ناول

محبت جي تنهائي

سعيد لکي ٿو:
”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
Title Cover of book محبت جي تنهائي

1

اهو ڪاليج جو پهريون ڏينهن هو، آءٌ منهنجي دوستن ساحل ۽ راجا سان گڏ ڪاليج پهتس، مين روڊ واري دروازي مان جيئن اندر داخل ٿياسين، ته هڪ نئين تازگي محسوس ٿي. مين گيٽ کان اندر داخل ٿيندي ئي سرن جي ٺهيل پٿريلي روڊ جي ٻنهي پاسي نمن جا گهاٽا وڻ لڳل هئا، سموري پٿريلي روڊ تي اهي گهاٽا وڻ ڇانوَ ڪري بيٺا هئا. جنهن مان ٻور جي عجيب سڳنڌ اچي رهي هئي. پنڌ هلندي ئي اڳتي ٿوري مفاصلي تي ٻه منزلا بلڊنگ هئي، جنهن ۾ زولاجي جي ليب ۽ ڪمپيوٽر سيڪشن هو، ٿورو ئي اڳتي ڪاليج جي مين بلڊنگ هئي.
ڏينهن پڄاڻان اسين اسڪول جا ڪافي دوست وري اسڪول جي موڪلن کان پوءِ اچي ڪاليج ۾ مليا هئاسين، ڪجهه نوان ڇوڪرا به ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا، جيڪي ٻين شهرن مان اسڪول جي پڙهائي مڪمل ڪري ڪاليج اچي پهتا هئا. تن ڏينهن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو فقط هڪ ئي گڏيل ڪاليج هو، البت ڪلاس الڳ الڳ هلندا هئا.
ڪاليج جي پهرين ڏينهن ئي نون آيل ڇوڪرن سان گڏ ٽين ايج جي نازڪ ۽ نفيس ڇوڪرين جا ميلا متل پڻ نظر اچي رهيا هئا ۽ سندس ٽهڪ ڪاليج جي عمارت جي ڪاريڊورن مان گونجي رهيا هئا.
اڃان ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت هو، ان ڪري اسين هم خيال دوست ڪاليج جي گهاٽي نم جي ڀرسان ٺهيل ٿَلهي تي اچي ويٺاسين، جيڪا پوءِ سموري ڪاليجي عرصي دوران اسان جي مسقتل بيٺڪ بڻجي ويو هو.
سيمينٽيڊ ٿلهو اصل ۾ اين.سي.سي ٽريننگ جي لاءِ ٺهيل هو، جنهن تي پاڪستان آرمي جا آفيسر ويهندا هئا ۽ سموري ايڪسرسائيز کي مانيٽر ڪندا هئا. اين.سي.سي ڪاليج جي پڙهائي جو هڪ شارٽ ڪورس هوندو هو، جنهن جون اضافي مارڪون هونديون هيون. جنهن وقت اسين ڪاليج ۾ آياسين ته ان کان هڪ ٻه سال پهرين اهو ڪورس بند ٿي چڪو هو. ان ڪري اسين اڪثر انهي ويران ٿيل ٿلهي تي ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسين.
ٿَلهي جي سامهون هڪڙو وسيع گرائونڊ هو، جيڪو صبح جي وقت اين.سي.سي جي ٽريننگ لاءِ ته شام جي وقت شاگردن لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪم ايندو هو. انهي گرائونڊ ۾ هيلي پيڊ به ٺهيل هو، جنهن تي ملڪ جي اهم سرڪاري شخصيتن توڙي ٻين شهرن مان ايندڙ وي.آءِ.پيز جا هيلي ڪاپٽر لهندا هئا، جنهن ڪري اهو گرائونڊ ڪاليج جي هيلي گرائونڊ طور پڻ مشهور هوندو هو.
”ديپ هُو سامهون واري عمارت ڇا جي آهي؟“ ٿلهي تي ويهندي ئي راجا هٿ سان سامهون طرف اشارو ڪندي پڇيو.
”اها شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل ٺهيل آهي، جتي ٻين شهرن توڙي ڳوٺن کان آيل شاگرد رهن ٿا“ مون کيس وراڻي ڏيندي چيو.
”ديپ! ڏي خبر... موڪلن وارو عرصو ڪيئن ۽ ڪٿي گذاريئي؟“ ڀرسان ويٺل منهنجي دوست ساحل منهنجي کاٻي ڪلهي کي پنهنجي ساڄي هٿ سان هلڪي ٿپڪي هڻندي چيو.
”مڙئي وقت گذري ويو... ڪا خاص مصروفيت نه هئي... بس ڪجهه ڪجهه بورنگ ... سمجهه ته ڏينهن ڳڻي پورا ڪيم.“ خفا ٿيندي مون کيس چيو.
”يار دِيپ! اصل ۾ ساحل، اسان کي ٻڌائڻ ٿو چاهي، ته هو موڪلن ۾ پنهنجي مامي جي گهر ڪراچيءَ ويو هو ... اُن ڪري هو پاڻ کي ٻڌائڻ ٿو چاهي ... آخر جو ملڪ جي وڏي شهر ۾ موڪلون انجواءِ ڪري آيو آهي.“ راجا ساحل تي ٺهه پهه ٽوڪ ڪندي چيو ... اسان سڀني کان بي ساخته ٽهڪڙا نڪري ويا.
”نه يار اهڙي ڳالهه ته ناهي، مون ته بس سنگت جا حال احوال پئي ورتا“. ساحل لڄارو ٿيندي چيو.
سِج به ان وقت پوري زور سان چمڪي رهيو هو... بهار جي نئين آمد هئي... سج جا ڪِرڻا نمن جي ٻُور منجهان گذري اسان جي پاڇن ڪي ڪَٽي رهيا هئا...
”ڏاڍا گُلابن جا گُل لٿا آهن اڄ... هر طرف خوشبوءِ خوشبوءِ ... نازنين نيڻن جي چنچل ادائن سان ماحول واسجي ويو آهي.“ گهڙيءَ کن جي سانت کانپوءِ راجا، شرارت واري انداز ۾ ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ ڇوڪرين طرف اشارو ڪندو چيو.
”يار اسڪول ختم ڪري ڪاليج پهتا آهيو، پوءِ به عادتون ۽ خيال ساڳيا جا ساڳيا.“ مون کين چڙ مان وراڻي ڏيندي چيو.
مٺا سائين... اسڪول ۽ ڪاليج ۾ اهو ته فرق آهي! اسان وٽ ڇوڪرن جا الڳ اسڪول ۽ ڇوڪرين جا الڳ. رڳو ڇورن جا ٻُوٿ ڏسي ڏسي تنگ ٿي پيا هئاسين.“ ساحل راجا جي ڳالهه ۾ پنهنجي ڳالهه ڳنڍيندي چيو.
”ها يار... اهي ته صبح صبح منهن ئي نه ڌوئندا هئا... رڳو پاڻيءَ جا چار ڇنڊا منهن تي هڻي ڀڳا وتندا هئا اسڪول ڏانهن... توبهن....“ راجا منهن ۾ گهُنج آڻيندي چيو.
”خير اهڙي ڳالهه به ڪونه هئي ٻيلي، هَروڀرُو ٻين کي گندو ۽ پاڻ کي هيرو نه سمجهو.“ مون کين ڇڙٻ ڏيندي چيو.
اسين گفتگو ۾ مصروف ئي هئا ته ايتري ۾ ڪاليج جي بيل وڳي ۽ سڀئي فرسٽ فلور تي ڪلاس ۾ وڃڻ لاءِ اُٿياسين.
ــــ


بريڪ جي وقت آءٌ ڪلاس کان ٻاهر اچي رهيو هوس ته ڪاريڊور جي هڪڙي ڪنڊ ۾ چند ڇوڪريون گفتگو ۾ مَحُو هيون. منهنجي نظر تِرڪي انهن مان سامهين بيٺل سنهڙي ڳچيءَ واري ڇوڪريءَ تي پئي ..... هلڪي پِنڪ ڪلر جي شانائتي لباس ۾ ملبوس هوءَ سونهن جي راڻي لڳي رهي هئي... سندس ڪاريون ڪجلاريون اکيون، گلاب جي پنکڙين جهڙا سنهڙا چَپَ، تيز ڌار وانگر نڪتل سهڻو نڪ، ڪپهه پوڻين جهڙا اُڀريل ڳَل، ننهن کان چوٽي تائين مون کيس ڏٺو... هوءَ ڄڻ ته ڪوهه قاف جي پرين جي راڻي لڳي رهي هئي... کيس ڏسندي ئي کن پل ۾ آءٌ سوچ جي گهري سمونڊ ۾ خيالي غوطا کائڻ لڳيس... شايد هن ڇوڪري کي ڪٿي ڏٺو آهي، پر ڪٿي؟ چهرو ته سڃاتل ٿو لڳي، پر وري به ڪير آهي؟ ذهن تي زور ڏيندي آءٌ وقت کي ڇهه سال پوئتي ڌڪي سائين هاشم جي ٽيوشن سينٽر تي وٺي ويس ۽ ماضي جي يادگيرين جي دز کي صاف ڪرڻ لڳس ته اچانڪ ذهن تي هڪ تصوير صاف ٿي اڀري آئي. اتي مون سان گڏ پڙهندڙ هڪڙي بي ڍولي ڇوڪريءَ، جنهن سان اڪثر ڳالهه ڳالهه تي لفظي جهيڙو ٿيندو هو. اوهه ماءِ گاڊ .....!! ڪٿي هُو بڇڙي ٿلهي گول مٽول ۽ ڪٿي هيءَ حُور جهڙي حسين ڇوڪري....!!
آءٌ ايئن پنهنجي منهن سوچيندو، ڀُڻڪندو ويجهو پهتس ته واقعي حيرت جي ڪا حد نه رهي ته اها ئي ساڳين ڇوڪري هئي، ڏانهس نهاري مون کان بي ساخته وات مان سندس نانءُ اچارجي ويو. ”و ....ي .... ن ..... ا ...... وينا ......!!!“
ساڳئي پل هُن پڻ مون ڏانهن تجسُس واري انداز ۾ نهاري چپن ئي چپن ۾ اچاريو. ”ديپ .....!!“ ۽ هلڪي مرڪ مُرڪي، شرميلي انداز سان نظرون جهڪائي ڇڏيائين.
آءٌ مسڪرائيندو تعجب کائيندو ڪاريڊور ڪراس ڪندو چاڙهين کان هيٺ لهي آيس.
بس آءٌ خيالن جي اڻ کُٽ حَسين دنيا ۾ پاڻ وڃائجي چڪو هوس... واهه خدا جي قدرت ...!! جواني به ڇا ڪمال جي شيءِ آهي. اها به عورت جي، الا ڇا هئي ۽ ڇا ٿي پئي آهي. ان ڏينهن آءٌ ڏاڍو خوش هوس... ڪيترن سالن کانپوءِ کيس انتهائي خوبصورت انداز ۾ وري ڏٺو هئم. ياد اچيم ٿو ته، ساڻس آخري وقت پنجين درجي جي ٽيوشن دوران گذريو هو.
اسان جي پاسي، ڳوٺاڻي سماج ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا اسڪول الڳ الڳ هوندا آهن. ڳوٺاڻي سماج جا ننڍڙا شهر به انهن روايتن تي عمل پيرا آهن. اهڙي ريت اسين پڻ ٿر جي ننڍڙي ۽ گڍيءَ جي دامن ۾ واقع خوبصورت شهر ”مٺيءَ“ ۾ ئي رهندا هئاسين. اسان جا اسڪول الڳ الڳ هئا، پوءِ ڀي ٽيوشن تي گڏ هڪڙي ئي ڪلاس ۾ هڪڙي ئي استاد وٽ پڙهندا هئاسين. اڳتي وري وقت ۽ تعليم جي ڳولا لاءِ واٽون الڳ الڳ وٺڻيون پيون ..... تان جو وري کيس هاڻي ڏٺم....
اسان ٻيئي پاڻ ۾ ٽيوشن جي ڪم تي ڏاڍو وڙهندا هئاسين. ان پويان سڄي هوڏ پهرين هوم ورڪ استاد کي ڏيکارڻ ۽ کانئس شاباس وصول ڪرڻ واري هئي. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ مٿس گهڻي ڪاوڙ به ڪندو هئس ۽ هُو روئي سائينءَ کي شڪايت ڪندي هئي ۽ اهڙيءَ ريت اسان جي ڪاوڙ جو حساب ڪتاب ٿيندو هو.
هوءَ روئندي مونکي ڏاڍي معصوم لڳندي هئي. گول مٽول چهري تان لڙڪ وهندا هئا ته پنهنجي ڪُرتي جي آڳر سان معصوم انداز سان لڙڪ صاف ڪندي مون کي پنهنجي کاٻي هٿ جي چيچ سان ”ڪَٽي“ جو اشارو ڪري ناراضگي جو اظهار ڪندي هئي. الائي ڇو ان سڀ جي باوجود ڪجهه ئي دير ۾ ٻيهر پاڻ ئي پرچي پوندي هئي.
اسان ٻيئي ٽيوشن تي هڪڙي ئي بئنچ تي گڏ وهندا هئاسين. هوءَ پنهنجي لاءِ وٺي آيل ”شيءِ“ مون کي به کارائيندي هئي. گهڻو ڪري سوپاريون گهڻيون کائيندي هئي. جڏهن به سوپاري آڇيندي هئي ته کيس ”مٺيون سوپاريون ڇوڪريون کائينديون آهن“ چئي کيس تنگ ڪندو هئس ۽ هوءَ به غصو ڏيکاريندي هئي.
”تڏهن ئي توکي هيراڪ ڪري عادي ٿي ڪرڻ چاهيان... ۽ پوءِ تون به منهنجو مذاق نه اُڏائي سگهندين.“ هُو ٺهه پهه جواب ڏيندي هئي.
”هن عمر ۾ به وڏي ڪا چالاڪ آهين ٻيو ...!!“ آءٌ کيس حيرت واري انداز ۾ چوندو هوس.
”ڇوڪريون هونديون ئي چالاڪ آهن، ڇوڪرا موڳا مٽر هوندا آهن، بلڪل تو جهڙا....!“ هُو کِلندي مون تي اهڙيون چٿرون ڪندي هئي.
ــــ


ڪاليج جو ٻيو ڏينهن هو ۽ سينيئرس (انٽر ڪلاس جي شاگردن) طرفان نِيو ڪَمرس (فرسٽ ايئر جي شاگردن) جي لاءِ ويلڪَم پارٽي رٿيل هئي. ڪالهه پهرين ڏينهن تي پرنسپال، سڀني ليڪچرارن ۽ پروفيسرن طرفان انٽروڊڪٽري (تعارفي) ڪلاس هئا..... جن ۾ پروفيسرن طرفان شاگردن سان تعارفي گفتگو ڪئي وئي .... اسڪول ۽ ڪاليج جي ماحول ۽ حالتن بابت پئي سمجهايو.
پارٽي لاءِ سڀئي شاگر آڊيٽوريم طرف وڃي رهيا هئا... اسان به اچي پهتاسين. منهنجي نظر هن هيڏي ساري ميلي ۾ هُن کي تلاشڻ لڳي ته اڄ آئي آهي يا نه .... اياز جي سِٽ جيان:
”ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو ....“
ايئن سوچيندو ئي رهيس ته، کيس اڄ ڪهڙا ڪپڙا پاتل هوندا، ڪيترو سَجيل سنوريل هوندي؟ ڪالهه هيترن سالن کان پوءِ کيس سونهن پريءَ جي روپ ۾ ڏسي ڪري منهنجي دل الائي ڇو چاهيو ٿي ته کيس بار بار ويٺو ڏسجي ۽ بس لِڪي لِڪي کيس ڏسندو ئي رهجي.
نيٺ پياسي نظر کي منزل ملي... منهنجي اندر جي مِرگهه ترشنا کي ڪنهن جي ڳولا جي رڻ ۾ ڪو جهرڻو نظر آيو... پري کان ئي نظر مٿس پيئي... محبوب جي سُندر احساسن سان ڀرپور حسين مسڪراهٽ مون تي پري کان ئي وِڄ جيان ڪڙڪي رهي هئي... ماشاءِالله... اڄ ته ڪلهه کان به وڌ خوبصورت، هلڪي آسماني رنگ جو ڪُڙتو ۽ اڇي رنگ جو پاجامو، سفيد هلڪو ڀرت ڀريل رَئو سندس ڪلهن تي لٽڪيل... هلڪو ميڪ اپ ۽ سنهڙي ڊگهي بِنديا سندس سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. پنهنجين ساهيڙين سان ڳالهه ڳالهه تي سندس مُرڪڻ جي انداز ته سموري ماحول ۾ مُرڪن جا حسين پوپٽ پئي اُڏاريا.
منهنجيءَ دل چيو پئي ته وڌي وڃي سندس سونهن کي سجدو ڪجي... سندس اکين ۾ عشق جي ڀيٽا نظر سان پيش ڪريان.... سندس ڪومل هٿڙن کي چُمڻ جي آس به وڌي رهي هئي... پر ايئن ممڪن نه هو.
آءٌ پنهنجن شرارتي دوستن کان لِڪي آهستي آهستي ڇوڪرين طرف ويس... جيئن ئي سندس نظر مون تي پئي... هُن رئو نڪ تي ويڙهي ڇڏيو. ويجهو اچڻ تي صرف سندس متحرڪ اکيون ٿي ڏٺيون. هڪڙو رنگ پيارو، ٻيو ڪپڙا منهنجي پسند جي نيري رنگ جا... ڇوڪريون هال طرف وڃڻ لڳيون... هوءَ منهنجي ڀرسان لنگهي آهستي ٿي گذري وئي...
آڊيٽوريم ۾ ڇوڪرين جي ويهڻ لاءِ ساڄي طرف جاءِ هئي ۽ ڇوڪرن لاءِ کاٻي طرف... آءٌ هڪ سيٽ تي وڃي ويٺس. هيڏيءَ رش ۾ به نظرن کي صرف هُن جي تلاش هئي. بار بار نگاهون سموري ڪرائوڊ کي ڪراس ڪري سندس نيڻن سان پئي مليون... سندس وجود سان ڪو ازل جو رشتو جڙي چڪو هيو... اکين جي پياس اُجهاڻي نٿي. هاڻي هُن به هر هر نظرون چورائي مون ڏي پئي نهارڻ شروع ڪيو هو... ته آءٌ به کيس ئي ڏسان پيو يا نه، پر جڏهن نينهن جا متلاشي نيڻ پاڻ ۾ مليا پئي ته سندس چهري جا تاثر ڏسڻ وٽان هيا.... حياءَ جا ڀئنور مڙي ٿي پيا ۽ عجيب خُوبرو ڪيفيتن جا رنگ سندس چهري تي بَکڻ لڳا هئا. هُن نه چاهيندي به نظرون پئي چورايون. پروگرام ختم ٿيڻ تائين اسان جي مستي جاري رهي هئي.
ـــ