شخصيتون ۽ خاڪا

خليفو پيرو فقير شورو

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خليفو پيرو فقير شورو “ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
ڪتاب سنڌ جي هڪ گمنامي جي گوشه ۾ گذاريندڙ غير معروف بزرگ، سهروردي سلسله جي سالڪ، ۽ پنهنجي حلقه ۾ غوثيه جماعت جي اهم اڳواڻ ۽ حضرت غوث بهاءُ الحق والدين محمد زڪريا ملتاني جي خانقاهه جي خليفه پيرو فقير شوري جي حالات بابرڪات بابت آهي.

Title Cover of book Khalifo Peero Faqeer Shoro

حالات، واقعات

(خليفي پيرو فقير جي زندگي بابت حالات ۽ ماڻهن وٽان مليل واقعاتي احوال)

از: فقير حاجي جان محمد شورو

حضرت قبله سائين پير محمد عرف پيرو فقير ولد محمد زڪريا فقير شورو جن جي ولادت باسعادت 1186هه مطابق 1772ع ۾ ٿي. سمجهه ڀريا ٿيا ته، قرآن شريف جي تعليم لاءِ کين فقير حافظ محمد حسن کٽي وٽ، ڳوٺ حاجي قادر بخش ڇانڱو ديهه سنگهر يونين ڪائونسل ماڻڪ ٿهيم جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو. حافظ محمد حسن کٽي پاڳاري وارن بزرگن جا مريد هئا. حافظ صاحب، حضرت سائين پيرو فقير تي تمام گهڻو مهربان هئا. سندس استادانه شفقت جو اثر خليفو بزرگ پيرو فقير تي ايترو ٿيو جو قرآن شريف پڙهي پورو ڪرڻ بعد به پنهنجي استاد حافظ محمد حسن وٽ پيا ويندا هئا ۽ جمعي نماز استاد صاحب وٽ وڃي پڙهندا هئا. قرآن شريف پڙهي پورو ڪرڻ بعد، خليفو پيرو فقير جي والد محمد زڪريا فقير کيس ننڍڙا گابا وٺي ڏنا ته، ابا هاڻي تون جهنگ ۾ وڃي گابا چار، پيءَ جو حڪم ٿيندي ئي پاڻ جهنگ ۾ گابا چارڻ لڳو، پر سندن گابن چارڻ جو طريقو ئي نرالو هو. خليفو پيرو فقير ڇا ڪندو هو جو گابا ڪاهي وڃي جهنگ ۾ ڇڏيندو هو ۽ پوءِ پاڻ هلي وڃي حافظ محمد حسن وٽ ويهندو هو. شام جو واپس ورندي گابا ڪاهي گهر پهچندو هو. ڪن ماڻهن سندس والد زڪريا فقير کي چيو ته، توهان پنهنجي پٽ مان هٿ ڪڍي ڇڏيا آهن. هو ته گابا جهنگ ۾ ڇڏيو سڄو ڏينهن وڃي حافظ محمد حسن وٽ ويهي رهي ٿو. جتي گابا چرن ٿا انهي جوءَ ۾ بگهڙ به تمام گهڻا آهن متان ائين نه ٿئي جو بگهڙ اچي گابن کي چيري ڦاڙي کائي وڃن.
اهي ڳالهيون ٻڌي زڪريا فقير هڪ ڏينهن بزگ پيرو فقير کي چيو ته، ابا! ايترو وقت استاد وٽ نه ويهندو ڪر. متان تنهنجي نه هجڻ ۽ دير ڪرڻ تي بگهڙ گابا کائي وڃن. پيرو فقير سندس والد جي ڳالهه خاموشي سان ٻڌي پر ان تي ڪو خاص ڌيان ڪو نه ڏنو ۽ پاڻ سندس روزانه واري معمول مطابق گابا جهنگ ۾ ڇڏي استاد ڏي هليو ويندو هو.
هڪ ڀيري سندس والد صاحب سوچيو ته، آئون خود وڃي ڏسان ته، هي ڪهڙي طرح گابا جهنگ ۾ ڇڏي ۽ پوءِ استاد ڏي وڃي ٿو! اهو لقاء ڏسڻ لاءِ سندس والد زڪريا فقير، پيرو فقير جي گابا ڪاهي روانو ٿيڻ پويان لڪندو ڇپندو وڃڻ لڳو. پيرو فقير هڪ هنڌ اچي گابا بيهاريا ۽ اتي هڪ کڏ کوٽڻ لڳو جڏهن اها ڪجهه کوٽيائين ته ان مان پاڻي نڪتو، پوءِ جيڪا چادر آندي هئائين سا پنهنجي ڪلهن تان لاهي خالي زمين تي گهلڻ ۽ ڦيرائڻ لڳو ته چادر جي زمين تي لڳڻ ۽ گهلجڻ سان سانوڻي سائو گاهه ڦٽي پيو. پوءِ پنهنجي چادر ڇنڊي ڪلهي تي رکي گابن کي پيو چوي ته، هي گاهه اٿئو ۽ هي پاڻي جي بک لڳي ته هي سائو گاهه کائجو ۽ جي اڃ لڳي ته هي پاڻي پيئجو آئون وڃان ٿو استاد صاحب وٽ، شام جو ايندس. سندس والد صاحب زڪريا فقير اهو سمورو لقاء پري کان ڪنهن اوٽ ۾ بيهي ڏسي رهيو هو. پيرو فقير جي رواني ٿيڻ بعد وري بگهڙن جو ڌڻ اچي پهتو جيڪي گابن کي چوڌاري ڪڙو ڏيئي چوڪيدار ٿي بيهي رهيا. ڪي بگهڙ ته گابن سان راند پيا ڪن. جڏهن زڪريا فقير اها ماجرا ڏٺي ته سندس حيرت جي حد ئي نه رهي. زڪريا فقير تڪڙو تڪڙو پيرو فقير جو پيڇو ڪيو ۽ رستي ويندي وڃي کيس ويجهو پهتو ۽ پري کان وڏي سڏ چيائنس ته، ابا پيرو هيڏانهن اچ! ته پيرو فقير سوچيو ته، آئون گابا جهنگ ۾ اڪيلا ڇڏيو استاد وٽ پيو وڃان شايد انهي ڳالهه تان بابا مون کي مار ڪڍندو!! سو وٺي ڀڄڻ لڳو. پر سندس والد زور زور سان سڏ ڪري چوڻ لڳس ته ابا هاڻي آئون توکي ڪو نه جهليندس جيئن وڻي تيئن ڪر. جيڪا تنهنجي مرضي آئون ڪنهن به ڪم کان منع نه ڪندس. پوءِ ته کيس استاد وٽ وڃڻ جي به عام اجازت ملي وئي ۽ سندس گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيڻ لڳو.
بزرگ پيرو فقير جڏهن به سندس استاد وٽ ويندو هو ته، جهنگ مان ڪاٺيون ڪري کڻي ويندو هو. هڪ ڀيري فقير صاحب جهنگ مان سڙيل ڪاٺيون ڪري آڻي استاد جي گهر وٽ يا جتي هو روزانه ڪاٺيون آڻي ڇڏيندو هو، اتي آڻي رکيون. سندس استاد حافظ محمد حسن مدرسي مان ٻار پڙهائي فارغ ٿي اهي آندل ڪاٺيون گهر کڻي ويندو هو پر جنهن ڀيري سڙيل ڪاريون ڪاٺيون ڏٺائين ته ٻارن کان پڇيائين ته ابا! هي ڪاريون ڪاٺيون ڪنهن آنديون آهن؟ ته سڀني ٻارن چيو ته، سائين! اهي سڙيل ڪاريون ڪاٺيون پيرو فقير آنديون آهن. تنهن تي فقير حافظ محمد حسن فرمايو ته ابا! هاڻي الله سائين کان پيرو فقير کي اولاد به ڪارڙي رنگ جو وٺي ٿا ڏيون!! قدرت واري جو شان ته پيرو فقير جو اولاد پشتان پشت سانوري پڪي رنگ جو ٿيندو اچي.
حافظ محمد حسن ڪٿي به ويندو هو ته، پيرو فقير کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. ڪا به دعوت ملي ته پيرو فقير به گڏ هوندو هئس.
پيرو فقير سندس استاد جي بيحد خدمت ڪندو هو. ٻاهر ڪٿي دعوت تي وڃڻ بعد ماني کائي نماز پڙهي استاد کي زور به ڏيندو هو ته،سندس پيرسن استاد حافظ صاحب کيس دعائون ڏيندي فرمائيندو هو ته، ”او ابا! پيرو جڙيو هوندين“
پيرو فقير پنهنجي استاد حافظ محمد حسن سان گڏجي ملتان وارن بزرگن ڏي ويا. جتي غوث بهاء الدين جي درگاهه جي گادي نشين کان ذڪر فڪر وٺي موٽي آيو پر پوءِ سندن تعلق انهن بزرگن سان تمام گهڻو گهاٽو ٿي ويو ۽ اڪثر ڪري ملتان ڏي وڃڻ ٿيندو هئن. اهڙي طرح سلوڪ جون منزلون طئي ڪندو رهيو. پوءِ ته درگاهه جي خاص مريدن ۽ معتقدن ۾ سندس شمار ٿيڻ لڳو ايتريقدر جو گادي نشين بزرگ کي کير پهچائڻ جي ذميداري مٿس رکي وئي. درگاهه جي متولي وٽان کيس هڪ خاص وظيفو به عنايت ٿيو جنهن سان سفر جا فاصلا گهٽجي وڃن ٿا ۽ انسان جي پرواز پکين کان به تيز ٿي وڃي ٿي. انهي خصوصي وظيفي کي طي الارض يا طي مڪان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهي ذڪر ڪرڻ بعد جيئن ئي سفر شروع ڪيو وڃي ٿو ته زمين تڏي وانگر ويڙهجي سوڙهي ٿي وڃي ٿي ۽ ڊگهو سفر به ٿورڙي وقت ۾ طئي ٿيو وڃي. پيرو فقير شوري کي اهو وظيفو ۽ ذڪر عنايت ٿيڻ بعد سفر آسان ٿي پيو ۽ پاڻ روزانه مغرب نماز پڙهي کير کڻي وڃي ملتان جي درگاهه غوثيه جي گادي نشين کي پهچائيندا هئا ۽ وري واپس اچي سمهڻي نماز سندس ڳوٺ ۾ پڙهندا هئا. اها ڳالهه عام ماڻهو لاءِ حيرت ۽ عجب جوڳي آهي پر الله جي نيڪ ٻانهن لاءِ ڪو به مشڪل ڪونهي. ڇو ته اهي الله جي سهاري ۽ ان جي توڪل تي هلن ٿا. چون ٿا ته، هڪ ڀيري کير کڻي روانا ٿيا ته واٽ تي برسات پئجي وئي. زوردار برسات ۾ به وڃي منزل تي پهتا ۽ حويلي جي ڏيڍي تي پهچي دروازي تي ڌڪ هنيائون ته جيجيءَ ٻانهي کي چيو ته، ٻاهر وڃ پيرو فقير برسات ۾ کير کڻي آيو آهي تنهن جا ڪپڙا پسي ويا هوندا ۽ هي سڪل ڪپڙا کڻي وڃي ڏينس ته پائي ۽ وٽانس کير به کڻي اچ. ٻانهي ٻاهر نڪري جڏهن پيرو فقير وٽ پهتي ته پيروفقير کانئس پڇيو ته، هي ڪپڙا ڇو کڻي آئي آهين؟ ته ٻانهي وراڻيو ته جيجيءَ ڏنا آهن ته پيرو فقير جا ڪپڙا برسات ۾ پسي ويا هوندا سو هي سڪل ڪپڙا پائي. پيرو فقير اهو ٻڌي ٻانهي کي چيو ته، جيجي امان کي وڃي چئو ته، الله جي مهرباني ۽ اوهان جي دعا سان، آئون ڪڪرن جي مڙيئي مٿڀرو پئي آيس ۽ منهنجا ڪپڙا برسات ۾ پسڻ کان بچي ويا آهن. اهڙي طرح پاڻ درگاهه غوثيه جي حاضري ڏيندا، ذڪر فڪر، فيض ۽ فقيري حاصل ڪرڻ بعد فيضياب ٿيا.

چون ٿا ته، پيرو فقير جو استاد حافظ محمد حسن جو جڏهن دنيا مان وڃڻ وارو وقت ويجهو آيو ته، حافظ صاحب جي ڀائٽين حاضر ٿي کيس عرض ڪيو ته، چاچا! هاڻي توهان جي وڃڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي پر ويندي ويندي اسان مان ڪنهن کي پنهنجي ”امانت“ (فيض ۽ فقيري) ڏيئي وڃو! ته حافظ صاحب ڀائٽين کي وراڻيو ته، ابا جيڪا امانت هئي سا کڻي ويو پيرو فقير، باقي هوءَ اڇي گڏهه بيٺي آهي سا تو هان جي آ. اهو ٻڌي ڀائٽيا خاموش ٿي ويا. فقير حافظ محمد حسن کي ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو. حافظ صاحب اصل ۾ پير راشد روضي ڌڻي (ولادت 1170هه مطابق 1757ع وفات 1203هه مطابق 1789ع) وارن جو مريد هو.
هڪ ڀيري سائين محمد راشد روضي ڌڻي وارا لانڍيءَ (شهدادپور کان سانگهڙ روڊ تي هڪ اسٽاپ) واري پاسي سندن مريدن ۾ آيل هئا. پير صاحب جن محافي ۾ ويٺل هئا جيڪو مريد پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلي رهيا هئا. (محافو“ ڏوليءَ کي چئبو آهي) هلندي هلندي پير سائين روضي ڌڻي چيو ته، هن پاسي هلو انهي پاسي مونکي دين جي خوشبو پئي اچي. پوءِ حافظ محمد حسن کٽيءَ وٽ اچي پهتا. انهي وقت حافظ محمد حسن ٺيڪ ڪو نه هو، سو حافظ صاحب حجري ۾ اندر هو. جڏهن خبر پهتس ته، پاڻ پير صاحب جن کي عرض ڪيائين ته سائين! هيترو قرب ڪيو اٿئوَ هيڏانهن اچڻ جو، ته هاڻي مهرباني ڪري اندر اچي تشريف فرما ٿيو، آئون ٺيڪ ڪو نه آهيان ۽ مون ته دعا به گهري هئي ته، رب سائين! مون کي ايستائين نه مارجان جيسين آئون مرشد سائين سان نه ملان. جڏهن مرشد ڪريم سان ملي حسرت پوري ڪريان ته پوءِ ڀلي مارجانءِ. اهو ٻڌي سائين روضي ڌڻي وارا حجري اندر هلي وڃي پنهنجي مريد حافظ محمد حسن سان مليا ۽ ڪجهه گهڙيون ويهي ساڻس روحاني رهاڻ ڪري پوءِ دعائون ڪندا هليا ويا. انهي ملاقات کان ڪجهه ڏينهن بعد حافظ محمد حسن وفات ڪري ويو. حافظ صاحب کي ڳوٺ حاجي قادر بخش (ديهه سنگهر يونين ڪائونسل ماڻڪ ٿهيم) جي مسجد شريف جي اتر طرف دفن ڪيو ويو.
ڪافي وقت کان پوءِ استاد حاجي الهجڙيو ڪوري انهي مدرسي (يعني حافظ محمد حسن کٽي جي مدرسي) ۾ پڙهائيندو هو ڪجهه سالن بعد استاد حاجي الهه جڙيو ڪوري هتي درگاهه پيرو فقير شوري ۾ حاجي محمد فقير شوري وٽ اچي رهيو ۽ حافظ محمد حسن جو مدرسو ڇڏي آيو ته، پويان مدرسو به ختم ٿي ويو، باقي مسجد شريف ۽ فقير حافظ محمد حسن وارو قبرستان موجود آهي.
(1) عبدالله خاصخيلي ڳوٺ سيد پناهه شاهه واري ڳالهه ڪئي ته، پيرو فقير شورو، پير جڙيل شاهه ماڙي واري وٽ تمام گهڻو ويندو هو. جنهن مهل ڳوٺ حمل مري جي ڀر ۾ اولياء صاحب اڍو هالاڻي جي درگاهه وٽان لنگهندا هئا ته، گهوڙي تان لهي پيادل هلندا هئا ۽ پوءِ اڳتي وڃي گهوڙي تي چڙهندا هئا.
ٻيو درويش دل پوٽن جي ڀر ۾ هوندو هو احمد شاهه، انهي سان ملي وڃي پري ٿي ويهندا هئا. پر جنهن مهل پير جڙيل شاهه وٽ ايندا هئا ته پير جڙيل شاهه سان وڃي گڏ ويهندا هئا ته ماڻهن پڇيو ته سائين! اهو ڪهڙو سبب آهي جو اڍي هالاڻي وٽان سواري تان لهي مٽيو ٿا ۽ احمد شاهه سان مليو پري ٿا ويهو ۽ پير جڙيل شاهه سان گڏ ٿا وڃي ويهو. وراڻيائون ته، اڍي هالاڻي وٽ امام حسن سائين ۽ امام حسين سائين جون سواريون بيٺيون آهن، تڏهن لهي ٿو مٽيان ۽ سيد احمد شاهه وڏي فيض وارو آهي رهي کهي ذري کسي نه وڃي، تڏهن پري ٿي وڃي ويهان ٿو ۽ پير جڙيل شاهه جي ماڙي پنهنجي آ، سا ٺهي پئي، اوساريءَ ۾ هڪ سر سون جي ۽ هڪ سر چانديءَ جي لڳي پئي، چاهيان ٿو ته، اتان کان من ڪو ذرو ملي وڃي.
(2) چون ٿا ته ڪا ڀت جي دعوت هئي، جنهن ۾ بزرگ پيرو فقير به وڃي شريڪ ٿيو. بزرگ وٽ ماني کڻي آيا. ماني سان گڏ گوشت به هو ته، بزرگ سائين فرمايو ته، ابا! هي ماني آئون ڪو نه ٿو کان، گهران ٻي ماني ٺهرائي اچو. ماڻهن چيو ته، سائين! ڪِري ۾ آهيو؟ يا طبيعت صحيح ناهي؟ فرمايائون ته، طبيعت صحيح آهي، آئون هي ماني ڪو نه کائيندس، گهران ٻي ماني ٺهرائي اچو. ماڻهن زور ڀريو ته، سائين ٻڌايو ڇا ڳالهه آهي؟ جو توهان هي ماني نه ٿا کائو. ماڻهن جي ڪافي زور ڀرڻ تي ٻڌايائون ته، ابا! هي ڦنڊر چوري جي آهي، تڏهن ڪو نه ٿو کان. پوءِ شادي واري ڪاڄ ڌڻي کان پڇيو ويو ته سچي ٻڌاءِ فقير صاحب چئي ٿو ته، اها ڦنڊر چوري جي آهي، ته شادي واري ڌڻي چيو ته، برابر فقير صحي ٿو چئي مون اها چوري واري ڦنڊر ڪُٺي آهي.
(3) صاحب ڏني ڪنڀار ڳوٺ طاهر هڱوري واري ڳالهه ڪئي ته، ڳوٺ محمد اسماعيل ڪنڀار لڳ هنڱورنو ۾ پيرو فقير شورو ويندو هو جتي حاجي محمد ڪنڀار ۽ اسماعيل ڪنڀار وٽ وڃي ويهندو هو. ڪنڀار غريب هئا. حاجي محمد ڪنڀار چيو ته، فقير صاحب دعا گهرو ته، رب سائين اسان جي رزق روزي ۾ برڪت وجهي. پوءِ فقير صاحب دعا گهري. نتيجي ۾ رب سائين کين اڍائي سؤ ايڪڙ زمين ڏني.
(4) پيرو فقير شوري جا وڏا ٻڍا پور جا ويٺل هئا جتان پوءِ سندن ڪو وڏو لڏي اچي سنهري جي ڍوري جي اوڀر پاسي بڙ جي وڻ هيٺ اچي ويٺا. ڪافي وقت اتي ويٺا هئا. پوءِ اچي موجوده ڳوٺ (ڳوٺ پيرو فقير) ۾ اولهندي ڪپ تي ويٺا. ٻڍاپور وارا شورا اڄ تائين ڳوٺ پيرو فقير وارن کي بڙائي شورا ڪري سڏين ٿا.
پيرو فقير شوري وارن جو پاڙو ورياهه آهي، پيرو فقير جي ماءُ دريا خان شوري جي ڀيڻ هئي، دريا خان شورو، حاجي مختيار شوري جن جو وڏو ڏاڏو هو.
حاجي مختيار شورو هن ڳوٺ پيرو فقير شوري جو چڱو مڙس آهي، رب کيس هر طرح خوش ۽ آباد رکي. آمين ثم آمين.
(5) فقير صاحب استاد ذات جي عزت ڪندو هو ۽ سيد ذات جي به تمام گهڻي عزت ڪندو هو.
ڪيڏانهن به ويندو هو ته، سواري تي چڙهڻ کان اڳ شاگرد يا ڪنهن خليفي کي جيڪو ساڻس گڏ هلندو هو تنهن کي چوندو هو ته، ابا! جي سيدن جا گهر اچن، يا کٽي ذات جا گهر اچن ته، ٻڌائجان. پوءِ سندن خليفو يا ڪو شاگرد چوندو هئس ته، سائين! هاڻي سيدن جا گهر آيا آهن ته پاڻ جلدي ڪري سواري تان لهي پوندو هو. سواري تان لهي، چادر جو جهنڊ ڪري هلندو هو. پوءِ جڏهن پري نڪري ويندو هو ته، سندس ڪو شاگرد يا خليفو چوندو هو ته، سائين هاڻي پري ٿي ويا آهيون پوءِ سواري تي چڙهندو هو. اڪثر ڪري سفر ۾ ساڻس گڏ سندن پوٽو محمد خضر فقير ولد محمد ادريس هوندو هو.
استاد فقير منٺار ڳالهه ڪئي ته، هڪ ڀيري مون کي خضر فقير ٻڌايو ته، اسان هڪ ڀيرو ڏاڏاسائين سان گڏ هئاسون. سفر ۾ هلندي هڪڙي گهر جي ڀر سان لنگهياسون ته، گهر جي باهران (ڪپڙن رڱڻ واري) رنگ جو پاڻي وهي رهيو هو ته، ڏاڏا سائين رنگ ڏسندي چيو ته، ابا! بيهه، سواري جهل، پاڻ لهي مون کي چيائون ته، ابا! مون اوهان کي ڪيترو چيو هو ته ڪڏهن به کٽي ذات جا گهر اچن ته مونکي ٻڌائجو پر توهان نه ٻڌايو! خضر فقير چيو ته، مون وراڻيو ته ڏاڏا! هي هندو کتي آهن. تنهن تي فرمايائون ته پوءِ به ته کٽي آهن!!
ڪٿي به رنگ يا رنگ وارو پاڻي هاريل ڏسندا هئا ته اتان ادب سان مٽي ويندا هئا، انهي رنگ کي اورانگهيندا نه هئا ڇو ته عام طرح ڪپڙي کي رنڱڻ جو ڪم کٽي ڪندا آهن ۽ سندس استاد ذات جو کٽي هو اهو ادب ان ڪري ڪندا هئا.
(6) بزرگ پيرو فقير صاحب، پنهنجي استاد حافظ محمد حسن سان گڏ ڪٿي به دعوت ۾ ويندا هئا ته، ساڻس ماني گڏ نه کائيندا هئا. بلڪه سندس استاد جڏهن ماني کائي بس ڪندو هو ته اها بچيل ماني کائيندو هو. جيڪڏهن گوشت واري ڀاڄي هوندي هئي ته سندن استاد اهي هڏيون ڪنهن ٿانوَ ۾ رکائيندا هئا. پوءِ پيرو فقير جڏهن استاد جي بچايل ماني کائيندو هو ته گوشت جون بچايل هڏيون چوسيندو هو ۽ پوءِ ماني کائيندو هو.
(8) استاد منٺار فقير هيءَ ڳالهه به ٻڌائي ته، ڳوٺ هاشم ساند (لڳ اڏيرو لال) ۾ بزرگ پيرو فقير صاحب رات ترسيل هو. فجر نماز کان پوءِ هڪ عورت روئندي آئي. اچي فقير صاحب کي چيائين ته رات منهنجي چوري ٿي وئي آهي. چور چوري ڪري مون کي فقير ڪري ويا آهن. تڏهن انهي عورت کي فقير صاحب چيو ته، امان! تون ته هڪ رات ۾ فقير ٿي وئي آهين. اسان ته اوجاڳا ڪري اڇي ڏاڙهي ٿي وئي آهي پر اسان کي ته فقيري هٿ ڪا نه آئي.
(9) ولي محمد سينهڙي (ڳوٺ پيرو فقير شورو) ٻڌايو ته اسان جي وڏي ڏاڏي ڳالهه ڪندي هئي ته، وڏيرو دريا خان شورو، فقير صاحب جو مامو هو، انهي هڪ ڍڳو ڪنهن سيد کي ڏنو هو اوڌر تي، جنهن چيو ته، آئون توکي رقم ڏيئي ويندس. ليڪن ڪجهه وقت بعد انهي رقم ڏيڻ کان وڏيري دريا خان کي ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو. هڪ ڀيري فجر نماز کان پوءِ بزرگ پيرو فقير مسجد ۾ ٻهارو ڏيئي ڪچرو ٻاهر اڇلڻ پئي ويو ته ڏٺائين ته، وڏيرو دريا خان شورو پئي ويو. چيائينس ته ماما! اڄ سويري ڪيڏانهن پيا وڃو! ته وڏيري دريا خان چيو ته ابا! اڄ وڃان ٿو سيد تي ڪيس ڪرڻ، هو ڏاند جا پيسا نه ٿو ڏئي. اهو ٻڌي بزرگ پيرو فقير ڪنن ۾ ٻئي هٿ وجهي ڏاڍي وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو ته، رسول الله جي اڳيان قيامت جي ڏينهن ڪهڙو منهن کڻنداسون. ابا! سيد نه ٻڌراءِ. ڏاند جي رقم کان توکي رب سائين ٻيڻو ڏيندو. اهو ٻڌي وڏيري دريا خان چيو ته، بس مون کي رقم ملي وئي. پوءِ وڏيرو دريا خان واپس گهر ڏي هليو ويو.
بزرگ پيرو فقير نماز جو تمام گهڻو تاڪيد ڪندا هئا جيڪو به ماڻهو ساڻس ملڻ لاءِ ايندو هو ته انهي کي نماز جي تلقين ضرور ڪندا هئا.
(10) ان دؤر ۾ ٻاجهري جو فصل گهڻو پوکيو ويندو هو. جڏهن ٻاجهرين جي پچڻ جو وقت ٿيندو هو ته، ڪي ماڻهو جمعي نماز تي ڪو نه ايندا هئا. اهڙن ماڻهن مان ڪو جيڪڏهن فقير صاحب سان ملڻ ويندو هو ته، چوندا هئا ته، ابا! توهان جمعي نماز تي ڪو نه آيا؟ ته اهي جواب ۾ چوندا هئا ته، سائين! اسان جي ٻاجهري ڪاهيل هئي سو جهار ٿا هڪليون، پهچي ڪو نه ٿا سگهون. انهن کي فقير صاحب فرمائيندو هو ته، ابا! توهان نماز تي اچو توهان جي فصل تي جهار ڪا نه ايندي. پوءِ هڪڙا ماڻهو آيا ٻيا نماز تي ڪو نه آيا. جيڪي نماز تي آيا، تن جي فصل ٻاجهري تي واقعي به جهار ڪا نه آئي. جيڪي جمعي نماز تي ڪو نه آيا تن جي ٻاجهري تي تمام گهڻي جهار آئي. اهو ڏسي اهي رهيل ماڻهو به جمعي نماز تي آيا.
(11) سيد ارشاد شاهه جج، اسٽيشن وهاب شاهه (نزد اڏيرو لال) واري ڳالهه ڪئي ته، بزرگ پيرو فقير شورو اسان جي وڏڙن وٽ تمام گهڻو ايندو هو. هڪ ڀيري آيو، رات رهيو، صبح جو روانو ٿيو ته، اسان جي وڏي ڏاڏي چيس ته، فقير صاحب! دعا ڪريو ان ۾ برڪت پئي، ان وقت فقير صاحب جي ڀر ۾ ان جي گندي هئي ته فقير صاحب گنديءَ کي هٿ هڻي چيو ته، مائي گندي! سائين جن کي ان پئي ڏجان.
سارو سال انهي گنديءَ مان ان پئي نڪتو. پوءِ جڏهن ٻارهن مهينا ٿيا ته نئون ان لٿو. اسان سوچيو سين ته، گندي صفا ڪري نئون ان وجهون، سو جنهن مهل گندي صاف ڪئي سون ته، گنديءَ ۾ اڳي جيترو اوترو ئي اوترو ان پيو هو.
(12) استاد منٺار فقير ٻڌايو ته، ڪنهن ماڻهو بزرگ پيرو فقير کان پڇيو ته، سائين! ڪو الله وارو ماڻهو ڪنهن جاءِ تي ويهي الله الله پيو ڪري، پوءِ جي اهو خدا جو پيارو ٿي وڃي ته، هن الله واري جي جاءِ تي ڪا پهر هوندي يا اها جاءِ سڃي ٿي ويندي؟ فقير صاحب فرمايو ته، ابا! ڪنهن جاءِ تي ٻڪريون ويهنديون آهن ته، اتي ڦولهڻيون لاهي هليون وينديون آهن. پوءِ جڏهن برسات پوندي آهي ته، ان جاءِ تي ڪئين قسم جا گاهه ساوا سلا ڦٽي پوندا آهن، ڀلا فقير ٻڪري کان به ويو ڇا؟ سو ڪا نه ڪا پهر ضرور ڇڏي ويندو، الله وارن جون جايون خالي ڪو نه هونديون آهن.
(13) چون ٿاته، فقير صاحب ڪٿان سفر تان اچي رهيو هو ته، رستي ۾ پيل هڪ سوني دهري ڏٺائين. فقير صاحب پنهنجي لٺ سان اها سوني دهري کڻي ڀر ۾ بيٺل هڪ کٻڙ جي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏي، ۽ پوءِ پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو. سامهون ڪو همراه تيزيءَ سان گهوڙو ڊوڙائيندو پئي آيو، فقير صاحب هن همراهه کان تيز رفتاري سان گهوڙي ڊوڙائڻ جو سبب پڇيو ته، هن همراهه وراڻيو ته، اسان جي ڄڃ رستي ۾ هڪ جاءِ تي ڏينهن ٺارڻ لاءِ ڪجهه ترسي هئي ته، ڪنوار جي سوني دهري انهي جاءِ تي ڪِري وئي آهي، سو ڳولڻ لاءِ وڃان پيو، خبر ناهي ته ڪو ايندڙ ويندڙ ماڻهو کڻي ويو يا نه؟ ٻيو پڪ به ناهي ته، ڪهڙي جاءِ تي ڪِري آهي؟ فقير صاحب چيس ته ڪنهن به ڪونه کنئي آهي مون اها دهري کٻڙ جي ٽار ۾ مٿي ٽنگي ڇڏي آهي. اهو همراه جڏهن اتي پهتو ته، ڏسي ته واقعي دهري ٽنگي پئي آهي همراه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دهري کڻي وڃي ڄڃ سان مليو.
(14) غلام رسول پلي ڪلر شاخ واري ڳالهه ڪئي ته، اسان جو وڏو ڏاڏو هو. ان وٽ پيرو فقير جن پاڻ ايندا هئا هڪ رات آيا ته، اسان جو ڏاڏو فقير صاحب لاءِ ماني کڻي آيو، پر کير کڻي ڪو نه آيو ۽ فقير صاحب کي چيائين ته، سائين دعا ڪريو ته مينهيون ويامن ته کير ٿي پئي، اوطاقي ماڻهو آهيون مهمانن کي کير پياريون، ته فقير صاحب چيو ته، ابا! توهان وٽ ڪا ٻڪري آهي؟ ته وراڻيائون، هائو سائين! اسان وٽ هڪ ٻڪري آهي پر کير ٿورو اٿس. فقير صاحب چيو ته، ابا! ٻڪري ڪاهي اچو. پوءِ ٻڪري وٽس ڪاهي آيا ته پاڻ ٻڪريءَ جي پُٺن تي دعا جو هٿ ڦيريائون جيڪا وڏي عرصي تائين کير ڏيندي رهي تان جو ٻڪري پوڙهي ٿي وئي.
(15) بهادر فقير ٿهيم (ڳوٺ غلام محمد ٿهيم نزد ڳوٺ پيرو فقير شورو) ڳالهه ڪئي ته، مون سان سلطان لورڙ ٽنڊو آدم واري ڳالهه ڪئي ته، پيرو فقير جي عرس تي اسان آيا هئاسون. اتي ويٺا هئاسون ته، ٻه فقير ڀٽائي جا راڳي آيا، تنبورا هٿن ۾ هئن سي اچي ويٺا ۽ چيائون ته، ابا! اسان کي به وارو ڏيو ته اسين به شاهه سائين جو راڳ ڳايون. اتي مولودي به ويٺا هئا ۽ سائين فقير منٺار به ويٺل هو. ماڻهن اچي فقير منٺار کي چيو ته، سائين راڳي فقير ڀلا آهن، اجازت ڏيو ته ڳائين. فقير سائين منٺار چيو ته، ابا! تنبورن کانسواءِ ڀلي ڳائين باقي تنبورا نه وڄائين پوءِ فقيرن تنبورن کانسواءِ شاهه جو راڳ ڳايو.
(16) ماستر غلام قادر خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، ڳوٺ شير محمد ٺوڙها لڳ اڏيرو لال، اتي مائي جيئري خاصخيلي وت پيرو فقير جا وار ۽ ڪنگي (ڦڻي) هئي. ڪنگيءَ ۾ ڳاڙها وار هئا جيڪي ڪپڙي م ويڙهيو رکيو ويٺا هئا. وارن کي ميندي لڳل هئي. فقير صاحب انهن جي وڏن وٽ ويندو هو.
پوءِ چون ٿا ته، درياء وارو ڪلياڻ بند ڀڳو ۽ ان ٻوڏ ۾ گهر ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا ته فقير صاحب جا وار به انهي ۾ لڙهي ويا.
(17) چون ٿا ته، ڳوٺ شير محمد ٺوڙها (نزد اڏيرو لال) جي ڪنڀارن وٽ به فقير صاحب ويندو هو جن کي به خاص دعا ڪئي هئائين. اهي ڪنڀار اڄ تائين ماڻهن جون ڀڳل ٻانهون ۽ ٽنگون ٻڌن ٿا. جن ۾ پهرين ڪريم ڏنو ڪنڀار، پوءِ ان جو پٽ محمد صديق ڪنڀار، ان کان پوءِ ان جو پٽ الهه بچايو ڪنڀار ۽ هاڻي الهبچائي جو پٽ گلاب ڪنڀار آهي.
(18) پيرو فقير سان سفر ۾ سدائين سندس پوٽو خضر فقير ولد محمد ادريس گڏ هوندو هو. حاجي لال بخش ڪلوئي ڳوٺ جان محمد ڪلوئي واري ڳالهه ڪئي ته، اسان خضر فقير ڏٺو هو.
حاجي لال بخش ڪلوئي (ڳوٺ جان محمد ڪلوئي نزد ڳوٺ پيرو فقير شورو) چيو ته، هڪ ڀيرو خضر فقير ڳالهه ڪئي ته آئون ڏاڏا سائين پيرو فقير سان ٿر جي سفر ۾ گڏ هئس. اسان کي رستي ۾ رات پئجي وئي. مٿان اوچتو هوا ۽ مينهن به اچي ڪڙڪيو، اسان ڪنهن وڻ جي اوٽ ۾ وڃي ويٺاسون. جڏهن برسات بيٺي ۽ هوا به هلڪي ٿي ته اڳتي هلڻ لڳاسين. ڏاڏا سائين ڀلجي ڪو ٻيو رستو ورتو، ته مون چيو جنهن ڳوٺ ۾ پاڻ کي هلڻو آهي، سو انهي پاسي ڪونهي. بلڪه هن پاسي آهي. پر ڏاڏا سائين چوي ته نه، هن پاسي آهي. آئون چوان ته ڏاڏا منهنجو چوڻ مڃو ته، نيٺ ڏاڏا سائين منهنجو چوڻ ورتو ته، وڃي انهي ڳوٺ ۾ پهتاسين. ڳوٺ ۾ پهچڻ تي ڪافي ماڻهو اچي گڏ ٿيا جيڪي ڏاڏا سائين سان تمام ادب سان مليا. پوءِ ڏاڏا سائين انهن کي چيو ته، ابا! رستو ڏاڍو ڏکيو هو. اشهد آڱر سان اشارو ڪري چيائين ته، هي ڇوڪر ڏاڍو هوشيار آهي. پوءِ هتي ڳوٺ (ڳوٺ پيرو فقير شورو) ۾ ڪو به مهمان ايندو هو ته، ڏاڏا سائين مون ڏي اشارو ڪري چوندو هو ته، ابا! هي ڇوڪرو هوشيار آهي پوءِ مهمانن کي اهو مٿيون سڄو قصو ڪري ٻڌائيندا هئا.
(19) بزرگ پيرو فقير شورو سندن پٽن کي هميشه هدايت ڪندو هو ته، ابا! ڳوٺ ۾ جي سيد ذات جا ويٺل هجن ته، انهن کي نه اٿارجو انهن جي عزت ڪندا رهجو. جي ٻاهران ڪٿان ڪو به سيد ذات وارو لڏي اچي ته انهي ڳوٺ ۾ ويهڻ نه ڏجو. انهي کي گهر جا پيسا ڏوڪڙ ڏيئي روانو ڪجو. ڇو ته اوچي ذات آهي متان اوهان کان انهن جي بي ادبي ٿي پوي.
(20) بزرگ سائين پيرو فقير فرمائيندا هئا ته، جنهن ماڻهو جو الله تعاليٰ سان تعلق هوندو تنهن جو مثال جنڊ جي ٻن پڙن وانگر آهي، جن ۾ ان جا داڻا وجهبا آهن ته جيڪي داڻا ڪير (جنڊ جي وچئين ڪِل) جي ڀر ۾ هوندا آهن سي ثابت پيا هوندا آهن پر ٻيا جيڪي ڪير کان پري هوندا آهن سي پيسجي اٽو ٿي ويند اآهن.
(21) سيد گل منير شاهه (ڳوٺ وهاب شاهه اسٽيشن) ڳالهه ڪئي ته، سائين پيرو فقير اسان وٽ ايندو هو. هڪ ڀيرو آيو ته، اسان جي ٻڪري ويائي هئي، جيڪا ڦرن کي نه پئي ڌارائي. هڪ ماڻهو ٻڪري جهلي بيهي ته پوءِ ڦرن کي ڌارائي. انهي مهل اسان جي وڏي ڏاڏي چيو سائين پيرو فقير! اسان جي هيءَ ٻڪري ڦرن کي ڌارائي نه ٿي، دعا ڪريو ته ڦرن کي ڌائڻ ڏئي. پوءِ فقير صاحب ٻڪريءَ جي ڪن ۾ جهلي مروٽ ڏيئي فرمايو ته، ڦر ڄاوا اٿئي هاڻي ڌارائين ڪا نه ٿي. اڃا مروٽ ڏيئي فقير صاحب هٿ ڪڍيو ته، ٻڪري ڊوڙي وڃي ڦرن جي مٿان ڪري ڌارائڻ لڳي.
(22) سيد ارشاد علي شاهه چيو ته، اسان جو ڏاڏو سيد وهاب شاهه آيو هو پيرو فقير وٽ، سيد وهاب شاهه گهوڙيءَ تي سوار هو. فقير صاحب سان ملي ڪچهري ڪري گهوڙيءَ تي سوار ٿيڻ لڳو ته، فقير صاحب چيس ته، سائين! ڪيڏانهن ٿا وڃو، ڪچهري ڦٽائي تڪڙا ڇو ٿا وڃو؟ سائين وهاب شاهه چيو ته، فقير صاحب! گهوڙيءَ ڇاڻو ڪيو آهي سو کيس گهوڙو ڏيارڻ ٿو وڃان. ته فقير صاحب چيو ته، توهان وڃو نه، گهوڙي اتي جو اتي سائي ٿي ويندي. پوءِ فقير صاحب اٿي وڃي گهوڙيءَ جي پٺن تي ٻه ٽي هٿ هڻي چيو ته سائين! هاڻي گهوڙي سائي ٿي وئي آهي. پوءِ قدرت خدا جي ڪجهه مهينن کان بعد ۾ گهوڙيءَ ڦر ٽنبي ڇڏيو ۽ ڪچو ڦر ڪيرائي وڌو. ڦر کي ڏٺائون ته پٺن ۾ کنڀ هئس.
(23) چون ٿا ته، سائين پيرو فقير وٽ هڪ ماڻهو ڄارڪي جو ايندو هو. ڄارڪي بوزدارن جو ڳوٺ آهي جيڪو ٽنڊي الهيار جي ويجهو چمبڙ روڊ تي آهي. اهو ماڻهو هڪ ڀيرو ڏينهن جو آيو. سڄو ڏينهن ويٺو رهيو. سانجهي نماز کان پوءِ چيائين فقير صاحب! سائين مون کي موڪل ڏيو ته هاڻي ڳوٺ وڃان. فقير صاحب چيو ته، ابا! پنڌ پري آهي. ته هن همراهه چيو ته، سائين! رات ڪٿي ترسندس پر توهان موڪل ڏيو ته وڃان. پوءِ فقير صاحب چيس ته، مون سان ٻاهر نڪري هلي آ. جڏهن اهو همراهه فقير سان گڏ ٻاهر نڪري آيو ته، فقير صاحب آڱر سان اشارو ڪري انهي همراهه کي چيو ته، اها ڳاڙهي بتي ڏسين پيو؟ ته همراه وراڻيو ته، هائو سائين! تنهن تي فقير چيس ته، اها آهي ڄارڪي شهر جي بتي. هاڻي انهي کي سڌو هليو وڃ چون ٿا ته، انهي همراهه اڃا چار پنج وکون مس کنيون ته سندس گهر پهچي ويو.
(24) حاجي محمد ابراهيم بهڻ ٽنڊو آدم واري چيو ته، ٽنڊو آدم ۾ الهڏنو بهڻ هو جنهن وٽ فقير صاحب ايندو هو. هڪ ڀيرو فقير صاحب اٺ تي چڙهي ويو ۽ الهڏني بهڻ سان ڪچهري ڪيائين. نماز جو ٽائم ٿيو ته، فقير صاحب نماز پڙهڻ هليو ويو. جڏهن نماز پڙهي فقير صاحب واپس آيو ته، الهڏني بهڻ عرض ڪيو ته، فقير سائين! توهان ويا نماز تي توهان جي اٺ منهنجو مٽ ڀڃي ڇڏيو ته فقير صاحب چيس ته ابا الهڏنا!! جي منهنجي اٺ تنهنجو مٽ ڀڳو آهي ته، اسان ان جي بدلي الله سائين کان تنهنجي لاءِ پٽ ٿا وٺي ڏيون، ڀلا انهي سودي تي راضي آهين!! ته الهڏنو تمام گهڻو خوش ٿيو ڇو ته الهڏني کي پٽ جو اولاد ڪو نه هو. فقير صاحب فرمايو ته، الله جي حڪم سان توکي پٽ ڄمندو ته نالو رکجانس ڪمال فقير ۽ انهي پٽ جون وصفون به ٻڌايائين. خدا جي قدرت، الهڏني کي پٽ ڄائو ۽ جيڪي به وصفون فقير صاحب ٻڌايون سي ان ۾ موجود هيون.
(25) استاد مفتي منٺار فقير چيو ته، اسان جي مدرسي ۾ هڪ ڇوڪر اتر جي پاسي جو پڙهندو هو. سو هڪ ڀيري چوري ڪري ڀڄي هليو ويو. اسان انهي ڇوڪري کي ڳوليندي ڳوليندي وڃي سندس ڳوٺ پهتاسون. اتفاق سان انهي ڳوٺ ۾ اهو ئي ڇوڪر ملي ويو. اسان سان مليو ۽ اسان کي وٺي وڃي سندس گهر جي ٻاهران بيهاريائين ۽ پاڻ گهر اندران پاڻي جو دلو ۽ تڏو کڻي آيو ۽ اسان کي چيائين ته ويهو آئون اچان ٿو. پاڻ جو ويو ته وري نه وريو. ڪجهه دير کان پوءِ سندس پيءَ آيو ۽ اسان کان حال احوال ورتو. اسان کيس سڄو احوال ڏنو پوءِ چيائين ته ابا هتي رات رهو صبح جو توهان کي پنهنجي رقم ملندي رات رهياسين. صبح جو اسان ڇا ڏسون ته، هڪ همراه کٽ تي ستو پيو آهي چار ماڻهو انهي کي کنيو پيا اچن ۽ انهن اها کٽ آڻي اسان جي سامهون رکي. ڏٺوسون ته، وڏي ڄمار جو همراهه آهي سندس پٽن اسان کي ٻڌايو ته، هيءَ اسان جو والد آهي. انهي اسان کان پڇيو ته، توهان ڪير ۽ ڪٿي جا آهيو؟ اسان انهي جهوني کي چيو ته، ٽنڊي آدم جي پاسي جا آهيون. پوءِ انهي جهوني شخص چيو ته، مون پيرو فقير شورو وڏي ڄمار ۾ ڏٺو هو. اسان فقير صاحب وٽ ويندا هئاسون. فقير صاحب الله جو نيڪ ٻانهو هو. انهي جهوني چيو ته، ٻڌم ته پيرو فقير جي پاڙي جا مهمان ٿي آيا آهن سو دل چيو ته ساڻن ملي اچان ٻيو ڪو به ڪم ڪار ڪونهي. سو اوهان جي زيارت لاءِ پاڻ کڻائي حاضر ٿيو آهيان ٻيو سارو خير.
(26) علي بخش عمراڻي سڪرنڊ واري ڳالهه ڪئي ته، هتي پيرو فقير شوري جي درگاهه تي سائين حاجي محمد شاهه ناصريءَ وارو آيل هو. انهن ڏينهن بابا وارا هتي (ڳوٺ پيرو فقير شوري ۾) ويٺل هئا. اسان جو ڏاڏو بچل سو سڪرنڊ ويٺل هو جيڪو سگهو سگهو پيو ايندو هو. انهي رات ڏاڏا بچل به آيو ته اسان ڏاڏا کي ٻڌايو ته سائين حاجي محمد شاهه فقيرن ۾ سائين پيرو فقير جي درگاهه تي آيل آهي. ڏاڏا سائين، حاجي محمد شاهه جو مريد به هو. سو جڏهن ڏاڏا سائين، حاجي محمد شاهه جي سامهون آيو ته حاجي محمد شاهه چيو ته، ابا خير ته آهي جو هتي پيو ڦِرين؟ ڏاڏي بچل وراڻيو ته، سائين فقير صاحب جي ڳوٺ ۾ منهنجو پٽ ٿو رهي تنهن سان ملڻ ايندو آهيان. پوءِ سائين حاجي محمد شاهه چيو ته بچل! تنهنجا ته ڀاڳ چئبا. اسان ته هنن جاين ۽ هنن فقيرن جي آستانن لاءِ سڪون پيا. تون پنهنجي پٽ سان به مليو وڃين ۽ فقيرن جي به زيارت ڪريو وڃين.
(27) هن وقت جنهن جاءِ تي پيرو فقير جو مقبرو آهي انهي جاءِ تي ڪافي وقت تائين ٻارن کي قرآن شريف پڙهائيندو رهيو. پوءِ جڏهن ڏاڏي سائين جو آخري وقت ٿيو ته پنهنجي پٽن کي چيائين ته، ابا! مون کي هن جاءِ تي رکجو يعني مسجد جي ڀر ۾. پٽن چيو ته، بابا پنهنجو ته قبرستان جعفر ڏيٿو ۾ آهي پنهنجا گهڻا وڏا ته اتي رکيل آهن. توهان وري هتي پيا چئو! ته پاڻ فرمايائون ته، ابا! هتي انهي ڪري ٿو چوان جو ڪو به نمازي مسلمان قل پڙهي بخشيندو ۽ مغفرت لاءِ دعا گهرندو، تنهنڪري بزرگ پيرو فقير کي هن جاءِ (موجوده مقبره واري جاءِ) تي سپرد خاڪ ڪيو ويو.
(28) دفن ڪرڻ کان بعد چار پنج مهينا گذريا ته، چون ٿا ته، پنڌرهن سورهن ماڻهو آيا ۽ اچي سائين پيرو فقير جي فرزند سان مليا. فقير سائين جي فرزندن کي حال احوال ڏيندي چيائون ته، اسان هندستان جا آهيون رڻ ڪڇ جي علائقي جا، اسان کي هن فقير صاحب جي خواب ۾ پارت ٿي پاڻ فرمايائون ته، آئون ٽنڊي آدم جي ڀر جو آهيان منهنجو نالو پيروفقير ۽ ذات جو شورو آهيان. منهنجي قبر تي اچي مقبرو ٺاهيو. سرون پنهنجي هٿن سان ٺاهجو بازار مان ٺهيل سرون نه وٺجا ۽ اسان کي هيءَ مسجد شريف، هيءَ نم جو وڏو وڻ ۽ قبر خواب ۾ ڏيکاري وئي. هن علائقي ۾ پهچڻ بعد اسان ڪافي قبرستان ۽ مسجدون ڏٺيون پر اهو نقشو جيڪو خواب ۾ ڏيکاريو ويو هو سو ڳولي ڳولي هتي اچي لڌو اٿئون. هاڻي اسان کي اجازت ڏيو ته، اسان درگاهه جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪريون. پوءِ پيرو فقير جي پٽن چيو ته، توهان ڀلي ٺاهيو. پوءِ انهن فقيرن ڪم شروع ڪيو. ڪچيون سرون ٺاهي پوءِ بٺو ٺاهي انهي ۾ پچايائون جڏهن سرون پچي تيار ٿيون ته، مقبري جو ڪم اوساري وغيره شروع ڪري تيزي سان تيار ڪري ورتائون. پوءِ چن ۽ ڳوڻ ملائي ان سان پلستر ڪيائون جنهن کي چيرولي يا نيرو پلستر چون ٿا. انهي سامان وٺڻ لاءِ هتان (درگاهه کان) حيدرآباد ويا ۽ سامان وٺي (چن ڳوڻ وغيره) اٺ ڪرائي تي ڪري کڻي آيا ۽ پلستر ڪيائون. پيرو فقير جي پٽن پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته، هي جڏهن ڪم مڪمل ڪري وٺن ته پنهنجي طرفان هنن کي ڪپڙن جا جوڙا ۽ اجرڪون ڏيون. سو جيترا همراه هئا اوترا ڪپڙن جا جوڙا سبرائي اجرڪون وٺي رکيائون ۽ انهن همراهن کان پڇيائون ته اوهان هن ڪم مان ڪڏهن فارغ ٿيندا ته هنن اهو ڏينهن ٻڌاين. پيرو فقير جي پٽن انهي ڏينهن لاءِ تياري ڪري ڇڏي. جڏهن انهي فارغ ٿيندڙ ڏينهن جي رات پوري ٿي ته صبح سوير، پيرو فقير جا فرزند ڪپڙن جا جوڙا ۽ اجرڪون کڻي آيا ليڪن اهي همراهه سندن بسترن تي موجود ڪو نه هئا بلڪه آڌيءَ جو ئي کٽون ۽ بسترا خالي ڇڏي الائي ڪهڙي پاسي روانا ٿي ويا. پيرو فقير جي فرزندن ڳوٺ وارن کان ۽ آسپاس وارن کان گهڻيئي پڇائون ڪيون ۽ تمام گهڻي ڳولا به ڪيائون پر انهن همراهن جو ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پيو. اڄ تائين نه انهن مان ڪا پهر آئي، نه ڪي سندن ڪو اولاد مان به آيو.
(29) ڪجهه سال ٿيا آهن ته، هندستان جي ٻاڙمير مان پيرو فقير جا ڪي مريد آيا هئا. چيائون ته اسان راهمان ذات جا آهيون. اسان جا 10 8 گهر سائين پيرو فقير جا مريد آهن. اسان جي وڏن وٽ پيرو فقير ايندو هو. اسان جا وڏا به بزرگ وٽ سندن ڳوٺ ايندا هئا. ڪافي وقت گذري ويو. اسان جا اهي وڏا به وفات ڪري ويا ۽ هندستان پاڪستان جي وچ واري سرحد تي تار به لڳي وئي. هاڻي اسان ريل رستي آيا آهيون. پوءِ اهي رات رهيا ۽ پوءِ واپس روانا ٿي ويا. جنهن مهل هتي درگاهه تي پهتا ته، جتيون ٻاهر لاهي ڇڏيائون پير اگهاڙا ڪري درگاهه تي پهتا ۽ قبر کي ڀاڪر وجهي تمام گهڻو رنا روئندي پئي چيائون ته، اسان جا وڏا ايندا هئا اسان جي ته اڄ قسمت ٿي آهي تڏهن اهي ڳالهيون ياد ڪري ٿا روئون.
انهن آيل راهمن ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته، اسان وٽ اسپنگر جو فصل جام ٿيندو آهي جڏهن اهو فصل تيار ٿيندو آهي ته کرو ٿيڻ وقت پهرين ڪجهه حصو خدا واٽ خيرات ڪڍي پيرو فقير جي روحن کي بخش ڪري پوءِ ٻيو گهر کڻي ويندا آهيون. ڪڏهن به ڪا ڏکيائي پيش ايندي آهي يا اگهائي ٿي پوندي آهي ته سائين پيرو فقير جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ ديڳڙو ڀت جو رڌي ٻارن کي کارائي دعا گهري ڇڏيندا آهيون ته اها تڪليف دور ٿي ويندي آهي.
(30) چون ٿا ته، جڏهن پيروفقير ننڍڙو هو ته سندس والده کيس صبح جي پهر گيهه ۾ ڪُٽي ٺاهي ڏيندي هيس، سو کائيندو هو. روزانه جي معمول مطابق کيس سڏي چوندي هئي ته ابا اچي ڪٽي کاء! ته پاڻ سندس والده کان ڪٽي وارو ٿانوء وٺي کڻي اچي ٻاهر ننڍڙن ٻارن کي سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندو هو. اهو ڏسي سندس والده چوندي هيس ته ابا هتي گهر ۾ ويهي ڇو نه ٿو کائين؟ ته وراڻيندو هو ته، امان! مون کي هڪ جيڏن ٻارن کانسواءِ ڪُٽي وڻي ئي نه ٿي.
(31) بهادر فقير ٿهيم چيو ته، اسان کي استاد منٺار فقير ٻڌايو ته، پيرو فقير شورو فرمائيندا هئا ته، ساريون اکريءَ ۾ وجهي مُهري سان جڏهن ڪٽي صاف ڪبيون آهن ته، انهن سارين کي اکري مُهري صفا ڪا نه ٿي ڪري، پر اهي ساريون پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان لڳي صفا ٿين ٿيون. الله وارن سان صحبت جو به اهو مثال آهي ته،دليون به نيڪن جي دلين سان قرب ويجهڙائي ۽ صحبت ۾ لڳي صاف ٿين ٿيون.