ناول

محبت جي تنهائي

سعيد لکي ٿو:
”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
Title Cover of book محبت جي تنهائي

13

”هاڻي ته خوش آهين نه پُڦي .... اندر ٺريو .....“ گهر ۾ داخل ٿيندي ئي دالان ۾ ويٺل پُڦي تي انتهائي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيم.
”اَئي ماءُ ..... آءٌ ڀلا ڇو خوش ٿينديس .... مون کان تنهنجي ماڻهين ۽ پڻهين صلاح ورتي سو ڏنم ....“ پُڦي پنهنجي ڳالهه جي وضاحت پيش ڪندي چيو.
”اهڙي صلاح ڏبي آهي، جو ڪنهن جي موت جو ذري گهٽ سبب بڻجي ....“ مون کيس ٻيهر ڪاوڙ مان جملو ڪسيندي چيو.
”وڏن سان ايئن ڳالهائبو آهي ڇا؟“ منهنجي گوڙ جي آواز تي امان ڪمري مان ٻاهر نڪرندي مون تي ڪاوڙ ڪرڻ لڳي.
”امان .... ڀلائي جو ته زمانو ئي ناهي رهيو .... سٺي صلاح ڏيئي الٽو پنهنجي بي عزتي ڪرائڻي آهي اڄ ڪلهه ....“ پُڦي ڪاوڙ مان لال ٿي پيئي.
”توهان دل ۾ نه ڪريو .... نوجوان آهي .... سمجهايون ٿا ....“ امان پڦي کي ٿڌو ڪندي چيو.
”توهان کي خبر آهي، توهان جي ڪري ڪنهن جي اڄ جان وڃي پئي سگهي، ڪير مري بچيو آهي .....“ مون امان ۽ پڦي کي مخاطب ٿيندي چيو.
”ها ڳالهه اسان به ٻڌي آهي ته هُن ڇوڪري ننڊ جو گوريون کاڌيون آهن جنهن ڪري اسپتال داخل آهي“ امان به ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو.
”پوءِ ڀلا ڪو اسان هُن ڇوري کي چيو ته وڃي گوريون کائي؟“ پڦي مون کان سوال ڪندي چيو.
”توهان کي ته جيڪي ڪرڻو هو، سو ته ڪيو نه .....!!“ مون پُڦي تي ٻيهر ڪاوڙ ڪندي چيو.
”اَئي .... آءٌ ته چوان ٿي چڱو ٿيو جو هُن ڇوري سان پنهنجي ديپ جو وهانءُ نه ٿيو ..... هينئر ئي اهڙا رنگ اٿس هن ڇوري ۾ سو شادي کان پوءِ ڪهڙا کيل تماشا ڪري ها ....!!“ اڳي گهٽتائي هئي، جو چاچي به اچي پُڦي جي سُر ۾ سُر ملائيندي لوڻ ٻرڪندي چيو.
”ٻيو نه ته .... اهو ڪير سمجهي ته نه ....!!“ پُڦي، چاچي کي پنهنجي پاسي ڏسي همٿ ڪندي چيو.
”جيڪر هُو اڄ مري پئي ها، ته انهي جي موت جو ذميوار توهان هجو ها ....“ مون انهن طرف آڱر کڻندي چيو.
”اڙي اهڙي جيئري کان مُئي چڱي ..... پوري راڄ ۾ پنهنجي ماءُ، پيءُ کي خوار ڪيائين .... وڏي عقلمند چئبي ....“ پُڦي ناسون ٽيڙيندي چيو.
”پنهنجا جذبا ماري بس عزت جو ڀرم رکي ... پاڻ ڀلين پوءِ تڙپندي رهي ....“ مون ڪاوڙ مان وراڻي ڏيندي چيو.
”هيءَ ڇوري جون ڳالهيون ته ڏسو جو رڳو پيو هُن ڇوريون جو تعريفون ڪري .....“ پُڦي مون تي صفا بگڙي پيئي.
”ابا اهڙي جي خانداني ها ته مائٽن جي لڄ جو ڀرم رکي ها .....“ چاچي دکندي تي تيل هاريندي چيو.
”ٻيو نه ته ..... هيءَ اسان سڀ پنهنجي مائٽن جي پسند، ناپسند کي مان نه ڏنو آهي ڇا؟ اسان جا جذبا نه هئا ڇا؟ پر خاندان، عزت به ڪا شيءَ هوندي آهي يا نه .....!!“ پُڦي پنهنجي ڳالهه ٿاپيندي چيو.
”امان اهو پراڻو زمانو هو .... اڄڪلهه پڙهيل لکيل معاشري ۾ ڇوڪرو، ڇوڪريءَ پنهنجي پسند، نا پسند سان رشتا جوڙين ٿا، جيڪر پاڻ به هنن ٻنهي کي پنهنجي زندگي جو فيصلو ڪرڻ ڏيون ها ته بهتر هو“..... سدائين وانگر هينئر به ڀاڄائي منهنجو پاسو کڻندي چيو.
”اڙي مائي .... تون چُپ ڪر ... جڏهن ڏس تڏهن وچ ۾ اچي پنهنجي راءِ ڏيندي آهي، ايئن ڪري ته تو اسان جي ڇوڪري کي خراب ڪيو آهي ...“ پُڦي ڀاڄائي کي ڇڙٻ ڏيندي چيو.
”منهنجي زندگي ته جهنم ڪري وڌي، هاڻي ويهي توهان خوش ٿيو، شادمانا ڪرو ......“
ڪاوڙ ۾ آءٌ اندر ڪمري ۾ اچي اونڌي منهن ليٽي پيس ......
ــــ


وينا کي جڏهن هوش آيو، ته هن ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي۽ هُن جا والدين منع نه ڪري سگهيا هئا جو ڊاڪٽر کين سختي سان تاڪيد ڪئي هئي ته انهي حالت ۾ هن جي ڪابه خواهش نه ٽارجو.
آءٌ سندن سڏائڻ تي اسپتال پهتس. ڪمري ۾ آيس ته وينا ماءُ، پيءُ کي چيو ته هوءَ مون سان اڪيلائي ۾ ملڻ ٿي چاهي.
سندس ماءُ، پيءُ اسان ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي سڀ ٻاهر هليا ويا.
اسان ٻيئي هڪ ٻئي کي چنڀڙي ڳراٽڙي پائي روئي پياسين ....
”هي تو ڇا ڪيو وينا...؟ توکي منهنجو ٿورو به خيال نه آيو؟“ مون کيس ميار ڏيندي روئي ڏنو.
”مَمي ٻڌايو تنهنجي گهر وارن انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌاءِ توسواءِ جيئڻ جو ڪهڙو فائدو؟“ وينا روئندي چيو.
”تون ئي ٻڌاءُ پاڻ هڪٻئي کان سواءِ ڪيئن جيئنداسين....؟؟“ وينا جي اکين ۾ سئو سوال هئا، جنهن جو مون وٽ ڪوبه جواب نه هو.
بلڪه آءٌ پاڻ لاتعداد سوالن جي جوابن جو متلاشي هوس ته هن کان بغير منهنجي زندگي ڪيئن گذرندي؟ هڪ ٻئي کان بغير وڇوڙي جا ڏينهن ڪيئن ڪٽبا؟
”ٻڌاءِ نه ...! ڪيئن جيءَ سگهنداسين هڪ ٻيءَ جي بنان؟“ لڙڪ بي اختيار وينا جي اکڙين مان وهندا سندس نرم ڳلڙن کي ڀِڄائي رهيا هئا. گلاب جي گلن جهڙو پيارو چهرو بلڪل ڪومائجي ويو هو. ختم ٿيندڙ تيل جي باعث اجهامندڙ ڏيئي جيان ڀاسجي رهيو هو.
پاڻ سنڀاليندي سندس گلابي چهري کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهلندي چيم، ”ايڏو روئندي نه ڪر.... تنهنجي نيڻن مان وهندڙ هڪ هڪ لڙڪ منهنجي هانءُ تي وڍ ٿو وجهي.... منهنجي جانان تون پنهنجي لڙڪن جا موتي ايئن ضايع نه ڪندي ڪر، تنهنجي چهري جي اداسي مون کي ماري ٿي وجهي.“
”پوءِ تون ٻڌاءِ نه ....! پنهنجي دل کي ڪيئن آٿت ڏيان؟ آءٌ پنهنجو پاڻ کي ته کڻي روڪي به ڇڏيان پر اهي لڙڪ منهنجو چوڻ ئي نه ٿا ڪن ۽ بي اختيار منهنجي پنڀڻين مان وهي ٿا اچن. تون ئي ٻڌاءِ جنهن جو جاني جنهن کان دور ٿيندو محسوس ٿئي، اهو ڀلا ڪيئن ٿي مُرڪي سگهي؟، تون ئي ٻڌاءِ توکان سواءِ منهنجون ڪهڙيون هوليون، ڪهڙيون ديواليون، ڪهڙيون خوشيون؟ تون ئي ٻڌاءِ جنهن جي ساهه جو سڳو ڇڄندو محسوس ٿئي اهو ڀلا خوشيون ڪيئن ملهائي؟“ وينا وياڪُلتا مان مون ڏي ڏسندي چيو.
”تون پاڻ کي سنڀال هي جدائي به سهي وينداسين، هڪ ٻئي جي جدائي جي باوجود تنهائين جي اٿاهه ساگر هوندي به هڪٻئي کي محسوس ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي لاءِ جيئنداسين“. مون کيس دلداري ڏيندي چيو.
”مگر مون کي تون کپين مطلب تون ئي کپين، هل ته هتان کان تمام گهڻو پري نڪري هلون، جتي ڪير اسان جي وچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهي.“ وينا مون تي زور ڀريندي چيو.
”پنهنجي مائٽن ۽ لوڪ کي لڄائي پاڻ اهڙو قدم نه ٿا کڻي سگهون، جنهن سان انهن جي عزت کي ڇيهو رسي. پنهنجو پيار جسمن جو محتاج ناهي، اسان هڪ ٻئي جي روح سان پيار ڪيو آهي، هونئن به پيار قرباني جو نالو آهي“. مون کيس سمجهاڻي ڏيندي چيو.
”قرباني صرف اسان ئي ڇو ڏيون؟ اسان جا خاندان، هيءَ اناپرست سماج ڇو نه ٿو ڏي.“ وينا ڪاوڙ مان چيو.
”اسان به انهن جهڙا ٿينداسين ته پوءِ اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق باقي رهندو؟“ مون کيس سمجهائيندي چيو.
”پوءِ ڀلين اسين ڌار ٿي وڃون، محبت اڌوري رهجي وڃي، بس سماج ۽ رشتن جو ڀرم ئي رکون، پنهنجي پيار جو ذرو به فڪر نه ڪريون؟“ وينا ڏنگي ٻار جيان ضد ڪرڻ لڳي.
”پيار هو، آهي ۽ قائم رهندو ان لاءِ جسماني طور گڏ رهڻ ضروري ناهي؟“ مون وري به سمجهائيندي چيو.
”پر آءٌ نٿي رهي سگهان تو سواءِ؟ ٻڌاءِ ڇا ڪيان اٿندي ويهندي کائندي پيئندي صرف تون ٿو ياد اچين ته آءٌ ڇا ڪريان؟“ وينا پريشان ٿيندي چيو.
”پنهنجو پاڻ کي سمجهائينداسين، اسان ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ جيئنداسين، هڪ ٻئي کي جيترو ٿي سگهيو خوش رکڻ لاءِ جيئنداسين، گڏ نه هوندي به دل سان گڏ رهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پيار جي پريت نڀائڻ جي ڪوشش ڪنداسين“. مون وينا کي آٿت ڏيندي چيو.
”پليز....! اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، آءٌ مري وينديس، جسم جنجهوڙجي ٿو وڃي، تون مون کان دور نه وڃ“ وينا سُڏڪندي چيو.
منهنجي مٺڙي جانان! مون لاءِ پڻ اهو فيصلو ڪرڻ ڪو سَولو ناهي پر اهو اسان جي مقدر ۾ لکيل هو ته اسان هن دنيا جي ڪري پنهنجي پيار جي قرباني ڏيون. مون سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
اسان ڪافي وقت تائين هڪ ٻئي کي سمجهائيندي رهياسين، قائل ڪندا رهياسين، آٿت ڏيندا رهياسين.
ڪافي دير بعد ڪجهه رشتيدار وينا جي طبيعت پڇڻ لاءِ ڪمري اندر داخل ٿيا.
پوءِ آءٌ وينا کي اکين ئي اکين ۾ پيار آڇي، تسلي ڏيئي ٻاهر نڪري آيس.
ــ


مون کي هرگز خبر نه هئي ته منهنجي وينا سان ڪو آخري ملاقات هئي، اسان ته هڪٻئي سان صحيح طرح مليا به نه هئاسين ۽ نه ئي پنهنجي دل جو حال اوريو هو، اسان ته ايئن هڪٻئي سان موڪلائڻ جو تصور به نه ڪيو هو.
ان حادثي کان پوءِ وينا جي والدين جو لوڪ جي ڳالهين ۽ طعنن جي ڪري هتي رهڻ ڏکيو ٿي پيو هو، سو سندس والدين هتان کان ٻي شهر شفٽ ٿيڻ جو سوچي ورتو هو. هفتي اندر ئي اهي ڪهڙي وقت شهر ڇڏي هليا ويا ڪا خبر ئي نه پيئي، جي ڪيڏانهن وڃڻو به هو ته به وينا موڪلائي ته وڃي ها، ائين بنان ڄاڻ ڏيڻ جي ڪيڏانهن هليا ويا، ڪا خبر ئي پي پئي.
منهنجي لاءِ شهر جون رونقون بي معنيٰ ٿي ويون. اهي اتان هليا ويا... صرف اهي ٻه اکيون، چمڪدار ۽ عجيب نموني پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ، منهنجي دماغ جي پليٽ تي پنهنجو مستقل نقش ڇڏي ويون.
هڪ هُن سان ٽٽڻ ۽ ڌار ٿيڻ جو ڏک ته ٻيو وري وڇوڙي جو وڍ .... تنهائين جي بار هيٺ دنيا کائڻ ٿي آئي ... بس ڪنهن به شيءَ، ڪنهن به ڳالهه ۾ دلچسپي نه رهي هئي.
ڌار ٿيڻ جو ڏک وري به ڏکيو سکيو دل تي پٿر رکي سهي وڃون ٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ ڏور ته نه هلي وڃي ها، منهنجي روبرو منهنجي اکين جي سامهون ته رهي .... کيس ڏسي ڪري دل جي حسرت ته پوري ڪيان، پري کان سهي پر اکين سان پيار اوتيان ها، سندس مسڪراهٽن جي سهاري جيون گهاريان ها .... پر هُوءَ ته صفا وڇوڙي جا گهاءُ ڏيئي هلي ويئي .....
هاڻي بس اهو ئي انتظار هو ته ڪيئن به ڪٿان سندس حال احوال ملي، پتو ملي ته منهنجو پيار، منهنجي مٺڙي جانان ڪهڙي حال ۾ آهي.....!!
ڪجهه ڏينهن پڄاڻان انتظار ختم ٿيو ۽ ڪوريئر ذريعي هڪڙو خط پهتو جيڪو وينا جو هو، جلدي کولي پڙهڻ لڳس.

”ساهه کان به پيارا .... دانش ....
مون کي به اها خبر نه هئي ته اها پنهنجي آخري ملاقات هوندي پر تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مَمي پَپا مون وٽ آيا ۽ هنن سموري مجبوري منهنجي اڳيان رکي. هنن اڄ تائين منهنجي هر ضد، هر خواهش پوري ڪئي آهي، هنن ته منهنجي خواهش تي تنهنجي لاءِ رشتو به موڪليو پر اها منهنجي بدقسمتي هئي جو توکي پنهنجو جيون ساٿي بڻائڻ جي خواهش اڌوري رهجي ويئي. منهنجي هڪ غلطي جي ڪري پاپا جي عزت کي ڪافي ڇيهو رسيو. هُو مارڪيٽ ۾ عزت سان سٺي نموني بزنس به ڪري نه پئي سگهيو. هن مون کي پنهنجي مجبوري بيان ڪئي.“
”جنهن والدين، مون جتي پير رکيا اتي انهن پنهنجا نيڻ وڇايا انهن کي ڀلا آءٌ نِراس ڪيئن ٿي ڪري سگهيس. آءٌ ته تو بنان هونهن به مرده ٿي ويئي هئس تنهنڪري مون لاءِ هاڻ ان ڳالهه ڪا معنيٰ نٿي رکي ته ڪٿي رهجي سو سوچيم پنهنجي غلطي سڌاريندي مَمي پاپا جي خواهش پوري ڪيان.“
”تو سان آخري ڀيرو ان ڪري به نه موڪلايو، جو توکي ڏسي وڃي نه سگهان ها ۽ پنهنجي فيصلي تان ڦري وڃان ها. هڪڙي طرف مَمي پَپا هئا ته ٻي طرف منهنجو پيار هو. مون تنهنجي ڳالهه مڃيندي پنهنجي پيار جي قرباني ڏيڻ ئي بهتر سمجهيو، ڇو جو آءٌ پپا جي وڌيڪ دل ڏکائي نٿي سگهيس، مون کان مَمي جو اداس چهرو ڏٺو نٿي ٿيو. تنهنڪري سوچيم پاڻ کي سزا طور توکان ڌار ڪيان. اسين ڪراچي آيا آهيون ۽ پپا هاڻ هتي ڪراچي ۾ سيٽ ٿيڻ جو سوچيو آهي. اسان جو هڪڙو چاچو پهرين به ڪراچي ۾ بزنس ڪندو آهي ۽ منهنجا ناناڻا به ڪراچي ۾ آهن، سو اڪيلائي بلڪل به نه آهي.“
”ڪمي آهي ته بس تنهنجي.... هڪڙو هڪڙو پل توسواءِ سال صدين برابر گذري ٿو..... پر ڇا ڪيان، وقت ۽ حالات اهڙو مجبور ڪري ڇڏيو. پپا چئي پيو ته منهنجي باقي پڙهائي به هاڻ ڪراچي ۾ ئي مڪمل ڪرائيندو. دور رهي به توکان ڇڄي نٿي سگهان جو تون منهنجو پهريون ۽ آخري پيار آهين..... مون سان رابطي ۾ رهجان.“
تنهنجي فقط تنهنجي ....
وينا ...

خط پڙهي، درد جي رڻ ۾ رُلي ويس. پن وانگي ڇَڻي پيس. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪٿي اچي بيٺو آهيان. نيٺ ٻرندڙ دل سان ڪجهه اکر لکڻ شروع ڪيم.

”هَرڻي جي اکين جهڙي پياري جانان ....
تنهنجو ايئن بنان موڪلائي هليو وڃڻ مون لاءِ ڪنهن صدمي کان گهٽ نه هو، پر تنهنجي انهي ڳالهه ۾ به وزن آهي ته پاڻ هڪ ٻئي کان آخري ڀيرو موڪلائي نه سگهون ها ۽ جذبا فيصلن تي ڀاري ٿي پون ها ۽ ٻيهر ڪو جذباتي فيصلو ڪري وجهون ها ... جيڪو لازمي اسان جي مائٽن جي حق ۾ بهتر نه هجي ها .....!“
”آءٌ بس تنهنجي انهي خوشي ۾ خوش آهيان جو تو انتهائي سمجهداري وارو فيصلو ڪيو.“
”پيار پنهنجي دل ۾ هميشه زنده هو، آهي ۽ رهندو. تو سواءِ اداس شامن جي لهندڙ سج جي لالاڻ جو قسم، تنهنجي هر مرڪ جو قسم، ڪجلاسر جي هر ڪامڻي جو قسم، موهن جي دڙي جي ناچڻي جو قسم، مڪلي جي تاريخ جو قسم، تنهنجي مونکي ڏنل هٿ سان ڀريل رومال جو قسم ۽ ٿر جي رلي جي هر هڪ ٽاڪي جو قسم، جڏهن به تنهنجي ياد پيار جي ڪتاب جا ورق ورايا آهن سچ جانان آءٌ رنو آهيان ۽ منهنجون آليون اکيون پنهنجي پيار کي لڙڪن جي ڀيٽا آڇين ٿيون.“
”سانجهي ويلي تنهنجي يادن کي ساري روئي ٿو پوان، ڪو وقت هو ته پاڻ ٻيئي گَڊي ڀٽ جي ريٽ تي ويهي محبت هاڻيون ڪچهريون ڪيون هيون، سدا ساٿ نڀائڻ جا وعدا وچن ڪيا هئا، هن بي درد زماني سان هڪ ٿي وڙهڻ جو عهد ڪيو هو. ها اهو سانجهي ويلو ئي ته هوندو هو جنهن ويل تون مون کي پنهنجي آغوش ۾ سمهاري منهنجي وارن کي پنهنجي هٿ ڦڻين سان سنواريندي هئين ۽ منهنجو هر هر توکي ڳلن ۾ چهنڊڙيون پائڻ ۽ تنهنجو پيار وچان منهنجي ڳلن تي ٿپڪي هڻڻ ڪيڏو نه مستي ڀريو عمل هوندو هو. ڪاليج ۾ گهاٽي نم جي وڻ هيٺيان ويهي دل جا حال اورڻ ۽ هڪ ئي ڪپ ۾ هڪ ٻئي جي جُوٺي چانهه ۽ پاڻي پيئڻ تي دوستن جو تعجب کائڻ ۽ مذاق ڪرڻ، سچ جانان اهي يادون جڏهن ڪنهن تنهائي ويلي منهنجي من اڱڻ تي رقص ڪن ٿيون ته لڙڪ پنڀڻين جا بند ٽوڙي ڳلڙا ڀنائي ٿا ڇڏين ۽ تنهنجون سارون مون کي ڪنهن واچوڙي جيان وڪوڙي ٿيون وڃن. ڪنهن تيز سامونڊي لهرن جيان منهنجي دل جي دنيا کي تنهنجي يادن ۾ ٻوڙي ٿيون ڇڏين ۽ مان ان معصوم ٻار جيان روئندو ٿو رهان جنهن جي امڙ انهي لهر ۾ ٻڏي ويئي هجي. ان ويل آءٌ توکي انهي ٻار جيان ياد ڪيان ٿو پر افسوس .... آس پاس نه پائي وهاڻي ۾ منهن لڪائي روئي ٿو پوان.“
”ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پنهنجي منهن سوچيان ٿو ته جڏهن ٻن پريمين جو هڪ ٻئي سان ملڻ نصيب ۾ ئي نه ٿو هجي ته پوءِ اُهي محبت جي هن ميلي ۾ هَروڀَرو پاڻ ستائڻ لاءِ ڇو ٿا اچي گڏ ٿين؟ جڏهن انهن جي نصيب ۾ لڙڪ ئي هجن ٿا ته هُو صرف ڪجهه وقت لاءِ پاڻ ۾ ملي ڪري خوش ڇو ٿا ٿين؟“
”يادن جا پکي ڪيڏا نه آزاد ٿا هجن، جڏهن انهن جي دل چاهي ٿي ته اسان جي دل جي اڱڻ تي لهي ٿا پون. پوءِ ڪڏهن کلائين ٿا ته ڪڏهن ڪو پراڻو گهاءُ ياد ڪرائي روئاڙي ٿا وجهن. زمانو آخر ايترو ظالم ڇو آهي، جيڪر ڊاڪٽر هجان ها ته سڀ کان اول زماني جي ظالم ماڻهن جي سرجري ڪري ڏسان ها ته سندس سيني ۾ دڙڪندڙ نازڪ دل آهي يا ڪو پٿر!! ڇو ڪنهن کي ستائي مُسرت جي سرهائي مان ٽهڪ ڏين ٿا؟ ڇو پيار ڪندڙن کي درد ۽ تڪيلف ڏيئي خوشي محسوس ڪن ٿا؟“
”منهنجي مٺڙِي جانان!
لکڻ لاءِ ته کوڙ ساريون ڳالهيون آهن، کوڙ سارا ڪاغذ ڪارا ٿي پوندا پر تنهنجا نازڪ نيڻ پڙهي پڙهي ٿڪجي پوندا ..... بس .....
تو سواءِ زندگي خالي خالي ٿي لڳي، نه ڪاليج وڃڻ تي دل ٿي چئي، نه پڙهائي تي، هر وقت تنهنجي ياد جي وير وري ٿي پوي. هاڻ اها ئي آس آهي ته تنهنجي خوشين جي لاءِ جيئجي. هر وقت اها ئي دعا آهي ته توکي دنيا جون سموريون خوشيون نصيب ٿين.“

فقط تنهنجو ....
دانش ...
ـــ