ٿر ۽ بر ۾ خليفي پيرو فقير جا پنڌ
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
هو جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
سنڌ ڌرتي هميشه کان وٺي الله وارن ۽ اوليائن جي آماجگاهه رهي آهي، اهڙا بزرگ، ذڪر فڪر جي ذريعي، خلق کي پنهنجي حقيقي خالق سان ملائڻ ۽ عوام کي الله پاڪ سان جوڙڻ لاءِ، ڏينهن رات رياضت ۾ مصروف هوندا آهن. اهڙن صوفي بزرگن مان حضرت پيرو فقير شورو عليه رحمته هڪ هو، سندن وڏا اصل ٻُڍاپور ضلعي ڄامشوري مان لڏي اچي هاڻوڪي جوءَ ۾ آباد ٿيا جيڪا سنڌ جي قديم تخت گاهه، منصوره کان چند ميلن جي فاصلي تي ٽنڊو آدم جهول روڊ تي آهي، منصوره سنڌ جو هن وقت اهو ڦِٽل شهر آهي، جتي عرب دور ۾ 270هه/883ع ڌاري قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ٿيو، سنڌ بابت ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون جن مان ان جي عظمت ۽ فضيلت ظاهر ٿئي ٿي.
حضرت پيرو فقير شورو رح ننڍپڻ کان ئي نيڪ ۽ صالح طبيعت جو مالڪ هو، سندن خاندان جو روحاني تعلق، حضرت بهاءِ الدين زڪريا ملتاني عليه الرحمت جي گادي سان هو. پيرو فقير، عبادت ۽ رياضت جي ذريعي سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون ۽ خلافت جي درجي تي پهتو، حضرت غوث بهاءالدين زڪريا ملتاني عليه الرحمت، جڏهن علم جي تڪميل ڪرڻ کانپوءِ، بخارا ۽ خراسان ۾ رهي وڌيڪ علم جون سندون حاصل ڪيون ۽ حج بيت الله جي ادائگي بعد بغداد ۾ حضرت شهاب الدين سهروردي رحمت الله عليه کان خلافت جو خرقو وٺي واپس ملتان پهتو ته حضرت غوث پاڪ رح ڪي غير رسمي قدم کنيا. هڪ وڏو مدرسو ۽ خانقاهه تعمير ڪرايائين جتي هڪ پاسي مختلف علوم جي تحصيل ٿيندي هئي ته ٻي پاسي خانقاهه ۾ تزڪيه ۽ تربيت ٿيندي هئي. زراعت ۽ تجارت جا اصول ۽ طريقا به سيکاريا ويندا هئا. جماعتون تيار ڪري، دعوت و تبليغ لاءِ مختلف علائقن طرف موڪليون وينديون هيون جن وٽ تجارتي سامان به هوندو هو. غوثيه سهرورديه جماعت ۾ حضرت غوث پاڪ رح کان وٺي، تبليغي قافلا تيار ڪري سفر تي نڪرڻ جي وڏي اهميت رهي آهي. انهي کي تزڪيه ۽ تربيت جو بهترين نظام سمجهيو ويو آهي. قافلن جي صورت ۾ ڪڏهن سوارين تي ۽ ڪڏهن پيادل پنڌ ڪبو هو، ان ڪري هن راهه جي فقيرن کي پانڌي به سڏبو آهي. غوثيه جماعت ۾ سماع ۽ تسبيحات جو ذڪر به ٿيندو آهي، غوثيه جماعت ۾ دعوت طعام جو به رواج آهي، جنهن کي خاص نالو ”روٽ“ ڏنو ويو آهي. ذڪر جي تسبيحات ۾ ڪلمي طيبه جو ورد ڪيو ويندو آهي. اهي تسبيحات ٽي آهن. 1. ڪلمه طيب جو پهريون حصو لااِلا الالله 2. الله 3. هو سنڌ ۾ ، سماع ۽ ذڪر فڪر جو سلسلو غوثيه جماعت کان شروع ٿيو آهي، سماع ۾ پهريون الله جي تعريف ڪبي آهي، پوءِ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي محبت ۽ عظمت جو ذڪر ٿيندو آهي. ان کانپوءِ مرشد جي منظوم مدح ڪئي ويندي آهي. انهي سان فقيرن جو ايمان تازو ٿيندو آهي. منجهن جوش جذبو پيدا ٿيندو آهي.
حضرت پيرو فقير به ساڳيو طريقو استعمال ڪيو. ذڪر و فڪر جون جماعتون تيار ڪري، سنڌ هند ۾ موڪليون وينديون هيون، حضرت پيروفقير رح، ٿر جون جماعتون تيار ڪرائي ملتان ۾ تربيت ڪرائي واپس ٿر ۽ ناري ۾ موڪليندو هو. اهي جماعتون سماع ۽ ذڪر فڪر جون مجلسون قائم ڪري، الله ۽ الله جي رسولﷺ جي محبت جو درس ڏينديون هيون، اهڙين جماعتن جي تياري ۾ جن مقامي ماڻهن مدد ڪئي. تن ۾ ڳوٺ عيداڻي تعلقه ڇاڇرو مان سميڙو فقير راهمون ۽ ڳوٺ ساڪري راهما، ڳوٺ ساڪريو سميجا، ڳوٺ لاکڻيون، ڳوٺ ويراڙو سميجا جا ڳوٺ و ٻهراڙي، ڳوٺ کيمي جو پار، ڳوٺ رڙاڪر، ڳوٺ سڄڻ پار، ڳوٺ ڍوري، ڳوٺ صلاحاڻي، ڳوٺ جيسي جو پار، ڳوٺ ٻگل سميجا ۽ ننگرپارڪر وغيره جا فقير شامل هوندا هئا. سميڙو فقير تمام گهڻو سرگرم هوندو هو، حضرت پيرو فقير کيس سدائين گڏ کڻندو هو. حضرت پيرو فقير ارڙهين صدي جي پڇاڙي ۾ 1770ع/1184هه ڌاري ڄائو ۽ 19 صدي جي آخر ۾ 3 مارچ 1889ع مطابق 6 رجب 1306هه تي رحلت ڪري ويو. پيرو فقير عليه الرحمت کي الله تعاليٰ وڏي ڄمار ڏني هئي. سندس دور ۾ ملتان ۾ غوثيه درگاهه جا گادي نشين حضرت بيبي مخدومه راجي رح، حضرت مخدوم شاهه محمود قريشي اول، حضرت مخدوم بهاول بخش قريشي رهيا آهن، پيرو فقير جي رحلت کانپوءِ سندس پٽ، عبدالواحد فقير، عبدالرحمان فقير، عبدالرئوف فقير، ادريس فقير، ابراهيم فقير ۽ پوٽن ۾ حاجي ڏاڏو خضر فقير رح ۽ حاجي محمد فقير رح غوثيه جماعت ۾ سرگرم رهيا، ان کانپوءِ حاجي محمد صديق فقير، حاجي شفيع محمد فقير رح، حاجي عبدالله فقير، يار محمد فقير وغيره سنڌ ۽ ٿر ۾ دورا ڪري جماعتون تيار ڪري ملتان موڪليندا رهندا هئا. اهڙي طرح سهروردي سلسلي جو فيض سنڌ ۽ هند ۾ ، حاجي پيرو فقير رح جي پوين جي ذريعي به پکڙندو رهيو، 1945ع کانپوءِ حاجي محمد فقير شورو رح جي قافلي ۾ استاد منٺار فقير خاصخيلي رح اچي شريڪ ٿيو جيڪو سندن پاڙيسري ڳوٺ سچيڏنو ورياهه ۾ مدرسو کولي شاگرد پڙهائيندو هو ۽ عالم گهرائي پاڻ به انهن کان اعليٰ علوم جي تحصيل ڪندو هو. اهڙي طرح درس نظامي جو نصاب پورو ڪري 1380هه /1960ع ۾ چاليهه سالن کان وڌيڪ ڄمار ۾ دستار بند ٿيو هو. سميڙو فقير راهمون جي اولاد ۾ سومار فقير راهمون، ڏاڏو خضر فقير ۽ حاجي محمد فقير شورو سان نڀائيندو رهيو، سومار فقيرراهمون جو فرزند، فقير لکمير راهمون (1339هه /1920ع….. 1991ع، آخر تائين فقيرن سان صحبت ۽ سفر ۾ نڀائيندو رهيو، ڪجهه وقت منهنجو والد صاحب مرحوم محمد حيات راهمون (1925ع – 2006ع) به 1948ع /1368هه ۾ حاجي پيرو فقير رح جي ڳوٺ ۾ فقير لکمير راهمون سان گڏ رهيو ۽ تزڪيه ۽ تربيت جو مرحلو طئي ڪيائين، پوءِ حاجي محمد فقير ۽ ٻين جون ڳوٺ ڪيرلو ۾ دعوتون به ڪندو هو، فقير لکمير به گڏ هوندو هو، اهڙو پروگرام ٺاهي حاجي شفيع محمد فقير، حاجي عبدالله فقير، حاجي منٺار فقير ۽ ٻيا ڳوٺ عيداڻي کان ٿي، اسان وٽ 1969ع ۾ ڳوٺ ڪيرلو تعلقه عمر ڪوٽ ۾ پهتا هئا، جتي استاد منٺار فقير عليه الرحمت جمعو پڙهايو هو ۽ درس قرآن به ڏنو هو.
حاجي محمد فقير شورو سان گڏجي استاد منٺار فقير خاصخيليرح ٿر، سنڌ ۽ پنجاب جا ڪيترائي سفر ڪيا، استاد منٺار فقير رحمت الله عليه (1914ع /1332هه…..2006/1427هه) چوندو هو ته ”اسان ٻاهريان عالم سڳورا گهرائي پنهنجي ڳوٺن ۾ جلسا ڪرائيندا هئاسون“، جن ۾ مولانا عبدالحق ڀٽو پڊعيدن واري جو خاص طور تي نالو وٺندو هو، ”جماعت ٺاهي ڳوٺن ۾ دعوت و تبليغ جو ڪم ڪندا هئاسون، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر بزرگن ۽ عالمن سان ملڻ لاءِ سفر ڪندا هئاسون.“ اهڙا سفرناما استاد منٺار فقير ڊائرين تي لکيا به آهن جيڪي مدرسي ۾ مفتي محمد يعقوب مگسي صاحب وٽ محفوظ آهن. هن وقت مفتي صاحب استاد منٺار فقير عليه رحمت جو مدرسو تمام سٺي نموني هلائي رهيو آهي.
مون پهريون ڀيرو، هنن الله وارن بزرگن جي زيارت 1969ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪئي، ان کانپوءِ جڏهن ميٽرڪ جو امتحان ڏيئي ديني تعليم وٺڻ جو عزم ڪيو ۽ چاچي فقير لکمير رح ۽ بابا سان مشورو ڪيم ته هنن ٻنهي بزرگ فقيرن جي دوست فقير منٺار خاصخيلي جي مدرسه عربيه ڳوٺ سچيڏنو ورياهه ۾ پڙهڻ جي صلاح ڏني، آئون 29 شعبان 1399هه مطبق 25 جولائي 1979ع تي ڪيرلو ٿر مان روانو ٿي شام جو ٽنڊو آدم مان ٿي ڳوٺ حاجي پيرو فقير شورو ۾ پهتس، فقير شفيع محمد، عبدالله فقير، احمد فقير، فقير مولوي محمد صديق ۽ ٻيا مليا، مون کي ڏاڍو پيار ۽ مان ڏنائون. اها رمضان شريف جي پهرين رات هئي. ان وقت منهنجي عمر 20 سال کن هئي. فقيرن وڏي سِڪ ۽ اُڪير سان فقير لکمير، بابا سائين ۽ ٻين جو احوال ورتو، ڏاڍا خوش ٿيا، مون استاد فقير منٺار جي مدرسي ۾ پڙهڻ جو ارادو ڏيکاريو ته ويتر گهڻو خوش ٿيا، ٻي ڏينهن ماڻهو گڏ ڪري مونکي مدرسي موڪليائون. استاد منٺار فقير مرحوم واقعي مَن کي ٺاريندڙ ثابت ٿيو، مونکي وڏي محبت ۽ شفقت سان پنهنجو شاگرد قبول ڪيائين، ٿر جا احوال ورتائين پاڻ به ٿر جي سفر جا احوال ڏنائين، الله پاڪ جو مون تي وڏو احسان آهي جو مونکي فقيرن جي معرفت استاد فقير منٺار عليه الرحمت وٽ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ٿيو، مونکي استاد فقير منٺار مرحوم منهنجي مرضي مطابق تعليم ڏني، اهو سندن اخلاقي ڪمال هو، ڪيترن ئي سالن جو نصاب مون انتهائي مختصر عرصي ۾ پورو ڪيو، الله پاڪ شال مٿن رحمتن جا وڏ ڦڙا مينهن وسائي ۽ سڀني کي جنت الفردوس عطا فرمائي.
اسان جي ڳوٺ ڪيرلو مان فقير حسين راهمون به پيرو فقير شورو ڳوٺ ۾ رهيو، قرآن شريف ۽ سنڌي پڙهيو، پوءِ اسان جي ڳوٺ ۾ جمعو نماز به پڙهائيندو هو، هڪ ڄنگهه کان معذور به هو، مون ڪوشش ڪري، فقير لکمير جي پٽ دوست علي کي ۽ منهنجي ماروٽ عبدالستار کي استاد جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو پر اهي گهڻو وقت پڙهي نه سگهيا، منهنجي ڳوٺ مان عبدالحليم راهمون کي به هن مدرسي ۾ داخل ڪرايو مگر هو به ٿورو وقت رهي سگهيو، دوست علي راهمون اڃا فقيرن سان نڀايو اچي.
منهنجو واسطو حاجي پيرو فقير شورو ڳوٺ سان ۽ استاد منٺار فقير سان قائم رهيو آهي. جڏهن به پيرو فقير ڳوٺ ويندو آهيان ته ، فقير صاحبان تمام گهڻي محبت ۽ عزت ڏيندا آهن، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پوري ڳوٺ جو حال احوال وٺندا آهن. اُستاد منٺار فقير عليه الرحمت ته ايتري محبت ڏيندو هو جيتري والدين کان ملندي آهي. اسان جي وڏن جا ساٿي حاجي محمد فقير شورو جن 10 رمضان 1376هه مطابق 11 اپريل 1957ع ۾ رحلت ڪري ويا. حاجي شفيع محمد فقير 20 ربيع الاول 1401هه مطابق 27 جنوري 1981ع بروز اڱاري تي رحلت ڪري ويو، حاجي عبدالله فقير 4 جمادي الثاني 1401هه 10 اپريل 1981ع تي وصال ڪري ويو، فقير مولوي حاجي محمد صديق 21 شعبان 1414هه مطابق 5 فيبروري 1994ع تي لاڏاڻو ڪيو، مولانا محمد يامين شورو کي آفرين آهي جنهن خليفي پيرو فقير جو احوال قلم بند ڪري ڇپايو آهي. هاڻي حاجي پيرو فقير شورو جي پوين مان فقير حاجي جان محمد ، فقير مولوي عبدالرحمان شورو ۽ ٻيا پنهنجي وڏن جا تعلقات نڀايو پيا اچن، الله تعاليٰ کين دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب ڪري، حاجي پيرو فقير جا پويان، ملتان وارن بزرگن سان ناتو نڀائيندا پيا اچن، ملتان وارا بزرگ جڏهن سنڌ ۾ جماعتي دورو ڪندا آهن ته پيرو فقير شورو جي ڳوٺ ۾ ضرورو منزل ڪندا آهن. رات رهندا آهن ذڪر فڪر جون مجلسون ٿينديون آهن، حضرت مخدوم بهاول بخش قريشي کانپوءِ ، حضرت مخدوم حسن بخش قريشي رح، حضرت مخدوم مريد حسين قريشي، حضرت مخدوم سجاد حسين قريشيرح، به قدم گهمائيندا رهيا آهن. هاڻي حضرت مخدوم شاهه محمود قريشي به پيرو فقير شورو جي ڳوٺ وارن کي زيارت جو شرف بخشيندرو رهندو آهي، هي صدين کان روحاني نسبت آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي، انشاء الله تاقيامت قائم رهندي، اها نسبت الله پاڪ جي وحدانيت ۽ رحمت للعالمين جي سنت ۽ محبت جي نسبت آهي، حاجي پيرو فقير شورو جي اولاد جي روحاني نسبت، ڳوٺ عيداڻي ڇاڇرو ۾ سميڙو فقير راهمون جي اولاد سان ڳوٺ ڪيرلو ۾ محمد حيات راهمون جي اولاد سان قائم آهي ۽ انشاالله قائم رهندي. انهي نسبت کي قائم رکڻ ۾ اصل ڪمال پيرو فقير عليه الرحمت جي اولاد جي محبت ۽ شفقت ، سخاوت ۽ فياضي اخلاق ۽ سهڻو ڪردار آهي. حضرت پيرو فقير رحمت الله عليه کان وٺي اڄ ڏينهن تائين فقيرن ۾ مسافرن ۽ مهمانن لاءِ ننگر خانو ائين جاري هوندو آهي جيئن حضرت غوث بهاء الدين زڪريا رح ملتاني جاري ڪيو هو. ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اڄ کان ست سئو سال اڳ حضرت غوث بهاء الدين زڪريا جيڪو دعوت تبليغ جو سلسلو قافلن جي صورت ۾ سُنت نبوي مطابق جاري ڪيو هو. سو وري عالمن جي نگراني ۾ حضرت مخدوم شاهه محمود قريشي صاحب جي سرپرستي ۾ شروع ٿئي. اهڙو دعوت و تبليغ جو سلسلو سنت نبوي جي روشني ۾ شروع ڪرڻ جي صلاحت ۽ قابليت حضرت مخدوم شاهه محمود قريشي ۾ اتم موجود آهي.
امت مسلمه جي اصلاح جو اهڙو پروگرام شروع ڪرڻ جي گذارش مخدوم صاحب جن کي 2003ع واري عرس تي ملتان ۾ هن عاجز پنهنجي تقرير ۾ به ڪئي هئي. غوثيه جماعت ۾ فڪرمند، اهل علم ۽ سنجيده دوستن کي هن طرف توجه ڏيڻ جي وري درخواست عرض رکان ٿو. هن وقت به امت کي قريشي قيادت جي اشد ضرورت آهي. سهروردي بزرگ جو ڪتاب عوارف المعارف مترجم پروفيسر محمد عمر مڱريو ۽ غوث پاڪ جا ڪتاب غوثيه جماعت جي مطالعي لاءِ عام ٿيڻ کپن.
پروفيسر مراد علي راهمون
18 جنوري 2017ع شانتي نگر، گلشن اقبال، ڪراچي.