6
ڇا ٿيو وينا .... ؟؟؟ آءٌ سندس اچانڪ روئڻ تي پريشان ٿي پيو هوس.
مگر هن ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ روئڻ لڳي هئي.
”مگر ٻڌائي ته سهي، ڳالهه ڇا آهي؟ خبر ته پئي ...“ مون کيس تجسس مان پڇندي چيو.
”تون مون کي ڇڏي ته نه ويندين نه ....؟“ اهو چوندي هُوءَ ٻيهر روئي ويٺي هئي.
”اڙي جانان! هي اچانڪ توکي اهو خيال ڪٿان آيو آهي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”ديپو ... مون کي اڪيلو ته ڇڏي ويندين نه ...؟“ هوءَ زارو قطار بس روئڻ ئي لڳي هئي.
”مگر ٿيو ڇا آهي اچانڪ؟ ڪالهه ئي ته ٽوئر تان واپس آيا آهيون، کلندي مستي ڪندي پوءِ اچانڪ ڇا ٿيو؟“ مون پاڻ کي حيرت ٿي رهي هئي ته آخر ٿيو ڇا آهي؟
هن منهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي روئڻهارڪي انداز ۾ چيو هو، ”مون کان تون پنهنجا هٿ ڇنائي ته نه ويندين نه؟“
”نه بابا نه ڇو ڇنائيندس؟ مگر اصل ڳالهه ته ٻڌاءِ“ مون پريشاني مان چيو.
”آءٌ مري وينديس، جي تون مونکي نه ملين ته! آءٌ تو کان سواءِ نه رهي سگهنديس.“ وينا منهنجا هٿ پنهنجي نازڪ ڳلڙن تي رکندي چيو.
”يار صبح صبح اهڙيون مرڻ واريون ڳالهيون ته نه ڪر“، مون کيس چيو.
”پر جي تون مونکي نه ملين ته سچي آءٌ مري وينديس، تو کان سواءِ نه رهي سگهنديس“ وينا ٻيهر روئڻهارڪي لهجي ۾ وراڻي ڏني.
”پر خبر ته پوي آخر ٿيو ڇا آهي؟“ مون کيس ايلاز ڪندي چيو.
”مون رات خواب ڏٺو ته تون مون کان جدا ٿي ويو آهين، تون مون کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جو ٿي ويو آهين.“ وينا گذريل رات ڏٺل خواب کي بيان ڪندي چيو.
”اوهه ماءِ گاڊ ...!! ته ڳالهه اها .... توبهه چري ڇوڪري ..... خواب خواب هوندا آهن پاگل، حقيقت نه هوندي آهي“، مون رليڪس ٿيندي چيو.
”نه نه مون ٻڌو آهي، فجر جو ڏٺل خواب پورو ٿيندو آهي.“ وينا جواب ڏيندي چيو. وياڪُلتا سندس چهري تي پَسجي رهي هئي.
”پڙهيل لکيل ٿي ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين، حد آهي ...“ مون کيس سمجهائيندي چيو.
”جيئن خواب ڏٺو آهي، منهنجي ننڊ ئي اُڏي ويئي آهي، مون کي ته سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته آءٌ ڇا ڪريان.“ وينا ٻيهر روئڻ لڳي.
”جيڪي خيال انسان جي دماغ ۾ هوندا آهن، اهي رات جو خواب ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، باقي ڪجهه به ناهي“، مون وضاحت ڪندي چيو.
”ايئن به ناهي، خواب سچا ثابت به ٿيندا آهن، اگر ايئن ٿيو ته پوءِ آءٌ ڪيڏانهن وينديس“ وينا ٻيهر روئڻهارڪي انداز ۾ چيو.
”وري ساڳي ڳالهه.....! خاموش ٿي سڀ شاگرد ڏسندا ته ڇا سوچيندا، بلڪل خاموش ٿي. ڳالهه ۾ ڪجهه به ناهي، ايئن ڳالهه جو ڳالهوڙو ٺاهيو اٿئي“ مون رليڪس ٿيڻ لاءِ چيو.
”پر جي خواب سچ ٿي پيو ته ؟“ وينا ٻيهر اسرار ڪرڻ لڳي.
اڙي چري، خواب ڪڏهن به سچ ناهن ٿيندا، اهو ذهن جو خلل آهي“، مون کيس ڳالهه کي وسارڻ لاءِ چيو.
”پر .... فجر جو خواب .....“ وينا ٻيهر پنهنجي ڳالهه دهرائڻ لڳي.
”مٺڙي .... ڇڏ تنهنجي هن فجر، صبح، سانجهي واري خواب کي .... اٿي مٿي رليڪس ٿي، هل ته هلون ڪلاس ڏي“، مون کيس ٻانهن کان جهليندي اٿڻ لاءِ چيو.
”مالڪ ڪري تنهنجي ڳالهه ئي سچي ٿئي، خواب خواب ئي رهي ۽ ڪڏهن به پورو نه ٿئي.“ وينا هٿ ٻڌي مالڪ سائين کان دعا گهرڻ لڳي.
هاڻي بلڪل رليڪس ٿي، مالڪ چڱي ڪندو .... اوڪي .... هل ته ڪلاس هلون.
ـــ
باٽنيءَ جو سبجيڪٽ مون کي خشڪ ۽ ان جو ليڪچر مون کي بور ڪندڙ لڳندو هو. ان ليڪچر دوران آءٌ ڪاليج جي لائبريريءَ ڏانهن منهن ڪندو هوس. توڙي جو وڏن شهرن جي ڪاليجن يا سڌريل ملڪن جي بهترين ڪاليجن جي شاندار لائبريرين جي ڀيٽ ۾ هيءَ لائبرري ڪجهه هزارن ڪتابن ۽ هڪ ڪمري تي مشتمل ننڍڙي لائبريري هئي. جنهن ۾ هڪ سينٽر ٽيبل، ڪجهه الماڙيون ۽ ڪرسيون رکيل هونديون هيون، پر پوءِ به ٺيڪ هئي ۽ ان جو لائبريرين انتهائي خوش مزاج ۽ بهترين منتظم هو. ڪتاب سٺي ترتيب سان، ڪيٽلاگ موجب، موضوع جي حساب سان الڳ الڳ الماڙين ۾ رکيل هوندا هئا، انهي ڪري ضرورت جي ڪتابن کي ڳولڻ ۾ آساني ٿيندي هئي. روزانو سنڌي، اردو توڙي انگريزي اخبارون ۽ ڪيترا مخزن ۽ رسالا اتي ايندا هئا. جنهن باعث روزمره جون سياسي توڙي سماجي خبرون، سٺن ليکڪن جا ڪالم توڙي مضمون، شاعري، ڪهاڻيون ۽ ٻيو ادبي مواد پڻ پڙهڻ لاءِ ملي ويندو هو. جنهن سان علمي توڙي ادبي معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيندو هو.
ان ڏينهن به باٽني جي خشڪ ليڪچر کان بچندي مون لائبريريءَ جو رخ ڪيو هو. جيئن ئي گيٽ کان اندر داخل ٿيس ته ڏٺم ته، لائبريرين، رجسٽر ۾ ڪتابن جي انٽري ۾ مصروف هو. منهنجي اندر اچڻ جي آواز تي هُن ڪنڌ رجسٽر مان مٿي ڪڍي، مون کي هٿ جي اشاري سان سلام جو جواب ڏئي ۽ ويهڻ جو چئي، وري پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو.
لائبريري ۾ هڪڙو شاگرد ويٺو هو، سندس هٿ ۾ رائچند هريجن جو مشهور ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ (حصو پهريون) هو. ڪرسي سرڪائيندي ويهڻ مهل هڪڙي سوچ منهنجي ذهن جي ڪئنواس تي تري آئي، ته ڪيترا ماڻهو ڪيئن نه خاموشيءَ سان ڌرتيءَ ۽ ادب جي خدمت ڪري هليا ٿا وڃن. سائين رائچند هريجن صحراءِ ٿر جي تاريخي پس منظر کي سهيڙي هڪڙي دستاويز جي شڪل ڏيئي ڪيڏو نه تاريخي ڪم سرانجام ڏنو آهي. ”تاريخ ريگستان“ ۾ ٿر جي تاريخ کي ڪيئن نه انگن اکرن جي شاهدين سان لکيو اٿس، جيڪو اڄ به ادب جي پڙهندڙن، خاص ڪري نئين ٽهيءَ لاءِ روشن راهه مثل آهي.
اخبارن لاءِ ميز طرف نگاهه وڌم. ميز تي پيل اخبارن مان هڪڙي اخبار جي سرخي تي نظر پيئي ته لنڱ ئي ڪانڊارجي پيا... خبر هئي: ”هڪڙي ظالم پيءُ چند ڏوڪڙن عيوض نابالغ نياڻي کي هڪڙي ڪراڙي سان پرڻائي ڇڏي“. هيڏو سارو ظلم ايئن سرعام پيو ٿئي، پر ڪير ان تي آواز اٿارڻ وارو به ناهي. حڪومت ۽ ادارا ڪهڙي مرض جي دوا آهن جو ڪنهن نياڻي جي زندگي ايئن ٽياس تي ٽنگجي ويئي، پر ڪير ان تي آواز اُٿارڻ به تيار ناهي. اهي بيبي ڪَٽ برگر عورتون جيڪي عورتن جي حقن تي هانءُ ڦاڙي نعرا ۽ تقريرون ٿيون ڪنديون وتن، ڀلا تن جي نظر مان اها خبر نه گذري هوندي ڇا؟ پوءِ به ايڏي بي حسي ....!!
ڇا اخبار پڙهان ها، اخبار جا پنا ته صرف بدامني، ڌاڙا، ڦڙون، اقراپروري، رشوت، لٽ مار، قتل ۽ بي حرمتين سان ڀريا پيا آهن، ته ٻئي پاسي بي حِس حڪومت چُپ جي رَلي اوڍي سڀ سٺو آهي، سڀ صحيح آهي جو راڳ آلاپي رهي آهي. اهڙيون دل ڏکوئيندڙ خبرون ڏسڻ کان پوءِ وڌيڪ اخبار پڙهڻ تي دل ئي نه چيس.
ڪڏهن ڪڏهن دل درد هاڻيون خبرون پڙهي پڙهي تار ٿي ڇُلڪي پوندي هئي ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي لفظن جو ويس اوڍائي ديس جي ڏکن تي ڪالم توڙي مضمون اخبارن ۾ لکي ڌرڻي ڌڻين جا ڏک اقتدار ڌڻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، پر حڪومت وقت کي ڪهڙو اثر پهرين پيو هو، جو منهنجي لکڻين سان پوي ها...!!
ٻيهر ڪرسي تان اٿيس ۽ بُڪ شيلف ڏانهن وڌيس ته ڪو ڪتاب ئي پڙهان. نظر وڃي سنڌ جي خوبصورت ليکڪ موهن ڪلپنا جي شاهڪار ڪتاب ”بک، عشق، ادب“ تي پيئي. موهن ڪلپنا، سنڌ جي سهڻي شهر ڪوٽڙيءَ جو رهاڪو هو. هي سندس آٿم ڪٿائي ناول آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن 1984ع ۾ ڇپايو هو. جنهن ۾ به هن پنهنجي زندگيءَ جي نصيبن سان گڏ سنڌ جي ڪتاب گهرن ۽ لائبررين جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿائين: ”... خيال آيم ته هوا جو جهُوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي هلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻهاري ڏيئي، ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مهل پائبو آهي...“
بهرحال آءٌ لائبريرين کان اها ڪتاب اِشو ڪرائي پڙهڻ ئي لڳو هوس ته سامهون گيٽ تان وينا هٿ سان اِشارو ڪري ٻاهر اچڻ لاءِ چيو. مون ڪتاب لائبريرين وٽ واپس جمع ڪرايو ۽ آءٌ وينا ساڻ ٻاهر نڪري آيس.
ان ڏينهن اهو ڪتاب پڙهي نه سگهڻ ڪري ٻيهر وقت ڪڍي اهو ڪتاب پڙهي مڪمل ڪيم.
ــ
هڪ ڀيري اسان ٻيئي ڪاليج جي پرنسپال آفيس جي ساڄي پاسي ٺهيل ٿلهي تي ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين. ته هن اچانڪ منهنجا هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي چيو، ”اڄ کان پوءِ آءٌ توکي تنهنجي نالي سان نه پڪارينديس“.
”اڇا...!! پوءِ مون وانگر جانان چيئي پڪاريندين....“ مون مستي واري لهجي ۾ چيو.
”نه ....“ هن وراڻي ڏيندي چيو.
”ته پوءِ ...؟؟“ مون کائنس پچيو.
”تنهنجو نئون نالو سوچيو آهي.“ وينا چيو.
”ڇو اهو نالو پسند ناهي ڇا؟“ مون کائنس پڇيو.
”تنهنجي وجود سان جڙيل هر شيءَ پسند آهي.“ وينا منهنجي اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو.
”ته پوءِ ...؟“ مون سوال ڪيو.
”بس ڪا مجبوري آهي!“ وينا وراڻي ڏيندي چيو.
”مجبوري .... نالي ۾ .... اها وري ڪهڙي ...؟؟“ مون تعجب کائيندي پڇيو.
”ڇوڪري ڪڏهن به پنهنجي گهوٽ جو نالو ناهي وٺندي.“ وينا وڏي ويچار سان وراڻي ڏيندي چيو.
”اوهه گاڊ! ايڏي پلاننگ ڪري ويٺي آهين ڇا؟“ مون مستي مان چيو.
”اوئي .... پلاننگ مان ڇا مراد .... تنهنجي مڱيندي آءٌ نه ٿينديس ڇا؟“ اها ڳالهه ڪندي وينا جي چهري تي حَياءَ جا ڀوئنر مِڙي پيا هئا.
”ها ... اهو ته ٺيڪ آهي، پر اهو ته اولڊ فيشن آهي مٺڙي“ مون کيس چيو.
”ڪجهه به هجي، پر مون تنهنجو نئون نالو پسند ڪيو آهي.“ وينا منهنجي ڳالهه کي اڻ ٻڌي ڪندي چيو.
”پڙهيل لکيل ٿي ڪري به تون پراڻين ريتن رواجن ۾ يقين ٿي رکين“، مون کيس ٻيهر چڙائيندي چيو.
”تون ڪجهه به چئو، آءٌ تنهنجي ڳالهين ۾ اچڻ واري ناهيان.“ وينا ٺهه پهه جواب ڏنو.
”چڱو ٻڌاءِ ته سهي، نالو ڪهڙو پسند ڪيو آهي؟“ مون کائنس پڇيو.
”پسند ايندو الائي نه پر مون سوچيو آهي، هاڻي توکي انهي نالي سان پڪارينديس.“ وينا جواب ڏيندي چيو.
”اڄ تائين تنهنجي هر شيءَ، هر ڳالهه پسند ڪئي اٿم، ٻڌاءِ ڪهڙو نالو سوچيو آهي“، مون کيس پيار جتائيندي چيو.
”دانش ....!!“ وينا نالو ٻڌائيندي چيو.
”واهه سائين دانش ....“ مون کيس داد ڏيندي چيو.
”پسند آهي؟“ وينا مون کان پڇڻ لڳي.
”بهترين، بلڪل پسند آهي. دانش .... دانش معنيٰ عقلمند .... مگر آءٌ ته بي وقوف انسان آهيان“، مون مستي مان چيو.
”اوهه اڇا .... مون جهڙي خوبصورت ڇوڪريءَ سان پيار ڪندڙ ڀلا ڪڏهن بي وقوف ٿي سگهي ٿو“ وينا پنهنجي سونهن تي ناز ڪندي چيو.
”اوهه ... هو ....خوبصورت .....“ مون مسڪرائيندي مستي مان چيو.
”ڇو آءٌ خوبصورت ناهيان ... مون جهڙي حسين ڇوڪري هن پوري ڪاليج ۾ ڏيکار ته مڃان.“ وينا وارن جي چڳن کي چهري تان هٽائيندي مون کي چئلينج ڪندي چيو.
”واهه ميڊم ..... پنهنجي منهن ميان مِٺُو ....“ مون کي ويتر مستي لڳي.
”نه نه ٻڌاءِ نه .... ته خبر پوي نه .....“ وينا نڪ کي مَروڙ ڏيندي چيو.
”مٺڙِي جانان.... مذاق ٿو ڪريان...... تو جهڙي حسين، خوبصورت ڇوڪري هن پوري ڪاليج ۾ ته ڇا پر هن شهر ۾ به ناهي بس ....“ مون کيس خوش ڪندي چيو.
”لازمي آهي، ڪو هجي ته ٻڌائين نه .... آهي به ڪونه ڪا ....“ وينا اسٽائل سان وار سنواريندي چيو.
”ها بابا ڪوئي ناهي، بس تنهنجي پڻس هڪڙو ئي نمونو ٺاهيو آهي .... پوءِ فيڪٽري بند ڪري ڇڏي .... هاهاهاها ....“ مون کان کل نڪري ويئي.
انهي ڳالهه تي وينا پڻ ٽهڪ ڏيئي کلي ويٺي ..... اسين ٻيئي فرسٽ فلور ڏي هلڻ لڳاسين.
ـــ