7
ڪومل خط منهنجي هٿ ۾ ڏيئي هلي ويئي، پر هڪڙي ڳالهه جيڪا مونکي حيرت زده لڳي، ته جيڪر ڪومل کي وينا جو خط ڏيڻو هجي ها ته وينا سان گڏ جنهن وقت رڪشا مان لٿي، انهي وقت ڏئي ها، پر نظرون چورائي جلدي ۾ خط منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ايئن تڪڙي تڪڙي ڇو هلي ويئي؟ جيئن وينا يا ٻيو ڪير هن کي ڏسي نه وٺي!
هن کان اڳ جڏهن به وينا، ڪومل جي هٿان ڪا شيءَ يا ڪاغذ اماڻيندي هئي ته هي بنان ڪنهن ڊپ جي، بنان ڪنهن خوف جي، بنان تڪڙ جي، وڏي اطمينان سان اها شيءَ منهنجي حوالي ڪري پوءِ مسڪرائي مذاق ۾ ڪو جملو به ڪَسي ويندي هئي، مگر اڄ مونکي هن جو هيءَ روپ حيرت زده لڳو.
مون خط کوليو سوچيم ته پڙهان، وينا منهنجي لاءِ ڪهڙا احساس پنهنجي نازڪ هٿن سان ڪاغذ جي سيني تي اتاريا آهن....
پر هيءَ ڇا .....؟؟؟
هي خط ته وينا جي ڪزن سونم جي پاران لکيل هو، جنهن کي گهر وارا پيار سان سونو ڪري سڏيندا هئا، وينا کان هڪ سال ننڍي هئي ۽ مئٽرڪ جي ڪلاس ۾ پڙهي رهي هئي، ان سان وينا پنهنجي برٿ ڊي (سالگرهه) واري ڏينهن تي ملايو هو. ڪڻڪي رنگ واري سلم فگر جي انتهائي خوبصورت نقش نگار، سنڌو جهڙيون وشال اکڙيون، سهڻا سنهڙا گلابي چپ، ڪارا ڊگها وار، ڄڻ وينا جي هم شڪل ڪاپي پيسٽ هجي. پر هُن مونکي خط ڇو لکيو هوندو؟
آءٌ اهو خط تجسُس مان پڙهندو ويس، ته حيراني جي ڪا حد نه رهي، سونم انهي خط ۾ مون سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو هو. لکي ٿي ته ”وينا جي برٿ ڊي تي پهرين ئي ملاقات ۾ هو مونکي پنهنجي دل ڏيئي ويٺي هئي ۽ وينا منهنجيون ايتريون ته تعريفون ڪيون هيون. منهنجي شخصيت کي ايئن گهڙي پيش ڪيو هو، جو هو انهي ڏينهن مونکي پهرين ئي ملاقات ۾ ڏسي جلد متاثر ٿي پيئي هئي ۽ دل ڏيئي ويٺي هئي. پر هُو پريشان هئي ته پنهنجي دل جي ڳالهه مون سان ڪيئن اوري، سو نيٺ اهو خط جو طريقو استعمال ڪيو اٿائين“.
هڪ گهڙي لاءِ ته ڏاڍي مسرت ٿي، ڀلا آءٌ ايڏو وڏو پرڪشش آهيان ڇا؟ جو اهڙي چنڊ جهڙي ڇوڪري مون تي موهت ٿي ويئي، پر ٻي گهڙي پنهنجو پاڻ کي ڏٺم ته آءٌ ته سانوري رنگ جو بي ڊولو ۽ هُو چوڏهين جي چنڊ جهڙي حسين خوبصورت اپسرا، ڀلا هن کي منهنجي ڪهڙي ڳالهه وڻي، جو کڻي هيڏو ٺونٺ جيڏو خط لکيو اٿس.
اهو سڀ ته ٺيڪ آهي پر وينا ..... کيس خبر پيئي ته پوءِ؟ هُو ته ڌرتيءَ آسمان هڪ ڪري وجهندي. جيڪا خواب جي معاملي تي ايڏو جذباتي ٿي سگهي ٿي سو حقيقت ۾ ڪنهن ڇوڪري پاران مونکي لکيل پريم پتر جو ٻڌي مونکي ۽ هُن کي ڪچو کائي ويندي. اهو سوچيندي ئي لنڱ ڪانڍارجي پيا.
پوءِ ڇا ڪيان هن سان ذڪر ڪيان يا نه ڪيان؟ يا پهرين ڪومل کان اصل ماجرا معلوم ڪيان پوءِ ئي اهو قصو وينا سان بيان ڪيان.
پر جي منهنجي ٻڌائڻ کان پهرين ئي وينا کي پروڙ پئجي ويئي ته پوءِ منهنجي ڇا حيثيت رهجي ويندي هن جي اڳيان؟، هوءَ ته ايئن ئي سمجهندي ته مون کائنس اها ڳالهه لڪائي رکي يا هن سان دوکو ڪيو ..... نه نه .... آءٌ سموري ڳالهه هن سان بيان ڪيان ٿو ۽ اهو خط وڃي هن کي ڏيان ٿو پوءِ هو ڄاڻي ۽ هن جي ڪزن ڄاڻي ..... منهنجي وچان جان ئي ڇٽي پوندي. پر ٻي لمحي اهو خيال آيو ته جيڪڏهن وينا اهو خط ڏسي جذباتي ٿي پيئي ۽ پنهنجي ڪزن سان اٽڪي پيئي، ڪو جهيڙو ڪري وڌائين يا ڪجهه غلط چئي ويٺي ته ڳالهه وڌي ويندي ۽ سموري گهر، پاڙي ۽ ڪاليج تائين وڃي ڳالهه پهچندي ايئن ته خوام خواهه خوار ٿي وينداسين.
منهنجي خيال ۾ اهو ئي بهتر آهي ته في الحال آءٌ ڪومل سان ملان، سموري ڳالهه معلوم ڪريان پوءِ ئي وينا سان ذڪر ڪندس. مالڪ سائين ڪندو تيستائين وينا کي خبر نه پوندي، ڇاڪاڻ جو ٻڌائڻ واري هڪڙي آهي ڪومل، جنهن پاڻ لڪائي خط پهچايو سا پڪ سان نه ٻڌائيندي ۽ ٻي آهي سونم پاڻ، سو ته ممڪن ئي ناهي جو ڪنهن کي ٻڌائي، سو في الحال صبر کان ڪم ٿو وٺان ۽ معاملي جي تهه تائين پهچي پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪندس.
پهريون ڀيرو هو جو، آءٌ وينا کان ڪا ڳالهه لڪائي رهيو هئس، پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ به اچي رهي هئي، ته جنهن پنهنجو وجود ۽ احساس کليل ڪتاب جيان مون اڳيان رکي ڇڏيا، سندس ڪابه ڳالهه مون کان لڪيل نه هئي، اهڙي ڪابه شيءَ جيڪا وينا سان لاڳاپيل هجي ۽ ان جي مون کي پروڙ نه هجي اهو ممڪن ئي نه هو، هن جي زندگي جو هر رُخ منهنجي اڳيان کليل ڪتاب جيان هو، جنهن جو هر هڪ ورق مون پڙهيو هو، پوءِ مون پاران هن کان اها ڳالهه لڪائڻ مون کي زيب ته نٿو ڏئي، پر ڇا ڪيان آءٌ اهڙي هنڌ اچي پهتو آهيان، جنهن جي هڪ پاسي کڏ آهي ته ٻئي پاسي کاهي..... وڃان ته وڃان ڪاڏي؟؟ وينا کان لڪايان ٿو ته اها منهنجي پيار جي شيش محل تي درار مثل هو ۽ جي ذڪر ٿو ڪيان ته مون کي هڪ اڻ ڏٺو طوفان برپاءُ ٿيندي نظر ٿو اچي. هڪ طرف محبت آهي ته ٻي طرف زماني جو ڀرم.
ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اهو ئي فيصلو ڪيم ته في الحال جذباتن تي ڪنٽرول ڪري صبر کان ڪم ٿو وٺان ۽ معاملي جي تهه تائين پهچڻ کان پوءِ سموري ڳالهه وينا سان اوريندس ۽ پيرن تي هٿ رکي معافي وٺندس.
هاف بريڪ وقت آءٌ، وينا ۽ ڪومل روز جيان ٽيريس تي وڃي ويٺاسين، الائي ڇو آءٌ پهريون ڀيرو وينا سان نظرون نه پئي ملائي سگهيس. هڪڙي ڪيفيت هئي جا مون کي اندر ئي اندر کائي رهي هئي، اندر ۾ هڪڙي آنڌ مانڌ متل هئي مگر ظاهري طور مون پوري ڪوشش پئي ڪئي ته ڪيفيت کي ظاهر ٿيڻ نه ڏيان.
پر وينا منهنجي چهري تي اها پريشاني پروڙي ورتي جو هڪ دم سوال ڪيائين، ”ڇا مسئلو آهي پريشان پيو نظر اچين؟“
مون هڪ دم چهري تي هلڪي مرڪ آڻيندي چيو ”نه نه بلڪل به نه ..... پريشان ڇو هوندس!“
”ڪا ڳالهه ته ضرور آهي، جو اڄ تنهنجي مزاج ۾ اها رونق نظر نٿي اچي.“ وينا ٺهه پهه جواب ڏنو.
مون جهٽ ۾ ڪومل ڏي نهاريو، جنهن نظرن ئي نظرن ۾ مون کي منع ڪئي ته ڪنهن به صورت اها ڳالهه نه ڇيڙيان، سو مون ڳالهه کي ڦيرائيندي چيو ”نه يار بس مٿي ۾ ٿورو سور آهي، انهي ڪري طبيعت ۾ مزو ناهي.“
”اڇا، صبح، جڏهن آءٌ رڪشا ۾ لٿيس پئي ان وقت ته تون بلڪل فريش پئي لڳين.“ وينا مون کي رمائينڊ ڪرائيندي چيو.
چوندا آهن ته هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ سئو ٻيا ڪوڙ ڳالهائڻا پوندا آهن، سو به وري پنهنجي پيار سان! ..... مون لاءِ عجيب امتحان هو. سو ٻيهر ڳالهه کي ڳنڍيندي چيم، ”ان وقت هلڪو هلڪو مٿي ۾ سور هو، سوچيم گوري نٿو کايان، پاڻهي لَهي ويندو مگر سر قاسم جو ليڪچر ٻڌي ويتر مٿي جو سُور وڌي ويو“ مون هروڀرو کلڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ماحول تبديل ٿئي.
”مٿي جي سور جي گوري آهي، يا گهرائي وٺون ڪنهن کان.“ وينا پريشان ٿيندي چيو.
”بس خير آهي، تو سان ملاقات ٿي ويئي آهي، سو هاڻي پاڻهي مٿي جو سور لهي ويندو“، مون مُرڪي چيم.
”مکڻ ٿو هڻين.“ وينا شرارت مان چيو.
”الله .... سورنهن آنا سچ مٺيءَ، تون ملين ٿي طبيعت پاڻهي فريش ٿِي ٿِي وڃي“، مون محسوس ڪيو ته آءٌ ڳالهين کي تبديل ڪرڻ سکي ويو هوس.
”اوهه .... اوهه .... منهنجو مٺو ..... ايڏو پيار ڪري ٿو مونسان.“ وينا پيار واريندي چيو.
”ٻيو وري .....“ مون کيس تسلي ڏيندي چيو.
”الله ..... آءٌ صدقو وڃان منهنجي مٺڙي تان ......“ وينا فلائنگ ڪِس ڏيندي چيو.
”رڳو صدقو ويندين يا پيٽيز به کارائيندين، بک لڳي آهي يار ....“ مون ڳالهه کي مڪمل ڦيرائيندي چيو.
”ها ... ڇو نه ..!! ڪومل ڪنهن کي پيٽيز ۽ ڪولڊ ڊرنڪ وٺڻ لاءِ چئو.“ وينا پرس مان پيسا ڪومل کي ڏيندي چيو.
پيٽيز ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جي سپ تي ڪجهه دير هتان هتان جون ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين ته ايتري ۾ بيل وڳي ته واپس ڪلاس طرف ورياسين.
ــــ
ڪلاس ۾ به دل ۽ دماغ ۾ سوين سوال ۽ خدشا، بس هڪڙي ئي ڳالهه کُٽڪندي رهي ته آخر هي ماجرا ڇاهي؟ فول اپريل وارو مذاق ته ناهي ڪيو ويو مونسان! متان ڪا شرارت هجي انهن سڀني جي ملي ڪري. وينا مونکي آزمائي ته نه رهي آهي، اهو سڀ محض ڊرامون ته ناهي. جي ناهي ته پوءِ ان جو ردعمل ڇا ٿيندو؟ سونم کي جڏهن انڪار ڪندس يا کيس ٻڌائيندس ته آءٌ هُن جي بجاءِ وينا کي پسند ٿو ڪريان ته پوءِ سونم جو رِي ايڪشن ڇا هوندو؟ اهڙا ڪيترا ئي وسوسا منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي رهيا هئا. مون کي بس انتظار هو ته بس شام ٿيڻ جو، ته جيئن ڪومل جي گهر وڃي کائنس سڄي ماجرا معلوم ڪيان ته آخر ڪهڙي کچڻي پڪجي رهي آهي، جو مون کي ٽياس تي ٽنگيو ويو آهي. هڪ هڪ منٽ سال، صدين برابر لڳڻ لڳو جيئن تيئن ڪري ڪاليج مان موڪل ٿي.
هڪ هڪ پل ڳڻي شام ڪيم ۽ ڪومل جي گهر پهتس ته پڇيم ته ”ڪومل هي سڀ ڇا آهي؟“
”مونکي پاڻ کي ئي خبر ناهي، ته سونم تو تي ايئن فدا ٿي پيئي آهي، ڪالهه رات گهر آئي ۽ خط منهنجي حوالي ڪندي توکي ڏيڻ لاءِ چيائين.“ ڪومل وضاحت ڪندي چيو.
”پر تون پهرين پُڇين ته ها ته هن خط ۾ لکيل ڇا آهي؟“ مون کائنس پڇيو.
”ها مون پڻ اهو ئي پڇيو ته خط ۾ ڇا لکيل آهي؟“ ڪومل پڻ منهنجي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو.
”اڇا ته پوءِ ڇا چيائين؟“ مون پڇيو.
”چيائين ته مونکي ديپ وڻي ٿو، وينا تنهنجون هن وٽ ايتريون ته تعريفون ڪيون آهن، جو هو توکي پهرين کان ئي بغير ڏٺي چاهڻ لڳي هئي، پر انهي ڏينهن برٿ ڊي تي تو سان ملاقات هن کي وڌيڪ حوصلو ڏنو.“ ڪومل سموري ڳالهه ڪندي چيو.
”پر توکي ته خبر آهي نه، ته آءٌ ۽ وينا هڪ ٻئي کي چاهيون ٿا، اها ڳالهه تو نه ڪئي ڇا؟“ مون کيس حيرانگي مان چيو.
”مون هن کي ايترو ضرور چيو ته تون وينا جو سڀ کان ويجهو دوست آهين، وينا توکي پسند ڪري ٿي، باقي پيار جو آءٌ نه چئي سگهيس ڇاڪاڻ ته وينا جو، ڪنهن کي به اهو ٻڌائڻ کان مون کي منع ڪيل آهي.“ ڪومل پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو.
”ته پوءِ ان تي هن جو ڇا ردعمل هو؟“ مون وري پڇيو.
”چيائين ”دِي دِي“ وينا (ڀيڻ) جو ڀلين سٺو دوست هوندو، پسند ڪندي هوندي پر منهنجو هيءَ پيار آهي، پهريون پيار آهي، منهنجو همسفر ٿيندو.“ ڪومل چيائين.
”پاگل آهي ڇا؟ ڪنهن سان هڪ دفعو ملڻ يا ڪنهن کي پسند ڪرڻ مان مراد پيار ٿورو ئي آهي؟“ مون ڪاوڙ جو تاثر چهري تي آڻيندي چيو.
”هيءُ وٺ هُن جو خط، هُن کي واپس ڪجان ۽ چئجان آءٌ کيس پيار نه ٿو ڪريان“، مون ڪاوڙ مان هن جو خط ڪومل کي واپس ڪندي چيو.
”ٺيڪ آهي آءٌ تنهنجو اهو جواب ۽ خط واپس ڪري ڇڏينديس، اڄ هُوءَ مون وٽ تنهنجو جواب وٺڻ لاءِ ضرور ايندي.“ ڪومل مون کان خط واپس وٺندي چيو.
”ها ٺيڪ آهي، مگر هُن کي سختي سان منع ڪجان ته منهنجي دل ۾ هُن لاءِ اهڙو ڪوبه احساس ناهي. وينا جي ڪزن آهي، صرف ان ڪري ملاقات ٿي، باقي ٻيو ڪجهه به نه سوچي“. مون کيس سمجهاڻي ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آهي، ايئن ئي چونديس، پر وينا سان ذڪر نه ڪجان انهي ڳالهه جو.“ ڪومل مون کي سمجهائيندي چيو.
”نه نه چري آهين ڇا؟ اصل ڌرتي آسمان هڪ ڪري وجهندي، هو جذباتي آهي صفا!“ مون پڻ ڪومل جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو.
ـــ