ناول

محبت جي تنهائي

سعيد لکي ٿو:
”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
Title Cover of book محبت جي تنهائي

9

معمول مطابق آءٌ ٽيريس تي پهتس، ته ڏٺم هوءَ اڪيلي هڪڙي ڪنڊ ۾ ديوار کي ٽيڪ ڏيئي سوچن ۾ گم هئي، وڌي وڃي ويجهو ٿيس ته هڪدم اٿي بيٺي ۽ هيسيل هرڻي جيان ڊوڙي اچي، مون سان چنبڙي پيئي ۽ روئڻ لڳي!
آءٌ اڳ ئي سونم واري خط جي ڪري پريشان هئس، ته وري هن جي اچانڪ اهڙي رويي کي ڏسي آءٌ ويتر پريشان ٿي پيس، ته ڪٿي کيس سڀ ڪجهه معلوم ته نه ٿي ويو آهي.
ٻي لمحي ئي پاڻ کي سنڀاليندي مون کيس آٿت ڏيندي چيو ته ”ڇا ٿي پيو وينا! روئين ڇو ٿي؟“
بغير ڪنهن جواب ڏيڻ جي روئڻ لڳي. هن جو ايئن بي سبب روئڻ مون کي پريشان ڪري رهيو هو ته آخر مسئلو ڇا آهي؟ آخر ڇا ٿيو هوندو جو هيءَ ايئن روئي رهي آهي؟
”وينو ..... ٻڌائي ته سهي ته آخر معاملو ڇا آهي؟ تنهنجي ايئن روئڻ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟“ مون سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
هُن مون کي ڏٺو، منهنجي چهري کي چتائي ڏٺو ۽ پوءِ پيار وچان ٻيهر ڳراٽڙي پائي روئڻ لڳي.
هن ايئن جو منهنجي چهري کي چتائي ڏٺو ته آءٌ ويتر پريشان ٿي پيس. مون محسوس ڪيو ته منهنجي پيشاني هڪدم پگهر جي ڪري آلي ٿي پيئي هئي. انهي لمحي پيشاني صاف ڪري، پنهنجي چهري تي پريشاني جي ريکائن کي مِٽائي هَلڪي مرڪ چپن تي آڻيندي وينا جو چهرو پنهنجي هٿن جي ڪٽوري ۾ سمائي پڇيم، ”مون کي ته ٻڌاءِ نه ..! ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟“
وينا بغير ڪجهه ڳالهائڻ جي پنهنجي شولڊر بيگ مان سنڌ جي بهترين ليکڪ طارق عالم ابڙي جو شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ ڪڍي منهنجي هٿن ۾ ڏيندي چيائين، ”هيءُ ڪتاب پڙهيو آهي؟“
”ها، پڙهيو آهي“. مون هاڪار ۾ جواب ڏنو.
”ڪيتري دفعا پڙهيو آهي؟“ وينا ٻيهر پڇيو.
”ٻه، ٽي دفعا ورائي ورائي پڙهيو آهي“. مون کيس چيو.
”ٻه، ٽي دفعا پڙهڻ جو ڪارڻ ...؟؟“ وينا سواليه نظرن سان پڇيو.
”پنهون سان رحمدلي .....!!“ فوراً منهنجي وات مان لفظ نڪري پيا.
”پنهون سان رحمدلي ..... ؟؟“ وينا منهنجي اهڙي جواب تي ٻيهر سوال ڪيو.
”اهو ته ٻڌايان ٿو، پر تنهنجي روئڻ جو هن ڪتاب سان ڪهڙو تعلق؟؟“ مون حيرت کائيندي چيو.
”پهرين ٻڌاءَ .... رحمدلي ڇو .....“ وينا پنهنجي سوال تي اَڙي رهي.
”محبت جي سموري سفر ۾ ويچاري پنهون ئي ته اڪيلي حالتن جو جبر سَٺو .... باقي ته هر ڪنهن پنهنجو ڀرجهلو ڳولي ورتو.“
”ڇو ....؟ سنجها ويچاري جون تڪليفون توکي نظر نٿيون اچن ...“ وينا معصوم نظرن سان مون ڏي ڏسندي سوال ڪيو.
”مگر آخر تائين پنهون ئي ساڻس نڀاهيو، هن کي اڪيلو سنجها ڇڏي ويئي، هن جي ڪري ئي هن پنهنجي ٽين ايج جي محبت قربان ڪئي، صبا جي آڇيل محبت ٺُڪرائي“. مون سندس سوال جو دليلن وسيلي جواب ڏنو.
”پر ... پر .... صبا ....ڏائڻ ... سنجها جي تڪليفن جو سبب ته بڻي نه ...“ ايئن چئي وينا روئي ويٺي ۽ ٻيهر چوڻ لڳي، ”پنهنجي پيار ۾ ڪا صبا جهڙي ڏائڻ ته نه ايندي نه...!!“
”هن کي ڄڻ الهام ٿيو هجي، ته سونُو سندس پيار ڪهاڻي ۾ صبا بڻجي اچي چڪي آهي ۽ هُو پنهنجي پيار جي مستقبل کي ڄڻ غير محفوظ سمجهي رهي هجي!، وينا ايڏي ته نفيس هئي .... جو کين خبر پيئي ته الائي ڇا ڪري وجهندي“.
”تون ته شاعري جا ڪتاب پڙهندي هئين پوءِ هيءَ ناول ڪٿان هٿ ڪيو؟ ۽ تو هي ناول ڪڏهن پڙهيو؟“ مون کي وينا جي ناول جي ڪتاب ۾ دلچسپي تي حيرت لڳي. هن کي شاعري وڻندي هئي، اڪثر شاعري جا ڪتاب پنهنجي لاءِ به وٺندي هئي ۽ مون کي به گفٽ ڪندي هئي، هن کي شاعري ۾ خاص ڪري خوشبوءِ جي شاعره پروين شاڪر ڏاڍي وڻندي هئي، پر ناول جهڙي خشڪ سبجيڪٽ ۾ هن جي دلچسپي مون لئه حيرت جو باعث هئي.
”منهنجي مامي جو پٽ گذريل هفتي آيو هو، اهو گهر وساري ويو هو. ڪالهه مهمانن مان واندي ٿي، هن ڪتاب تي نظر پيئي جيئن جيئن پڙهندي ويس ته ڪتاب اوڌورو ڇڏڻ تي دل ئي نه پئي چيو، سو سڄي رات جاڳي ڪتاب پڙهيو آهي.“ وينا ٻڌايو.
تڏهن ئي ننڊ نه ڪرڻ ۽ روئڻ جي ڪري وينا جون اکيون ڳاڙهيون ٿي پيون هيون. ”پوءِ اڄ ڪاليج نه اچين ها، آرام ڪرين ها“. مون کيس چيو.
”هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ الائي ڪيترا سوال منهنجي ذهن ۾ اڀري آيا، انهي جا جواب صرف تو وٽ ئي هئا، انهي ڪري ڪاليج مِس نه پئي ڪرڻ چاهيم.“ وينا وراڻي ڏيندي چيو.
”مون وٽ ...... مون وٽ ڪهڙن سوالن جا جواب .....؟“ مون حيرانگي مان پڇيو.
”ڪو صبا پنهنجي پيار جي وچ ۾ ته نه ايندي نه....!!“ هن پريشان ٿيندي پڇيو.
کن پل لاءِ سوچيم ته سونم جي سموري ڳالهه هن کي هينئر ٻڌايان پر ٻي پل سوچيم ته هي وقت ئي مناسب ناهي، هي صرف پنهنجي پيار جي وچ ۾ صبا جي تصور تي ئي ايڏو اداس آهي، کيس حقيقت جي خبر پيئي ته نه ڄاڻ ڇا ڪري وجهندي. سو هڪدم پاڻ سنڀاليندي مون هن کي چيو. ”اڙي چري .... هي ڪهاڻي آهي، اصل زندگي ٿورو ئي آهي ..... ڀلا تو منهنجي زندگي ۾ توکان سواءِ ٻي ڪنهن کي محسوس ڪيو آهي، جو اهڙا سوال ٿي ڪرين؟“
”تو تي پنهنجي ساهه کان به وڌ ڀروسو آهي، مگر اڄ جي ڇوڪرين تي ڀروسو ناهي.“ وينا اونهو ساهه کڻندي چيو.
”مون جهڙي سانوري شڪل واري ڏٻري سان ڪهڙي ڇوڪريءَ اچي ڦاسندي، مون کي ته تو تي ٿو اچرج ٿئي ...!“ مون وينا جي موڊ کي تبديل ڪرڻ لاءِ مذاق ڪندي چيو.
”محبت شڪل، صورت، رنگ ۽ مذهب جي محتاج نه هوندي آهي. تون ئي ته اڪثر چوندو آهين ته ماکي وڻ نه ڏسندي آهي ۽ عورت مرد نه ڏسندي آهي، جتي دل اَڙي پئي ته بس اَڙي پئي.“ وينا دليل سان جواب ڏيندي چيو.
محبت واقعي انسان جي سوچڻ جي شڪتي کي وشال بڻائي ٿي ڇڏي جو ڪيئن هيءَ هرڻي جهڙي هيسيل ڇوڪري، ڪيڏا نه ارڏا ۽ دليلن سان ڀرپورمثال ڏيئي پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري آهي.
مون سندس اکين ۾ نهاريندي چيو، ”توکي يقين ٿو ڏيان ته پنهنجي محبت جي وچ ۾ ڪير به نه ايندو، اسان پنهنجي وچ ۾ ايترو فاصلو به نه ڇڏينداسين جو ٻيو ڪير اچي اها جاءِ والاري سگهي.“
وينا ان ڏينهن سماجي ادب جي عالم لڳي رهي هئي... سماج ۽ انسان جي رشتن تي مون کي ليڪچر ڏئي رهي هئي ۽ هر هر سوال پچي رهي هئي... چوڻ لڳي:
“ديپ...اسان جي سماج ته اسان کي پيار ڪرڻ تي پابندي وجهي ڇڏي آهي.“
چيومانس:
“سماج ۾ ٻيو ڇا ڇا نٿو ٿئي... هي پيار ۽ سچي محبت عظيم انسانن به ڪئي هئي...“
هُو اڃان به بي چين ڪيفيت ۾ هئي ۽ چوڻ لڳي:
”تنهنجي ڳالهه ته صحيح آهي، پر اسان جي سماج جا قانون ايڏا سڀاويڪ به ناهن.... ان ڪري ته تو ۽ مون جهڙن انهن جي ڀڃڪڙي پئي ڪئي آهي...“
ائين چئي وينا ٻيهر مون سان ڀاڪر پائي چنبڙي پيئي. اکين، پيشاني کي چمڻ لڳي.
مون دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هاڻي ٻيهر ڪڏهن به سونم سان نه ملندس.
ڪجهه دير بعد رليڪس ٿي اسين ڪلاس طرف وڃڻ لڳاسين.
ـــ


گهڻن سالن بعد ٿر تي ڪڪرن ڪرم ڪيا هئا... سانوڻيءَ جي برسات سٺي برسي هئي...
وسڪاري جي ڪري هر طرف خوشي ئي خوشي ڇائنجي ويئي هئي. ٿر جي ناري جو گج ٻهڪي پيو ته ٿر جي ماروئڙن جي ٽوپين جي ٽڪون چمڪي اُٿيون. معصوم جوانين جي گلابي چهرن تي خوشين جا گلاب ٽڙي پيا هئا. چئو طرف گڍي ڀٽ تي ڪيئي جوانيون هڪ ٻئي سان مستي ۾ کيچل ڪري رهيون هيون، ٻار واري جا گهر اڏي رهيا هئا. ڪارونجهر جي ڪور تي مور ست رنگي انڊلٺي پر پکيڙي خوشي مان ٽهوڪا ڪري رهيا هئا. ڀٽ تي ماڻهن جي ميلي ۾ وينا ۽ آءٌ هڪ طرف ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين.
هُن ڏي نهاري مون سندس تعريف ڪندي چيو. ”واقعي ئي قدرت توکي فرصت ۾ ويهي ٺاهيو هوندو. ڪيڏي نه خوبصورت آهين، پاڻي پيئين ٿي ته گَلي مان ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هرڻي جهڙي مست تنهنجي چيل جي هڪڙي وراڪي تي ڪيئي جوان مست ٿا ٿي پون، گلاب جي گلن جهڙا گلابي ڳلڙا، ماکي جي رس سان ٽمٽار تنهنجا چپ ۽ تنهنجون وشال سمنڊ جهڙيون گهريون اکيون هڪ نظر جنهن کي به ڏسين سچ گهايل ڪري وجهين. هڪ اڳي ئي آهين حَسِين ٻيو وري وارن جو چڳون جيڪي رخسارن تي کيچل ڪن ٿيون اهي تنهنجي سونهن کي ويتر چار چنڊ ٿيون لڳائي ڇڏين“.
انهي گهڙي هُن منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي خوش ٿيندي چيو هئاين ته ”ايئن ئي مون سان هر گهڙي ساٿ رهجان، مون کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏي وڃجان، سواءِ تنهنجي زندگي خالي خالي ٿي لڳي، وجود ٿوهر مثل ٿي ڀانيان. ڪابه شيءَ تنهنجي بغير سٺي نٿي لڳي، تو آهين ته مون کي هر پل راحت ٿي محسوس ٿئي. تون جيئن ئي اکين کان اوجهل ٿو ٿئين، مون کي حياتي کائڻ ٿي اچي. جيئن به جهڙي به حال ۾، تون هميشه ۽ هميشه لاءِ مون ساڻ رهجان، توکان سواءِ آءٌ جيءَ نه سگهنديس.“
”سواءِ تنهنجي آءٌ به ته ڪجهه به ناهيان، تون آهين ته آءٌ آهيان. آءٌ توکي پنهنجي وجود جو حصو ٿو سمجهان، تون منهنجي اَنگ اَنگ ۾ ساهه وانگي سمايل آهين“. مون سندس اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو.
”توکي خبر آهي ته مون مَمي سان تنهنجي ڳالهه ڪئي آهي، مَمي پڻ توکي پسند ڪري ٿي، منهنجي مَمي سُٺي سَهيلي آهي، آءٌ پنهنجي هر ڳالهه مَمي سان ئي شيئر ڪندي آهيان. هُو منهنجي ماءُ به آهي، سنسار جو واءُ به آهي، ته سَکي ۽ سهيلي به آهي. هُو منهنجو هر ڏک، سک منهنجي اکين مان پروڙي وٺندي آهي ۽ اڄ تائين آءٌ جڏهن به اڪيلي ڀائيندي آهيان، ته مَمي جي گود ۾ سمهي هن سان دل جو ڳالهيون اوريندي آهيان ۽ مَمي مون کي آٿت ڏيندي منهنجي وارن کي پنهنجي هٿ ڦڻي سان سنواريندي آهي، ته دل کي عجيب سڪون محسوس ٿيندو آهي.“
مَمي چئي پيئي ته ”ڪو موقعو مهل ڏسي پپا سان اها ڳالهه شيئر ڪندي ته جيئن تنهنجي گهر وارن سان ڳالهائي سگهي. آءٌ ڏاڍي خوش آهيان ته منهنجي پسند مَمي کي پسند اچي ويئي.“ وينا تفصيل سان پنهنجي ماءُ سان ڪيل ڳالهه مون سان اوريندي چيو.
”اوهه ... اوهه ... تنهنجي مَمي مون کي پسند ڪري ٿي ته پوءِ تون ڪيڏانهن ويندين ...“ مون اک ڀڃندي مذاق مان چيو.
”اوئي ..... مطلب منهنجي لاءِ پسند ڪري ٿي .... شرارتي ....“ وينا ساڄي هٿ سان منهنجي ڪلهي کي هلڪي ٿپڪي هڻندي چيو.
”اڇا ... اڇا .... اهو ٺيڪ آهي، مگر مون کي پسند به ڪري ٿي، ته به مون کي ڪو اعتراض ڪونهي،“ مون مستي مان ٻيهر چيو.
”اوئي شيطان .....“ وينا منهنجو نڪ پنهنجي هٿ سان پٽيندي چيو.
”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته توکان وڌ تنهنجي مَمي وڌيڪ جوان، خوبصورت ۽ حَسِين ٿي لڳي، تنهنجي ماءُ گهٽ، تنهنجي ڀيڻ وڌيڪ ٿي لڳي،“ آءٌ مستي کان باز نه آيس.
”تون مڙندين ڪونه ....“ وينا واري تي هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي، ته کيس ڪو پٿر نظر اچي ته مونکي وهائي ڪڍي، مگر منهنجي قسمت زور هئي جو پٿر هٿ نه آيو.
”واقعي ئي تنهنجي مَمي اسٽائِلش آهي، پنهنجي عمر کان بلڪل ننڍي ٿي لڳي، مذاق کان علاوه ....“ مون وينا کي مسڪرائيندي چيو.
”توکي مون ۾ دلچسپي آهي يا مَمي ۾؟“ وينا سواليه نظرن سان ڏسندي پڇيو.
”ٻنهي ۾ ......“ مون ٽهڪ ڏيندي چيو.
”ها ... هاها .... هاها ....“ اسان ٻنهي جا ٽهڪ فضا ۾ گونجڻ لڳا.
ـــ