ناول

محبت جي تنهائي

سعيد لکي ٿو:
”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
Title Cover of book محبت جي تنهائي

4

هوءَ پيءُ جي وڏوَر ڌيءُ هئي. هئي به لاڏلي... هن جي هر فرمائش ۾ صرف چوڻ جي دير هوندي هئي هر آس مائٽ پوري ڪندا هئس. اڪثر نوان ڪپڙا، اسٽائلش سينڊل، نوان پرس، مهانگيون واچون، هٿ ڪڙا ۽ ٻيون سڀ شيون سندس هڪڙي فرمائش تي والدين هن لاءِ حاضر ڪندا هئا. سندس پيءُ واپاري هيو ۽ شهر جي وڏن سيٺين ۾ سندس شمار ٿيندو هو. امير گهراڻي جي لاڏلي هئڻ ڪري هن جي رهڻي ڪهڻي، پهرڻ، کائڻ، پيئڻ، اسٽائل به اميراڻا هئا. ان جي برعڪس منهنجو تعلق مڊل ڪلاس جي گهراڻي سان هو. البت اسان جو به ڪاروبار هو، دڪان هئا، پنهنجي وارا هئاسين، مگر پوءِ به هُو دولت ۾ اسان کان سرس هئا.
مون کي معلوم ٿيو ته، منهنجي پوري مهيني جي جيب خرچي، هن جي هڪ ٻن ڏينهَن جي خرچ جي برابر هئي. اسان جو پئسي جي معاملي ۾ ڪو ميل ئي نه هو، هوءَ آسمان تي ۽ آءٌ زمين تي، هن جي ڪنهن شيءِ وٺڻ تي دل ٿيندي هئي. صرف ماءُ پيءُ کي چوڻ جي دير هوندي هئي، اها شيءِ هن لاءِ حاضر ٿيندي هئي. مگر مون ڪيتريون ئي خواهشون پنهنجي جيب جي حالت کي ڏسي دٻائي رکيون هيون، ڇو جو مون کي منهنجي حيثيت جي خبر هئي.
آءٌ سڀني ڀائرن ۾ ننڍو آهيان، پر پوءِ به منهنجا والدين منهنجي هر خواهش اکيون ٻوٽي پوري نه ٿي ڪري سگهيا. جيتوڻيڪ مون کي ضرورت جي هر شيءِ ملندي هئي ۽ ڪنهن ڳالهه جي ڪمي به نه هوندي هئي. مگر هن وانگر آءٌ آپي مان ٻاهر نه ٿي نڪري سگهيس. منهنجون پنهنجون حدون هيون، جن کي آءٌ اورانگهي نٿي سگهيس. مگر ان جي بر عڪس هُو پنهنجون حدون پاڻ ٺاهيندي هئي. ڪا شيءِ کيس پسند اچي ۽ هوءَ نه وٺي اهو ممڪن ئي نه هيو. پوءِ ڀلين ان تي ڪيترو ئي خرچ ڇو نه اچي وڃي! ڀلين ڪيتري ئي مهانگي شيءِ ڇو نه هجي. مگر هن کي گهرجي ئي گُهرجي. هوءَ پنهنجي جاءِ تي صحيح به هئي، ڇو جو ايڏي لاڏ ڪوڏ سان پلي هئي. ننڍپڻ کان سندس هر خواهش پوري ٿيندي پئي آئي. هن کي نه ٻڌڻ جي ڪڏهن عادت ئي نه پئي هئي، سو هن جو هر شيءِ تي حق جتائڻ ۽ فرمائش ڪرڻ جائز به لڳندڙ هو، جو هن وٽ ايترا وسيلا هئا، انهي شيءَ کي ماڻڻ جا، تنهنڪري هن جا سڀ انگل آرا جائز هوندا هئا.
هوءَ منهنجي لاءِ روز نوان گفٽ وٺي ايندي هئي، ڪڏهن خوبصورت مهانگي پين، ته ڪڏهن واچ، ڪڏهن مهانگا ڪپڙا ته ڪڏهن چپل، سينڊل، ڪڏهن پرفيوم، ته ڪڏهن باڊي اسپري، مطلب اهڙي ڪهڙي شيءِ نه هئي، جو هن مون کي نه ڏني هجي! جڏهن ڪاليج ۾ ويندو هوس ته مون کي پاتل هرڪا هر شيءِ سندس ئي ڏنل هوندي هئي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن عجيب به لڳندو هو، ته آءٌ روز روز هن کان اهي شيون تحفن جي صورت ۾ ٿو وٺان. گفٽ ته ڪڏهن ڪڏهن ڏبو آهي، مگر هوءَ ته ضدي ۽ پاڳلن واريون حرڪتون ڪندي هئي، هر ٻئي ڏينهن ڪا نه ڪا پنهنجي پسند جي شيءِ منهنجي لاءِ ضروري آڻيندي هئي.
مگر هن جي ڀيٽ ۾ منهنجي ايتري حيثيت نه هئي، جو هر روز کيس ڪجهه ڏيئي سگهان. ڪجهه ڏيڻ لاءِ سوچيندو به هوس، ته وري نگاهه جيب طرف ويندي هئم، ۽ ائين سڀ ارمان اڌورا رهجي ويندا هئم. ڏاڍو لڄي به ٿيندو هوس ته آءٌ ڪيڏو نه مطلبي آهيان، صرف هن کان شيون وٺندو ٿو رهان. بدلي ۾ کيس ڪجهه به نه ڏئي سگهيو آهيان. مون وٽ هن کي ڏيڻ لاءِ صرف بي انتها محبت هئي، پيار ۽ خلوص هو، جيڪو صرف ۽ صرف هن جي لاءِ ئي هو.
مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، هڪ ڏينهن هن مذاق ۾ مونکي چيو هو ته ”ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجو جنم ڏينهن آهي، ان تي منهنجا سڀ دوست ۽ ساهيڙيون مون کي تحفا پيش ڪندا، تون ڇا ڏيندين؟“
اها ڳالهه ٻڌي گهڙيءَ کن لاءِ آءٌ پريشان ٿي ويو هئس ته آءٌ کيس ڪهڙو تحفو ڏيان ۽ اوچي تحفي لاءِ ايترا پئسا ڪٿان آڻيان؟ پر هن مون کان پهريون ڀيرو حجت ڪري ڪا شيءِ گهري هئي. آءٌ ڀلا ڪيئن ٿي منع ڪري سگهيس. هن منهنجي لاءِ هر اها شيءِ ورتي هئي، جنهن جي مون خواهش ڪئي هئي، بلڪه ڪجهه شيون ته اهڙيون به وٺي ايندي هئي، جنهن جي مون ڪڏهن خواهش به نه ڪئي هئي. مون کي سندس حجت پنهنجي ذميواريءَ جيان محسوس ٿي رهي هئي، ۽ سوچڻ لڳندو هوس ته آءٌ ڪيئن به ڪري سندس پهريون ڀيرو ڪيل حجت کي پورو ڪريان.
انهن ڏينهن ۾ هڪڙو بوڪ اسٽور وارو منهنجو ڀائرن جهڙو دوست هوندو هو، جنهن سان شام جي وقت ڪڏهن ڪڏهن سندس بوڪ اسٽور تي چانهه جي ڪپ تي ساڻس ڪچهري به ڪبي هئي. اهو بوڪ اسٽور شهر جي اديبن، ليکڪن، شاعرن جو ٿانڪ پئي رهيو آهي. ڪنهن کي به ڳولڻو هوندو هو يا ڪنهن يار دوست جو ڏَس پتو پڇڻو هوندو هو يا ڪنهن لاءِ نياپو ڇڏڻو هوندو هو ته انهيءَ بوڪ اسٽور جو رستو وٺبو هو. انهي بوڪ اسٽور تي ادبي ڪتاب، اخبارون، رسالا به ايندا هئا، غريب ۽ بي روزگار اديب اچي اتي ٿاڪ ڪندا هئا ۽ مفت جون اخبارون ۽ ميگزين ويهي پڙهندا هئا. بوڪ اسٽور جي مالڪ جي اها خوبصورتي هوندي هئي، جو پنهنجي گراهڪن جي ڀلين ڪيتري به رش ڇو نه هجي، مگر ڪو اديب، شاعر، ليکڪ هتي اچي پهچندو ته پهرين کيس ڪرسي، ٽيبل يا اسٽول خالي ڪري ويهڻ لاءِ ڏيندو هو. اها ئي سندس محبت هوندي هئي، جو هر وقت سندس بوڪ شاپ تي ڪو نه ڪو تخليڪار ويٺل ئي هوندو آهي.
ان وٽ ڪتابن، اخبارن سان گڏ ڪمپيوٽر سسٽم به هوندو هو، جنهن تي هو ڪمپوزنگ ۽ پرنٽنگ جو ڪم ڪري ڏيندو هو. هن وٽ ڪم وڌي ويندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن هُو مون کي پڻ ڪمپيوٽر جو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ بدلي ۾ جيڪا اجرت ٿيندي هئي، اها منهنجي جيب خرچ ۾ ڪم ايندي هئي يا اسان جي حساب ڪتاب جي کاتي ۾ جمع ڪرائي ڇڏبي هئي. ان تي بار رکيم ته مون کي هڪ هزار رپيه گهرجن، بدلي ۾ ڪمپوزنگ جو ڪم ڪري ڏيندس. هُن انهي وقت بغير ڪجهه سوچڻ جي مونکي منهنجي گهرج جيترا پئسا ڪڍي ڏنا. اتفاق ته ڏسو، جو ٻئي ڏينهن وٽس ڪمپوزنگ جو ڪم آيو ۽ هن مون کي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏنو هو. مون راتيون جاڳي، ڪمپوزنگ ڪري اهو ڪم ٻن ٽن ڏينهن ۾ کيس مڪمل ڪري ڏنو ۽ ان جي بدلي ڏهه روپيه في صفحي جي ڪمپوزنگ جي حساب سان منهنجا هڪ هزار روپيه ٿيا ٿي. جيڪي پئسا هن مون کي اڳواٽ گفٽ لاءِ ڏنا هئا، سي واپس جمع ڪرايم ۽ هن جي ڏنل هڪ هزارن مان مون هن جي لاءِ گفٽ ورتو هو.
اها ڳالهه جڏهن وينا کي سندس سالگرهه گذرڻ کانپوءِ ٻڌائي هئم ته سندس معصوم پنبڙين تي لڙڪ مهمانن جيان هلي آيا هئا، ۽ هوءَ ڳراٽڙي پائي مون سان چنبڙي پئي هئي. منهنجا هٿ چميا هئائين ۽ مون سان ڀرپور محبت جو اظهار ڪيو هئائين. هاڻي ته هن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ويتر محبت وڌي چڪي هئي.
”منهنجا دلربا! مون ته مذاق پئي ڪيو، توکي ڀلا ايترو ڪشالو ڪَٽڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“ هن مون کي پيار جتائيندي پڇيو.
”اڙي يار، ان ۾ ڪشالي جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ آءٌ هونئن به ڪمپوزنگ جو ڪم ڪندو رهندو آهيان.“ مون هن کي وضاحتي جواب ڏنو.
”اها سموري غلطي منهنجي ئي آهي“ وينا پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ ڪندي چيو.
”يار ڇا تنهنجو مون تي ايترو حق به ناهي ڇا؟ جو ڪنهن گفٽ لاءِ چئي سگهين.“ مون کيس سوال ڪندي چيو.
”تنهنجو پيار ئي منهنجي لاءِ سڀ کان مهانگو گفٽ آهي.“ وينا مونکي ڀاڪي ۾ ڀريندي چيو.
”اهو ته ازل کان تنهنجي لاءِ آهي، آءٌ پنهنجي وجود سميت سمورو تنهنجو ئي آهيان.“ مون کيس تسلي ڏيندي چيو.
”ته پوءِ بس مونکي ڪجهه به نٿو گهرجي، سواءِ تنهنجي پيار جي!“ هن مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ زور سان ڀريندي چيو.
”غلطي منهنجي ئي هئي، جو مون کي هر ڳالهه جي خبر هوندي به مون اها خواهش ظاهر ڪئي“ وينا پنهنجي غلطي جو احساس ڪندي انتهائي معذرت خواهه لهجي ۾ چيو.
”مطلب تون مون کي ان قابل به نه ٿي سمجهين ته ڪو آءٌ توکي گفٽ نه ٿو ڏيئي سگهان.“ مون ساڻس سوال ڪيو.
”منهنجا راڻا...! توکان سواءِ ٻيو ڪير آهي، جو منهنجي قابل هجي... اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر، جيءَ جهُري ٿو پويم.“ هُن روئڻهارڪي انداز ۾ چيو.
مون سندس اکين ۾ جهاتي پائي ڏٺو، ته ڪينجهر جهڙين وشال اکڙين جي ڪنڌين تان لڙڪ هوريان هوريان سرڪندا پئي ويا. مون هٿ وڌائي هن جا لڙڪ اگهيا ۽ ٻانهن ۾ کيس ڀريندي چيم: ”اوڪي جانان ! انهي ڳالهه کي اتي ئي ختم ٿا ڪريون، جيڪو ٿي ويو سو ٿي ويو. هاڻي اهڙي غلطي نه ڪبي، اوڪي .....“ مون کيس پيار ڏيندي چيو هو.
”ٺيڪ آهي، مگر ٻيهر ايئن نه ڪجان نه ته آءٌ پاڻ کي سزا ڏينديس.“ وينا مونکي ڄڻ وارننگ ڏني هئي.
”اوڪي جانان! ٺيڪ آ، تنهنجو حڪم سر اکين تي ......“ هاڻي ٿورڙو کڻي مسڪراءِ ......!
۽ وينا جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ تري آئي هئي.
ـــ


ڪاليج جي ٽيريس تي ويٺا هئاسين، ته هن اچانڪ مون کان سوال ڪيو. ”محبت ڇا آهي؟“
”محبت ڇا آهي.... ڇا مطلب؟“ مون اچانڪ ڪيل اهڙي سوال تي حيرت مان پڇيو.
”ها محبت ڇا آهي، ٻڌاءِ نه“ ..... هن پنهنجي سوال کي ٻيهر دهرائيندي ضد ڪيو ته آءٌ ان تي ڳالهائي تفصيلي جواب ڏيان.
”محبت ڪجهه به ناهي، بس هڪ احساس آهي، هڪڙي دل ۾ ٻئي جي لاءِ پيدا ٿيندڙ جذبو آهي.“ مون وراڻيندي ڏيندي چيو.
”اڇا ...“ هن تجسس مان جواب ڏنو.
”ڇو توکي خبر ناهي ڇا؟“ مون پڇيو.
”ڪهڙي خبر؟“ هن پڇيو
”اها ئي ته، محبت احساس مان ڦٽل اهو رشتو جيڪو وڌي محبت جو گهاٽو وڻ ٿو ٿي وڃي.“ مون هنکي وراڻي ڏيندي چيو.
”ها .... اهو ته آهي“ هن منهنجي ڳالهه سان متفق ٿيندي چيو.
”محبت پنهنجي ميت جي پريت کي پاڙڻ يا پنهنجي محبوب جي چلولاين ۽ ادائن کي سهڻ يا ڪنهن الهڙ جواني جي خشڪ چپن تي چمين جا عڪس يا ڪنهن دلربا جي بي وفائيءَ جي بدلي ۾ مليل لڙڪن يا ڪجلاسر جي ڪامڻي جي چنچل جواني جون حسناڪيون يا ٿر جي فضا ۾ گونجندڙ ڪوئل جي مٺڙي لات يا مور جي انڊلٺي پرن جو حسن يا ان الهڙ جواني مثل جيڪا ڪنهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ آتي هجي . . . . . ؟؟؟ اهي سڀ محبت جا حسين عڪس آهن.“ مون کيس ٻڌائيندي چيو.
”الا ....!! منهنجو مٺو وڏو شاعر ٿيندو پيو وڃي، وڏا شاعراڻا دليل ڏنا اٿس!“ وينا مسڪرائيندي چيو.
”هاها .... ها ... ها....“ مون کان پڻ کل نڪري ويئي هئي.
رجنيش اوشو پڻ چوي ٿو ته ”محبت نور آهي، محبت خود آگهي آهي، پنهنجي هئڻ جو احساس، پنهنجي هئڻ جي خوشبوءَ آهي، محبت هڪ محسوس ٿيندڙ خوشي آهي، محبت اها آهي ته توهان پاڻ کي ڏسو ته توهان ڇا آهيو ۽ پنهنجي وجود کي ڪنهن ٻي وجود لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ اهو سمجهي ڇڏيو ته توهان جو وجود هن کان الڳ ناهي.“ مون وينا کي محبت جي باري ۾ اوشو جا ويچار ونڊيندي چيو.
”بلڪل، آءٌ انهي ڳالهه سان سهمت آهيان.“ وينا چيو.
”وينا، اوشو چوي ٿو ته ”محبت ڪو تعلق ناهي پر محبت ته هئڻ جي هڪڙي ڪڙي آهي، انسان محبت ڪندو ناهي، پر انسان خود محبت هوندو آهي، هر انسان جي اندر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ محبت جي هڪ چڙنگ ضرور هوندي، بس ڪير هن چڙنگ کي ڀڙڪائڻ وارو ملي، ته اها شعلو بڻجي پوندي آهي.“
”مون کي انهن فلسفي ڳالهين جي خبر ناهي ته محبت ڇا آهي، پر ايتري ضرور خبر آهي، جڏهن کان تون مليو آهين آءٌ مڪمل ٿي ويئي آهيان، تنهنجي بنان آءٌ اڌوري اڌوري هوندي هئيس. سواءِ تنهنجي مون کي هي سموري دنيا خالي خالي ۽ اوپري اوپري ٿي لڳي، توکان بنان مون کي ڪابه شيءَ نه ٿي وڻي، بس چاهيان ٿي ته تون هميشه مون ساڻ هجين، منهنجي سامهون هجين، توکي ڏسندي رهان، تو ۾ پنهنجي دنيا ڳوليان، تو ۾ پنهنجو نئون جهان جوڙيان جنهن ۾ بس پاڻ ٻيئي هجون ۽ محبت هجي .... بس .... ٻيو ڪير به نه هجي.“ وينا انتهائي اونهون ساهه کڻندي چيو.
”واهه سائين ..... شاعراڻيون ڳالهيون ته تون پاڻ پيئي ڪرين ....“ مون مسڪرائيندي چيو.
”توکي ڀلين اهي شاعراڻيون ڳالهيون لڳن، پر اهي منهنجي دل جي شهر مان نڪتل پيار ڀريا احساس آهن، بس منهنجي خواهش آهي، ته محبت جو هڪ مندر جوڙيان، جنهن ۾ توکي پنهنجي دل جوديوتا بڻائي پوڄيان!“ هن منهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلندي چيو.
مون هن جي اکين ۾ چتائي ڏٺو ته ڏاڍي وياڪُلتا سمايل هئي، سمنڊ جيڏو اونهو درد هن جي پنبڻين ۾ سمايل هو.
مون هن جي کاڏي کي پنهنجي ٻڪ ۾ ڀريندي چيو ته ”جانان! آءٌ آهيان نه توسان، هر وقت، هر پل توسان گڏ، توسان هم قدم...“
”تون هميشه مون ساڻ رهجان، نه ته آءٌ مري وينديس، هڪ پل به نه جيءُ سگهنديس“ هن به مون کي پيار جتائيندي ۽ وچن وٺندي چيو هو.
”چري اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين ڇا ٿي پيو آهي، اچانڪ توکي....؟ پاڻ گڏ ئي ته آهيون ۽ رهنداسين هميشه واعدو آهي منهنجو ....“ مون پنهنجو هن جي هٿ ۾ ڏيندي چيو هو.
۽ هُن منهنجي هٿ تي پنهنجو اکيون رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون....
ڪافي دير تائين سمجهائڻ کان پوءِ ئي رليڪس ٿي ۽ اسان اٿي گهر هلڻ لاءِ هيٺ لٿاسين.
ڪڏهن ڪڏهن ته ناز سان اهڙيون حرڪتون به ڪندي هئي، جو آءٌ پريشان به ٿي ويندو هوس....
ــــ