ناول

محبت جي تنهائي

سعيد لکي ٿو:
”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
Title Cover of book محبت جي تنهائي

12

سونم جي شادي ٿي رهي آهي نه ..... سڀني مهندي پئي هنئي .... سو رات مون به تنهنجي نالي جي مهندي لڳائي هئي، ڪيڏو نه رنگ نکري آيو آهي.“ وينا پنهنجا ٻيئي هٿ مون کي ڏيکاريندي چيائين.
”واقعي مهندي بهترين رنگ ڪيو آهي.“ مون سندس هٿ جاچيندي چيو.
”توکي خبر آهي ته جنهن جي نالي جي مهندي هڻبي آهي ۽ مهندي گهرو ڪلر ڇڏيندي آهي ته ان جو مطلب پيار انتهائي گهرو ۽ پختو هوندو آهي.“ وينا پنهنجي هٿن تي مهندي جي نکري آيل گهري رنگ بابت ٻڌائيندي چيائين.
”ها ... ٻڌو ته مون به آهي، پر مهندي جي رنگ جو محبت جي پختگي سان ڪهڙو واسطو ؟؟“ مون کي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر لڳي.
”اهو سچ آهي چريا ....“ وينا منهنجي ناسمجهي تي کلڻ لڳي.
”ڀلا مهانگي مهندي وٺندئين ته لازمي گهرو رنگ ڇڏيندي، وٺ سستي مهندي ۽ لڳاءِ پوءِ ڀلين پيار جي پختگي ۽ رنگ جي خبر پئي،“ مون شرارت مان کيس ڇيڙيندي چيو.
”جي ايئن هجي ها، ته پوءِ ساڳئي مهندي چاچِي به لڳائي هُئي پر سندس هٿن تي لڳايل مهندي جو رنگ گهرو نه نڪتو.“ وينا پنهنجي ڳالهه کي وزن ڏيندي چيو.
”هن جلدي هٿ ڌوئي ڇڏيا هوندا“. مون ٻيهر سندس ڳالهه کي رد ڪندي چيو.
”اڙي نه پاگل، اسان ٻنهي گڏجي مهندي لڳائي هئي ۽ ٻي ڏينهن صبح جو گڏجي ئي هٿ ڌوتا هئا، پر هُن جي مهندي جو رنگ نکري نه سگهيو.“ وينا وضاحت ڪندي چيو.
”پوءِ ٿي سگهي ٿو هُن جي مهندي جو ٽيوب ايڪسپائر هجي“ مون هار نه مڃيندي هڪڙو ٻيو دليل ڏنو.
”جي بلڪل نه، اسان ٻنهي ساڳئي ٽيوب مان مهندي لڳائي هئي.“ وينا انهي ڳالهه کي به رد ڪندي چيو.
”اڇا بابا .... انهي جو ڇا مطلب آهي ته تنهنجي چاچي جي مهندي جو رنگ نکري نه سگهيو؟“ مون سندس اڳيان هار مڃيندي چيو.
”مطلب تنهنجو منهنجو پيار پختو آهي، ۽ چاچا چاچي جو پيار ڪچو آهي.“ وينا ڪنهن فاتح جيان چهري تي مُسڪراهٽ آڻي پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندي چيو.
”چار ٻار ڪيا اٿس، اڃان پيار ڪچو اٿس .... واهه سائين واهه ....!“ مون مستي مان وراڻيو.
”ٻار پيدا ڪرڻ پيار ٿورو ئي آهي. اهو ته زماني جي دستور آهي، ته شادي ڪرڻي آهي ٻار پيدا ڪرڻا آهن، باقي پيار ته ٻي شيءَ آهي نه....!“ وينا ڪنهن داناءَ وانگي سمجهاڻي ڏيندي ڳالهه ڪئي.
”تون ته ڏينهون ڏينهن وڏيون فلاسافي واريون ڳالهيون ڪندي پيئي وڃين“. مون اک ڀڃيندي شرارت مان چيو.
”جنهن ماڻهو جا دليل کٽندا آهن نه، پوءِ اهو ايئن ٽڙ پکڙ واريون ڳالهيون ڪندو آهي.“ وينا مون تي ٽوڪ ڪندي چيو.
ها سائين ..... مڃيو سين .... تو وڏي داناءَ .... هوشيار .... هاڻي هل ته هلون“. مون هٿ ٻڌندي چيو.
”شاباس .... ايئن پهرين مڃي وٺين ها نه .... ته ايترو مٿو ڇو کپائڻو پوي ها.“ وينا مسڪرائي هلڻ لڳي.
اسان ٻيئي کلي پياسين ۽ نڪرڻ لڳاسين.
ـــ


جنهن ڳالهه جو ڊپ هو، اهو ئي ٿيو .... وينا جي گهر وارن منهنجي گهروارن کي رشتي جي لاءِ چيو جنهن تي مشوري لاءِ امان چاچي ۽ پڦي کي گهر گهرايو هو.
”چريا آهيو ڇا؟ جو اهڙي گهر جو رشتو وٺندا، خاندان ڏٺو آهي الائي ڪهڙن مان هنن جو ڏاڏو پرڻجي آيو آهي. اڄ پئسو آهي تنهن ڪري اهي سڀ ڳالهيون وساري ته ڪونه ڇڏينداسين. لوڪ ۾ رهڻو آهي يا نه!“ پُڦي، والده کي چوڻ لڳي.
”امان! ڇوڪري ته ڏاڍي سهڻِي آهي، معصوم ۽ پياري آهي .... ڀائو لاءِ ڪنوار جي روپ ۾ سُٺي رهندي.“ منهنجي ڀيڻ وينا کي پسند ڪندي چيو.
”اڙي ڇوري تون وچان چپ ڪر! وڏن جي وچ ۾ تنهنجو ڳالهائڻ ضروري هو ڇا؟“ پڦي ڀيڻ کي ڇڙٻ ڏيندي چيو.
”پر مون ته صرف ڀائو لاءِ صحيح ٿي چيو.“ ڀيڻ منهن لاهيندي چيو.
”تون هل ڪچن ۾ برتن هلي صاف ڪر ...“ امان ڀيڻ کي هتان کان اٿڻ لاءِ چيو.
ڀيڻ ويچاري منهن لاهي اٿي ڪچن ڏي هلي ويئي.
”ڳالهه ته صحيح آهي، اڄڪلهه ماڻهو ڇوڪري ڇوڪريءَ کي ٿا ڏسن ته سٺا، سهڻا آهن يا نه! پڙهيل لکيل آهن يا نه .... اڄ جي دور ۾ باقي ڊيگهه ۾ ڪير ٿو پوي.“ منهنجي ڀاڄائي پنهنجي صلاح ڏيندي چيو.
”پوءِ ڀلين پنهنجي ڀاءُ جو رشتو ڪرائينس، اسان کي لوڪ ۾ رهڻو آهي، ماڻهن جا مهڻا ڪونه ٻڌڻا آهن.“ پڦي ڀاڄائي کي به ڇنڊ ڪڍندي چيو.
”ڇوڪري ته گهڻي ئي سٺي آهي برابر ..... پر ماڻهو ته چوندا نه، ته پسئي جي چمڪ ڏسي مڱڻي ڪري وڌائون، پنهنجي گهر خاندان جو مرتبو به نه رکيائون.“ هڪڙي پڦي اڳ ئي موجود هئي، متان وري چاچي به پنهنجو وزن پڦي ڏانهن اوريندي چيو.
آءٌ ڪمري جي دروازي جي پويان بيٺو اهي سموريون ڳالهيون ٻڌي رهيو هوس، جيڪي اهي سڀ ورانڊي ۾ رکيل پينگهي ۾ ويهي ڪري رهيون هيون.
امان ويچاري ٻنهي طرفن جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، پر ڪوبه حتمي جواب نه ڏيئي سگهي هئي، ته ڪهڙي ڳالهه صحيح آهي.
”هُو نه فلاڻي جي گهر پنهنجي ٻارن جي مڱڻي فلاڻي جي گهر ڪئي هُئي ته ماڻهن ڪيڏي نه کِل ڪئي هئي. نيٺ لوڪ جي طعنن کان تنگ اچي انهن کي اها مڱڻي ٽوڙڻي پئجي ويئي هئي.“ پڦي پنهنجي ڳالهه کي وزنائتي بڻائڻ لاءِ مثال ڏيڻ لڳي.
”اهو ته ڇوڪري ۾ ڪو عيب هو، تنهن ڪري مڱڻي ٽوڙيائون باقي انهي ڪري ڪونه ٽٽي هئي.“ ڀاڄائي جوابي دليل ڏيندي چيو.
”ڀلا توکي ڪهڙي پئي آهي جو هَروڀَرو چاهين ٿي ته اتي ئي تنهنجي ڏير جي شادي ٿئي؟“ پڦي اصل تپندي چيو.
”آءٌ ته چاهيان ٿي ته سٺي ڇوڪري آهي، ٻيئي گڏ پڙهن ٿا، هڪ ٻئي کي سمجهن به ٿا ... ته سندس رشتو سٺو قائم ٿئي.“ ڀاڄائي پنهنجي دل جي ڳالهه بيان ڪندي چيو.
”انهي سڀ ته ٺانٺو ڦٽايو آهي، جو ڇورا ڇوريون گڏ پڙهن تڏهن ئي ته سڄو معاملو بگڙي ٿو“ پڦي ڏند ڪرٽيندي چيو.
”هائو، هُو فلاڻي جو ڇوڪرو ۽ فلاڻي جي ڇوڪري حيدرآباد ۾ گڏ پڙهندا هئا، مائٽن کان لڪي شادي ڪري ڇڏيائون، خبر تڏهن پيئي جڏهن ٻار پيدا ٿيو.“ چاچي ٺَڪ سان پُڦي جو پاسو کڻندي مثال ڏنو.
هائو بلڪل .... ٻڌين ٿي ڪوئي ضرورت ڪونهي اهڙي گهر ۾ رشتو ڳنڍڻ جي .... جنهن جي بدلي صرف ذلت ئي نصيب ٿئي. اسان جي ڇوڪري لاءِ گهر کُٽا آهن يا ڇوڪريون ناهن جو اسان تڪڙ ويهي هروڀرو اهڙي گهر رشتو ڪريون جنهن جي نه اَڳاڙي آهي نه پڇاڙي .....!! پُڦي پنهنجو آخري فيصلو ڪندي چيو.
”دنيا ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتي آهي، مگر اسان جو معاشرو اڃان تائين ذات، برادري، قبيلي جو چڪرن ۾ ڦاٿو پيو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان انهي وروڪڙ مان ڪڏهن ٻاهر نڪرنداسين. دنيا چنڊ ۽ مريخ تي وڃي پڳي آهي، ڪائنات جي ٻين اسرار ڳولڻ ۾ لڳل آهي ۽ اسين ڏاڏي ڪنهن سان شادي ڪئي، مامي ڪنهن سان شادي ڪئي، اتي ئي ڦاٿا پيا آهيون. اڻ پڙهيل پٺتي پيل معاشري جون جيڪي به نشانيون هجڻ کپن اهي سڀ اسان ۾ آهن مگر اسان پوءِ به پنهنجي اَنا جي خول ۾ ويڙهيا پيا آهيون.
پنهنجو پاڻ کي اُتم ۽ اعليٰ ۽ ٻي کي عدنيٰ سمجهڻ اسان ڪڏهن بند ڪنداسين، ڪڏهن برابري پنهنجائپ ۽ خلوص جو دڳ وٺنداسين؟ منهنجي لاءِ ته انسانيت سڀ کان اعليٰ آهي، باقي سڀ ڳالهه پوءِ، پر هنن کي ڪير سمجهائي ته مون کي ڇوڪري سان شادي ڪرڻي آهي، نه ڪي هن جي ڏاڏي سان. هُو ڪنهن سان پرڻجي آيو ان سان اسان جو ڪهڙو تعلق ڀلا؟ وڏ ننڍائي جي اصول جي ڪري ڪجهه چئي به نٿو سگهجي ...... ويچاري ڀيڻ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش به ڪئي ته کيس ڇا ڇا ٻڌڻ لاءِ مليو.
انهي سموري لقاءُ مان مون کي پورو يقين ٿي ويو ته اسان جو ملڻ ممڪن ئي ڪونهي، پر وينا کي خبر پيئي ته ڇا ٿيندو؟ آءٌ اهو سوچي ئي پريشان ٿي پيس.
ــ


آءٌ ڪٿي دوستن ۾ ئي ويٺو هوس ته ساحل سهڪندو سهڪندو اچي مون وٽ پهتو .... ”اڙي يار تون هتي ڪچهري ۾ ويٺو آهين، هتي ته غضب ٿي ويو ....“ ساحل اونها اونها ساهه کڻندي چيو.
ڇو ٿيو ڇا؟ مون ڇرڪندي پڇيو؟
”اڙي هُوءَ .... تو واريءَ .....“ ساحل ڊوڙڻ جي ڪري مسلسل سهڪي رهيو هو.
”ڪير تو واري .... ڇا تو واري ....“ مون پريشان ٿيندي پڇيو؟
”اڙي هُن وينا .....“ ساحل جملو پورو ڪري تنهن کان اڳ ئي مون پريشان ٿيندي پڇيو.
”ڇا ٿيو وينا کي ....؟؟“
”هن ننڊ جون کوڙ ساريون گوريون کائي ڇڏيون ..... ايمرجنسي ۾ اسپتال وٺي آيا آهن.“ ساحل جملو پورو ڪندي چيو.
منهنجي پيرن هيٺيان زمين ئي کسڪي ويئي، ايئن لڳو ڄڻ ڌرتي ٻه اڌ ٿي پيئي آهي .... اکين اڳيان انڌهوڪار ڇائنڻ لڳي.
ٻي لمحي پاڻ سنڀالي ڊوڙندا اچي اسپتال پهتاسين، ڪائونٽر تان روم نمبر پتو ڪري اوڏانهن وڃڻ لڳاسين.
ڪمري جي گيٽ جي ٻاهر وينا جي رشتيدارن جي ڪافي رش لڳي پيئي هئي، جيڪي پڻ طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ آيا هئا. آءٌ ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳس .... سامهون بيڊ تي وينا بي هوش حالت ۾ ستي پيئي هئي، کيس ڊرپ لڳل هئي ... پاسي ۾ سندس ماءُ پريشان حالت ۾ ويٺي هئي، والد بار بار اندر ۽ ٻاهر اچي وڃي رهيو هو. ڪنهن وقت ڊاڪٽر سان پئي ڳالهائين ته ڪنهن وقت ڪنهن رشتي دار کي پيئي منهن ڏنائين.
مون کي ڏسندي ئي سندس ماءُ ڪاوڙ مان چيو ته ”جيڪر منهنجي ڌيءُ کي ڪجهه ٿي ويو ته ان جو ذميوار تون هوندين، منهنجي معصوم ڌيءُ اڄ هن حالت ۾ صرف تنهنجي ڪري آهي. نازڪ گلابن جي پنکڙين جهڙي ڇوڪري تنهنجي ڪري هن حال ۾ پهتي آهي. تون ۽ تنهنجي گهر وارا .... سمجهو ڇا ٿا پاڻ کي ...؟“
”توهان انڪار ڪندا ته ڇا اسان کي ٻيا رشتا نه ملندا ... منهنجي ڌيءُ راڻي جهڙي آهي سئو رشتا کڻي ماڻهو لائين ۾ بيٺا آهن پر هن معصوم جو اهو ڏوهه جو هن توکي پسند ڪيو، اسان کي به تون پسند آئين ڇا اهو گناهه آهي منهنجي هِن ڪونج جهڙي نياڻي جو .... !!“ وينا جي ماءَ، وينا ڏي نهاري روئڻ ويٺي.
منهنجو جسم ٿڙڪي رهيو هو، آءٌ اڳتي وڃڻ جي ساهت ساري نه سگهيس ۽ وينا جي پيراندي ئي بيهي رهيس، ايتري همٿ به نه ٿي سگهي جو هٿ وڌائي سندس پيرن تي هٿ لڳائي معافي وٺان، جسم ساهه ڇڏائي ويو هو. آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڌڪاري رهيو هوس، جو سڄي معاملي جو ذميوار آءٌ ئي هوس. مون سموري خبر هوندي به هن سان پيار ڪيو ۽ کيس ان حالت تائين وٺي آيس.
آءٌ سوچن ۾ ئي گُم هوس ته مون پنهنجي ڪلهي تي ڪنهن هٿ جو وزن محسوس ڪيو، مُڙي ڏٺم ته وينا جو والد هو ..... جيڪو انتهائي احساس سناش ماڻهو هو، مون تي ڪاوڙ ڪرڻ بدران مون کي تسلي ڏيڻ لڳو.
”توهان هن کي ڪجهه چوڻ بدران هن جو پاسو پيا کڻو..... هن کي چئو ته هتان نڪري وڃي، ٽري وڃي اسان جي نظرن کان..... اسان جي زندگي کي پري هليو وڃي ...“ وينا جي ماءُ سندس مڙس کي مون کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چوڻ لڳي.
وينا جو والد مون کي منهنجي ڪلهي تي هٿ ڏيئي ٻاهر وٺي آيو ۽ حالت جي نزاڪت سمجهائيندي في الحال اتان هليو وڃڻ لاءِ چيائين ....
آءٌ نه چاهيندي به هن جي ڳالهه کي ٽاري نه سگهيس ۽ اتان نڪري آيس ...
ـــ