دلبري جي دنيا جو روهيڙي رتو گُل
سنڌي ناول جي شروعات ترجمي سان ٿي آهي، جنهن ۾ پهريون سنڌي ناول مشهور انگريز اديب ڊاڪٽر جانسن جي ناول ”راسيلاس“ جو ترجمو ساڌو نولراءِ ۽ منشي اُڌارام ٿانور داس 1870ع ۾ ڪيو، ان کانپوءِ ساڌو هيرانند سر والٽر اسڪاٽ جي تاريخي ناول جو ترجمو ”طلسم“ 1891ع ڌاري ڪيو.
جڏهن ته ترجمي کان صحيح نموني طبع زاد ناول لکڻ جو پهريون اعزاز مرزا قليچ بيگ ڏي وڃي ٿو. جنهن پهريون ناول ”دلارام“ 1888ع ۾ ان کان پوءِ سماجي ۽ اصلاحي ناول ”زينت“ 1895ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ان کانپوءِ وري لعل چند امر ڏني جو نالو اچي ٿو، جنهن ”چوٿ جو چنڊ ۽ ”ڀرم جي ڀلائي“ جهڙا شاهڪار ناول لکيا. بعد ۾ ڪاڪي ڀيرو مل اصلوڪا ناول لکيا جنهن ۾ ”موهني ٻائي“ ۽ ٻيا آهن، جيڪي اُن دؤر جا اهم ۽ عظيم ناول آهن.
ڊاڪٽر هوتچند جو تاريخي ناول ”نورجهان“ ڇپيو ان جي مشهوري جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ناول سنڌ ۾ ڪيترائي دفعا ڇپيو ويو آهي. اصلوڪن ناولن ۾ عبدالرزاق ميمڻ جو ناول ”جهان آرا“ ڇپيو، جنهن کي انٽر جي سنڌي ڪورس ۾ اڃان تائين مسلسل رکيو ويو آهي.
سنڌي ناول جي ٻي دؤر ۾ نمايان نالو محمد عثمان ڏيپلائي جو اچي ٿو، هن گهڻا ناول لکيا، اُن ۾ ”سانگهڙ“ ناول شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.
سنڌي ناول ۾ ورهاڱي کان پوءِ جمود طاري محسوس ٿئي ٿو. جنهن سنڌ کان هنڌ لڏي ويندڙ سنڌين ناول لکڻ جي پچار نه ڇڏي. جنهن ۾ هي ليکڪ آهن.
1. ”شرم ٻوٽي“ 2. ”ديسي سيڻ ڪجن“ 3. ”جيون ساٿي“ وغيره (گوبند مالهي)
1. ”ڪرندڙ ديوارون 2. ”پريت پراڻي ريت نرالي“ (سُندري اُتمچنداڻي)
موتي پرڪاش جو ”انڌيرو اُجالو“ ۽ سندس زال ڪلاپرڪاش جو ”هڪ دل هزار ارمان“، ۽ موهن ڪلپنا جو ”رڃ ۽ پاڇا“ شامل آهن.
رام پنجواڻي ته سُر سنگيت جو اڳي ئي سريلو هو وري هُن ناول لکي پنهنجو نانءُ ڪمايائين. اُن ۾ 1. ”پدما“ 2. ”چاندي جو چمڪو“ 3. ”ڌيئر نه ڄمن“ انتهائي اهم ناول آهن.
تنهن کانپوءِ مشهور ناول نگارن ۾ ٻيا به کوڙ سارا نالا آهن، پر مونکي ٻه ناول نگار ڏاڍا وڻن ٿا، اُهي آهن آغا سليم ۽ سراج الحق ميمڻ.
آغا سليم جا ناول 1. ”اونڌاهي ڌرتي روشن هٿ“ 2. ”هم اوست“ تمام گهڻا مشهور آهن. ان کانسواءِ ٻيا به مشهور ناول لکيا آهن. سراج ميمڻ جا ناول هي آهن: 1. پڙاڏو سوئي سڏ 2. مرڻ مون سين آءُ 3. منهنجي دنيا هيڪل وياڪل 4. تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول 5. منهنجي دنيا مرگهه ترشنا وغيره ڏاڍا مشهور ۽ مقبول ٿيا آهن.
ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ناول نگار آهن، جن ناول لکيا آهن، جنهن ۾ طارق عالم ابڙي جو مشهور ناوليٽ ”رهجي ويل منظر“ جيڪو يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ لکيو آهي، جنهن کي مون جيترا دفعا پڙهيو، اوترا ئي دفعا نئون لڳو آهي.
منهنجي دل جي ديپ دليپ دوشي جو پنهنجي پيار جو پورهيو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي رهيو آهي، اهو به ناول جي روپ ۾ نروار ٿي رهيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”محبت جي تنهائي“.
دليپ دوشي جو هي رومانوي ناول آهي، جيڪو مختصر آهي ته منفرد به آهي. جنهن ۾ وڏي ڳالهه ته تسلسل کي ڪٿي نه ٽوڙيو آهي. اها هڪ ڪامياب ناول جي ناياب نشاني آهي، جنهن ۾ ٻيءَ خاص ڳالهه ته هن ڪتاب کي پڙهي محسوس ٿي ٿئي ته سڀ ڪردار هڪ ٻئي ۾ روبرو هم ڪلام آهن. اها دل جي ڳالهه آهي جيڪا دليپ کي داد تحسين ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري. هڪ سٺي ناول ۾ پلاٽ، ڪردار، حقيقت پسندي ۽ اخلاقيات وغيره خاص اهميت رکن ٿا. جڏهن ته ناول نگار کي سڀني ڪردارن سان هڪ جيترو نڀائڻو ٿو پوي (پوءِ چاهي ڪردار وڏو هجي يا ننڍو) دليپ اُن ۾ واقعي پورو لٿو آهي.
دليپ دوشي جي نئين ناول جو پلاٽ تمام پيارو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي سڄو ناول پڙهڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري. اسان سڀني جو پيارو ۽ دل وارو دليپ پاڻ قدڪاٺ ۾ ننڍو ته سندس ناوليٽ به ننڍڙو، پر وسيع اُڏام ڀريل ضرور آهي. مونکي اُميد آهي ته هن ڪتاب جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پوءِ ٻين ليکڪن کي لکڻ لاءِ ضرور اتساهيندو.
دليپ دوشي جنهن مختلف وقتن تي پنهنجي پاڪيٽ خرچي مان مختلف اديبن/شاعرن سان شامون ملهائڻ، ڪتابن جا مهورت ڪرائڻ، ايوارڊ تقريبون رچائڻ، جنم ڏينهن سجائڻ، مذهبي ۽ ثقافتي ڏڻن تي مختلف محفلون مچائڻ، سينئر محنتي ۽ هوشيار استادن کي لائيف اچيومينٽ جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ ۽ فنون لطيف جي فيلڊن ۾ نوجوانن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سينئر جي هٿان شيلڊون ڏيارڻ سندس شوق ۽ ذوق رهيو آهي. هي اسانجو شام رنگو سانورو ۽ سريلو اهڙا الائي کوڙ سارا پروگرام پيش ڪري چڪو آهي. جس هجي هن جوان کي جو هن جي جذبن جو جوش اڃا جهڪو نه ٿيو آهي.
لطيف سائين فرمايو آهي ته:
جيئن جيئن تپي ڏينهن
تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾.
سچ پچ ته دليپ دوشي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. جنهن جي خوبين کي آءٌ ويهي واري واري بيان ڪندس ته وڏو وستار ٿيندو. هن کي استادن سان ادب سان پيش اچڻ جا آداب اچن ٿا، هن کي مٽن مائيٽن سان ملوڪت سان ملڻ جا مارڳ اچن ٿا ته وري دوستن سان دوستي نباهڻ جا نوان نينهن نغما به اچن ٿا.
اهو ڏينهن پري ناهي ته دليپ دوشي جو هي ناول ويلنٽائن ڊي تي رنگ برنگي گُلن سان گڏ ۽ خوبصورت خوشبوئن سان مهڪي ۽ ٻهڪي پنهنجي پيارن ۽ يارن ڏي تحفي طور موڪليو ويندو ۽ اهو ئي ڪتاب کوڙ سارن خوبرو، ملائم ۽ مهنديءَ رتڙن هٿڙن جي هٿان رات جي پهر ۾ پڙهيو ويندو ۽ پوءِ خماريل ۽ ننڊاکڙين اکڙين سان وهاڻي هيٺ رکيو ويندو ۽ آڌي ڌاري ايندڙ خوابن ۾ ڪتاب جا ڪردار هلڪيون مٺيون هيئين ۾ ڪتڪتايون محسوس ڪرائيندا تان جو سج اچي ڪني ڪڍندو.
[b]ــ شنڪر ساگر
[/b]مٺي، ٿرپارڪر