۽ مکڻ الڳ کڻي آيو ته پوءِ پٺاڻ ماني کائي هليو ويو. حاجي عبدالرحمان چيو ته، قاسم شاهه مون کي چيو ته، مون کي اهو ڏسي ڏاڍي ڪاوڙ پئي آئي ته پٺاڻ فقير صاحب کي ڪيترو نه پريشان پيو ڪري. پر فقير صاحب نهايت صابرين ٻانهو هو.
(8) حاجي حسين بخش ٿهيم ڳالهه ڪئي ته، سائين حاجي محمد فقير ٽنڊو آدم شهر مان ڪم ڪار لاهي واپس گهوڙيءَ تي ورندا هئا ته ٻيا ماڻهو به گهوڙن تي هوندا هئا. پر فقير صاحب جي گهوڙي کي نه پهچندا هئا. فقير صاحب گهوڙي کي ڪڏهن به ڊوڙائيندا نه هئا. گهوڙي پنهنجي رمز سان پئي ايندي هئي.
(9) حاجي الهبخش خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، سائين حاجي محمد سيد ذات جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. چيائين ته هڪ دعوت ۾ سائين حاجي محمد مونکي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو. جنهن اوطاق ۾ دعوت رکيل هئي ته اتي پهتاسين ته، انهي اوطاق ۾ هڪ سيد ذات جو ويٺو هو. ڪجهه ماڻهو کيس ڦِريا ويٺا هئا ته ڪي ٻيا وري شاهه صاحب لاءِ ڀنگ پيا گهوٽين. جنهن مهل شاهه صاحب، سائين حاجي محمد ڏٺو ته کيس مخاطب ٿي چيائين ته، حاجي محمد! تون به گهڻا ڏينهن بچي ويو آهين. اڄ توکي هي ٿاڌل جو ڪونڊو پيئڻو آهي! سائين وڏي چيو ته، حاضر سائين پيئون ٿا. موالي اڃا ڀنگ گهوٽي رهيا هئا ۽ اسان اتي ڪجهه گهڙيون ويٺاسين. پوءِ سائين وڏي مون کي آهستي چيو ته، ابا الله بخش هن سيد مان ته لوهه ٿي وياسين! هاڻي هيئن ڪر جو ڪرو کڻ ته ٻاهر نڪرڻ جو بهانو ڪري اٿون. پوءِ مون ڪرو کنيو ۽ سائين وڏو اٿي اڳيان هلڻ لڳو ته اتي سيد چيو ته ڪو نه ڇڏيندس! سائين وڏي چيو ته، ٿورو ٻاهران ٿي اچون! اوطاق کان ٻاهر نڪري سائين وڏي چيو ته، ابا الله بخش! ڪؤنرو اتي ڇڏ، ڀڄ ته ڀڄون، هيءَ دعوت ئي گهوري (قربان ٿي). پوءِ اسان هليا آياسون ۽ دعوت سائين وڏي ڪو نه کاڌي.

(10) مٽر ابڙي ڳالهه ڪئي ته، حاجي مبارڪ ملوکاڻي ڳالهه ڪئي ته، آئون حج تي ويس. حرم ۾ اڃا نماز جماعت ڪا نه ٿي هئي ته، ڏٺم ته سائين حاجي محمد فقير ويٺو آهي، دل ۾ خيال ڪيم ته، نماز پڙهي فارغ ٿي پوءِ ٿو وڃي فقير سائين سان ملان. نماز پڙهي فارغ ٿيس ته هيڏانهن هوڏانهن نظر ڪيم پر فقير صاحب ڏسڻ ۾ نه آيو. ان وقت آئون ڏاڍو حيران ٿيس. پر نيٺ حج پڙهي خيرن سان واپس ڳوٺ آيس ته، سائين حاجي محمد فقير مون کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڳوٺ آيو. مبارڪون ڏيئي مون کان پڇيائون ته ابا ڏي خبر! توهان کي ڪو مزو آيو! مون چيو ته، سائين آئون توهان کي ڇا ٻڌايان. توهان ته پاڻ اتي موجود هئا. پاڻ وراڻيائون ته ماڻهو ماڻهن جهڙا پيا آهن تو ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو هوندو! مون چيو ته نه سائين، مون سڃاتو هو، پوءِ فقير صاحب منهنجي وات تي هٿ رکي چيو ته ابا هاڻ بس.
(11) حاجي محمد صديق ورياهه ستياري واري ڳالهه ڪئي ته، استاد محمد اسحاق عمراڻي اسان سان ڳالهه ڪئي ته، ٽنڊو آدم ۾ هڪ ميمڻ جو ڪپڙي جو دڪان هو. انهي دڪان تي اسان وڃي ويهندا هئاسين. انهي ميمڻ اسان سان ڳالهه ڪئي ته، مون وٽ سعودي جو ڪو مهمان آيل هو. اسان دڪان تي ويٺي ڪچهري ڪئي ته اچانڪ سائين حاجي محمد فقير اچي اسان جي دڪان جي اڳيان مٽيو. فقير صاحب بيٺو ڪو نه، سلام ورائي هليو ويو. ميمڻ چيو ته، مون کان هن عربستان واري مهمان پڇيو ته، هي همراهه ڪير آهي؟ مون چيو ته، شورو فقير آهي سندس نالو حاجي محمد، پاڻ سندس ڏاڏي بزرگ پيرو فقير شوري جي نالي تي ٻڌل ڳوٺ پيرو فقير شورو ۾ رهي ٿو. عربستان واري مهمان وڌيڪ چيو ته، هي فقير صاحب مديني ۾ ٿو رهي ڇا؟ ته ميمڻ چيو ته نه. رهي پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿو، باقي حج پڙهي آيو آهي. پوءِ انهي مهمان عربستان واري چيو ته، هي بزرگ مسجد نبوي ۾ آئون جمعي تي ڏسندو آهيان ته اتي نماز پيو پڙهي. هي ته وڏو بزرگ شخص آهي.

(12) حسين سومري ڳوٺ محمد صادق وساڻ واري ڳالهه ڪئي ۽ عام ماڻهو به هي ڳالهه ڪندا آهن ته، سائين حاجي محمد فقير، سوڀو وساڻ وٽ ويندو هو. اهو ڳوٺ 46 ديهه نياآباد جي ڀر ۾ آهي. هڪ ڀيري سوڀي وساڻ وٽ حاجي محمد فقير آيو ۽ ان کي چيائون ته، ابا! ڪهڙا حال آهن؟ سوڀي وراڻيو ته، سڀ خير آهي خوش آهيون پر هڪڙي تڪليف آهي. ته سائين حاجي محمد فقير چيو ته، ٻڌاءِ ڪهڙي تڪليف آهي؟ سوڀي چيو ته، سڀ ڪجهه آهي پر پاڻي مٺو ڪونهي. کوهه به کڻايو اٿم. پوءِ سائين حاجي محمد فقير چيو ته بس، اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟! توهان مصري کڻي اچو، الله تعاليٰ آساني ڪندو. سوڀي خان مصري گهرائي سائين حاجي محمد فقير کي ڏني، جنهن اها مصري پڙهي چيو ته، ابا سوڀا خان! هي مصري وڃي کوهه ۾ وجهه رب سائين ڪندو ته کوهه مٺو ٿي ويندو. قدرت خدا جي، مصري وجهڻ شرط کوهه جو پاڻي مٺو ٿي ويو. جيڪو اڄ تائين ڳوٺ جا ماڻهو پيا پيئن. ڳوٺ وارن انهي کوهه تي موٽر لڳائي ڇڏيا آهن سڀ پيا پاڻي ڀرين ۽ پيئن.
ٻي کوهي املهه وساڻ جي ڳوٺ ۾ به آهي. اتي سائين حاجي محمد فقير ويندو هو. هڪ ڀيري پاڻ املهه وساڻ وٽ ويو ته املهه وساڻ عرض ڪيو ته، اسان جي ڳوٺ ۾ مٺو پاڻي ڪونهي کوهي آهي پر پاڻي کارو اٿس ته سائين حاجي محمد فقير املهه وساڻ کي چيو ته، ابا ڪا به وڏي ڳالهه ڪانهي. توهان کنڊ کڻي اچو. پوءِ کنڊ آڻي سائين حاجي محمد کي ڏنائون سائين حاجي محمد کنڊ پڙهي ڏيڻ وقت چيو ته، ابا بسم الله ڪري وجهو کوهي ۾، رب سائين ڪندو ته کوهيءَ جو پاڻي مٺو ٿي ويندو. قدرت خدا جي، اڄ تائين کوهي مٺو پاڻي پئي ڏئي. انهي کوهي تي به موٽر لڳا پيا آهن ڳوٺ جا سڀ ماڻهو اهو پاڻي پيا ڀرين.
(13) صابو ڪنڀار ڳوٺ طاهر هنڱورو واري ڳالهه ڪئي ته، مون سان ڳالهه ڪئي سيد نظير احمد شاهه ڳوٺ سيد وهاب شاهه ته اسان وٽ سائين حاجي محمد فقير ايندو هو. هڪ ڀيري آيو ته، بابا سائين حاجي خير محمد شاهه چيو ته، اسان جي ڍڳي آهي پر صحي طرح سان مِڙي ڪا نه ٿي. کير به منجهس گهڻو آهي. دعا ڪريو ته کير صحي طرح سان ڏئي. پوءِ سائين حاجي محمد فقير اٿيو، ڍڳي جي پٺن تي هٿ هڻي چيائون ته، سائين جن کي کير پئي ڏي! انهي ڏينهن کان وٺي ڍڳي لت ڪا نه هنئي. صحي طرح سان کير ڏيندي رهي ۽ ڍڪي به ڪا نه ٿي، نه ڪي مهاڙ ڪيائين. اها ڍڳي اسان وٽ ڪافي وقت بيٺي هئي.
(14) عمر خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، اسان کي چاچا حاجي الله بخش ڳالهه ڪندو هو ته، اسان سائين حاجي محمد فقير وٽ رهندا هئاسين. سائين جا اٺ به هوندا هئا. اسان ڦٽيون اٺن تي کڻي ٽنڊو آدم جي ڪارخاني ۾ پهچائيندا هئاسين. جنهن مهل ڦٽيون اٺن تي رکي بس ڪندا هئاسين ته، سائين حاجي محمد فقير اسان کي چوندو هو ته، ابا ڦٽيون فلاڻي ڪارخاني تي لاهجؤ. ٻيا اٺ پٺيان هوندا هئا، سائين حاجي محمد فقير جو اٺ اڳيان هوندو هو. قدرت خدا جي سائين وارو اٺ، سڌو هلي انهي ڪارخاني ۾ گوڏا کوڙيندو هو جنهن ڪارخاني ۾ سائين حاجي محمد فقير چوندو هو ته، ڦٽيون فلاڻي ڪارخاني ۾ لاهجؤ.
(15) يار محمد ابڙي ڳالهه ڪئي ته، سائين حاجي شفيع محمد وٽ ٻيراني جو واڻيو آيو ۽ اچي چيائين ته، سائين! توهان مون کي ڦٽيون ڏيو ته سائين حاجي شفيع محمد چيو ته، ابا! اسان ٽنڊي آدم جي ڪارخانن تي ڦٽيون ڏيندا آهيون. ته سيٺ واڻئي چيو ته، سائين توهان ڀلي ٽنڊي آدم واري ڪارخاني تي ڦٽيون ڏيو، پر مون کي صرف هڪ ٻڙو ڦٽين جو ڏيو دعا جو، ته آئون ٻين ڦٽين سان گڏ وجهي ڪارخاني ۾ هلايان ته منهنجي ڪارخاني ۾ برڪت پوي. ڇو ته پيرو فقير جي زمين جون ڦٽيون مون وٽ اينديون ته وڌيڪ برڪت پوندي. واڻين جو پيرو فقير ۽ سندس فقير خاندان ۾ ايڏو عقيدو هوندو هو.
(16) چنڱل شوري ٻڍاپور واري چيو ته، منهنجون اکيون اٿي پيون ۽ اکين ۾ سور به هو. آئون ننڍڙو هئس. مون کي منهنجي ناني سائين حاجي محمد فقير وٽ کڻي آئي ۽ اچي چيائين ته، سائين هن ننڍڙي کي دعا ڪريو ته اکين مان سور لهيس. پوءِ سائين دعا ڪئي. دعا ڪرڻ وقت چيائون ته، هن ننڍڙي جون اکيون هاڻ ڪڏهن به نه اٿنديون. اڄ تائين منهنجون اکيون وري نه اٿيون ۽ نه سور ٿيو. ڪيترا ڀيرا منهجين اکين ۾ دشمنن زهر وڌو، پر ڪو به اثر ڪو نه ٿيو. دشمن ڪيترا ڀيرا مون کي مارڻ به آيا، پر مون کي ڪجهه به نه ڪري سگهيا. اڄ تائين سائين حاجي محمد فقير جي دعا مون سان گڏ آهي. ايڏو وڏو بزرگ هو. رب سائين، حاجي محمد فقير کي جنت ۾ جايون عطا ڪري.
(17) خان محمد ٿهيم ڳوٺ غلام محمد ٿهيم واري ڳالهه ڪئي ته، استاد منٺار فقير چيو ته، حاجي محمد وٽ هڪ ماڻهو ٿر جو آيو ۽ اچي فقير حاجي محمد کي چيائين ته، مون کي تعويذ لکڻ سيکاريو، خراب تعويذن لاءِ چيائين. فقير صاحب چيو ته، ڪجهه ڏينهن ويهه ته پوءِ تو کي سيکاريندس. اهو ٿر جو ماڻهو ڪجهه ڏينهن ويٺو فقير صاحب نصيحتون ۽ ٻيون سٺيون ڳالهيون ٻڌندو رهيو. فقير صاحب وٽ هر قسم جا مهمان مڙها گهڻا پيا ايندا هئا. هڪ ڏينهن انهي ٿر جي ماڻهوءَ کي چيائين ته ابا! هلي آء ته توکي تعويذ سيکاريان! انهي ماڻهوءَ وراڻيو ته، سائين هاڻي منهنجي دل مان تعويذ لکڻ جو خيال ئي ختم ٿي ويو. توهان جون جيڪي محبتون، ڪرامتون، ۽ نصيحتون ٻڌيون اٿم، تن اهي شوق ئي پورا ڪري ڇڏيا. بس هاڻي رڳو دعا پيا ڪجؤ.
(18) بهادر فقير ٿهيم ڳوٺ غلام محمد واري ڳالهه ڪئي ته مون کي سائين منٺار فقير مرحوم ٻڌايو ته، حاجي محمد فقير وٽ هڪ ماڻهو ڏيڍ لک روپيا امانت رکي ويو. خدا جي قدرت اهو ماڻهو ڪجهه وقت کان پوءِ وفات ڪري ويو. انهي ماڻهوءَ جو ٻيو ڪو به وارث ڪو نه هو. باقي هڪ وارث هو پر اهو چريو هو ماڻهن چيو ته، سائين! هن ماڻهو جو فقط هڪ چرئي کانسواءِ ٻيو ڪو به وارث ناهي، توهان انهي مرحوم جي امانت ڪٿي مسجد ۾ يا ڪنهن خير جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. پر فقير صاحب چيو ته، ابا ڀلي چريو هجي پر جيڪو وارث آهي امانت ان کي ملندي. پوءِ فقير صاحب انهي چرئي کي ڏيڍ لک ڏيئي ڇڏيو.
حاجي محمد فقير وٽ ماڻهو تمام گهڻيون امانتون ڇڏي ويندا هئا. روڪ رقم، سون چاندي وغيره، پر ڌڻين کي امانت انهي حال ۾ ملندي هئي جنهن حال ۾ ڏيئي ويندا هئا. جنهن ڪپڙي ۾ ويڙهيل يا ٻڌل امانت هوندي هئي ته واپس به انهي ڪپڙي ۾ ملندي هئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سائين وٽ اچي رقم کلي ڪرائيندو هو ۽ جي انهي مهل سائين وٽ کليا نه هوندا هئا ته، ماڻهو چوندا هئا ته، سائين توهان وٽ امانت وارا پيسا پيا هوندا، انهن مان کليا ڪري ڏيو ته، چوندا هئا ته، ابا! آئون ڌڻي جي اجازت کانسواءِ نه ڏيندس. متان امانت وارو ماڻهو سمجهي ته، فقير منهنجن پيسن مان ڪاروبار ڪيو آهيس بابا اهو ڪم ڪو نه ڪبو.
(19) باز محمد ٻٻر ڳالهه ڪئي ته، اسان وٽ شاديءَ جو ڀت هو. سائين حاجي محمد فقير آيو. شاديءَ ۾ ڳائڻ وڄائڻ هو. فقير صاحب پاسي تي آرامي ٿيا پر ڪپهه جا ٻڙا گهرائي ڪنن ۾ وجهي سمهي پيا ۽ چيائون ته ساز سرود ٻڌڻ حرام آهي شريعت اجازت نه ٿي ڏئي.
(20) سيد گل محمد شاهه ولد محمد شاهه مولودي، ڳوٺ ڪمال ٻرڙي واري ڳالهه ڪئي ته، مون کي پيٽ ۾ سور هو. سور نه پيو ڇڏي. پوءِ بابا مون کي حاجي محمد فقير جي پٽ حاجي شفيع محمد فقير وٽ وٺي ويو. فقير صاحب کي بابا چيو ته، سائين! منهنجي هن پٽ کي پيٽ ۾ سور آهي. دوا به ورتي اٿئون پر سور ڇڏيئي ڪو نه ٿو. هاڻي توهان دعا به ڪريو ۽ ڦيڻو به رکو. فقير حاجي شفيع محمد ڦيڻو به رکيو ته امل داس به ڏنائين ته وڃي ڪاڙهي پياريو. پوءِ مون امل داس ڪاڙهي پيتو. اڄ تائين مون کي وري سور نه پيو.
(21) عبدالرحمان ولد حاجي شير محمد خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، اسان جي پيءَ حاجي شير محمد کي پٽ جو اولاد نه پئي ٿيو. بابا کي نياڻيون هيون پر پٽ نه هئس. پوءِ بابا ٻي شاديءَ جو ارادو ڪري هن ڳوٺ پير فقير شوري ۾ رهندڙ خاصخيلي ذات وارن وٽ آيو. انهن سان ڳالهيون ٿيون نيٺ هنن چيو ته، اسان توهان کي سڱ ڏيون ٿا. پوءِ بابا، سائين حاجي محمد فقير وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته، سائين! توهان جي هن ڳوٺ مان آئون فلاڻي خاصخيلي وٽان شادي ٿو ڪريان. نڪاح به توهان پڙهندا، ته سائين حاجي محمد فقير بابا کي چيو ته، ابا ٻي شادي اتان نه ڪر، ته بابا چيو ته سائين مونکي پٽ جو اولاد ڪونهي. سائين حاجي محمد فقير چيو ته، خدا ڪندو توکي انهي گهر واري مان پٽاڻو اولاد ٿيندو. اهو ٻڌي بابا سائين کي چيو ته، بس سائين هاڻي آئون ٻي شادي ڪو نه ٿو ڪريان. پوءِ بابا ٻي شادي ڪو نه ڪئي. پوءِ بابا کي اسان ڀائر جلد ئي ڄاواسون.
(22) حاجي محمد فقير شوري کي سيد ذات اوڍائي تمام گهڻو ڀائيندا هئا. سائين حاجي محمد قاسم شاهه، سائين حاجي علي محمد شاهه ۽ ٻيا. سائين حاجي محمد فقير سيدن وٽ به ويندا هئا ته سائين اوڍائي سيد هتي سائين حاجي محمد فقير وٽ به ايندا هئا. هي سيد دعا، پِٽ وارا هئا.
سيد حاجي خير محمد شاهه ڳوٺ وهاب شاهه وارا، انهن سان به سائين حاجي محمد فقير جي گهڻي محبت هوندي هئي. سائين حاجي خير محمد شاهه هر سال پيرو فقير شوري جي ڏهاڙي تي اچي مولود پڙهندو هو. ساڻس گڏ حاجي علي محمد شورو ڳوٺ الهڏني ساند وارو ۽ ٻيا به ڪافي مولودي اچي مولود پڙهندا هئا. ٻيو سيد محمد شاهه ڳوٺ ڪمال ٻرڙو وارو به، حاجي محمد فقير سان گهڻو محبت ڪندو هو.
فقير حاجي محمد شوري وٽ، سيد حاجي يار محمد شاهه دائري شريف وارا به تمام گهڻو ايندا هئا. اهي وڏا بزرگ هئا ۽ ڪرامت جا صاحب هئا. سائين حاجي يار محمد شاهه جا وڏا به وڏي منزل وارا هئا. سندن وڏو مدرسو هوندو هو جتي اڍائي سؤ شاگرد پڙهندا هئا. اتي جن به پڙهندا هئا. انهي مدرسي ۾ شاگردن جو تعداد اڍائي سؤ وارو هلندو آيو. انهن سيدن جي هر بزرگ وٽ جنات پڙهندي هئي. انهن سيدن سڳورن ۾ سيد علي محمد شاهه وڏو قاري هو. سيد علي محمد شاهه مٽياري ساداتن مان عيسيٰ شاهه جي اولاد مان حمزه شاهه بنوري نقشبندي جو پڙ پوٽو هو، ۽ سيد نيڪ محمد شاهه جو فرزند هو. تاريخ 5 ماه رجب 1226هه ۾ ڄائو. سندس والد ۽ ڏاڏو اتي دائري شريف ۾ رهندا هئا. سندن ٻيا ويجها عزيز به دائري واري درسگاهه سان وابسته هئا. انهي ڪري دائري وارا سيد سڏجن ٿا. سيد قاري علي محمد شاهه نون سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو. موجوده گادي نشين سيد حاجي يار محمد شاهه آهي جيڪو سيد حاجي محمد ابراهيم شاهه جو فرزند آهي. مطلب ته هنن دائري وارن سيدن جا وڏڙا تمام وڏا بزرگ هئا.
(23) تپيدار حضور بخش بوزدار ڳوٺ مير خان بوزدار واري ڳالهه ڪئي ته، منهنجو بابو ۽ بابا جو سؤٽ محمد عثمان، ٻئي ڀٽائي جي ميلي تان رات جو واپس موٽيا. سندن ڳوٺ ڏي پئي آيا. رستو ڪچو هو. جنهن مهل ڳوٺ پيرو فقير شوري جي ڀر وٽان لنگهيا ته، محمد عثمان، محمد قاسم کي چيو ته اڄوڪي رات سائين حاجي محمد فقير وٽ هلي ٿا رهون. ته بابا چيو ته، فقير صاحب وٽ ته هلون پر ڇا آهي جو آئون رات جو ماني کائيندو آهيان کير ۽ لسي ملائي ٻهڙ ڪري پوءِ. فقير صاحب وٽ ته کير هوندو پر مون کي خالي کير وڻي ڪو نه ٿو ته محمد عثمان چيو ته ادا تون هل ته سهي، پوءِ جيڪي ڪجهه هوندو سو کائينداسون. نيٺ هي آيا ته سائين حاجي محمد فقير پاڻ ويٺو هو. حال احوال وٺي چيائين ته، ابا محمد عثمان ماني مٿي ڇڪي ۾ پئي آهي، تون ته کائيندو آهين کير ماني ۽ هيءَ ڇوڪرو کائيندو آهي لسي ۽ کير گڏي ملائي. انهي لاءِ لسي ۽ کير گڏايو مليو پيو آهي وڃي کائي. محمد قاسم حيران ٿي ويو. چيائين ته آئون فقير صاحب وٽ پهريون ڀيرو ويو هئس اڳي ڪڏهن به ڪو نه ويو هئس. ڪيئن خبر پئي فقير صاحب کي ته محمد قاسم کير ۽ لسي ملائي کائيندو آهي. انهي واقعي کانپوءِ فقير صاحب وٽ بابا جو اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيو.
(24) تپيدار حضور بخش بوزدار هي به ڳالهه ٻڌائي ته، فقير حاجي محمد کي بابا عرض ڪيو ته، سائين هڪ پٽ اٿم دعا ڪريو ته، ٻيو به پٽ ٿئي. ته فقير صاحب وراڻيو، ابا محمد قاسم هن هڪ پٽ مان ئي گنج ٿيندئي! الحمدلله مون کي هاڻي ڇهه پٽ آهن.

(25) فيروز پٺاڻ ڳالهه ڪئي ته، اسان هميشه هتي حاجي محمد فقير وٽ اچي رهندا هئاسين. فقير صاحب اسان کي ننگر پاڻي ڪرائيندا هئا، ڪڏهن به ناراض نه ٿيا. هڪ ڀيرو اسان 25 پٺاڻ هئاسين، سائين حاجي محمد فقير ويٺو هو، اسان اڃا مس ويٺاسين ته مٿان وري ٻيو ٽولو پٺاڻن جو اچي لٿو، اهي به 25 ڄڻا هئا. انهي وقت سج لهي چڪو هو. فقير صاحب چيو ته، ابا توهان ويهو ته آئون گهر وڃي ماني تيار ڪرڻ لاءِ چئي ٿو اچان. فقير صاحب گهر ويا ته، اسان پٺاڻن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته، پاڻ 50 ماڻهو آهيون. فقير صاحب کي تڪليف ٿيندي. هاڻي 25 ماڻهو وڏيري حاجي محمد مراد شوري وٽ وڃن ۽ باقي 25 ماڻهو فقير صاحب وٽ رهن. سڀني چيو ته صحي آهي. پوءِ 25 ڄڻا حاجي محمد مراد شوري وٽ سندس اوطاق تي ويا. هتي فقير صاحب وٽ اسان 25 ماڻهو وڃي رهياسين. ٿوري دير کان پوءِ فقير صاحب آيو ۽ اچي چيائين ته، ٻيا همراهه ڪيڏانهن ويا؟ اسان چيوسين ته سائين! وڏيرن جي اوطاق تي هليا ويا. فقير صاحب چيو ته، ابا ڇو هليا ويا؟ اسان چيو ته، سائين گهڻا ماڻهو هئاسين، سوچيو سين توهان کي تڪليف ٿيندي تنهنڪري اوڏانهن هليا ويا آهن. فقير صاحب چيو ته، ابا توهان ته مون کي بي همٿو ڪري ڇڏيو. هتي ڪيترا پيا اچو ننگر پاڻي ڪريو، اسان ڪو نه ٿڪنداسين. رب سائين برڪت وجهي ڏيندو.
سائين حاجي محمد فقير هميشه مدرسي جي ننڍڙن شاگردن سان گڏ ماني کائيندو هو. وٽس مست چريا به ايندا هئا، انهن کي وات مان گگون پيون وهنديون هيون، ته به انهن سان پاڻي، لسي، ۽ کير جا ڍڪ گڏ پيو ڀريندو هو. ڪڏهن به کانئن نفرت نه ڪيائين. ٻار ڀت کائڻ وقت چانور وغيره تڏي تي هاري ڇڏيندا هئا ته پاڻ هٿن سان چونڊي کائي ڇڏيندا هئا.
(26) قيصر ملوکاڻي ڳالهه ڪئي ته، بابا مون کي سائين حاجي محمد فقير وٽ وٺي آيو. آئون ٺيڪ ڪو نه هئس. هتي آيا سون ته، ڏٺم ته، سائين حاجي محمد فقير ننڍڙن ٻارن سان گڏ ڀت کائي رهيو هو. جڏهن ٻار سڀئي ويا هليا ته، ٻارن جيڪي چانور تڏي تي ڪيرايا هئاسي فقير صاحب چونڊي هٿ جي تريءَ تي رکي کائي رهيو هو. مون بابا کي چيو ته، بابا! هي ڪهڙو فقير آهي جو پٽ تان چانور چونڊيو پيو کائي، ته بابا چيو ته، ابا ماٺ ڪر، هي وڏو درويش بزرگ آهي.
(27) استاد پير شمس الدين قريشي شهدادپور واري ڳالهه ڪئي ته، آئون سائين حاجي محمد فقير وٽ پڙهندو هئس. ڪافي ماڻهو ايندا هئا. ڪي چريا به هوندا هئا ته ڪي ننڍا ٻار به هوندا هئا پر ڪنهن کان به نفرت نه ڪندا هئا.
هڪ ڀيري هڪ اهڙو ماڻهو آيو جو بنهه گدلو، ڪپڙا تمام ميرا ۽ خراب، هٿن پيرن جا ننهن به وڏا، تنهن اچي مون کان پاڻي گهريو. مون کيس پاڻي ڀري ڏنو. اڌ گلاس پيءُ، باقي رهيل اڌ گلاس سائين حاجي محمد فقير کي ڏنائين. سائين ڪجهه پيتو ۽ ٻيو ڪجهه ورائي مون کي ڏنائون ۽ چيائون ته پير صاحب هي پاڻي تون پي ڇڏ. مون سائين کان وٺي ورتو. جي سائين وڏو پاڻ هن جي اوبر نه پيئي ها ته آئون ڪڏهن به ڪو نه پيئان ها. مون ته اهو سائين جو اوبر سمجهي پي ورتو. سائين وڏو الله وارو هو. ڪنهن به انسان کان نفرت نه ڪيائين.
(28) احمد ولد دلو خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته ھتي سائين حاجي محمد فقير وٽ سيوھڻ جو ھڪ سيد آيو ۽ اچي چيائين ته آئون ڳوٺ غلام ٿهيم جي ڀر وٽان پئي آيس ۽ ٻنيءَ جو ٻنو ڏيو پئي آيس ٻني ۾ زميندار بيٺو ھو تنهن مون کي چيو ته منهنجي ٻنيء مان ڇو مٽيو آھين؟ لٺ ھڻي ٻانهن ڀڃي وڌي اٿس، پوءِ سائين حاجي محمد فقير، حاجي الهه بخش کي گهرائي چيو ته، ابا الهه بخش ! ھي سيد سائين آھي، ھن جي ٻانهن جو پٽو ڪر. پوءِ حاجي الهه بخش پٽو ڪيو ۽ سائين حاجي محمد چيو ته ابا الهه بخش! تون ھتي اچي سائين جو پٽو ڪريو وڃ ۽ اسان سائين جي پيا خدمت ڪنداسون . سيد سائين ٺيڪ ٿيڻ تائين جيترو وقت به رھيو سائين حاجي محمد فقير، سيد صاحب کي روز ڪُٽي آڻي پيو کارائيندو ھو.
(29) مزار ڪلوئي ڳالهه ڪئي ته ، اسان سائين پيروفقير جي ڏھاڙي لاءِ خيرات خاطر ھڪ وڏو ڍڳو ڪيو جيڪو ڏھاڙي کان اڳيئي چوري ٿي ويو ته اسان وڃي فقيرن کي ٻڌايو ته پوءِ سائين عبدالله فقير کي چور ڍڳو ڏيئي ويا ۽ چورن کانئس بخشرايو . ٻي ڳالهه به ڪيائين ته سائين حاجي محمد فقير وٽ ڪافي ماڻهو آيا انهن سڀني لاءِ ننگر آيوته سڀئي کائڻ ويٺا ته ھڪ ھمراھه کي فقير صاحب چيو ته ابا تون ويهه تو جيڪو دل ۾ سوچيو آھي، سو توکي ملندو. پوءِ فقير سڀني کي ننگر ڪرائي بعد ۾ انهي ماڻهو لاءِ الڳ گوشت جو ٻوڙ کڻي آيو اڳم جن به ماڻهن کي ننگر ڪرايائون سو چانورن سان ھو . اھو ڳالهه ڪرڻ وارو مزار ڪلوئي ڪراچي ھوٽل دلور جو آھي.
(30) نور محمد مڪراني ڳوٺ امام بخش ٿهيم واري کان سائين حاجي محمدفقير ٻڪريون وٺڻ ويا ته ، فقير صاحب چيو ته، ابا ٻڪرين جو ملهه ڪريو! نور محمد مڪراني چيو ته چار روپيه ھڪ ٻڪري. ته فقير صاحب سوچي سوچي چيو ته ابا ھائو! توھان چيا آھن. چار روپيه، پر ٻڪريون توھان جون متاريون آھن، آئون توھان کي سوا چار روپيه ٿو ڏيان پوءِ فقير صاحب سوا چار روپيه جي حساب سان پيسا ڏيئي الهه بخش سان گڏ ٻڪريون ڪاھي آيو.
(31) حاجي الهه بخش چيو ته، آئون سائين حاجي محمد فقير وٽ ھاري ھئس ٻنيءَ جي ھڪ ٽڪري ۾ جهنگ تمام گهڻو ھو. پوءِ سائين مون کي چيو ته ابا الهه بخش زمين صفا ڪر . پوءِ مون وڏا لاھه ڪڍي جهنگ صفا ڪيو. پوءِ سائين مون کي چيو ته ابا ھاڻي مُلهه ڪر ته تنهنجي مزوري گهڻي ٿي. ته مون چيو ته، سائين آئون ھاري آھيان، مزوري نه وٺندس. سائين تمام گهڻو زور ڪيو پر مون جواب ڏنو پوءِ سائين ٻئي ڏينهن ٻنيءَ تي آيو ته مون کي سڏ ڪيائين. آيون وٽس ويس ته ھڪ پنج سيرو موريو نالي ٿانوء ھو جنهن ۾ سچو گيهه پيل ھو. سو مون کي ڏيندي چيائين ته تو ھيءَ محنت ڪئي آھي، سو ھيءَ گيهه وڃي کاءَ پوءِ مون اھو گيهه ورتو.
(32) ساجن ولد جعفر ملو کاڻي چيو ته سائين حاجي محمد فقير جا اسين ھاري ھئاسين اسان وؤنڻ به ڪاھيا ۽ ٻاجهري به ڪاھي. ٻاجهري مٿانهين زمين تي ڪاھيل ھئي ته وؤنڻ ھيٺاھين زمين تي ھئا، جي وؤنڻن کي پاڻي پياريون ته ٻاجهري کي پاڻي نه پيو پهچي ۽ ٽائم ختم ٿيو وڃي پوءِ سائين وڏي کي چيو سين ته ھاڻ ڇا ڪريون ٻاجهري ته سُڪيو ٿي وڃي! پوءِ سائين چيو ته سُڪندي. ڪا نه رب سائين کان دعا ٿا گهرون ته رب سائين پاڻ کي ڪوئلي تي ٻاجهري پچائي ڏيندو قدرت خدا جي بزرگ جي دعا سان ٻاجهري پاڻيءَ کانسواءِ پچي تيار ٿي. جنهن مهل ٻاجهري جاڪانا لئاسين ته ھرڪاني جي پاڙ ۾ ڪوئلو (اڱار) ڦاٽو پيو ھو.
(33) حاجي محمد سليمان سينھڙي چيو ته، اسان سائين حاجي محمد فقير وٽ پڙھندا ھئاسين سائين جن پاڻ به پڙھائيندا ھئا ۽ ٻيو ھن ڳوٺ جو ويٺل محمد ڪنڀار به پڙھائيندو ھو. جنهن کي ڇوڪرن جا مائٽ ھر مهيني ھڪ روپيو پگهار به ڏيندا ھئا. پوءِ وري نئين ڪوٽ جو ويٺل سعيد خان چانڊيو به پڙھائيندو ھو. ھتي مسافر ڇوڪرابه پڙھندا ھئا اسان شاگرد گڏ جي ھر خميس تي آسپاس جي ڳوٺن ۾ ويندا ھئاسين پوءِ ھر ماڻهو پنهنجي پهچ ۽ حال آھر ڪجهه نه ڪجهه ڏيندو ھو. ڪو ڪڻڪ ڏيندو ھو. ته ڪو ٻاجهر، ڪو شاگردن لاءِ ڪپڙو ڏيندو ھو. استاد سعيد خان به گڏ ھلندو ھو. ڪڏھن ھواڪيلو به ويندو ھو. استاد سعيد خان قداور ھوندو ھو. ھڪ ڀيرو ھو اڪيلو ويو ڪنهن ڳوٺ ۾، سو ڪنهن گهر جي ٻاهران بيهي سڏ ڪيائين گهوڙي تان ته ھيٺ لهه ! گهرن جي ڀر آھي، !! ته استاد سعيد خان چيو ته، امان آئون گهوڙي تي چڙھيل ڪونه آھيان،منهنجو قد ايترو ڊگهو آھي، اھو استاد جڏھن به ڳوٺان ايندو ھو ته اچڻ سان، سائين پيرو فقير جي قبرستان لاءِ گارو ٺاھي سڀني قبرن کي لنبيندو ھو. ھڪ ڀيرو ڳوٺ ويو ته واپسيءَ ۾ سندس پٽ محمد يوسف پاڻ سان گڏ وٺي آيو، ڇوڪرو ننڍڙو ھو. ھتي درگاھه تي پهتو ته کيس بخار ٿي پيو ۽ طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي پيس. پر قدرت خدا جي استاد سعيد خان وفات ڪري ويو ۽ ھو ڇوڪرو ٺيڪ ٿي ويو. استاد سعيد خان کي سيد مانجهي شاھه قبرستان ۾ دفنايو ويو، مانجهي شاھه جو قبرستان مسجد جي سامهون آھي، سيد مانجهي شاھه تمام پراڻو بزرگ ھو. ڇون ٿا ته جڏھن ھي ڍوري وارو درياء وھندو ھو ته پاڻ بزرگ ٻارھين مهيني ٻيڙي ۾ چڙھي ايندو ھو ساڻس گڏ ڪجهه خليفا به ھونداھئا، ھن قبرستان واري جاءِ تي اچي وھندو ھو. انهن ڏينهن ھتي وڏو ڪنڊي جو وڻ ھوندو ھو، رات رھي پوءِ اڳتي ھليو ويندو ھو، ھڪ ڀيرو آيو ته سندس طبيعت صحيح ڪا نه ھئي ۽ ھتي وفات ڪيائين ته کيس ھتيئي دفن ڪري ڇڏيائون ھاڻي ھتي ڪافي مسافر به دفن ٿيل آھن ٿر جا به ڪافي ماڻهو دفن ٿيل آھن، ننڍڙا ٻار به رکيل آھن.
(34) سائين حاجي محمد فقير سائين پيرو فقير جا سڳا پوٽا ھئا، پاڻ قرآن شريف پڙھيا ھئا يوسف فقير جي مدرسه ۾ اھو مدرسو نوبت مري جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ھو. ڳوٺ طاھر ھڱو رو به قريب آھي، ۽ سيد وھاب شاھه جو ڳوٺ به قريب آھي. انهي مدرسه ۾ نصرپور جو قاضي پڙھائيندو ھو، انهي وٽ سائين حاجي محمد فقير سان گڏ حاجي بچل سينھڙو ڪلر شاخ وارو، مولوي عرس ڏاھري سبڙ ڏاھري به پڙھندا ھئا، اتان کان قرآن شريف پڙھي پوءِ ھتي اچي پنهنجي ڏاڏا سائين پيرو فقير جي درگاھه تي اچي ويٺا ۽ ٻيو نمبر گادي نشين ٿيا. ڪافي ماڻهو سندن صحبت ۽ مجلس ۾ رھندا ۽ ايندا ھئا، ۽ فيض ورتائون سندن ڪرامتون به گهڻيون آھن. فقير حاجي فيض محمد راڄڙ بسيءَ وارن سان به تمام گهڻو پيار هوندو هئن، فقير حاجي فيض محمد راڄڙ به وٽن گهڻو ايندو ھو.
(35) استاد پير شمس الدين قريشي شهداد پور واري ڳالهه ڪئي ته مون کي منهنجو چاچو پير حبيب الله وٺي آيو سائين حاجي محمد فقير وٽ قرآن شريف پڙھڻ لاءِ فقير صاحب ويٺا ھئا، خبر چارو ورتائون چاچا چيو ته سائين ھي ڇوڪرو منهنجو ڀائٽيو آھي، توھان وٽ وٺي آيو آھيان، ته ھن کي قرآن شريف پڙھايو ته فقير چيو ته ابا! آئون ڪونه پڙھائيندس ھن پير کي ته چاچا چيو ته ڇو سائين؟ فقير صاحب وراڻيو ته ابا! توھان آھيو قريشي ته اسان جا مرشد به آھن قريشي. متان ڪو اسان کان لفظ نڪري وڃي بي ادب ٿي وڃئون! اتي مون چيوته سائين مون کي پنهنجو ٻچو سمجهي ڪري پڙھايو، اھو ٻڌي فقير صاحب چيو ته ابا توکي پڙھايون ٿا. پوءِ آئون پڙھندو پيو ھئس شاگرد به ڪافي ھئا. سائين حاجي محمد فقير وضو لاءِ اٿندا ھئا ته آئون ڊوڙي ڪؤنرو ڀري ڏيندو ھئس ته مون کان ڪو نه وٺندا ھئا چوندا ھئا ته پير صاحب توھان تڪليف نه ڪريو، کوڙ شاگرد ويٺا آھن، مون کان ڪؤنرو نه وٺندا ھئا جي ٻاھران ڪٿان ايندا ھئا ته گهوڙي تان اڃا لهن ئي مس ته آئون ڊوڙي وڃي واڳ وٺندو ھئس، پر مون کي گهوڙي جي واڳ نه ڏيندا ھئا پوءِ ٻيا ڇوڪرا واڳ وٺندا ھئا مطلب ته اسان کي تمام گهڻو ڀائيندا ۽ عزت ڏيندا ھئا.
(36) ھيءَ ڳالهه به استاد پير شمس الدين ٻڌائي ته سردي جي موسم ۾ اسان باھه جي مچ تي ويٺا ھئا سون سائين وڏو حاجي محمد فقير به ويٺو ھو. ته اوچتو مٿان سائين عبدالله فقير به آيو. جيڪو حاجي محمد فقير جو ڀائٽيو به ھو ته نياڻو به ھو . تنهن ايندي شرط اچي مون کان اجرڪ گهري ته جيئن تڏو ڇنڊي ان تي ويهي ڇو ته تڏي تي مٽي پيل ھئي مون چيو ته آئون اجرڪ نه ڏيندس منهنجي اجرڪ خراب ٿيندي تڏھن سائين حاجي محمد فقير چيو ته پير صاحب تون اجرڪ ڏي عبدالله کي جي خراب ٿي پوندي ته توکي آئون نئين وٺي ڏيندس پوءِ مون عبدالله فقير کي اجرڪ ڏني جنهن اجرڪ سان تڏو ڇنڊي ويٺو پوءِ مون کي اجرڪ واپس ڏنائين ته مون چيو ته منهنجي اجرڪ ته خراب ٿي وئي! پوءِ حاجي محمد فقير چيو ته، ابا ھاڻ آئون ٻن ٽن ڏينهن ۾ شهر ويندس پوءِ تولاءِ اجرڪ وٺيو ايندس سائين شهر ويو اجرڪ وٺي اچي مون کي ڏنائين مون اجرڪ ڏسي چيو ته ھيءَ اجرڪ سٺي ناھي منهنجي اجرڪ ته ٻه پڙي ھئي سو مون ورائي سائين حاجي محمد فقير کي ڏني سائين ناراض نه ٿيو ۽ مرڪي چيائين ابا آئون شهر وري ويندس تولاءِ ٻه پڙي اجرڪ وٺي ايندس مون جيڪا اجرڪ موٽائي ڏني سا ڪنهن ڇوڪر کي ڏيئي ڇڏيائون نيٺ سائين حاجي محمد شهر ويو ۽ اجرڪ وٺي آڻي مون کي ڏنائين مون تي پاڻ ايترو مهربان ھو.
(37) چون ٿا ته سائين حاجي محمد فقير جي وقت ۾ ڪافي مسافر مسڪين غريب بيمار ھتي رھندا ھئا، جن کي کاڌو پيتو دوا درمل گندي ڪپڙو به سائين پاڻ وٺي ڏيندو ھو. محمد نالي سومرو حڪيم ھوندو ھو تمام سٺو حڪيم ھو. عام طرح سڄي ڳوٺ وارا اوسي پاسي وارا کيس ڏاڏو قاضي ڪري چوندا هئس. اولاد ڪونه هئس، ننگر پاڻي ھن درگاھه تان کڻي وڃي گهر کائيندو ھو. جيڪڏھن ڪو مسافر وغيره بيمار ٿي پوندو ھوته، سائين حاجي محمد ڏاڏا قاضي کي گهرائي علاج ڪرائيندو ھو.
(38) استاد سائين فقير منٺار چيو ته ھڪ ڀيري آيس ھتي درگاھه تي حاجي محمد فقير به حال حيات ھو. انهي وقت مون اچي ڏٺو ته، ھڪ ھمراھه ٿلهي تي رکيل کٽ تي ستو پيو آھي، سندس پيٽ وڏو ھو ۽ تڪليف تمام گهڻي ھيس. ته فقير حاجي محمد چيو ڪنهن ماڻهو ءَ کي ته قاضي کي وٺي اچو ته ھن مسافر جو علاج ڪرايون قاضيءَ اچي ڏٺو ۽ فقير حاجي محمد کي چيائين ته سائين! ھن جو علاج آھي، پر ھن جو ڪو مائٽ وغيره ڪو نه آھي، ھن کي دوا ڏيندا سين پيٽ ھلائڻ جي ھن جا ڪپڙا وغيره خراب ٿيندا ٽه صفائي ڪير ڪندو؟ دوا ڏيڻ تي پيٽ تمام گهڻو ھلندو ! استاد منٺار چيو ته مون ڏٺو ته ھن مسافر جون اکيون پوريل ھيون جنهن مهل قاضيءَ چيوته ھن جي صفائي ڪير ڪندو ته ھن پوريل اکيون پٽيون قاضيءَ ۾ نهاري اکيون بند ڪيائين ته روح پرواز ٿي ويس استاد منٺار فقير چيو ته قاضيءَ هن جو ڪير ڪونه آهي ته ربّ سائين هن کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ڇو ته ھو پنهنجن سان پاڻ ڀلائي ڪري ٿو. نيٺ ان کي غسل، ڪفن ڏيئي جنازي نماز پڙھائي مانجهي شاھه جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون.
(39) پانڌي فقير دلوروارو ڏيٿو به ھتي حاضري ڀريندو ھو. ڳوٺ جڏھن به ويندو ھو ته ڳوٺ پهچڻ مهل اکين کان نابين جيترا ڏينهن به ڳوٺ ھوندو ھو ته نابين پر جڏھن درگاھه پيرو فقير تي ايندو ھو ته اکين کان پيو ڏسندو ھو. پوءِ اھو چوندو پيو ھو ته پيرو فقير مطلب وارو آھي، ڳوٺ وڃان ته اکين کان نابين ۽ جي ھتي اچان ته سوئي ۾ سڳو پيو وجهان.
(40) ھڪ نوجوان گل محمد بروھي خضدار بلوچستان جو به اچي ھتي رھيو ساري ڄمار ڪو نه ٻڌايا ئين ته ڪهڙي تڪليف کان ابا ڻو وطن ڇڏيو اٿس مال جو واپار ڪندو ھو. سائين حاجي محمد فقير سان گڏ حج به ڪري آيو. هتي تمام سٺو وقت ڪڍيائين درگاھه جي فقيرن لاءِ پاڻ روز ڀاڄي وٺي ايندو هو. ننڍن ٻارن کي خرچي به ڏيندو هو، جمعي ڏينهن عطر وٺي مسجد ۽ درگاھه ۾ ڇٽيندو ھو. خريد ڪيل مال مان اصل رقم کان وڌيڪ نغعو ٿيندو ھئس ته نغعي جا ڪجهه پيسا آڻي اصل ڌڻي کي ڏيندو ھو، ۽ ڀاڳئي کي چوندو ھو، ته مون توھان جي مال مان ڪمايو آھي، سو ڪجهه توھان به وٺو ، اھو گل محمد بروھي به ھتي وفات ڪري ويو.
(41) محمد ابراھيم بروھي بو بڪن وارو فقط رمضان شريف ۾ ھتي اچي رھندو ھو. ھو چوندو ھو ته اسان جي پاسي گرمي گهڻي آھي، تنهنڪري ھتي اچي ٿوروزار کان سندس پيٽ وڏو ھوندو ھو، ترا ويهون پڙھڻ کان اڳ پهرين سمهي پيٽ کي برف ھڻندو ھو. ۽ پوءِ اچي صف ۾ بيهندو ھو. چوندو ھو ته پيٽ ۾ باھه آھي، پر نماز ۽ روزونه ڇڏيائين شام جو افطارجي وقت ڪم ڪار به تمام گهڻو ڪندو ھو . عيد نماز پڙھي پوءِ ھليو ويندو ھو. ھڪ ڀيري عيد کان پوءِ ھڪ سال آيو. ٻه چار راتيون ترسيو ته رات جو خبر ناھي ڪيڏي مهل وفات ڪري ويو، ان کي مانجهي شاھه قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
(42) محمد موسيٰ لاکو ڳوٺ حاجي احمد لاکو دلورواري ڳالهه ڪئي ته مون کي ولي محمد ڪلوئي عرف باڇا ويٺل ڪراچي ھوٽل لڳ دلور موري واري ٻڌايو چيائين ته آئون ٽنڊو آدم ويس واپسيءَ ۾ اچي بک تپايو دل ۾ سوچيم ته شهر مان ماني کائي پوءِ ٿو ڳوٺ وڃان پروري خيال آيم ته فقير حاجي محمد جي تمام گهڻي ڳالهه ٿا ڪن ته جيڪي به دل ۾ سو چي وڃو ته فلاڻي ڀاڄي ملي ته اھا ڀاڄي ماني ملندي سو ڇو نه فقير حاجي محمد جي مڪان تي وڃي مڇي ماني کائي اچان . سو اھا ڳالهه سوچي پيرو فقير جي درگاھه تي آيس ته فقير حاجي محمد ويٺو ھو. ٻيا ماڻهو به ڏھه ٻارھن ويٺا ھئا پوءِ ماني آئي ته فقير صاحب چيو ته، ابا اچو ماني کائو. ولي محمد چيو ته آئون ماني کائڻ لاءِ اٿيس ته فقير صاحب چيو ته تون ويهه تو لاءِ ماني اچي ٿي آئون ويهي رھيس سڀئي ماڻهو ماني کائي ھليا ويا، بعد ۾ ھڪ ڇوڪرو فقير صاحب جي ۽ منهنجي ماني کڻي آيو. فقير صاحب به مون سان گڏ ويٺو. مڇي جي ڀاڄي ھئي آئون ته حيران ٿي ويس دل ۾ چيم ته واقعي بزرگ آھن.
(43) حاجي احمد لاکو پاڻ ھتي سائين حاجي محمد جي خدمت به ڪندو ھو.سندس نالي سان ڳوٺ به آھي، درگاھه تي، ڏھاڙي ۾ به تمام ڪم ڪار ۾ سڀني کان اڳرو ، مسڪين ماڻهو ھو پر تمام گهڻي سڪ محبت سان رھيو. ڏھاڙي تي ماڻهو تڏھن گهوڙن اٺن تي ڍڳي گاڏين تي چڙھي ايندا ھئا. ڍڳن لاءِ گاھه گهوڙن لاءِ گاھه ۽ داڻو ۽ اٺن لاءِ به حاجي احمد لاکو ڪندو ھو. جانورن جي ٻڌڻ لاءِ ڪلا به حاجي احمد لاکو ٺاھي وڏا ڍڳ ڪري رکندو ھو.
(44) حاجي واحد ڏني ڳالهه ڪئي ته سائين حاجي محمد فقير ٺيڪ ڪو نه ھو تنهن کي ڏسڻ لاءِ آياسون اسان کان اڳ ۾ به ڪافي ماڻهو ويٺا ھئا، سائين ٻاھر نڪرڻ جهڙو ڪو نه ھو سو اسان کي گهر وٺي ويا سائين حاجي محمد کي ڏاڍي تڪيلف ھئي سڀني کي خوش خير عافيت چيائون. جنهن مهل حاجي احمد لاکي ڏي نهاريائون ته سندس پٽ شفيع محمد کي چيائون ته ابا شفيع محمد! احمد لالي کي ڏھه روپيا ڏي ته حاجي شفيع محمد ڏھه روپيه حاجي احمد کي ڏنا ته حاجي احمد چيو ته سائين توھان ڏي منهنجا پيسا رھيل ڪو نه آھن، نه مون ڏنا نه ورتا پر فقير صاحب چيو ته ابا احمد وٺ! حاجي احمد وري به چيو ته سائين توهان ڏي منهنجا پيسا ڪونه آهن. پوءِ فقير صاحب چيو ته ابا اسان ڏي تنهنجا پيسا واقعي ڪو نه آھن، پر توکي اسان دعا جا ٿا ڏيون جنهن وقت کان وٺي منهنجي کيسي ۾ ڏھه روپيا اچي پيا انهي ڏينهن کان منهنجي غريبت ختم ٿي وئي ۽ ملڪيت وري وئي ڏيڊ سئو ايڪڙ زمين ٿي رب سائين اسان کي خوشحالي ڏني حاجي احمدکي ھڪ پٽ حاجي محمد نالي آھي، ٻيا حاجي جا ٻه ڀائين محمد موسيٰ ۽ محمد حسين وقت سٺا نمونا پيا پاس ڪن اڃا تائين درگاھه تي سندن اچڻ وڃڻ آهي. حاجي محمد به ايندو آهي. محمد موسيٰ ڳالهه ڪندو آھي، ته جيڪي دعا جا پيسا چاچا کي سائين حاجي محمد ڏنا ھئا، سي ٽجوڙي م چاچا ٻين پسن سان گڏ رکندا آيا، انهن ڏھن رُوپين کي نه کپائيندا ھئا.
(45) حاجي ھوت جوڻيجو ڳالهه ڪئي ته مون سان ميرمحمد پٺاڻ ڳالهه ڪئي جيڪو مون وٽ ايندوھو.. چيائين ته اسان ڏھه ٻارھن پٺاڻ رات جو وياسين حاجي محمد فقير وٽ بک به ڏاڍي لڳي ھئي فقير صاحب مليو ۽ پاڻ گهر وڃي چانور رڌائي کڻي آيو، پر چانورن واري ديگڙي ننڍڙي ھئي ته مون ڏسي دل ۾ چيو ته مار هاڻي ته مري وياسين ڍئو ته ٿيندو ڪو نه مون کي فقير چيوته ماني آئون ٿو ڪڍان تون ھمراھن کي ڏيندو وڃ دل ۾ چيم ته ھي پٺاڻ سڄي ديڳڙي کائي چٽ ڪندا مون لاءِ ته ماني ڪا نه بچندي نيٺ سڀني کائي ڍئو ڪيو بعد ۾ مون کي فقير صاحب ڏيندو ويو آئون به کائيندو ويس تان جو پيٽ ڀري فل ٿي ويس مون کي چيائون ته اڃا به کائين ٿو؟ ته مون چيو ته سائين ۽ ڍئو ٿي ويو آھي، پوءِ چيائون ته ابا ھاڻي ماني نم جي وڻ ۾ ٻڌل ڇڪي ۾ رکي ڇڏ صبح جو وڃڻ وقت ھن ماني مان کائي پوءِ پيا وڃجؤ دل ۾ چيم ته ماني آھي، ڪيتري جو فقير صاحب چوي ٿو ته انهي مان کائي پوءِ وڃجؤ رات ٿي سڀ ستاسين. رات جو دير سان مون کي سُجاڳي ٿي سوچيم ته ڏسان ته ماني ڪيتري آهي، ديڳڙي لاھي ڏٺم ته چانورن سان اڌ ٿيل ھئي، پوءِ مون اوڏي مهل وري به کاڌو ڍئو ڪري کاڌم پوءِ وري صبح جو کائي روانا ٿياسون، پر اڃا به ڪجهه ماني پئي ھئي.
(46) حاجي محمد يوسف شورو ڳالهه ڪئي ته اسان ننڍڙا ھئاسين ھتي سائين حاجي محمد وٽ پڙھندا ھئاسين پاڙي وارا ماني موڪليندا ھئا، ھڪ عورت نالي راڄي ذات واڍي اڌ چري ھئي، سا به ماني موڪليندي ھئي پران جي ماني ڪڏھن ڪچي اڌپڪي ته ڪڏھن وري صفا سڙيل. شاگرد راڄي واڍيءَ واري ماني نه کائيندا ھئا، راڄي واري ماني پئي ھوندي ھئي ھڪ ڀيري سائين حاجي محمد فقير ، راڄي جي ماني پاڻ کاڌي ھڪ گرھه کائي چيائون ته راڄي واري ماني ۾ ڪيڏي نه لذت آھي، ته سڀني شاگردن چيو ته سائين! اسان کي ڏيو. پوءِ سڀني کي ڀور ڀور ماني جو ڏنائون اھڙي طرح روزانه راڄي واري ماني جو ڀور ڀور سائين سڀني شاگردن کي ڏيندو ھو.سائين حاجي محمد شاگردن سان گڏ ماني کائيندا ھئا. چريا مست به ايندا ھئا. جن کي وات مان گگون پيون وھنديون ھيون پر انهن سان گڏ کير لسي ۽ پاڻي جا ڊڪ ڀري پيئندا ھئا، جريا ٻين سان وڙھندا ھئا، پر سائين حاجي محمد جي اڳيان ڪنڌ جهڪايو ويٺا ھوندا ھئا، نم جي وڻ سان ٻڌا پيا ھوندا ھئا، سائين ڏي پيا نهاريندا ھئا، ته ڪيڏي مهل ٿو ماني کارائي. انهن کي سائين پنهنجي ھٿن سان ماني کارائيندا ھئا.
(47) حاجي محمد يوسف شوري ھي ڳالهه به ٻڌائي ته، سائين حاجي محمد فقير حج تي ويو ته ساڻن ٻيا به رفيق گڏ ھئا، ماني جي ٽائم تي روزانو سڀني رفيقن کان پڇندا ھئا. ته ابا ! اڄ ماني ڇا سان کائون ؟ ڪنهن مهل ڪهڙي ڀاڄي ته ، ڪيڏي مهل ڪهڙي ڀاڄي وٺندا ھئا. ھڪ ڀيري سڀني چيو ته ، سائين ! اڄ ڌئونري سان ماني کائون ٿا. ھڪ رفيق چيو ته ، سائين !
ڌؤنرو ھتي جو کٽو آھي، پنهنجي ملڪ جو ڌئونرو ڀلو آھي، ته سائين حاجي محمد فقير جلدي انهيءَ رفيق جي وات تي ھٿ رکي چيو ته، تو ته ھڙ وڃائي ڇڏي! رات ٿي سڀ سمھي پيا. اڌرات جو سائين حاجي محمد فقير سڀني رفيقن کي اٿاريو ۽ انهي رفيق کي به اٿاريو جنهن چيو ته، ”پنهنجي ملڪ جو ڌئونرو ڀلو آھي“ سائين حاجي محمد فقير چيو ته ابا 1 ھاڻ ٻنهي جهانن جي سردار رسول الله ﷺ زيارت ڪرائي . مون کي فرمايا ئون ته، توکي منهنجو ڌؤنرو پسند ناھي ته پوءَ ھتي ڇا لاءَ آيا آھيو؟ وڃو پنهنجي ملڪ! پوءِ سائين حاجي سڀني کي روضي پاڪ وٽ وٺي آيا ۽ ڪافي دير تائين صلواتون درود پڙھندا رھيا. پوءِ دير دير سان چيائون ته ھاڻي معافي ملي آھي، پوءِ واپس جاءِ تي آيا .
(48) حاجي لعل بخش ڪلوئي ڳوٺ جان محمد ڪلوئي وارو ڳالهه ڪندو ھو ته، سائين حاجي محمد فقير چوندا ھئا ته سٺي ماڻهو سان صحبت ھوندي ته ، سٺو صالح ٿيندو ۽ جي خراب ماڻهو سان گڏ ھليو ته، خراب ٿيندو . ۽ چيائون گهاڻي واري وٽ ماڻهو ويندو. جي ان کان وٺي به ڪجهه نه، رڳو وڃي خالي ھٿ ڏيندو انهي گهاڻي واري کي ته، سندس ھٿ سڻڀو ٿي پوندو.
(49) استاد منٺار فقيرڳالهه ڪندوھوته، فقير حاجي محمد مدرسه گهڻو ايندو ھو. پاڻ گهوڙي تي ايندا ھئا جيستائين ورياھه ويٺل ھئا، ته گهوڙي لاءِ گاھه ۽ داڻو ڪونه آڻيندا ھئا. پر جڏھن ورياھه ثنڊو آدم ويا ھليا ته پوءِ گهوڙي تي گاھه به کڻي ايندا ھئا. ته داڻو به پوءِ مون چيو ته سائين توهان گهوڙي لاءِ گاهه به کڻيو ٿا اچو ته، داڻو به. چيائون ته ابا! جيستائين ورياھه ويٺل ھئا. ته سندن نوڪر چاڪر منهنجي گهوڙي لاءِ گاھه ۽ داڻو کڻي ايندا ھئا. پر ھاڻي ورياھه لڏي ويا سوھاڻي تنهنجي شاگردن کي تڪليف ڇو ڏيان. ڇوڪرا ويچارا پڙھن يا آئون کين جهنگ ۾ پيو رلايان؟ ھاڻي حياتي جيتري ھوندي ايستائين گهوڙي تي پيو اچبو گاھه ۽ داڻو کنيو پيو اچبو ، رات رھي ڪچهري ڪري پوءِ پيو وڃبو.
(50) حاجي عبدالرحمان ٻجورو ڳوٺ حاجي عرس ٻجوري وارو ڳالهه ڪندو ھو ته اسان سائين مفتي فقير منٺار وٽ پڙھندا ھئا سين. اتي مدرسه ۾ فقير سائين حاجي محمد گهڻو ايندا ھئا. ورياھه ويٺل ھئا. ته سائين حاجي محمد جي گهوڙي لاءِ سومار ماڇي ورياھن جي زمين مان گاھه ڪري ايندو ھو. جڏھن فقير حاجي محمد ايندا ھئا. ته، اسان کي استاد سائين منٺار چوندو هو ته ابا وڃو فقير حاجي محمد کي زور ڏيو. اسان جڏھن فقيرصاحب وٽ ويندا ھئاسين ته، فقير صاحب چوندا ھئا ته ابا ڇالاءِ آيا آھيو؟ ته اسان چوندا ھئاسين ته سائين! اسان کي استاد سائين منٺار موڪليو آهي ته توهان کي زور ڏيون پوءِ فقير صاحب چوندا هئا ته ڀڄو! مون کي زورن جي ضرورت ناھي توھان قرآن شريف پڙھڻ وارا، آئون توھان کان ڪئين زور ڏياريان؟! ڀڄو!! پوءِ جڏھن واپس ويندا ھئاسين استاد وٽ ته استاد سائين پڇندو ھو ته ابا! ڇو وري آيا آھيو؟! ته اسان چوندا ھئاسين ته سائين! فقير صاحب زورنه ٿو. ڏياري چوي ٿو ته توھان قرآن شريف پڙھڻ وارا آھيو آئون زورنه ڏياريندس. پوءِ استاد چوندو ھو ته، ابا! اسان ميار لاٿي .
(51) گلڻ ابڙو ڳوٺ حاجي سکيو ابڙو واري ڳالهه ڪئي ته، مون کي حاجي الهه بخش خاصخيلي چيوته، آئون حاجي محمد فقيروٽ آيس چيم ته سائين دعاڪريو ته ان داڻي ۾ برڪت پوي ڏاڍي بي برڪتي ٿي وئي آھي، پوءِ سائين حاجي محمد فقير چيو ته، ابا وڃ ڪڻڪ جو مڻکڻي اچ. آئون ڪڻڪ جو مڻ کڻي آيس پاڻ ٿوري لپ ڪڻڪ جي کڻي انهي تي ڪجهه پڙھڻ ويٺا پوءِ مون کي چيائون ته ابا ھاڻي تون ھيءَ ان کڻي وڃي گُنديء ۾ وجهه گندي جو ڍڪ نه لا ھجؤ باقي جڏھن نئون ان لٿو، ته چيوسين هاڻي گندي کولي ڏسون ته ان باقي ڪيترو بچيو آهي ۽ گندي به صفا ڪريون. اسان گندي جو ڍڪ لاھي ڏسون ته، ان اوتري جو اوترو پيو ھو.!
(52) حاجي الهه بخش خاصخيلي ڳالهه ڪندو ھو ته، اسان سائين حاجي محمد سان گڏ حج تي وياھئا سون جڏھن رسول الله جي روضيتي ويندا ھئا. سون ھڪ پوليس وارو سائين حاجي محمد کي سڏي نبي سائين جي ڄاري وٽ ويهاريندو هو، پوءِ سائين حاجي محمد اتي ويٺو پڙهندو هو. پوءِ پنهنجي مرضي سان اٿندو هو. اتي پوليس وارا به سائين حاجي محمد جي تمام گهڻي عزت ڪندا ھئا.
(53) امام بخش خاصخيلي ڳالهه ڪندو ھو ته، اسان سائين حاجي محمد فقير وٽ پڙھندا ھئاسين. ھتي ٿري به رھندا ھئا. سائين جن کين تمام گهڻو ڀائيندا ھئا. ھڪ ٿري ھتي ٻهاري ڏيندو ھو. ھڪ ڀيري سڄي مڪان جي ٻهاري ڏيئي سڀ ڪچرو ڪڍي اڇلائي ڇڏيائين پر ھڪ ڪچري جي ڍڳي رھجي وئي ته سائين حاجي محمد چيس ته ابا ھڪ ڍڳري ڪا نه اڇلائي اٿئي ؟ ته سائين حاجي محمد فقير کي ورا ڻيا ئين ته تنهنجي پي جو نوڪر آھيان ڇا؟ منهنجي مرضي! ته اتي سائين حاجي محمد فقير جو پٽ حاجي شفيع محمد به بيٺو ھو. تنهن چيس ته ڀڙ وا توکي حياءِ ڪونهي! بابا سائين کي ڇا پيو چوين ؟ ته سائين حاجي محمد فقير چيو ته ابا شفيع محمد ھنن ويچارن کي نه چئو . اسان ڏٺو ته، سائين حاجي محمد وات ۾ ٽوال وجهي مرڪندو رھيو.
(54) امام بخش خاصخيلي هي ڳالهه به ڪئي ته، سائين حاجي محمد جي مينهن کولائي وڃي حاجي محمد مراد شوري جي پو ک ۾ پئي چري کائي دير سان آئي سائين حاجي محمد ڌراڙ کان پڇيو ته، ابا ھيءَ مينهن ڪيڏ انهن ، وئي ھئي، ڌراڙ چيوته سائين حاجي محمد مراد جي پوک ۾ وئي ھئي. پوءِ سائين حاجي محمد چيو ته، ابا ! ھاڻ کير اسان جي مينهن جو اسان جي گهر نه موڪلجان ءِ پرايو گاھه کائي آئي آھي، اھو کير پاسي تي وڌائي (تقسيم ڪري ) اچو پوءِ مينهن ڏھي کير وڌائڻ لاءِ ھمراھه ٻاھر پئي ويو ته، انهي مهل وڏيرو حاجي محمد مراد آيو پئي، تنهن چيوته، ابا کير ڪيڏ انهن کنيو پيو وڃين ؟ چيائين ته، رات مينهن توھان جي پوک ۾ وڃي پئي ھئي، سوسائين حاجي محمد چوي ٿو ته ، پرائي پوک کائي آئي آھي. سو اسان کي کير نه کپي !! وڏيري حاجي محمد مراد شوري چيو ته ابا! تون کير نه ھار ، مون سان گڏ ھلي آ پوءِ حاجي محمد مراد شورو سائين حاجي محمد وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته سائين توھان کير ٻاهر پيا وڌايو؟ چيائون ته ابا! پرائي پوک کائي آئي آهي. اسان کي ان جو کير کائڻ نا جائز آھي، ته وڏيري حاجي محمد مراد چيو ته سائين توھان مون کي پرايو سمجهو آھي، ڇا ؟ سائين حاجي محمد چيو ته نه توھان پنهنجا آھيو! پوءِ حاجي محمد مراد چيو ته، ھاڻ کير گهرڏي موڪل، ته پوءِ کير گهر موڪليائون .
(55) نبي بخش ڪلوئي ڳوٺ جان محمد ڪلوئي واري چيو ته، اسان جي ڀاءُ جا ھٿ سڪي پيا ھئا. سو سائين حاجي محمد وٽ کڻي آياسين فقير چيوته، درگاھه ۾ ڇڏيو ھن ڇوڪر کي پوءِ سائين حاجي محمد فقير ان تي ڦيڻا رکيا ته بلڪل چڱو ڀلو ٿي ويو ڪا به تڪليف ڪا نه ھئس.
(56) سيد ارشاد علي شاھه ڳوٺ وھاب شاھه واري چيو ته اسان جو ڀاءُ رفيق احمد شاھه ڄائو وڏڙو ٿيو پر پنڌ نه پيو ھلي سگهي ، رڳو ريڙھيون پيو ڏئي بابا حاجي خير محمد شاھه، فقير حاجي محمد وٽ آيو ۽ چيائين ته سائين منهنجو پٽ پنڌ نه پيو ھلي سگهي. تعويذ لکي ڏيو ته پنڌ ھلي پوءِ فقير صاحب پينسل سان تعويذ ننڍڙي ڪاغذ تي لکڻ لڳا ته، بابا چيو ته، سائين ڪاغذ ته ڪو وڏو کڻو. فقير صاحب چيو ته سائين سيد صاحب ! ھي تعويذ ننڍڙي کي ٻڌو، خدا ڪندو ته، ٽن ڏينهن کانپوءِ پنڌ ھلندو. ۽ اوڙي ڀاڙي ۾ ڪنهن جو به ٻار پنڌ نه ڪري، نه هلي ته اهو تعويذ انهي کي ٻڌندؤ ته پنڌ ڪندو (انشاء الله) پوءِ پاڙي ۾ ڪنهن جو ٻار پنڌ نه ھلندو ھو ته اسان کان فقير صاحب وارو اھو تعويذ کڻي ويندا ھئا. ته اھو ٻار به پنڌ ھلڻ شروع ڪندو ھو. نيٺ اھو تعويذ ھتان ھتان ٿيندو وڃائجي ويو.
(57) حاجي الهه بخش خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته ڳوٺ پيرل ماڪوڙاڻي مان چوري ٿي وئي ته ورھاڙي وارن خبر ناهي ڪٿي پير وڃايا. ورھاڙي وارن چيوته، ھلو ته فقير حاجي محمد وٽ ننگر پاڻي ڪريون سوتمام گهڻا ماڻهو ھتي آيا پوءِ سائين حاجي محمد ھڪ ننڍڙو ڇيلو ڪٺو ۽ ھڪ ديگ چانورن جي تيار ڪرائي ماڻهو ته بنھه گهڻا ھئا. ٻه ڄڻا ماڪوڙائي ھيتراسارا گهڻا ماڻهو ڏسي پاڻ ۾ چوڻ لڳاته، ھيترن سارن بک جي ماريل ماڻهن لاءِ ڀت جي ھڪ ديگ ته پوري ڪو نه ٿيندي ماڻهو وڙھي بڇڙا ٿيندا . ۽ اھي ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي ٺو نٺيون ھڻي کلي چئي رھيا هئا ته، ڏسون ته ھاڻي فقير صاحب ڪيترن کي ماني کارائي ٿو پهچي! جڏھن ديگ تيار ٿي ته، سائين حاجي محمد ديگ جي مٿان ٽوال يا چادر وجهي ڍڪي ڇڏي ۽ پاڻ ويهي ديگ مان ماني ڪڍندو ڏيندو ويو ۽ ماڻهو کڻندا کائيندا ويا بعد ۾ جڏھن سڀئي ماڻهو ڍئوڪري اٿي ويا ته ، سائين چيوته، ڪوبه ماڻهو رهيل هجي ته اچي ماني کائي، پر سڀني وڏي آواز چيو ته، سائين سڀني ماني کائي ڍئو ڪيو آھي، ۽ ڪو نه باقي ڪو به رھيو آھي، پوءِ فقير صاحب چيوته، ابا پاٽ کڻي اچوته، گهرڏانهن ماني موڪليون ان وقت ھنن ٻن ڄڻن جن چيو ھو ته، ماڻهو گهڻا آھن. ماني ٿوري آھي، ۽ فقير ماڻهو ٿو ويڙھائي، تن ڇا ڪيو جو اچي ديگ جي مٿان ڍڪيل ڪپڙو کڻي ديگ ۾ ڏٺائون ته ديگ ڀت جي اڌ ٿي، پئي آھي، اھا برڪت ڏسي اھي ٻئي ڄڻا فقير جي پيرن تي ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا ته سائين حاجي محمد فقير واقعي الله وارو درويش آھي.
(58) ساجن ٻٻر ڳالهه ڪئي ته، اسان جي ڳوٺ مان چوري ٿي وئي چورن جا پير ڳوٺ شهبيگ مري ۾ وڃائجي ويا. پوءِ سڀني ماڻهن چيوته ڏاڍي بک لڳي آھي، ھاڻي ماني ڪٿي کائون ؟ ساجن چيو ته ھلو ته ھلي سائين حاجي محمد فقير وٽ ماني کائون . سڀني چيو ته ھلو. انهي وقت اسان سان گڏ ڪرڙ ٻٻر ۽ يوسف پنجابي ھو، سو ڪرڙ ٻٻر چيو ته حاجي محمد فقير وٽ ھلي ڪهڙو گوشت کائبو، اتي ملندي لسي ماني. مون چيو ته ابا ھلو پوءِ جيڪي نصيب ھوندوسو کائبو . اسان حاجي محمد فقيروٽ پهتاسون پاڻ خبر چارو رتائين پوءِ پاڻ ويا ماني کڻي آيا ساجن چيو ته مون کي چيائون ته ابا ساجن! ھمراھن کي هٿ ڌوئاراءِ سڀني ھمراھن ھٿ ڌو تاپر ڪرڙ جنهن چيو ته حاجي محمد وٽ ھوندي لسي ماني تنهن لاءِ چيائون ته ويهه انهي لاءِ ماني اچي ٿي. سڀني ماڻهن ماني کائي ورتي ته، فقير حاجي محمد، ماني ۽ گوشت جو ٻوڙ کڻي اچي ڪرڙ ٻٻر کي ڏنائون. اھو ڏسي ڪرڙ ٻٻر چيو ته جهڙو حاجي محمد فقير ٻڌم تھڙو ڏٺم واقعي فقير حاجي محمد بزرگ آھي.
(59) استاد پير شمس الدين قريشي شهد ادپور واري ڳالهه ڪئي ته، اسان سائين حاجي محمد فقير وٽ قرآن شريف پڙھندا ھئا سين. سائين حاجي محمد فقير عالم گهرائيندا ھئا ھتي وعظ تقرير ڪرائيندا ھئا. ھڪ مولوي پنجاب جو به ھتي ايندو ھو. سو تقر ير تمام سٺي ڪندو ھو. ھڪ ڀيري انهي مولوي صاحب اسان سان ڳالهه ڪئي ته، مون کي ڪجهه پيسن جي ضرورت ٿي پئي سو سائين حاجي محمد فقير وٽ آيس فقير صاحب خبرون چارون ورتيون ۽ چيائون ته مولوي صاحب ڪهڙي ڪم نڪتا آھيو ؟ مون وراڻيو ته سائين فقط توھان سان ملڻ لاءِ آيو آھيان ٻيو ڪو به ڪم ڪار ڪو نهي آئون دل جهلي نه سگهيس جو فقير صاحب کان پيسا گهران . رات رھيس ته صبح جو فقير صاحب کان وڃڻ جي اجازت گهريم فقير صاحب چيو ته سائين ٿورو ويهو توھان جو سفر ڊگهو آھي، نيرن ڪريو پاڻ نيرن کڻي آيا ته مون نيرن ڪئي ۽ ٻي ماني ڪپڙي ۾ ٻڌي ڏيندي چيائون ته ابا ھيءَ ماني رستي ۾ کا ئجو جتي به بک لڳي آئون ته فقير صاحب کان موڪلائي روانو ٿيس ۽ ٽنڊو آدم مان ريل ۾ چڙھيس ٽرين ۾ ويهي سو چيان پيو ته فقير صاحب وٽ جنهن ڪم لاءِ ويس سو ته نه ٿيو مون پاڻ سان پاڻ ڪئي فقير صاحب پڇو به ھو پر مون چيو ته فقط توھان سان ملڻ آيو آھيان ھاڻي ڇاٿيندو ! پوئتي گهر ۾ ته ڪاشئي ڪونهي ، ٻچڙن جو ڪهڙو حال ھوندو !! سو چيندو رهيس ٽرين اچي روھڙي اسٽيشن تي بيٺي ڏٺم ته ٽرين وارا سڀئي مسافر ماني کائي رھيا آھن، مون به فقير صاحب واري ڏنل ماني ڪپڙي مان ڪڍي ته، رب سائين جي قدرت! ماني سان گڏ پيسا به پيا آھن، ڳڻيم کڻي ته جيتري مون کي ضرورت ھئي رقم به اوتري پئي آھي. تمام گهڻو خوش ٿيس . فقير صاحب کي دعائون ڪندو وڃي ٻچن سان مليس فقير صاحب ايترو ڪرامت وارو ھو.
(60) ارباب مري ڳالهه ڪئي ته آئون ۽ امان ٽنڊو آدم مان پنڌ پئي آيا سون رستو ڪچو ھو. جڏھن ڌپ سڙي ماراني وٽ پهتاسين گرمي به تمام گهڻي ھئي ڏسون ته سائين حاجي محمد فقير گهوڙي تي چڙھيو اچي جنهن مهل اسان وٽ پهتو ته گهوڙي جهلي بيهي رھيو ۽ چيائون ته ابا ! ھن مهل گرمي ۾ ڪٿان وريا آھيو؟ چيوسين ته سائين! مير پور مائٽن ڏي ويا ھئاسين. اتان کان واپس وري ٽنڊو آدم آياسين. ھاڻ ڳوٺ پيا وڃون پوءِ سائين گهوڙي تان لهي مون کي چيائون ته، ابا اڃا پنڌ گهڻو آھي، آئون ٿو وڃان منٺار فقير جي مدرسه ۾ تون امان کي گهوڙي تي کڻي وڃي گهر لاھه ، پوءِ گهوڙي ڪاھي وڃي منهنجي پٽ شفيع محمد کي ڏي اھو. پاڻيھي گهوڙي فقير منٺار جي مدرسه ڏي موڪلي ڏيندو . اسان چيو ته، سائين توھان بزرگ ماڻهو آھيو، اسان مارو ماڻهو پيا دل رسي وينداسين ،امان به چيو پر فقير صاحب ھڪ به نه ٻڌي پوءِ آئون ۽ امان گهوڙي تي چڙھي ڳوٺ آياسين، واپسي ءَ ۾ آئون گهوڙي ڪاھي سائين حاجي شفيع محمد وٽ آيس، جنهن شام جو ھڪ ھمراھه ھٿان گهوڙي فقير منٺار جي مدرسه ۾ پهڇائي.

(61) استاد پير شمس الدين ٻڌايو ته، اسان سائين حاجي محمد سان گڏ، حاجي محمد صالح سينھڙو وارن جي عرس جي دعوت تي وياسين ھتان اسان مدرسه جا شاگرد ۽ ٻيا به ڪجهه وڏا ۽ سائين حاجي محمد وارا ھلي رھيا ھئا. ھلندي ھلندي سائين وڏي حاجي محمد پوئتي نهاريو ۽ بيهي رھيا، سائين ڏنو حجام به گڏ، پئي ھليو پر سڀني کان پوئتي پويان پويان اچي رھيو ھوته، سائين حاجي محمد کيس چيوته، سائين ڏنا! اسان جا آزمودا نه وٺ! رسول الله ﷺ تي صلوات پيو پڙھين ۽ اسان جي پٺيان پڙھندو اچين؟ صلوات پڙھڻ وارو اڳ ۾ ھلندو، بي ادبي نه ڪر، پوءِ سائين ڏني چيو ته سائين مون کي معاف ڪجؤ.
(62) بچل ٿهيم ڳوٺ نواز علي ٿهيم واري ڳالهه ڪئي ته، اسان حاجي محمد فقير ڏٺو ھو، مال چاريندا ھئاسين پاڻ گهوڙي تي چڙھي محمد ابراھيم ماڪوڙ اڻي وٽ ويندا ھئا اسان به وٽس تعويذ لاءِ ويندا ھئاسون فقير صاحب چوندا ھئا ته واپاري سيرتي آنو نفعو رکن گهڻو نه رکن.
(63) حاجي واحد ڏني ڪلوئي چيوته فقير حاجي محمد چوندا ھئا ته، ھڪ مسلمان پنڌرھن سئو روپيا خيرات ڪري ۽ ٻيو مسلمان ھڪ سانُ پاڏو ڇڏي ته عام ماڻهو مينھيون ڪاھي اچن ۽ مينهن کي پاڏو ڏياري وڃن سي ڍڪيون ٿي ويامن ته، ھن مسلمان پنڌرھن سئو روپيا خيرات ڏيڻ واري کان، سانُ پاڏو ڇڏڻ وارو وڌيڪ آھي.
(64) چون ٿا ته فقيرحاجي محمد جو اٺ چوري ٿي ويو. گهڻي پڇا ڳاڇا کانپوءِ به نه مليو. ڪافي وقت کان بعد ۾ وڏيرو حاجي احمد شورو ٽنڊو آدم مان ڀاڙي تي اٺ ڪرائي اچي ڳوٺ لٿو. ته سڀني ماڻهن سڃاتو ته ھيءَ اٺ سائين حاجي محمد وارو آھي، انهيءَ ڪري سڀني ماڻهن جت کي چيوته ھل سائين حاجي محمد وٽ نيٺ انهيءَ جت ۽ اٺ کي سائين حاجي محمد وٽ وٺي آيا ۽ ماڻهن اچي چيوته، سائين! توھان جو اٺ لڀي ويو آھي، سائين چيوته ابا صبر ڪريو ھن جت کان پڇون ته سھي، اھواٺ ڪٿان آندو آھيس سائين پڇا ڪئي جت کان، ته جت چيوته سائين مون پنهنجي گهرجي رقم ڏيئي اٺ ورتو اٿم پوءِ سائين چيو ته ابا! ھن ويچاري اٺ ورتو آھي، ھيءَ چور ڪونهي پوءِ شاگردن کي چيائون ته ابا! اٺ جو جيڪي پاڻ وٽ سامان آھي، پاکڙا جهلون ۽ ٻيو ڪجهه سوسڀئي ھن جت کي ڏيو ته ھي ويچارو وڃي مزوري ڪري پر سڀني ماڻهن چيوته سائين توھان پڇا ته ڪريو ته ھن ڪنهن کان اٺ ورتو آھي، ان کي به وٺي اچي ته خبر پوي پرسائين چيو ته ڇڏيو ڇڏيو انهي ڳالهه کي اٺ جو سامان ڏيوس ته ويچارو وڃي مزوري ڪري، دعا ڪندو. پوءِ اٺ انهيءَ جت کي ڏيئي ڇڏيائون .
(65) استاد فقير منٺار چوندا ھئا ته، فقير حاجي محمد سيد ذات ۽ مولوي عالم جي تمام گهڻي عزت ڪندا ھئا، ڪو به سيد يا مولوي عالم مدرسه جي لاءِ چندو وٺڻ ايندو ھوته، انهي کي انهي (سستائي واري ) ٽائم ۾ به 20-25 ورپيا ڏيندا ھئا. چون ٿا ته، ھڪ ماڻهو ذات جو ماڇي ٻڍا پور جي پاسي جو آيو ۽ اچي فقير صاحب کي چيائين ته آئون سيد آھيان پوءِ فقير صاحب کيس کٽ تي بسترو وڇائي ڏنو ماڻهن چيو ته سائين !ھي ته ماڇي آھي، سيد ڪونهي!! پاڻ چيائون ته، ھن کي عزت ڪو نه ٿا ڏيون جنهن گودڙي ۾ اچي لڪو آھي، انهي کي ٿا عزت ڏيون ۽ پوءِ انهي ماڇي کي حال آھر ڏنا ئون وڏيڪ ڪجهه به نه چيائون .
(66) حاجي عبدالرحمان ٻجورو ڳوٺ حاجي عرس ٻجورو واري ڳالهه ڪئي ته، اسان استاد فقير منٺار جي مدرسه پڙھندا ھئا سين ۽ ماني به آئون پچائيندو ھئس . ھڪ سيد ذات جو ايندو ھو جيڪو ھڪ کٻڙ جي وڻ ھيٺ اچي ويهندو ھو ۽ حقو ڇڪيندو ھو. آئون روزانه جي معمول مطابق شاگردن لاءِ ماني پچائي رھيو ھئس. سو مدرسه جو ھڪ شاگرد آيو اچي چيائين ته، شاھه صاحب جيڪو کٻڙ جي ھيٺان ويٺو آھي، سو چوي ٿو ته، ٽانڊو ڏيو حقو ڇڪيان. مون ڇوڪر کي ٽانڊو ڏنو سو کنيو پئي ويو ته سامهون مدرسه جو سفير محمد اسماعيل ماڇي آيو تنهن ڇوڪر کان پڇيو ته، ٽانڊو ڪيڏ انهن ٿو کنيو وڃين ؟ ته ڇوڪر چيوته ھُن شاھه صاحب لاءِ ٽانڊو کنيو ٿو وڃان جيڪو حقو ڇڪيندو . ته اھو ٻڌي اسماعيل ماڇي ڪاوڙجي ڇوڪر کي ڌڪ ھڻي ٽانڊو ڪيرائي ڏنو ۽ چيائين ته، مدرسه ۾ ٿا حقا ڇڪين ! ڇوڪر وڃي شاھه صاحب کي ٻڌايو ته سائين ! سفير اسماعيل ٽانڊو اڇلائي ڇڏيو ۽ مون کي به دڙڪا ڏنا اٿس ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ سائين حاجي محمد فقير مدرسه جي شاگردن لاءِ دعوت موڪلي ته اسان ۽ استاد فقيرمنٺار ۽ سفير محمد اسماعيل ماڇي به اسان سان گڏ ھليو. اسين آياسين ته سائين حاجي محمد فقير ويٺو ھو ته اسان سڀ فقير صاحب سان ملياسين. اڃا مَس ويٺاسين ته اھو سيد به اچي ويو جيڪو مدرسه ۾ ايندو ھو. ۽ حقو ڇڪيندو ھو. اڄ به کيس هٿ ۾ حقو هو، سو سلام ورائي اچي بيٺو ته سائين حاجي محمد فقير اٿي اڳ ۾ شاھه صاحب کان حقو ورتو ۽ پنهنجي جاءِ تي وھاريا ئيس ته شاھه صاحب فقير صاحب کي چيو ته، سائين ! ھن محمد اسماعيل ماڇي مون کي مدرسه ۾ حقو ڇڪڻ نه ڏنو ۽ توهان ته پهريان مون کان حقو ورتو ۽ بعد ۾ پنهنجي جاءِ تي ويهاريو ته سائين حاجي محمد فقير چيو ته سائين شاھه صاحب ! ڪٿي ڪيئن ته ڪٿي ڪيئن ! ھتي ته ابا ھيئن آھي!!
ايترا ڀلا ھئا حاجي محمد فقير صاحب.
(67) جمعو سينھڙو ڳوٺ حاجي جعفر سينھڙو واري ڳالهه ڪئي ته سائين حاجي محمد فقير ڪنهن به ماڻهو کي ڪجهه به نه چوندا ھئا، نه ڪي دڙڪو ڏيندا ھئا، وڏو ٽهڪ ڏيئي ڪڏھن به نه کليا، صرف مرڪندا ھئا، تمام سٻاجها انسان ھئا.
(68) حاجي الهه بخش خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، آئون سائين حاجي محمد جون ٻڪريون چاريندو ھئس. ھڪ ڏينهن ڪا پرائي ٻڪري ڌڻ ۾ گڏجي آئي . گهڻيئي پڇا ڳاڇا ڪئي سون پرڪا به خبر نه پئي ۽ نه ڪي ان جو ڌڻي ظاھر ٿيو. ٻڪري کير واري ھئي ته، سائين وڏي مون کي چيوته، ابا الهه بخش انهي ٻڪري جو کير اسان جي ٿانو ۾ نه گڏ جان ءِ ڪوسوالي اچي ته انهي کي ڏيئي ڇڏجان. آئون ايئن ڪندو رھئس قدرت خدا جي انهيءَ ٻڪري مان ست _ اٺ ٻڪريون ٿي ويون پوءِ به سائين وڏو چوندو ھو ته، ابا کير اسان جي ٿانو ۾ نه وجهجان ۽ آئون کير نه گڏيندو ھوس . ھڪ ڏينهن ڪو ھمراھه سائين کان تعويذ لکرائڻ آيو. تعويذ لکرائي ٻاھر نڪتو ته، مون به ٻڪريون واڙي مان ٻاھر ڪڍيون. اھو ھمراھه ٻڪرين کي ڏسي واپس سائين وٽ ويو ۽ چيائين ته سائين! توھان جي ڌڻ ۾ ھڪ ٻڪري منهنجي آھي، سائين وڏي ھمراھه کي چيوته، ابا توکي ته الله آندو آھي، اسان ته لوھه لڳا پيا ھئاسون ھاڻي ڀلائي ڪري پنهنجون ٻڪريون ڇڪ! ۽ مون کي چيائون ته، الهه بخش ابا! ھن جي ٻڪري مان جيڪي به ٻڪريون وڌيون آھن، سي ساري سنڀالي ھن ھمراھه کي ڏي پوءِ مون اھي ٻڪريون ست يا اٺ ھيون سي ساري انهي ھمراھه کي ڏنيون جيڪي ھو خوشي مان ڪاھي روانو ٿي ويو.
(69 ) منٺار ملو کاڻي چيوته، سائين وڏو حاجي محمد ٻني تي آيو نماز جو ٽائم ٿيو ته ، پاڻ باغ ۾ نماز پڙھي رھيا ھئا. اسان جي مائٽن جو سانُ پاڏو ھو سو ڏاڍو ويڙھو ھو. ڪنهن ماڻهو کي ڏسندو ھو ته وڃي دسيندو ھئس . سدائين ٻڌو پيو ھوندو ھو. اتفاق سان ھڪ ڏينهن پاڏو ڇنائي وٺي باغ ڏي ڀڳو . اسان چيوته ڀڄي وڃي پاڏي جو اڳ وٺون باغ ۾ فقير صاحب نماز پڙھي رھيو آهي، متان فقير صاحب کي نقصان ۽ تڪليف نه ڏئي. سو اسان ڀڄندا آياسون پر پاڏو باغ م رسي ويو ته اسان کي ڀڄندو ڏسي سائين فقير چيوته، خير آھي، توھان سڀئي گڏ ڀڳا اچو ؟
اسان چيوته، سائين ! پاڏو وڙھي ٿو سو پويان لڳا سو ن ته متان توھان سان نه وڙھي تڏھن سڀ آيا آھيون. فقير صاحب چيو ته ابا! پاڏو اسان کي ڪجهه نه ڪندو، ڏٺوسين ته، واقعي پاڏو فقير صاحب جي ڀر وٽان لنگهي وڃي اڳتي چرڻ لڳو.