ناول

محبت جي تنهائي

سعيد لکي ٿو:
”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
Title Cover of book محبت جي تنهائي

15

رات جو وقت هو، اسين اسپتال پهتاسين، پنهنجي گهر واري کي گائني سيڪشن ڏانهن وٺي ويس ... اتي ويٺل هڪ جونيئر ڊاڪٽر نرس کي سڏايو ۽ رجسٽر ۾ مريض جي داخلا ڪرڻ کان پوءِ فورن آپريشن جي تياري ڪرڻ ۽ گائني سيڪشن جي انچارج کي فون ڪري جلدي اسپتال گهرائڻ لاءِ هدايت ڏنائين .....
نرس رسپشن ڪائونٽر تي اچي اتي ويٺل اٽينڊنٽ کي انٽري ڪري ڪنهن ڊاڪٽر مسز پريم کي ڪال ڪرڻ لاءِ چئي پاڻ آپريشن جي تياري لاءِ رواني ٿي ويئي، اٽينڊنٽ ڊاڪٽر مسز پريم کي ڪال ڪري فورن اسپتال پهچڻ لاءِ چيو.
آءٌ اسپتال جي گائني وارڊ مان نڪري ٻاهر اڱڻ ۾ هليو آيس، اسپتال جي وشال اڱڻ تي ٻهراڙين مان داخل ٿيل مريضن سان گڏ آيل وارث ڪنڊ پاسا وٺي ستا پيا هئا. سامهون فارميسي جي روشني تي آءٌ چهل قدمي ڪندو اتي پهتس ته اتي ويٺل ڇوڪري مون کي سڃاڻي، سلام دعا ڪري ويهڻ لاءِ ڪرسي ڏني ۽ منع باوجود هُن فون ڪري ڪنهن کي چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو.
ڪرسي تي ويٺي چانهه جي سرڪ ڀريندي منهنجي نظر فارميسي جي سامهون بلڊ بئنڪ تي پيئي، جيڪو ٿر جو هڪڙو سوشل ورڪر هلائيندو هو جيڪو ”مامون ٿري“ جي نالي سان مشهور هو. افسوس جو مقام آهي جيڪو ڪم سرڪاري ادارن کي ڪرڻ کپي پر سندن نااهلي جي ڪري ادارا تباهي جي ڪناري تي وڃي پهتا آهن. ان حالت ۾ سماج جا اهي سُڃاڻ ڪردار آهن جيڪي پنهنجي هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري انسانيت جي بنان ڪنهن فرق جي مدد ڪندا ٿا وتن. ”مامون وشن ٿري“ کي ٿر جو ايڌي پڻ سڏيو ويندو آهي جو ڪڏهن به ڪٿي به ڪنهن مجبور کي ڏسندو ته وٽس پهچي ويندو وس آهر پنهنجي هڙان مدد ڪندو نه ته شهر ۾ جهولي جهلي پني به ان مجبور جي مدد ڪندو. علائقي جي واحد بلڊ بئنڪ هئي جيڪا مامون وشن ٿري هلائيندو هو. هزارين ماڻهن جي رت جا گروپ ۽ سندن رابطه نمبر کيس برزباني ياد هئس.
چانهه ختم ڪري ڪوپ واپس انهي ڇوڪري کي ڏنم ايتري ۾ هڪ ڪار پارڪنگ ايريا ۾ اچي بيٺي جنهن مان هڪ عورت لهندي ئي تڪڙي گائني وارڊ طرف هلي ويئي. شايد اها عورت ڊاڪٽرياڻي مسز پريم ئي هئي جنهن کي رسپشنٽ فون ڪري گهرايو هو. آءٌ پري بيٺل هئڻ ڪري سندس چهرو صحيح ڏسي نه سگهيس.
ڪجهه دير کان پوءِ ڀائيٽو ٻاهر آيو ۽ منهنجي گهر نئي آيل مهمان اچڻ جي خوشخبري ڏنائين ۽ چيائين ته ڊاڪٽرياڻي توهان کي ڊاڪٽرس روم ۾ سڏايو آهي، ساڻس ملي ڪري ڪجهه فارملٽيز پوريون ڪري ، دوائون پڻ لکائي وٺان.
آءٌ ڊاڪٽرياڻي سان ملڻ لاءِ ڊاڪٽرس روم ڏانهن آيس.... جيئن ئي ڊاڪٽرس روم جي گيٽ وٽ پهتس ته حيراني جي حد ئي نه رهي ته سامهون ڪرسي تي ويٺل اها ڊاڪٽر مسز پريم ٻيو ڪير نه پر ... و ... ي ... نا ....ا .... هئي .... وينا ......
ساڳيءَ پياري صورت، من مهڻو انداز، گلابي ڪاٽن جي جوڙي ۾ ملبوس مٿان ڊاڪٽرن وارو سفيد گائون پهريل ..... ڪمري ۾ سونهن جي ديوي ويٺي هئي. گهڻي پڙهائي ڪري شايد نظر ڪمزور ٿي پيئي هجي جو فينسي فريم وارو چشمو پڻ پهريل هئس جيڪو سندس سهڻي مُک جي زينت بڻيل هو.
هُو فائيل چيڪ ڪرڻ ۾ مصروف هئي، جيئن ئي نظر فائيل مان هٽي دروازي تي پهتي، مون کي ڏسندي ئي اندر سڏيندي چيائين.
”اندر نه ايندين ڇا ؟“
آءٌ ڪجهه به ڪُڇي نه سگهيس ۽ خاموشي سان اندر اچي ڪرسي جي پاسي ۾ بيهي رهيس.
”دانش ڪيئن آهين؟ ..... مبارڪون هجن توکي ننڍڙو ڄائو آهي، بلڪل ئي تو جهڙو پيارو آهي.“ وينا مسڪرائيندي چيو.
مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ... ته خوش ٿيان، حيران ٿيان يا وري .......
ڪرسي سرڪائي ويهندي سندس ڳالهه جو جواب ڏيندي چيم توهان کي به مبارڪ هجي .... مهرباني ....
” چيو هئم نه..... ته ..... توهان ... توهان ... نه چوندو ڪر ... بزرگي جو احساس ٿو ٿئي“ پوءِ وري توهان ڇو چيو .... وينا اهو جملو مونکي ڪاليج جي وقت ۾ چيو هو ... ۽ اسين هڪ ٻئي کي تون چئي مخاطب ٿيندا هئاسين جو وينا جي مطابق تون چوڻ سان پهنجائپ جو احساس ٿو ٿئي ۽ توهان سان اوپرائپ محسوس ٿي ٿئي. اڄ ٻيهر سندس انهي جملي تي ٻيهر پنهنجائپ جا احساس اڀري پيا.
مگر توهان .... آءٌ اڃان ڪجهه چوان ها تنهن کان اڳ ئي وينا منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو ... ”وري توهان ...... آءٌ اڄ به تنهنجي لاءِ تنهنجي اها ئي ساڳيءَ وينا آهيان .... مون کي تون چئي ئي مخاطب ٿيندو ڪر .....“
”خبر اٿس تنهنجي خطن مون تي ڏاڍو اثر ڪيو ۽ آءٌ ڪافي ميچوئرسوچ ڏانهن مائل ٿيڻ لڳس. اڄ آءٌ جنهن مقام تي پهتي آهيان اهو سڀ تنهنجي خطن ذريعي ڏنل سٺين صلاحن ۽ همت افزائي جو ئي اثر آهي. مون کي ڏکن جي دلدل ۽ جذبات مان ڪڍڻ وارو تون ئي آهين. تون منهنجو پهريون آدرش آهين دانش .... تون منهنجي لاءِ اڄ به منهنجو دانش ئي آهين آءٌ توکي اڄ به ديپ نه پڪارينديس ... تون منهنجو پهريون پيار ۽ پهريون پتي آهين .....“ وينا پنهنجو چشمو ٺيڪ ڪندي چيو.
ڪمري ۾ بلڪل ئي خاموشي هئي، آءٌ سندس ڳالهيون يڪ ٽڪ ٻڌي رهيو هوس. هوءَ تسلسل سان پنهنجي ڳالهه ڪري رهي هئي.
”پر تو ته پنهنجي آدرش کي انهي ڏينهن اوپرو ڪري ڇڏيو هو، جڏهن تون ٻاهر پڙهڻ پئي ويئين ۽ پنهنجي خوشي ۾ شامل ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو ....“ مون ٿڪل لهجي ۾ سندس ڳالهه جو جواب ڏيندي چيو.
اسٽيٿواسڪوپ ڳچي مان ڪڍي ٽيبل تي رکندي هن قلم هٿ ۾ کڻندي چيو ”ڪجهه مجبوريون به هونديون آهن، جيڪي ٻُڌائي نه سگهبيون آهن.تو ئي ته چيو هو ته نئين شروعات ڪر مون ٻاهر ملڪ جي يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ جي ذريعي پڙهائي لاءِ اپلاءِ ڪيو هو، مثبت موٽ آئي ته مون سوچيو ته اڄ تنهنجي خواب کي پورو ڪريان. تو ئي ته چيو هو ته آءٌ نه پڙهي سگهيس مگر تون منهنجو سپنو پورو ڪجان. آءٌ توکي ڊاڪٽر جي روپ ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان...... تنهنجي خوشي خاطر ئي ته هيءَ سڀ ڪجهه ڪيو.
”جي منهنجي خواب کي پورو ڪرڻ پئي وئين ته پوءِ مون کي ٻڌائڻ ۾ ڪهڙو حرج هو، مون کي خوشي ٿئي ها ....“ مون اونهون ساهه کڻندي چيو.
”مون توکي وڌيڪ پريشان ڪرڻ نٿي چاهيو .... ته جيئن تون پڻ منهنجي يادن مان نڪري اچين ۽ نئين زندگي جي شروعات ڪري سگهين ...“ وينا وضاحت ڪندي چيو.
”انتهائي وڏيون ڳالهيون ڪرڻ سکي ويئي آهين ..... ماشاالله عقلمند ٿي ويئي آهين“. ٻيئي هٿ ٽيبل تي رکندي چيم.
”اهو سڀ تنهنجي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. تنهنجي ڳالهين، تنهنجي يادن، تنهنجي خطن جو ئي اثر آهي، جو آءٌ سڀ ڪري سگهي آهيان...... ۽ ٻُڌ! توکي انتهائي خوبصورت گهرواري ملي آهي، خوشنصيب آهين“ وينا منهنجي اکين ۾ نهاريندي چيو.
مون ڏٺو ته هُن جڏهن گهرواري ۽ خوشنصيب جي ڳالهه ڪئي ته هُن جي اکين ۾ آگم ڀرجي آيو هو ۽ هن فورن ٽشو سان اکيون صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
”تون هتي ڪڏهن آئي آهين ۽ ٻڌائڻ به نه پسند ڪيو ...“ مون سندس ڳالهه بدلائيندي پڇيو.
”منهنجو مُڙس هتي ڪارڊيولاجي وارڊ ۾ آهي، هڪ مهينو پهرين سندس هتي بدلي ٿي هئي، انهي ڪري مون کي هتي اچڻو پيو. گذريل هفتي منهنجي هتي پوسٽنگ ٿي آهي پر مون ٻه ڏينهن پهرين هتي جوائننگ ڪئي آهي. اڃان گهر جي سيٽنگ ۾ هئاسين سو ڪيڏانهن نڪري نه سگهياسين ۽ نه ئي ڪنهن کي ٻڌائي سگهياسين....“ وينا وضاحت ڏيندي چيو.
”ڇا آءٌ به ”ڪنهن“ ۾ اچان ٿو ... جو مڪمل گهر جي سيٽنگ ڪرڻ کان پوءِ ئي ٻڌائڻ ٿي چاهيو...!“ لفظ ”ڪنهن کي“ ٻڌي منهنجون اکيون پڻ ڀرجي آيون ... جو هُن کن پل ۾ هڪڙي لفظ ۾ ئي پرايو ڪري ڇڏيو هو....
”نه نه اهڙي ڳالهه ناهي ...... تون اڃان تائين پهرين وانگي جلدي جذباتي ڇو ٿو ٿين؟“ مون ته بس ڳالهه پئي ڪئي، وينا صفائي پيش ڪندي چيو.
”واهه .... تنهنجي لاءِ صرف اها هاڻ بس ڳالهه ٿي لڳي .... تون ٻاهر ملڪ پڙهڻ ويئين، وري واپس موٽي آئين، شادي ڪئي، هتي ڊيوٽي تي واپس آئين ... تو مونکي ٻڌائڻ به ضروري نه سمجهيو ... تون ڪيڏي نه تبديل ٿي ويئي آهين وينا......“ مون سندس اکين ۾ نهاريندي چيو.
هڪ دم خاموشي ڇائنجي ويئي .... بس هڪ ٻيءَ کي ڏسندا رهيا سين ..... مون محسوس ڪيو ته آءٌ انتهائي سخت ڳالهائي ويو هئس جو سندس اکين جون پنڀڻيون پُسِي ويون هيون. ڪجهه سانت بعد هن ٽِشو سان نيڻ اگهندي چيو.
”اهو سڀ ڪرڻ منهنجي لاءِ به آسان نه هو دانش ...... پر تون پاڻ ئي ته چوندو هُئين ته ڪيستائين يادن جي آسري جيئندين، پاڻ کي تبديل ڪر نئين زندگي جي شروعات ڪر... ڪوشش ڪري شروعات ڪئي ته پوءِ به مون کي ئي قصور وار ٿو ڪوٺين ...“ وينا معصوميت مان جواب ڏيندي ٻيهر نيڻ مان وهي آيل نير صاف ڪرڻ لڳي.

پليز روءِ ته نه .... ڪير ڏسندو ته ڇا چوندو ..... مون ته صرف اهو ٿي چيو ايئن ته نه ڪبو آهي، ايئن بلڪل ئي قطع تعلق ٿورو ئي ٿبو آهي ..... مون کيس سمجهائيندي چيو.
چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي دانش ..... تون پاڻ کي منهنجي هنڌ تي رکي ڏس ته خبر پوندي ته آءٌ ڪيترن امتحانن مان گذري آهيان ..... وينا معصوميت مان جواب ڏيندي چيو.
ڇا امتحانن مان صرف تون گذري آهين .... آءٌ نه گذريو آهيان ڇا اهي وڇوڙي جا وڍ ۽ تڪليفون مون نه برداشت ڪيون آهن ڇا ..... مون سندس دليل رد ڪندي چيو.
بلڪل دانش ..... تو به تمام گهڻو برداشت ڪيو آهي ..... آءٌ ڄاڻان ٿي پر اسان کي هاڻ وقت ۽ حالاتن مطابق هلڻو پوندو ..... وينا وراڻي ڏيندي چوڻ لڳي.....
ڇا مطلب .... مون حيرانگي مان پڇيو.
مطلب هاڻي پاڻ ڪنهن ڪاليج جا شاگرد نه رهيا آهيون .... اسان تي معاشري جون ڪافي ذميواريون آهن .... تون ڪنهن جو مڙس آهين ۽ ماشاالله هاڻي پيءَ به آهين ..... ۽ آءٌ ڪنهن جي زال آهيان .... ننهن آهيان ..... زمانو اسان مان گهڻو ڪجهه تقاضا ٿو ڪري .... وينا ڪنهن ميچوئر عورت وانگي جواب ڏيندي چيو.
مطلب تون اهو چوڻ ٿي چاهين ته زماني جو تقاضائون پوريون ڪرڻ لاءِ پاڻ پنهنجي پيار کي وساري ڇڏيون، پنهنجي چاهت کي ختم ڪري ڇڏيون ..... مون کيس حيرت مان چيو.
انهي اسپتال ۾ تو مون کي سمجهاڻي ڏيندي ڇا چيو هو، جڏهن مون گوريون کاڌيون هيون ..... تو چيو هو ....”پيار جسمن جو محتاج ناهي، اسان هڪ ٻئي جي روح سان پيار ڪيو آهي. سو اسان ڌار رهي ڪري به هڪ ٻيءَ جو دل سان احترام ڪنداسين .... ۽ دل سان پيار ڪنداسين ......“ وينا مون کي منهنجون ئي ڳالهيون ياد ڪرايئندي چيو.
آءٌ ڪو جواب ڏيان ئي ها ته اچانڪ روم ۾ هڪ ڊاڪٽر ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو ”ڊاڪٽر صاحبه! توهان فارغ ٿي ويا...؟“
”جي بلڪل .... بس هلون ٿا .....“
”پريم... هيءَ دانش آهي ... منهنجي ڪاليج جو دوست، سندس ئي گهر واري جي ڊليوري هئي، کيس پٽ ڄائو آهي...“ منهنجو ساڻس تعارف ڪرائيندي چيائين....
پينٽ شرٽ ۾ ملبوس نوجوان، قد ۾ نارمل، رنگ جو سانورو .... هن کي پڻ چشمو پاتل هوس .... کيس کِلي کيڪاريم.
”سائين مبارڪون نئين مهمان جون ...“ پريم ويجهو اچي مون سان هٿ ملائيندي چيائين ....
”مهرباني ...“ مون کيس مسڪرائي جواب ڏنو ...
”هاڻ هلجي ڏاڍي دير ٿي پيئي آهي.“ پريم هٿ ۾ پهريل واچ ۾ نهاريندي وينا کي چيو ...
”ها بس هلو ...“ وينا پرچي تي ڪجهه دوائون لکي پرچي مون کي ڏيندي اٿڻ لڳي .....

ٻيئي ڄڻا هٿ هٿن ۾ ڏيندا روانا ٿي ويا، آءٌ کيس نهاريندو ئي رهجي ويس. وينا شايد مڙي نهارڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر مُڙي نه سگهي ۽ آءٌ پنڊپهڻ جيان بت بڻجي بيٺو ٻنهي کي ويندي ڏسندو رهيس ....!!

x x x