تحقيق جو بنيادي پٿر
اصل ۾ اهو نالو ٻارهين صدي هجري جي آخر، ويندي تيرهين صدي ۽ چوڏهين صدي هجري جي بلڪل اوائلي بزرگن مان سهروردي سلسلي جي بزرگ خليفي پير محمد عرف پيرو فقير شوري جو آهي، جيڪو ملتاني بزرگن سان بيعت ۽ سلوڪ ۾ واسبته رهيو.
منهنجي ڄاڻ موجب هن بزرگ خليفي بابت سنڌ جي اوليائن تي لکيل تاريخن ۾ نالي ماتر به مواد نظر مان ڪو نه گذريو آهي. اسان پنهنجي ڄاڻ، تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ مطابق هيستائين جيڪي معلوم ڪري سگهيا آهيون سو هن ڪتاب ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. ڪجهه وقت اڳي آئون پهريون ڀيرو پنهنجي دوست مولوي عبدالڪريم شورو ڏيئي ٽنڊو باگو واري سان گڏ، پيرو فقير شورو جي خانقاه، واقع ڳوٺ پيرو فقير شورو لڳ ڳوٺ سچيڏنو ورياهه نزد جهول روڊ ٽندو آدم ڏي ويس. جتي اسان جي پهرين ملاقات ڳوٺ جي معزز جناب حاجي مختيار علي شوري سان ٿي، جيڪو ٽنڊو آدم جي خانداني زميندارن ۾ نالي وارو ۽ تمام خوش اخلاق، وڏي اثر رسوخ وارو، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان به ڄاتل سڃاتل شخصيت، مهمان نواز، قومي همدرد ۽ قومي ڪاز لاءِ بهتر ۽ سڌارڪ سوچ وارو آهي. ساڻس پهرين ملاقات ۾ ڪچهري ڪندي کانئس ڏاڍو متاثر ٿيس.
حاجي مختيار صاحب وٽ مانجهاندو ۽ ڪچهري ڪري اجازت وٺي درگاهه پيرو فقير شوري ڏي وياسون، جتي درگاهه سان لڳ مسجد نظر آئي ۽ درگاهه جي ڏاکڻي پاسي ديني درسگاهه ڏٺي سون. مسجد ۾ قرآن شريف جي تعليم لاءِ هڪ استاد به مقرر آهي جيڪو ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهائي ٿو. البت ڳوٺ جون نياڻيون هن درسگاهه ۾ فقير جان محمد شوري وٽ پڙهن ٿيون. فقير جان محمد شورو الله لوڪ بزرگ آهي جيڪو هن درگاهه جو متولي به آهي. اتي پهچڻ سان فقير حاجي جان محمد شوري سان ملاقات ٿي. اڃا ساڻس خوش خير عافيت ڪري ڪچهري پئي ڪئي سون ته سندس عزيز مولوي عبدالرحمان ولد مولوي محمد صديق شورو به اچي مليو. مولوي عبدالرحمان شورو فقير منٺار خاصخيلي مرحوم جي خاص شاگردن مان آهي. سندس والد مولوي محمد صديق شوري جو فقير منٺار سان خاص تعلق هو ۽ فقير منٺار جي مدرسي جي خدمت ڪرڻ ۾ پيش پيش ۽ درس تدريس ۾ به شريڪ ڪار هو.
ڪچهري دوران بزرگ پيرو فقير شوري جي سوانحي حالات بابت معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته، مذڪوره بزرگ جي زندگي جا حالات قلمبند ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي آهي جنهنڪري منهنجي همسفر مولوي عبدالڪريم شورو (ڏيئي ٽنڊو باگو) مون کي حڪم ڪيو ته، بزرگ پيرو فقير شوري جي حالات کي تاريخ ۽ واقعات جي روشني ۾ سهيڙي ترتيب ڏيان. هي تحرير انهي حڪم جي بجا آوري تحت لکي ابتدا ڪئي اٿم. علاوه ازين درگاه پيرو فقير جي سجاده نشين فقير حاجي جان محمد شوري ۽ مولوي عبدالرحمان شوري کي به عرض ڪيم ته، توهان به جيڪي معلومات رکو ٿا سا مون کي عنايت ڪريو ته جيئن انهي جي روشني ۾ هڪ معلوماتي ڪتاب مرتب ڪريان. پيرو فقر شوري بابت هيستائين فقط هڪ تحرير ئي مضبوط ۽ پڪي معلومات طور جيڪا جيتوڻيڪ مختصر آهي پر هڪ قابل اعتماد اهل علم بزرگ مولانا مفتي محمد صديق عرف فقير منٺار خاصخيلي مرحوم جي آهي.
منٺار فقير بابت ٻڌڻ ۾ آيو ته، پيرو فقير شوري جي پوٽي خضر فقير شوري سان ڪجهه وقت سفر ۽ حضر ۾ گڏ گذاريو هئائين. ان کي پيرو فقير جو گهڻو ڪجهه احوال معلوم هو. هن وقت پيرو فقير شوري جي درگاهه واري مسجد جي مُهاڙي واري وچين دروازي مٿان سنگ مرمر تي نقش ٿيل، فقير منٺار جي لکيل عربي ۾ تحرير موجود آهي. بس اها ئي تحرير قابل اعتماد آهي. آئون پهرين اها عربي عبارت نوٽ ڪريان ٿو ۽ پوءِ ان جو سنڌي ترجمو ڪري، وڌيڪ اڳتي پنهنجي گڏ ڪيل معلومات جيڪا انهي دؤر جي تاريخي جهلڪين تي مشتمل آهي سا پيش ڪندس.
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
رَبَّنَا تَقَبَّلْ مِنَّا ۭ اِنَّكَ اَنْتَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ
اول من بنيٰ هذا المجسد پيرو فقير شورو (عليھ الرحمة) قبل وفاتھ ثمانين سنة. و بنيٰ حجرة من جنوبھ متصلاً لتعليم القرآن واحڪام الاسلام. و درس فيھ زماناً طويلاً. فلما ضعف و عجز من اجراءِ شغلھ، اجريٰ ابنائھ و طلبائھ. رحل من دارا الفنا اليٰ دارالبقا 6 رجب 1306هه وکان عمره ماة و عشرين سنة. و دفن في جنوب مسجدڪ. وکانوا بنوه و بنو بنوه ڪلهم صالحين متورعين سلڪوا عليٰ طريقة السلف جزاهم الله خيرالجزاء فلما ضعف بنيان مسجد لمرور زمان طويل جدد تعميره من اولاده فقير احمد بن فقير حاجي شفيع وابن عمھ مولوي محمد صديق شورو بن فقير عبدالله في جمادي الثاني 1404هه تقبل الله سعيهما وسعي انصارهما. (منٺار فقير جو لکيل عربي تعارف ۽ تاريخ تعمير مسجد پوري ٿي)
ترجمو: الله تعاليٰ جي نالي سان شروع ڪريان ٿو، جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو اهي.
اي اسان جا پالڻهار! اسان جون دعائون قبول فرماءِ، بيشڪ تون ئي دعائون ٻڌڻ وارو ۽ ڄاڻڻ وارو آهين.
هيءَ مسجد شريف پهريون ڀيرو جنهن بنائي هئي، سو هو بزرگ پيرو فقير شورو رحمة الله عليھ. جيڪا فقير صاحب جي وفات کان 80 سال اڳ (يعني 1266هه مطابق 11 1812ع ڌاري) ٺهي راس ٿي هئي. مسجد جي تعمير کان علاوه فقير صاحب مسجد جي لڳ ڏاکڻي پاسي قرآن شريف جي تعليم ۽ عام ماڻهن کي دين اسلام جا احڪام سيکارڻ ۽ ذڪر فڪر جي تلقين ڪرڻ لاءِ هڪ هال ڪمرو به تعمير ڪرايو. جنهن ۾ سالن جا سال بزرگ پيرو فقير شورو قرآن شريف جي تعليم سان گڏ سلوڪ ۽ معرفت جي طالبو فقيرن کي ذڪر فڪر جي تلقين به ڪندو رهيو. جڏهن پاڻ وڏي عمر هئڻ سبب جسماني طرح ڪمزور ٿي ويو ۽ تعليم و تدريس، ۽ ذڪر فڪر واري تلقين کي پوري طرح سر انجام نه پيو ڪري سگهي ته، ساڳي ڪم ۽ سلسلي کي سندس فرزندن ۽ شاگردن جاري رکيو. بزرگ پيرو فقير شورو 6 رجب 1306هه (يعني 1892ع ڌاري) 120 (هڪ سوويهه) سالن جي عمر ۾ دارالفنا ڇڏي دارالبقا ڏي راهي ٿي واصل بالله ٿيو. سندس مزار، مسجد جي لڳ ڏکڻ طرف آهي. جتي صبح شام زائرين دعاءِ مغفرت ۽ ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪندا رهن ٿا. اهڙي طرح پنجئي وقت فقير صاحب لاءِ ايصال ثواب جو سلسلو جاري آهي. بزرگ پيرو فقير جا پٽ توڙي پوٽا سڀ جا سڀ نيڪ صالح، ديندار، شريعت جا پابند ۽ طريقت جي راهه تي هلڻ وارا ۽ پنهنجي وڏن بزرگن ۽ اڪابرن جي واٽ جا پانڌي هئا. الله تعاليٰ انهن سڀني کي سندن نيڪ عملن جو بهتر اجورو نصيب فرمائي. آمين.
جڏهن گهڻو زمانو گذرڻ ڪري مسجد جي عمارت زبون ۽ بوسيده ٿيڻ لڳي ته ان جي نئين سر اڏاوت جو ڪم، پيرو فقير شوري جي اولاد مان فقير احمد بن فقير حاجي شفيع محمد مرحوم ۽ سندس سؤٽ مولوي محمد صديق شورو بن فقير عبدالله شورو جمادي الثاني 4014هه (مارچ 1984ع) ۾ سر انجام ڏنو. الله تعاليٰ انهن ٻنهي بزرگن (فقير احمد ۽ مولوي محمد صديق) جي مسجد جي تعمير لاءِ ڪيل محنت ۽ ڪوشش قبول فرمائي ۽ جن به هن مسجد جي تعمير جي سلسلي ۾ جيترو به تعاون، مدد ۽ ڪوشش ڪئي تن سڀني کي الله تعاليٰ بهتر اجورا نصيب فرمائي. آمين.
(فقير منٺار جي لکيل عربي تعارف جو سنڌي ترجمو پورو ٿيو)
منٺار فقير مرحوم جا اسان احسان مند آهيون، جنهن اسان لاءِ مسجد جي تعمير، ۽ پيرو فقير جي خدمتن ۽ سندس سال وفات ۽ عمر بابت عربي ۾ مختصر تعارفي جملا لکي، ڪافي رهنمائي ڪئي آهي. ور نه ته شايد بزرگ پيرو فقير بابت اها مختصر پڪي معلومات به ملي نه سگهي ها.
هاڻي اسان فقير منٺار مرحوم جي ليکت کي سامهون رکي بزرگ پيرو فقير شوري جي سن ولادت ۽ هجري سال مطابق عيسوي سن معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون.
ياد رهي ته، ڪجهه سال اڳي جهانگير صد ساله جنتري جي نالي سان هڪ ڪتاب جهانگير بڪ ڊپو اردو بازار لاهور وارن پهريون ڇاپو 1976ع ۾ ڇپرايو هو. انهي سؤ ساله جنتري ۾ هجري، عيسوي ۽ وڪرمي ڪيلينڊر مطابق سؤ سالن جا مهينا، تاريخون ۽ سال لکيل هئا جيڪي هڪ ٻئي جي مطابق ۽ برابر هئا. مذڪوره جنتري جي ابتدا، 1 جنوري 1901ع مطابق 9 رمضان 1318هه ۽ پوهه 1957 وڪرمي، ۽ پڄاڻي 1 ڊسمبر 2000ع مطابق 4 رمضان 1421 هه ۽ ماگهه 2057 وڪرمي تي ڪيل هئي. (يعني هڪ سؤ سال جو ڪلينڊر)
اسان مولانا مفتي محمد صديق خاصخيلي مرحوم عرف استاد فقير منٺار جي لکيل تاريخ وفات 6 رجب 1306هه جو مطابق سن عيسوي مٿئين سؤ ساله جنتري کي سامهون رکي غور ڪيو ته، 1889ع ٿيو. پر جيئن ته هجري سال ۽ عيسوي سال ۾ هي فرق هوندو آهي ته، عيسوي سال ۾ گهڻو ڪري 365 (ٽي سؤ پنجهٺ) ڏينهن ٿين ٿا. ڇو ته عيسوي سال ۾ 31 (ايڪٽيهه) ڏينهن وارا 7 مهينا، ۽ 30 (ٽيهن) ڏينهن وارا 4 مهينا، باقي فيبروري ڪڏهن 28 ڏينهن جو ته، ڪڏهن 29 ڏينهن جو ٿئي ٿو. هجري سال وري گهڻو ڪري 355 (ٽي پنجونجاهه) يا 345 (ٽي سؤ پنجيتاليهه) ڏينهن وارو ٿئي ٿو. اهڙي ريت هجري سال، عيسوي سال کان اڪثر 10 (ڏهه) ڏينهن ننڍو ٿيندو آهي. انهي حساب کي سامهون رکي اسان جڏهن بزرگ خليفي پيرو فقير جي 120 (هڪ سؤ ويهه) سال ۾ آيل هجري سالن جي هر سال تي 10 ڏينهن واري ڪمي جوڙ ڪنداسون ته 120 سالن ۾ ٽوٽل 1200 (ٻارهن سؤ) ڏينهن ٿيندا، جنهن جا 3 سال، 3 مهينا ۽ 24 ڏينهن ٿين ٿا. ته هاڻي جڏهن خليفي پيرو فقير جي وفات واري سال 1406هه جو مطابق عيسوي سال ڪڍنداسون ته مٿئين حساب مطابق 1892ع ٿيندو. هاڻي اسان جي سمجهه مطابق جنهن صورت ۾ استاد فقير منٺار مرحوم صاحب خليفي پيرو فقير جي تاريخ وفات 6 رجب 1306هه لکي آهي ته، ان مطابق يقيني طرح عيسوي سال وفات 1892ع ٿئي ٿو. خليفي پيرو فقير جي تاريخ وفات بابت تفصيلي بحث هن ڪري ڪيو اٿم ته پڙهندڙ حضرات انهي تي غور ڪري تنقيدي نظر وجهن. جيڪڏهن منهنجو نڪته نظر درست آهي ته ٺيڪ جي نه ته، سندن درست تحقيق مطابق آئون پنهنجي غلطي جو ازالو ڪري هن ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن ۾ اهڙي درستي ڪري ڇڏيان.