ناول

محبت جي تنهائي

سعيد لکي ٿو:
”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
Title Cover of book محبت جي تنهائي

مهاڳ : وحشتن جي موسم ۾ مُحبتن جي ڳالهه!

ناول ڪيئن لکبو آهي؟ ڇو لکبو آهي؟ ڪيترو ڏکيو آهي ناول لکڻ؟
انهن سوالن جا جواب مون کي هڪ وجداني ڪيفيت مان جڏهن مليا، تڏهن پتو پئجي ويو ته جبل جي چوٽيءَ تان باز جا آنا ڪيئن هٿ ڪبا آهن! ناول ادب جي سگهاريءَ، دلچسپ ۽ ڏاڍي ڏُکي صنف آهي، تڏهن ئي ته ادب جو نوبل انعام صرف ناول نگارن کي ئي ملي ٿو. دنيا جي ادب ۾ سگهاري ناولن جو تعداد به چڱو خاصو آهي، جن جي تجزيي ۾ وڃبو ته هڪ نئون ڪتاب لکجي ويندو. ڳالهه کٽائڻ لاءِ بس ايترو ئي چئبو ته اِهي مقبول ترين ۽ شهرت ماڻيندڙ ناول گوناگون موضوعن، عالمي انساني قدرن، جدوجهدن، فني بلندين، شاهوڪار ٻولين ۽ سماجي عڪاسين جا وڏا حوالا رکندڙ ناول آهن. عشق عالمي موضوع آهي، عشق عالمي سچ آهي، عشق تي لکيل عالمي ناولن جي فهرست به ڪا ننڍڙيءَ ڪونهي، ان جو ذڪر به هڪ پورو ڪتاب گهري ٿو. ذاتي طور تي آءٌ جڏهن به فرانس جي عظيم ناول نگار وڪٽر هيوگو جو ناول ”نوٽرڊم جو ڪٻڙو“ ۽ هند جي ڪرشن چندر جو ناول ”محبت ڀي قيامت ڀي“ ياد ڪريان ٿو ته الاءِ ته ڪهڙي ڪيفيت رڱي ڇڏي ٿي ۽ وقت جو احساس ئي ڄڻ مري وڃي ٿو!
سنڌي ٻوليءَ هونئن ته دنيا جي بنهه قديم ٻولي آهي، پر حيرت آهي جو ان ۾ لکيل ناول جي تاريخ ڪا گهڻي پراڻي ڪونهي. سنڌي ناول جو بنياد انگريزن جي قابض دور ۾ پيو. شروعات ترجمن سان ٿي ۽ پوءِ طبع زاد ناول جنم ورتو، اهو ڪارنامو مرزا قليچ بيگ جو آهي. سنڌيءَ ۾ رومانوي يا عشقيا داستان سڀ کان پهرين ڪلاسڪ شاعريءَ ۾ آيا، نثر ۾ پوءِ لکيا ويا. شاعريءَ جي اها تاريخ ست سئو سال لڳ ڀڳ پُراڻي آهي. سنڌي ۾ رومانوي ناولن ۾ جهاتيءَ وجهڻ سان سُڌ پوي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ شهرت طارق عالم جي لکيل ناول ”رهجي ويل منظر“ کي ملي، جيڪو يونيورسٽي جي ماحول جي پس منظر ۾ لکيل آهي. ان ڊگهي بحث کي ويڙهيندي رڳو اهو چوندس ته ويجهڙ ۾ سنڌ اندر نوجوان ليکڪن پاران ناول لکڻ جي رجحان ۾ واڌارو آيو آهي، جيڪا بهترين علامت آهي. اها مثبت سوچ آجيان لائق آهي. اهي ناول، سنڌ جي سموري علائقن ۾ سرجڻ لڳا آهن.
ڪجهه ڏينهن ٿيندا جو مٺيءَ شهر جي نوجوان ليکڪ ۽ منهنجي پياري صوفي منش پريتم دليپ دوشي لوهاڻي ٻڌايو ته هُن ناول لکيو آهي، جنهن تي نظرثاني ۽ اصلاحي نظر هُو مون کان ٿو چاهي. ڪَم ڏکيو هو، پر دلي خوشي ٿي ته ٿر مان ادب لاءِ ڪا نئين وِک کڄي آهي، ان جي ضرور حوصلاافزائي ٿيڻ گهرجي. ٿر ۾ ناول تي طبع آزمائي ڪا گهڻي ڪونه ٿي آهي،ان ڪري ضروري ٿي پيو آهي ته نئين ههڙن قدمن کي ڀليڪار چئجي. هِي ناول ”محبت جي تنهائي“ اصلاحي اک سان گڏ دل جي اکين سان به پڙهيم. لکت جي سنجيدگي ڏاڍو متاثر ڪيو. اوچتو دليپ اصرار ڪري ويٺو ته ناول جو مهاڳ به لکڻو پوندئي. هُن جي ان محبت ۽ حجت کي مان ڏيندي سرهائي ٿو ڀانئيان.
دليپ دوشي هڪ باشعور صوفي دل رکندڙ محبتي نوجوان آهي. هن ۾ زبردست صلاحيتون آهن. هن جي وجود ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جنون موجود آهي. هُو هميشه نوان قدم کڻڻ جو آرزومند نظر آيو آهي. هِي ناول لکڻ به هن جي نئين جرئت ۽ نئون قدم کڻڻ جو خوبصورت ثبوت آهي.
نئين جرئت آءٌ ان ڪري ٿو چوان جو دليپ دوشي ادب ۾ نئون داخل ٿيندڙ ماڻهو آهي، هُن، ناول کان اڳي علمي ادبي ڪالم لکيا آهن. هن جو افسانوي ادب ۾ ڪو خاص تجربو ڪونهي، هن غير افسانوي نثر ۾ اڃان ابتدائي وکون کنيون آهن. هاڻ اوچتو هُن افسانوي نثر ڏي جڏهن ڇال هنيو آهي ته اُن کي نئين جرئت جو ئي ته نالو ڏئي سگهجي ٿو.
هڪ شروعات ڪندڙ نوجوان ليکڪ جنهن کي ناول جي فَني بيهڪن، گهرائين، ٽيڪنيڪ، توڙي وسعتن جي پوريءَ پروڙ به نه هجي، پوءِ به هو اهو ڪم ڪري ڏيکاري ته اهو لاشڪ داد لائق پورهيو آهي.
”محبت جي تنهائي“ هڪ طويل رومانوي ڪهاڻي ۾ گهيريل ادب جي شروعاتي اسٽيج جو ناول هئڻ جي باوجود ڪشش رکندڙ آهي. ناول جي پلاٽ ۽ ڪردارن جي پختگيءَ ڏاڍي موهيندڙ آهي. هي ڪهاڻي ڪاليج ۾ پڙهندڙ نوجوانن جي ڪهاڻي آهي، جيڪا محبت جي واٽ جي مسافر آهي. هن ڪهاڻي ۾ ڪيئي اهم موڙ اچن ٿا، ميلاپ جاڳن ٿا، وڇوڙا ورن ٿا، ٽهڪ ٽڙن ٿا، لڙڪ وهن ٿا! سماج ڪَر کڻي نانگ وانگي بيهي ٿو ته مجبورين جا ٿوهر اڀرن ٿا. ڪردار ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ نظر اچن ٿا. وڏي ڳالهه ته هڪڙو تسلسل نظر اچي ٿو، جيڪو ڪٿي به ٽٽي نٿو! ڄڻ ته ڪو نظم لکيو ويو هجي. دليپ هن ناول ۾ ٻوليءَ به تمام سٺي ۽ سلوڻي پيش ڪئي آهي. ناول ۾ ڪٿي به ڪا اوپرائي يا ڳرائي نظر نٿي اچي. دلچسپي پهرين صفحي کان آخري صفحي تائين برقرار رهي ٿي. هروڀرو جي ڪا مصنوعيت به هِن ناول تي ناهي چاڙهي ويئي، جيڪا ناول جي مزاج کي بي رنگ ثابت ڪري. هِي هڪ سٺي ڪوشش جي شروعات آهي. ناول هڪ محدود ۽ مخصوص موضوع کي اڀارڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
ليکڪ جي ذڪر جوڳي جرئت اها به آهي جو هُن پنهنجي ناول ۾ فطري جنسيءَ اُمنگن کي ڪنهن به پردي ۾ ناهي لڪايو. هُن جنسي رُخ تي پردو وجهڻ بدران اُن کي جيئن جو تيئن اُڀرڻ ڏنو آهي، ته جيئن رواجي اخلاقيات جي ليبل يا آڙ بجاءِ انساني فطرت جو نج پڻو نروار ٿي سگهي. مصنوعيت کي گهُٽو ڏجي، ناول جا ورق پڙهندي شهرت يافتا ايراني دانشور ڊاڪٽر علي شريعتي جو ڪتابچو ”جنس فطري تقاضا آهي“ ياد اچي وڃي ٿو.
ناول جي صنف جي بنيادي گهڙت ذهن ۾ رکي دليپ جي ناول لکڻ جو بنيادي سبب منهنجي نظر ۾ وجداني ڪيفيت جو جاڳيل هئڻ آهي. وجد تخليقي عمل جو اصل روح هوندو آهي. وجد مان ڪا تخليق گُل وانگي ڦُٽي پوندي آهي، جيئن شاعر جي وجدان مان ڪو نظم اوچتو ليئو پائي نڪرندو آهي، مونکي ايئن لڳو آهي ته هِي ناول به اهڙي ئي وجد مان دليپ جي دل مان ٻاهر نڪتو آهي. ڪن ڪچاين ڦِڪاين باوجود هُن جي هي ڪوشش بيحد خوبصورت ۽ مثبت ڪوشش آهي. هِي مونجهارن جو زمانو آهي، هِن زماني ۾ مُحبت کي نظريو يا عالمي احساس ڪو ورلي سمجهي ٿو. محبت پنهنجو لباس ڳولڻ ۾ مصروف آهي.
ويجهڙ ۾ دل جي ڳالهه سمجهڻ واري روايت ۽ ريت لاپتا ٿيل آهي. سڄي دنيا رهزن دهشت گرديءَ جو شڪار آهي. هاڻ هِن عالمي مارڪيٽ ۾ قبضاخوريءَ ۽ جبر جو سڪو رائج ٿيل آهي. زوريءَ پنهنجا نظريا مسلط ڪرڻ واري رهزنيءَ جو اسان شڪار آهيون. ڪٿي نظرياتي ويڙهه ۾ موت جو رقص آهي، ته ڪٿي مفاديءَ جهيڙي ۾ انسات رت ڳاڙي رهيو آهي. ڪٿي ادارن تي ڪاهون آهن، ڪٿي عبادتگاهون رت ۾ رڱيل آهن! غير يقينيءَ جي آدم خوريت انسان کي کائي رهي آهي. خوف جي ٻوڏ ۾ بي واس اڪيلائي اچي نشانبر ٿي بيٺي آهي! انسان اڪيلو ٿي رهيو آهي. محبت اڪيلي ٿي رهي آهي. رشتا ڀڃ ڊاهه جي ڳري ملبي هيٺ ايندا ٿا وڃن. دورين جا سوٽي تاڪيا هزارين ميلن تائين پکڙجندي پيا ڏسون! سڀني جي بقا بجاءِ ذاتي بقا جو نظريو عام ٿي چڪو آهي. پئسي جي ڪرپشن ته هر دور ۾ ٿي آهي، پر هاڻ ته نظرين جي ڪرپشن جو دور سامهون آهي!
هِيءُ ٿر ۽ برجتي زندگي سادگيءَ جي حُسناڪيءَ سان سلهاڙيل هئي. جتي هر صبح ناول هو ته هر شام شاعريءَ هئي. ڏڪار هوندي به ذهني ۽ دلي ڏڪار جو ڏس ڪٿي نٿي نظر آيو، کيسا خالي هئا تڏهن به احساس امير هئا. اونداهين ۾ به پازيبن جا پڙلاءُ دلربائي جا نياپا هئا! بادل عشق ۽ زندگي جا جياپا هئا. اکين ۾ تقدس جا ڳوٺ مهڪندڙ هئا. وقت لُڪن لڳندي به دلربا جو جلوو هو، پر هاڻ ته هر ڏس مصنوعيت جي موسم جون آرسُون آهن. زندگيون ٻهراڙين جي رُڃ ۾ زندگيءَ سان نڀائڻ ۾ رڌل آهن ۽ شهرن ۾ انٽرنيٽ تي اگهاڙپ جي ڳولا جاري آهي. فيس بوڪ تي زندگيون بي فڪريءَ جي بَر ۾ لاوارث آهن، گُم آهن! انهن جي ئي آس پاس ۾ رهزنيءَ خيما کوڙڻ ۾ مصروف آهي. رجعت پرستيءَ انسانن کي شڪار ڪرڻ لاءِ گهات ۾ آهي! پنهنجي سڃاڻپ وڃايل اهڙي ماحول ۾ محبتن تي ڪتاب لکڻ ننڍي ڳالهه ناهي. وقت جي اُس ۾ محبت جي تنهائين، محبت جي ٽهڪن، جيءُ جي جداين، خوابن جي جلاوطني ۽ اوڇنگارن تي ويچار ونڊڻ خوبصورت ۽ مهذب سوچ جو محبوباڻو مثال آهي. پيار مان لکيل هي ناول اهڙين يادگيرين تي مشتمل آهي جيڪي تنهائي ۾ ڪڏهن کلائين ٿيون ته ڪڏهن اکين کي برسات ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿيون. هنن يادگيريين ۾ نفرت جي ڪابه بُوءِ شامل ناهي، فقط گُلن جو هُڳاءُ آهي. حسرتن جا ميلا آهن، جيڪي پهرين رنگين ٿي ڀرجن ٿا ۽ پوءِ خالي ٿِي وڃن ٿا! بيقراريون هنن يادگيرين ۾ سُڃ وانگي اوجاڳيل آهن، پر مهذب پڻو ڪٿي به ميرو ٿيل نظر نٿو اچي، ها حسين حقيقت دليپ دوشي پياري نموني سان واضع ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
هي ڪو وڏي سطح يا ڪينواس جو ناول ناهي، صرف احساسن جي سچائي جو پيارو سفر آهي، جنهن سفر ۾ درد ۽ خوشيون مسافر بڻيل آهن. هن ڪاوش ۾ انساني رت جو هڪ ڦُڙو به ڪٿي وحشت ۾ ڪريل ڏيکاريل ناهي، جي انساني رت جو ڪو قطرو ڪٿي ظاهر ٿيو آهي ته ان مان به فقط انسان جو جنم ٿيو آهي ۽ اهو جنم جياپي ۽ روشنيءَ جو يقين آهي.
ڪن ڪچاين ڦڪاين جي باوجود هِي ناول تمام سُهڻي ڪوشش ۽ ڪاوش آهي. جيڪو اسان کي دل سان پڙهڻ جي دعوت ڏئي ٿو. ويساهه آهي ته اسان جي نوجوانن کي هِي ناول پسند ايندو.
دليپ دوشيءَ جي لکڻ جو هِي شروعاتي ۽ نئون دور آهي. هُن جي سکڻ لاءِ واٽون کليل آهن، هُن کي پنهنجي وجدي ڪيفيت مان گهڻو ڪجهه لکڻ لاءِ ملي سگهي ٿو. اميد ته هُن جو صلاحيتون وئرٿ نه وينديون.
آخر ۾ اهو ضرور چوندس ته ٿر ۾ سنڌي ادب ۽ سيڪيولر مزاج جي بقا ۽ بحالي لاءِ سائين تاج جويي وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هُن جي روشن ڪيل واٽ مان نوان ڏيئا ٻرندا رهن ٿا، ههڙا ڪتاب ان عشق، ان جاکوڙ جو ثبوت آهن.

[b]ايوب کوسو
[/b]جُهڏو
03338815562