14
پڪ سان خط لکندي رُني هوندي..... خط ۾ لکيل لفظن تي لڙڪ ڪرڻ جي ڪري مَسَ پکڙجي ويئي آهي. هن خط لکندي پاڻ کي ته روڪيو هوندو پوءِ لڙڪن هُن جو چَيو نه مَڃيو هوندو.... هن جي اکين جا موتي مون کي خط تي محسوس ٿيا.
جانان ايڏي روئندي نه ڪر، جسماني طور نه به سهي پر دلي طور ته اسان هڪ آهيون، ڀلين زماني چالاڪي سان جسماني طور تي اسان کي ڇني ڌار ڪري ڇڏيو آهي پر ڀلا اسان کي هڪ ٻئي جي دل مان ڪير ڌار ڪري سگهندو؟ آءٌ توکي پنهنجي دل جي مندر ۾ ديوي ڪري پوڄيان ٿو، تنهنجي عبادت ڪيان ٿو ۽ محبت جي ڪتاب جو ورد ڪيان ٿو. آءٌ توکي چاهيان ٿو ها بس توکي ئي چاهيان ٿو.........
ــــ
مور ڪارونجهر جي ڪور تي مستي مان جهومي رهيا هئا، ڪوئل مٺڙي لات لنوي رهي هئي، اسان دوست سڀ گڏجي ڪارونجهر گهمڻ ويا هئاسين. هر ڪوئي پنهنجي پيارن سان خوش هو، ناهي ته بس مون سان وينا جو منهنجو ساٿ ناهي. واهڻ، وستي، رستا، نظارا ڪابه شيءَ ناهي بدلي بس بدليو آهي ته هُن جو مون سان ساٿ بدليو آهي، ڪڏهن هتي گڏجي انهن نظارن جو سير ڪيو هوسين پر هاڻي بغير هن جي يادگيرين جا ڪڪر اکڙين جي آڱر تي مينهن ڪڻيون ٿي وسن ٿا .....!!
آءٌ ڀدريشر جي نگريءَ ۾ ڀوڏيسر مسجد جي ڀرسان ڊيم جي ڪپ تي وڻ جي ٿڌي ڇانوءَ ۾ ڪيل محبت ڀريون ڳالهيون ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهان؟ يا گوڙي جي مندر جي آڳند ۾ گروپ فوٽو کي ڀلا آءٌ يادگيرين جي فريم مان ڀلا ڪيئن ٿوڪڍي سگهان! ڪاسبي جي وشال پڌر تي ڪيل مستيون جڏهن ٻيهر منهنجي ذهن تي دستڪ ڏين ٿيون ته سچ جانان لڙڪ اکين جي چوڪٺ اورانگهي ٿا اچن...!
هولي اچڻي آهي پر جڏهن کان وينا ڌار ٿي آهي مون هولي ملهائڻ ئي ڇڏي ڏني آهي. رنگ هڻڻ ته محبت نڀاهڻ جي رسم آهي، مگر هُن کان سواءِ هيءُ بي رنگ زندگي ۽ ڪهڙا رنگ ۽ ڪنهن سان محبت نڀايان! زماني ۾ هر ٻيو ماڻهو محبت ۽ پيار جو ماسڪ پائي ملي ٿو ۽ ڪُک ۾ خنجر جو وار ڪري ٿو سڀ مطلب پرست آهن. هُوءَ جي مون کان دور آهي ته ڇا ٿيو..... کيس تصور ۾ ئي پيار ڪري رنگ هڻندس ۽ اهو به پڪ آهي هوءَ پڻ مون کي تصور ۾ محسوس ڪري پنهنجي هٿن سان پنهنجي ڳلن کي رنگ هڻي مون ساڻ هولي ملهائيندي.
ـــ
گهڻا ڏينهن ٿي ويا جانان! نه تنهنجو خط نه تنهنجو احوال . . . !! خير ته آهي نه . . ؟؟ خبر ناهي ڇو ڪڏهن ڪڏهن دل سوچيندي آهي ته ڪٿي تون بي وفا ته نه ٿي ويئي آهين، جو ياد ڪرڻ ئي وساري ڇڏيو آهي، ڪٿي تون زماني جي رنگينين ۾ غم ته نه ٿي ويئي آهين، جو ڪڏهن يادن جا ٻه لڙڪ به نه ٿي لاڙين؟ ڪٿي توکي هاڻ مون کان سواءِ جيئڻ جي عادت ته نه ٿي ويئي آهي؟ جو ٻه لفظ پيار جا لکي مون ڏي اماڻي سگهين؟
پر وري سوچان ٿو ته شايد مجبور هوندئين نه ته منهنجي وينا مون کي سارڻ کان سواءِ رهي نه ٿي سگهي، شايد زماني جي ڪمن ڪارن ۾ مصروف هوندئين!
پر جانان پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي جلدي مونکي پنهنجو احوال ڏي، اهي تنهنجا خط، تنهنجون يادگيريون ئي آهن جنهن جي سهاري آءٌ اڃان جيئان پيو، اهي تنهنجا پريم پتر مون لاءِ ڄڻ آڪسيجن ئي آهن نه ته هوند آءٌ ڪڏهن ئي فنا ٿي وڃان ها. تنهنجي يادن جي سهاري ئي ته جيان پيو نه ته منهنجي ساهه جون ڏوريون تڏهن ئي ڇيهون ڇيهون ٿي وڃن ها. تنهنجا موڪليل خط هر هر ڏسي، ڇُهي توکي محسوس ڪيان ٿو، تڏهن ئي ته جيئان پيو. اگر منهنجي هن مرده جسم ۾ جان آهي ته صرف تنهنجي آڇيل محبتن جي ڪري آهي، آءٌ اگر جيئان ٿو پيو ته صرف تولاءِ جو توسان هر راهه، هر رستي گڏجي هلڻ جو وچن ڪيو هو، ته پوءِ منهنجي ساهه جو تندون به توسان وچن نڀائينديون پيون اچن.
ـــ
ڪنهن ڪم سانگي ڪاليج ويو هوس، ڪاليج جو رنگ روپ ۽ ماحول بدليل لڳو، بس نه بدليل هيو ته اهو سيمينٽيڊ ٿلهو جيڪو اسان جي مستقل ٿانڪ هو ۽ ها اهو گهاٽو نم جو وڻ جنهن جي ڇانوءَ ۾ اسان پنهنجي پڙهائي جي دوران حسين پل کلندي، مسڪرائيندي، ڪاوڙندي، پرچائيندي گذاريا هئا. بائلاجي جي ليب جي دروازي تي لکيل اسان جا نالا هاڻي نئي رنگ ڪرڻ جي ڪري ڊهي ويا هئا. ڪيميسٽري ليب واري ڪاريڊور ۾ وينا جا ٽهڪ گونجندي محسوس ٿيا، مون کي لڳو ڄڻ هوءَ پنهنجي سهيلين ساڻ گلابي دوپٽو لهرائيندي ليب ۾ داخل ٿي هئي، آءٌ بي ساخته ڊوڙي ليب جي دروازي وٽ پهتس ۽ خالي ليب ڏسي مسڪرائي ويٺم.
لائبريري وٽان گذرندي ڏٺم، هميشه جيان لائبريرين رجسٽر ۾ ڪتابن جي انٽري ۾ مصروف هو .... ۽ شاگرد اخبارون، ميگزين ۽ ڪتاب پڙهي هئا.
فرسٽ فلور تي ويندي سيڙهين تي ويهي ڪيل دوستن سان ڪچهريون جنهن ويل مون کي ياد آيون ته هلڪي مرڪ منهنجي چپن تي تري آئي ۽ مون محسوس ڪيو ته ٻه ڪوسا لڙڪ منهنجي اکين ۾ تري آيا هئا.
ليڪچر مِس ڪري ڪاليج جي ٽيريس تي ويهي گهاريل اهي حسين پل اڄ به مون وٽ يادگيرين جي ڪٻٺ ۾ سنواريل آهن. وقت ڀلين تيز رفتاري سان سفرطئه ڪندو سالن جا ڪلينڊر ڳهي ويو هجي پر خوبصورت يادون ڪڏهن ذهن مان وسري نٿيون سگهن.
ڪلاس روم ۾ گيٽ وٽ پهتس ته سامهون واري چيئر تي وينا مون کي گلابي جوڙي ۾ ڪنهن ڪنوار جيان نظر آئي ڄڻ چئي رهي هجي ته بس ليڪچر ختم ٿئي ته پوءِ ملون ٿا.
ڪيڏو نه دلچسپ وقت هو جو راتيون جاڳي پيار جي احساسن کي لفظن ۾ پروئي ڪاڳر تي اتاري هڪ ٻئي سان دل جو حال اوريندا هئاسين. هُن جا خوشبوءَ ڀريا خط مون وٽ اڄ به سنڀالي رکيل آهن ۽ جڏهن به هُن جون يادون هيئين ۾ وڍ وجهنديون آهن ته هُن جا اهي خط پڙهي مون کي آٿت محسوس ٿيندي آهي. ڪاليج جي نم جي ڇانو ۾ گهاريل اهي حسين لمحا هجن يا وري ٽيريس تي گذاريل پيار جا پل هجن هُن سان گذاريل هر هڪ لمحو اڄ به مون کي اُتساهه بخشي ٿو.
هوءَ مون سان اڄ جسماني طور ساٿ ناهي ته ڇا ٿي پيو پر دلي طور هوءَ مون ساڻ آهي. آءٌ اڄ به هن کي خيالن ۾ ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪيان ٿو ۽ هُن سان پنهنجي دل جو حال اوريان ٿو.
هن زر جي قيدي زماني کي ڪهڙي خبر ته محبت ڇا هوندي آهي؟ محبت صرف جسمن جي ميلاپ ۽ محبوب کي ڀاڪر ۾ ڀري سندس وجود تي پيار جا عڪس چٽڻ جو نالو ناهي پر محبت ته پنهنجي پيار کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکڻ رکڻ جو نالو آهي. محبت صرف وجود جي حاصلات جو نالو ناهي، پر محبت دلين جو ميلاپ آهي ۽ دل ۾ سانڍيل قرب جو نالو آهي. ها محبت ٻن روحن، ٻن آتمائن جي ميلاپ جو نانءُ آهي. . . . . . !!!
آءٌ ماضي جي جهروڪن مان يادن جي عڪس پسي رهيو هوس، ته اچانڪ پنهنجي ساڄي ڪلهي تي ڪنهن جو هٿ محسوس ڪيم، مُڙي ڏٺم ته منهنجو پسنديده سَر اسدالله بيٺو. بهترين استاد، نفيس ۽ شفيق محسن، جنهن جو جهڙو پڙهائڻ جو انداز بهترين هو ته ڳالهائڻ جو رويو به بهترين هو. هميشه پيار ۽ شفقت سان ملندو هو ۽ اسين پڻ سندس هميشه عزت ڪنداهئاسين.
سائين سان ملي حال احوال اورياسين ...... ماضي جي ڪتابن جا ورق اٿلاياسين ..... ڪجهه دير ڪچهري کان پوءِ واپس نڪري آيس.
ــــ
هُن کان پوءِ صرف هُن جا خط ئي ته هئا جن جي آسري آءٌ هيءَ درد ڀري زندگي گهاري رهيو هوس. هاڻي اهي به اچڻ بند ٿي ويا، بنان ڪنهن ڪارڻ جي، بنان ڪنهن سبب جي ڪا خبر نه پئي سگهي ته آخر معاملو ڇا آهي؟ نه ئي هن ٻڌايو ته هاڻي خط نه لکڻ جو سبب ڇا آهي؟ جيءَ لڇڻ لڳو، آءٌ پريشان ته آخر ڇا ٿي پيو هن کي؟ ڪٿي طبيعت ته خراب ناهي، يا ڪو معاملو مسئلو ته نه ٿي پيو آهي جو ايئن خط اچڻ بند ٿي پيا ......
منهنجو ته سُک ڦِٽي پيو هو.. رات جو وڏو حصو پنهنجو پاڻ سان دليل بازي ڪندي ۽ پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيندي گذاريندو هوس. وينا سان ملڻ جي بي انتها خواهش دل ۾ اُڀرندي هئي، پر پاڻ وٽ نه پائي روئي پوندو هوس.
ڪيترن ئي ڏينهن پڄاڻان اهو معلوم ٿيو ته هوءَ ميڊيڪل جي پڙهائي جي لاءِ اسڪالرشپ تي ٻاهر ملڪ هلي ويئي آهي .... اهو منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه هئي..... پر ڏک صرف ايترو ته وينا پنهنجي خوشي ۾ مون کي شامل نه ڪيو ۽ مون سان اها خوشخبري ونڊڻ به مناسب نه سمجهيائين.
لڳو پئي ته هن جي دل تان لهندو ٿي ويس، هن جون ترجيحات تبديل ٿيڻ لڳيون هيون..... هوءَ جيڪو پنهنجو هڪ هڪ پل، هڪ هڪ احساس مون سان شيئر ڪندي هئي. تنهن ٻاهر ملڪ وڃڻ جي ايڏي فيصلي تي مون کان راءِ وٺڻ به مناسب نه سمجهيو. شايد هُن جي زندگي ۾ منهنجي هاڻ اها حيثيت نه رهي هئي جو هوءَ مون کي ايئن نظر انداز ڪري ٻاهر ملڪ هلي ويئي هئي..... الائي ڇو لڙڪ پنڀڙيون پسائيندا لڙي پيا هئا....
بس پوءِ ته ڏينهن، مهينا، سال گذرندا ويا ...... ڪافي ڪوششن جي باوجود به ڪو رابطو نه رهيو.
ـــ