فقيري ۽ ولايت (هڪ تحقيقي جائزو)
جيئن ته، اسان جو هي زير نظر ڪتاب سنڌ جي هڪ بزرگ خليفي پيرو فقير شوري جي حالات بابت آهي جيڪو ملتان جي بزرگن جو خاص خليفو ۽ مريد هو. سندس فقيري سلسلي سهروردي سان وابستگي هئي. انهي ڪري اسان مناسب سمجهو ته، خليفي پيرو فقير جنهن فقيري واٽ جو پانڌيئڙو هو، جنهن سلوڪ ۽ معرفت جو سچو سالڪ هو، انهي سلوڪ ۽ معرفت جي باطني سفر ۽ ان گس پنڌ جي منزلن، طور طريقن، آدابن، شرطن، نشانين ۽ پار پتن بابت ڪجهه تفصيل سان جائزو پيش ڪجي ته جيئن پڙهندڙ انهي فقيري سلسلي جي فيض مان مستفيض به ٿين ته، ان جي ڏس تي هلي پنهنجو نفس پاڪ ۽ قلب صاف ڪري اندر اجاري، سلوڪ ۽ معرفت جي منزلن جي سڃاڻ ۽ پيروي سان آخرت آجي ڪن.
فقيري:
فقيري واري واٽ حقيقت ۾ دنيا جي سمورن مزن، نفساني لذتن، خواهشن، من مستين، هوڏ هستين يعني ته، ڇڙواڳ زندگي کي بلڪل ڇڏي ڏيڻ، ۽ دنيا ۾ رهندي آخرت جو فڪر ۽ ان جي تياري ڪرڻ سان نصيب ٿئي ٿي. فقيرانه زندگي ۾ سادو کائڻ سادو پائڻ، قناعت ڪفايت، خودداري ۽ خاموشي، صبر شڪر، تحمل برداشت، توڪل تواضع، نوڙت ۽ نيازمندي، گهٽ کائڻ ۽ گهٽ ڳالهائڻ، انسانيت جي ڀلائي، هر ڪنهن سان خير خواهي، سخاوت ۽ ڪشاده دلي، واتان ويڻ نه وارڻ بلڪه درگذر ڪرڻ جهڙيون عادتون پيدا ٿي پون ٿيون. جنهنڪري از خود ماڻهو تي فقيري رنگ چڙهي وڇي ٿو. ڇو ته اهي سڀ گڻ اندر کي اڇو اجرو ڪري اجاري باطن پاڪ ڪن ٿا. پر انهي لاءِ به هي ضروري آهي ته، ڪنهن به راهه تي هلڻ لاءِ رهبر (جيڪو گس جو سونهون هجي) جي ضرورت پوي ٿي فقيري رستي ۾ به رهبر کانسواءِ معرفت جي راهه جون منزلون پار نه ڪري سگهبيون، انهي ڪري ڪامل مرشد جي بيعت ۽ ان جي ٻڌايل ڏس ۽ ڏنل سبق تي هلي آساني سان اهو سفر طئي ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته، ڪو به شاگرد، استاد کانسواءِ علم ۾ ڪامل نه ٿو ٿي سگهي هن فقيري راهه ۾ به مرشد ڪامل کانسواءِ پنهنجي منهن مونجهارن ۾ ڦاسي اصل منزل تائين پهچي نه سگهبو.
فقيرانه زندگي لاءِ به شريعت بنيادي ڏاڪو آهي. شريعت جي احڪامن جي ڄاڻ هئڻ کانسواءِ جيڪڏهن ڪو فقيري اختيار ڪندو يا پنهنجي عقلي دليلن تي لڳي، جيڪي دل ۾ خيال آيو يا جيڪي سوچ آئي، تنهن مطابق هلي پيو ۽ فقيراڻو ويس ڪري وڃي ديرو ڄمايائين، ته به سڌي راهه کان ٿڙهي ويندو. ڇو ته شريعت جو علم، مسلمان لاءِ هڪ اهڙي روشني آهي جيڪا صراط مستقيم جي سڌي راهه تي وٺي هلڻ واري آهي ۽ ڪنهن به گمراهي جي کڏ ۾ ڪرڻ کان بچائي ٿي. انهي ڪري پنهنجي عقل کي به شريعت واري علم جي روشني ۾ هلائبو ته پوءِ يقيناً اهڙو ماڻهو خطا نه کائيندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ فرمايو هو ته، فضل العالم علي العابد کفضلي عليٰ ادناڪم. يعني شريعت واري علم جي عالم جي فضيلت هڪ اڻ پڙهئي عابد (عبادتگذار) تي ائين آهي جيئن منهنجي فضيلت (رسول الله ﷺ جي فضيلت) توهان اصحابن تي آهي. ساڳي مفهوم کي نظر ۾ رکي لطيف سائين به آگاهه ڪيو هو ته،
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
هوئج ٿابو تي ساڻ، ته پُسڻ کان پالهو رهين.
شاهه سائين فرمائي ٿو ته، طريقت يعني سلوڪ ۽ معرفت وارو فقيري رستو هڪ سهاري طور ڀلي وٺ، پر پهرين توکي شريعت جي احڪامن حرام حلال، جائز ناجائز، حق ناحق، پاڪ پليت، عبادات معاملات، اخلاقيات ۽ عادات وغيره کان واقفيت لازمي آهي. ڇو ته، شريعت سڳوري سٺن اخلاقن ۽ برن لڇڻن، هر معاملي ۾ صحيح ۽ غلط بابت وضاحت سان فرق ڪري ٻڌائي ٿي. خدا جو راضپو حق حلال، پاڪ ۽ صحيح طريقي ۾ آهي باقي ناحق، حرام، پليت ۽ غلط طريقي ۾ ته رب رسي ويندو. فقيري واٽ وٺڻ واري کي جي سڀ جا سڀ احڪام معلوم نه هجن ته به بنيادي عقيدن، توحيد ۽ شرڪ، سنت ۽ بدعت، هدايت ۽ گمراهي جهڙن عملن بابت ۽ زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي ضرورتن، گهر ٻار سنڀالڻ ۽ پاڙي جي پرگهور لهڻ وغيره بابت شريعت جي احڪامن جي ڄاڻ لازمي آهي. نه ته هر جاءِ تي کيس مونجهارو رهندو ته صحيح ڇا آهي ۽ غلط ڇا آهي؟ شريعت جي ڄاڻ نه هئڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن فقط عقل جي آڌار تي ڪو به فيصلو ڪندو يا ڪنهن کي ڪو مسئلو ٻڌائيندو ته جي شريعت جي حڪم جي خلاف هوندو ته، پوءِ فقيري ته گمراهي ۾ هلي ويندي! جنهن رب کي راضي ڪرڻ لاءِ فقيري اختيار ڪيائين سو رب احڪم الحاڪمين ته رسي ويندو!! اهڙي صورت ۾ ان جا عمل ڪنهن به ڪم جا نه رهندا!!!
باقي ماڻهن ۾ سندس فقيري جي شهرت، ته آخرت ڪو نه ڇڏائيندي، انهي ڪري فقيري رستي تي هلڻ لاءِ شريعت جي روشني لازمي آهي. شريعت کان ٿڙيل گمراهه صوفي ۽ فقير ته پاڻ به اوڙاهه ۾ ڪرندو ته، پنهنجي پوئلڳن کي به پاڻ سان گڏ برباد ڪندو. هي ڳالهه به واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته، فقيري جو مطلب جوڳين وانگر پنڻ کائڻ، لڏا کڻي هلڻ، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، يا وري جهنگ ۾ جهوپڙي ٺاهي خلق کان منهن موڙي اڪيلائي جي ڪنڊ ۾ ويهڻ، يا ڪنهن جبل جي غار ۽ چُر ۾ لڪي ويهي ورد وظيفا پڙهڻ، سڀني رشتن ناتن کان لڳ لاڳاپا ٽوڙي واسطا ڪَٽي تن تنها رهڻ، شادي، اولاد، گذر معاش لاءِ حق حلال روزي ڪمائڻ کان ڪنارو ڪرڻ، مطلب ته تارڪ الدنيا ٿي اڪيلي زندگي گذارڻ، اها ته فقيري ڪا نه ٿي، اها ته رهبانيت آهي. رهبانيت جي لفظ مان راهب لفظ نڪتو آهي. راهب عيسائين جي پادري کي چئبو آهي جيڪو تارڪ الدنيا بنجي اڪيلي زندگي گذاري ٿو ۽ سماج سان ۽ عام ماڻهو سان انهي جو ڪو به تعلق نه هوندو هو. ائين ئي هندن ۾ وري جوڳ پچائڻ چلا ڏها ڪڍڻ جهنگ ۾ تن تنها رهڻ وارا جوڳي وغيره آهن ته انهي رهبانيت واري زندگي لاءِ حضورﷺ جن فرمايو ته، لارهبانيت في الاسلام. اسلام ۾ رهبانيت لاءِ ڪا به گنجائش ناهي اسان هتي انهي فقيري جي پرچار نه ٿا ڪريون جيڪا رهبانيت آهي پر اسان جو مقصد زندگي سادي نموني گذارڻ، دنيا جي ناجائز عيش، لذتن ۽ مزن کان پاڻ پلڻ واري فقيري آهي.
رهبانيت جيڪري ئي الله تعاليٰ عيسائين کي قرآن شريف ۾ جن لفظن سان ننديو ۽ مذمت ملامت ڪئي سي هي آهن، وَرَهْبَانِيَّةَۨ ابْتَدَعُوْهَا (يعني انهن عيسائين رهبانيت جهڙي بڇڙي بدعت شروع ڪئي) پاڻ سڳوراﷺ ڪڏهن ڪڏهن سٺا ڪپڙا پائيندا ۽ سٺا کاڌا کائيندا به هئا. پر سندن طبيعت سڳوري جو اڪثر لاڙو دنيا جي ڏيک ويک، زرق برق ۽ سونهن سينگار ڏانهن بنهه گهٽ هو. پاڻ ڪريمﷺ فرمائيندا هئا ته، آدم جي اولاد کي هنن شين کانسواءِ ٻيو وڌيڪ حق ڪونهي. رهڻ لاءِ گهر، اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو، ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ رکي سکي ماني ۽ پاڻي (جامع الترمذي ابواب الزهد) بي بي عائشه سڳوري رضي الله عنها فرمائي ٿي ته، پاڻ ڪريمن لاءِ ڪڏهن به ڪو ڪپڙن جو جوڙو ويڙهي رکيو نه ويو. يعني سندن پائڻ لاءِ اهي ئي ڪپڙا هوندا هئا جيڪي سندن جسم مبارڪ تي پاتل هوندا هئا، رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪپڙا نه هوندا هئا. (ابن ماجھ ڪتاب اللباس)
فقير:
عربي ٻولي ۾ فقير اهڙي محتاج کي چئجي ٿو جنهن وٽ ويلي تي کائڻ جيترو مس هجي نه مال ملڪيت نه ڪي کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ ڪهڻ جا اسباب. بس هڪ ويلي تي گذاري جيترو کاڌو، انگ ڍڪڻ جيترو ڪپڙو، ڪا هڪ اڌ ڦاٽل رلي ۽ ڀڳل جهوپڙي. قرآن شريف ۾ لڳ ڀڳ اهڙي مفهوم لاءِ اهو لفظ جمع جي صورت ۾ الْفُقَرَاۗء ٿي استعمال ٿيو آهي يعني وَاللّٰهُ الْغَنِيُّ وَاَنْتُمُ الْفُقَرَاۗءُ. مطلب شاهوڪار آهي ته الله آهي، اوهان ته سڀ جا سڀ ڪنگال، سڃا ۽ محتاج آهيو. اوهان وٽ جو ڪجهه آهي سو سڀ الله جو ڏنل آهي. اوهان جي پنهنجي ڪا به ملڪيت ڪانهي. انهي آيت مان هر انسان جي ذهن، دل ۽ دماغ کي درست سوچ رکڻ لاءِ تنبيھ ٿيل آهي ته اي دولتمند! متان دولت ڏسي مست ٿئين!! اي عقلمند! متان عقل جي اڏام ڏسي آپي کان ٻاهر نڪرين ته اها منهنجي ذاتي ملڪيت آهي!!! بلڪ اهي سڀ الله جون عطا ڪيل نعمتون آهن، جن جو مالڪ هو پاڻ آهي انهن سڀني شين جا خزانا خدائي سرڪار جي قبضي ۾ آهن. جو خود پاڻ قرآن شريف ۾ فرمايو اٿس ته، وَلِلّٰهِ خَزَاۗىِٕنُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ. انهن سمورن خزانن جو مالڪ هو اهڙو شاهوڪار آهي جنهن جي خزانن ۾ کوٽ اچڻي ناهي. دنيا جو امير ته سڀاڻي فقير به ٿي ويندو. هر ماڻهوءَ پنهنجي مشاهدي ۾ ڪئين اهڙا فقير به ڏٺا هوندا جيڪي هاڻ امير ٿي ويا هوندا ته ڪئين اهڙا امير به ڏٺا هوندا جيڪي هاڻ فقير ٿي ويا هوندا. انهن خزانن جو اصل ڌڻي ته خود خدا آهي. جيئن شاهه لطيف فرمايو ته، ”ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا“ وڻيس ته ڪنهن کي مالا مال ڪري، وڻيس ته ڪنهن کي ڪنگال ڪري. ڏئي به اُهو ته کسي به اُهو. عزت به ان جي هٿ ۾، ته ذلت به ان جي هٿ ۾. بادشاهه توڙي گدا سڀ هن جا محتاج.
مٿي عرض ڪيو سون ته فقير اهو ٿيندو آهي جنهن وٽ مال اسباب نه هجي. دنيا ۾ جڏهن به ڪنهن ماڻهو تي ڪا تنگي، سڃائي ڪڙڪندي آهي ته اهو ماڻهو بيوس، محتاج ۽ لاچار ٿي پوندو آهي. ان ماڻهوء ۾ نه هٺ هوڏ رهندو، نه ڪي وڏائو ۽ وڏ ماڻهپو. بلڪ هو پاڻ کي سڀني کان گهٽ سمجهندو. اهو سڀ ان صورت ۾ آهي جو ڪو ماڻهو قدرتي طرح فقير بنجي وڃي. ڇو ته اهو اهڙو بي وس ۽ بي اختيار بنجي وڃي ٿو جو نه ڪا ڀلي سواري وٺي سگهي، نه ڪو اوچا ڪپڙا ۽ اوچا کاڌا کائي سگهي ۽ نه وري اوچن عاليشان محلاتن ۾ رهڻ جو سوچي سگهي. پر مال مايا، وس ۽ اختيار هوندي به جيڪڏهن ڪو فقيري رستو اختيار ڪري، سموري دنيا ۽ ان جي عيش عشرت تان دل کڻي فقط هڪ مولا وحده لا شريڪ سان لنئون لڳائي، دل ۾ حقيقي دوست جو ديرو ڄمائي ٿو ته، اهو آهي فقيري راهه تي هلڻ وارو. اهو آهي خدا جي حقيقي سچن ٻانهن مان هڪ ٻانهو. جن لاءِ قرآن شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته:
اَلَآ اِنَّ اَوْلِيَاۗءَ اللّٰهِ لَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا ھُمْ يَحْزَنُوْنَ 62ښ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ 63ۭ
لَھُمُ الْبُشْرٰي فِي الْحَيٰوةِ الدُّنْيَا وَفِي الْاٰخِرَةِ ۭ لَا تَبْدِيْلَ لِكَلِمٰتِ اللّٰهِ ۭ ذٰلِكَ ھُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 64ۭ.
(سورت يونس آيت نمبر 62، 63، 64 رڪوع 7 سيپارو 11)
يعني هيءَ ڳالهه واضح لفظن ۾ ٻڌي ڇڏيو ته، الله جي ولين (دوستن) کي نه مستقبل جو خوف خطرو ۽ نه ڪي ماضي جو ڪو ارمان، افسوس ۽ ڳڻتي. جن الله جي هيڪڙائي تي ايمان آندو ۽ پرهيزگار ٿي رهيا، اهڙن لاءِ دنيا جي زندگي ۾ بشارت ۽ خوشخبري آهي ته، آخرت ۾ به مبارڪون. الله جي ڳالهه ۾ ڪا به تبديلي ناهي. اها (خدائي بشارت) وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي.