ناول

محبت جي تنهائي

سعيد لکي ٿو:
”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
Title Cover of book محبت جي تنهائي

2

وقت جو وهڪرو پنهنجي جاءِ تي جاري رهيو... ڏينهن جو ڪاليج ۾ سندس ياد کانپوءِ راتيون به سندس خيالن جا انبار کڻي خوابن تي مهربان ٿيڻ لڳيون هيون... هڪ ڀيري آءٌ چوڏهين جي رات جو گهر جي اڱڻ ۾ کٽ تي ستل هوس ۽ چنڊ کي تڪي رهيو هوس... ڀٽائيءَ واري تشبيهه جيان اڄ مون کي به چنڊ هُن جي سونهن اڳيان ڪجهه تِڇ پئي لڳو. ڀانيم پئي ته چنڊ به کيس ڏسي شايد سندس سونهن تي ساڙ کائيندو هوندو. سوچي رهيو هوس... ڪائنات جو والي، ڇا ته ڪمال جو تخليڪار آهي! عورت کي ڪيڏو خوبصورت ٺاهيو اٿس. پوري محنت سان سموري جسم کي تراشيو آهي. هر انداز دلربا جي ديس جيان وڻندڙ ٿو لڳي. ڄڻ سونهن مقناطيس جو ڪو قسم هجي، جو سامهون واري کي پنهنجي پوري قوت سان پاڻ ڏي ڇڪي ٿي وٺي ۽ پنهنجي سحر ۾ ايئن جڪڙي ٿي جيئن ڀونئر گلاب جي گل جي سندرتا ڏي مڙي ٿو پوي، چڪور چنڊ جي حاصلات لاءِ جيءَ جان جي ڪوشش ٿو ڪري يا پروانو جان جي فڪر بنا شمع لاءِ جان ٿو قربان ڪري ڇڏي.
پر سونهن ته عارضي آهي، عرصي لاءِ آهي. سونهن جي بقا ناهي، مستقل ناهي... پوءِ به انسان ان سونهن جي چاهنا ۾ ايڏو ڇو ٿو ڊوڙي؟ ڇا منزل انهي سونهن کي ماڻڻ هجي ٿي، يا انهي وجود کي ...! جنهن ۾ سونهن سمايل هجي ٿي يا وري انسان جي آخري منزل انهي خوبصورت وجود ۾ سمايل روح سان هجي ٿي، جنهن جي حاصلات لاءِ هو جيءَ جان جي بازي ٿو لڳائي ڇڏي.
”اهو سڀ ته ٺيڪ آهي، پر آءٌ ڀلا ‘وينا’ جي باري ۾ ايترو ڇو پيو سوچان؟ ڇهه سال پهريان به اها ساڳي هئي، کڻي سونهن ۾ هينئر سرس آهي... پر هئي ته اها ئي ساڳي... پر ان وقت ته اهڙو ڪوبه احساس من ۾ جاڳيل ته نه هو.“ مون پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.
”ڏهن يارنهن سالن جي ڇوڪري، ڇوڪريءَ کي ٿورو ئي سونهن، محبت، پيار جي خبر هوندي آهي، تڏهن ته ٻاراڻا خيال هئا، هاڻي جي ڳالهه ٻي هوندي.“ مون من ئي من ۾ پنهنجو پاڻ کي تسليءَ وارو جواب ڏنو هو.
”پر پنجن ڇهن سالن جي عرصي ۾ ته انسان جا خيال ئي بدلجي ٿا وڃن.... واسطا، رشتا، احساس، محبتون سڀ تبديل ٿي ٿيون وڃن. اُهو ٻاراڻو کِل مذاق وارو وقت هيو، جيڪو وقت جي دز ۾ لٽجي ويو هوندو! هاڻي ته نوخيز جوانيءَ جي سانوڻ جي ڀرپور مند جاري آهي. هاڻي ته سندس سوچ ۾ ئي فرق اچي ويو هوندو، منهنجي لاءِ سندس سوچ ئي تبديل ٿي ويئي هوندي“ مون پنهنجو پاڻ کي سمجهاڻي ڏيندي چيو.
”ٿي سگهي ٿو ته سندس زندگي ۾ هاڻي ٻيو ڪير شامل ٿي ويو هجي، جنهن جي اهميت مون کان وڌيڪ هجي .... ٿي سگهي ٿو ته هاڻي سندس دل ٻي ڪنهن لاءِ ڌڙڪندي هجي“ عجيب غريب سوال منهنجي من کي وياڪُل ڪري رهيا هئا.
وري سوال، وري جواب، انهي سوالن جوابن ۾ ڪهڙي وقت ننڊ اچي ويئي پتو ئي نه پيم.
ـــ


هُن کي ڪاليج ۾ نه ڏسي ڪري پڇا ڪيم ته، خبر پيئم ته اڄ هُوءَ ڪاليج نه آئي آهي. معلوم ٿيو ته کيس بخار ۽ زڪام ٿي پيو آهي. اهو ٻڌي منهنجو جسم به مون کي گرم محسوس ٿيڻ لڳو هو. دل جي دل سان راهه ته ٻڌي هئي، پر ڇا جسم جي جسم سان به ڪا راهه ٿيندي آهي ڇا؟ جو آءٌ پنهنجو پاڻ کي گرم محسوس ڪرڻ لڳو هوس. اها منهنجي خام خيالي ته نه هئي، شايد کيس بخار اچڻ واري خبر کي آءٌ پاڻ تي ايڏو حاوي ڪري ويو هوس، جو آءٌ پڻ پاڻ کي بيمار محسوس ڪرڻ لڳو هوس.
”ساحل منهنجي ڪرائيءَ کي تپاسي ڏس، ڇا منهنجو جسم گرم محسوس ٿئي ٿو ؟“ مون پنهنجي دوست ساحل کي چيو.
”نه بلڪل به نه ....!“ ساحل ڪرائيءَ تي هٿ رکي چيو.
”پوءِ ڀلا آءٌ پاڻ کي هڪدم بخاريل ڇو محسوس ڪري رهيو آهيان. خبر ٻڌي شايد دماغ کي شاڪ ته نه لڳو آهي، انهي ڪري آءٌ پاڻ کي ايئن محسوس پيو ڪريان.“ مون پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.
”ٻه ڏينهن اڳ ته صحيح هئي، اڄ وري ڇا ٿي پيس... ايئن ڪيئن بخار اچي ويو؟“ منهنجي واتان لفظ بي اختيار نڪري پيا.
”بخار اهو وري ڪنهن کي.....؟؟“ ساحل عجب وچان پڇڻ لڳو.
”ڪنهن کي به نه ...!!“ مون ڪنڌ ڦيرائي ڳالهه کي ٽاري ڇڏي.
”اڙي يار تون ته ٻه ڏينهن اڳ ڪاليج آيو ئي نه هئين. هن جي پرائمري اسڪول جي وقت ٽيوشن تي گڏ پڙهندڙ ڪا دوست آهي، ان پنهنجي هن ئي ڪاليج ۾ داخلا ورتي آهي، سو سائين صفا گهايل لڳو پيو آهي.“ راجا منهنجي ڳالهه کي مڪمل سمجهندي ساحل کي جواب ڏيندي چيو.
”اوه اوه ... واهه ... اسان کي عشق بازيءَ کان پري ٿيڻ جا وڏا وڏا ليڪچر ۽ پاڻ وري انهيءَ لائين ۾ اسان کان به اڳتي .... يه تو کُلا تضاد هي بهئي...“ ساحل مستيءَ ۾ راجا ڏي مرڪندي چيو.
”هاڻي اهڙي به ڪا ڳالهه ناهي، بس ايئن ئي پئي پڇيم. اسڪول جي دوست هئي، هاڻي ته سالن کان دعا سلام به ناهي. بس خبر پيئي ته پڇيم باقي خير آهي.“ مون دوستن کي پنهنجو ڀَرم برقرار رکندي چيو.
”دوست ته اسين به آهيون، پر منهنجي بيماري جو ته ڪڏهن نه پڇيو آهي؟ اها خاص عنايت صرف صنف نازڪ تي ڇو ڀلا..؟؟“ ساحل ڳالهه جو مزو وٺندي چيو.
”اڙي يار ڇڏ يَخِي کي، هل ته ڪلاس هلون.“ مون بيزاريءَ وچان کيس چيو.
”دوستن کي ته ڳالهين سان مطمئن ڪري ڇڏيو، پر دل کي ڪير سمجهائي؟ جيءُ لُڇڻ لڳو ته ڪيئن سندس خبر چار وٺجي، ته هاڻي طبيعت ڪيئن آهي.... اوستائين دل کي سڪون نه ايندو“آءٌ من ئي من ۾ سوچڻ لڳس.
نيٺ ڪاليج مان موڪل مهل، وينا جي پاڙيسري ۽ سندس سڀ کان ويجهي ساهيئڙيءَ ڪومل کي سَڏي پڇيم ”وينا کي بخار آهي ڇا؟“
”تون ڇو ٿو پڇين؟ ۽ آءٌ توکي ڇو ٻڌايان؟“ ڪومل رُکي انداز ۾ چيو.
”پليز ايترو ته ٻڌايو ته هاڻ سندس طبيعت ڪيئن آهي؟“ مون منٿ ڪندي چيو.
”مون کي ناهي خبر..! عجيب ڇوڪرو آهين، ايئن پَراين ڇوڪرين جو ٿو پُڇين؟ پرنسپال کي شڪايت ڪيان؟“ ڪومل انتهائي سخت لهجي ۾ وراڻي ڏيئي پنهنجين سهيلين سان گڏ رڪشا ۾ ويهي گهر ڏانهن رواني ٿي وئي.
وينا جي سهيليءَ جي ايڏي بي رُخيءَ تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. دل چيو پئي ته ڪنهن نم جي ٿڙ سان مٿو ٽڪرايان... ڀلا ٻڌائڻ ۾ کيس ڇا ٿي ٿيو... جي صحيح جواب ڏيئي ها ته ڇا ٿي وڃيس ها؟ ڪهڙو آسمان ڪري پوي ها؟
”هل مجنا... ڇڏ هن مغرور ڇوڪريءَ کي... پاڻ پتو ڪري ٿا وٺون، هليا ....“ ساحل مون کي ليلا واري مجني جو خطاب ڏئي مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو.
ـــ

آءٌ ٻئي ڏينهن ڪاليج جي اڱڻ ۾ بيٺل گهاٽي نم جي اوٽ ۾ ويٺو سوچن جي سنسار ۾ گم هوس. سموري رات وينا ۽ سندس طبيعت جي باري ۾ سوچي ننڊ نه ڪرڻ ڪري اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هئم. ننڊاکڙا نيڻ ڄڻ روزاني پياڪ وانگر مدهوش لڳي رهيا هئا. بس من اندر ۾ هڪڙي ئي سوچ هئي ته هاڻي طبيعت الائي ڪيئن آهي؟ هن جي باري ۾ ڪنهن کان پڇان؟ ڪيئن پتو ڪيان؟ سندس سهيلي آخري آسرو هئي جنهن کان معلوم ٿي سگهي ها.... سا به انڪار واري هلي ويئي هاڻ ته ٻيو ڪو آسرو ئي ناهي، جو هُن جي باري ۾ پتو لڳي سگهي...!
”هيلو ديپ .... ڪيئن آهيو؟“ آءٌ پنهنجي آس پاس جي ماحول کان بي نياز پنهنجي خيالن ۾ گُم هوس. سو اچانڪ ڪنهن آواز تي آءٌ هلڪو ڇِرڪ ڀري سوچن جي دنيا مان نڪري آيس ۽ ڏٺم ته سامهون وينا جي ڪلهه واري ساڳئي سهيلي ڪومل بيٺي هئي.
کيس ڏسي آءٌ ويتر پريشان ٿي ويس ته هيءَ شايد ڪلهه واري شڪايت اڄ پرنسپال کي ڪرڻ واري هئي. انهي ڪري مون کي وارننگ ڏيڻ آئي هوندي. هُو ڪجهه چوي، تنهن کان اڳ ئي معاملي کي لئي مِٽيءَ ڪرڻ لاءِ مون کيس چيو:
”ڏسو مون توهان کي ڪلهه ئي سوري ڪري ڇڏي هئي... چئو ته وري به معذرت ڪيان ٿو. پليز ڳالهه کي نه وڌايو.“ مون معصوماڻي انداز ۾ کيس چيو.
”اڙي نه ڙي...! آءٌ توهان سان ناراضگي جو اظهار ڪرڻ نه آئي آهيان، بلڪه آءٌ توهان سان ڪلهه واري منهنجي رويي تي پاڻ معذرت ڪرڻ آئي آهيان.“ سنجيده طبيعت رکندڙ ڪومل چهري تي مسڪراهٽ آڻيندي چيو.
”اصل ۾ غلطي منهنجي ئي آهي. مون کي ايئن سڀني جي سامهون ڪنهن جي باري ۾ پُڇڻ هرگز نه گُهربو هو.“ مون کيس وري به پشيمان ٿيندي چيو.
”ها ڳالهه ته اِها ٺيڪ آهي، پر مون پاران فوراً جذباتي ٿي توهان کي ڇڙٻ ڏيڻ به درست نه هيو... مگر ڇا ڪيان! مون کي ان وقت سمجهه ۾ ئي ڪجهه نه آيو، ۽ مون تڪڙو پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري ڇڏيو“. ڪومل وضاحتي جواب ڏيندي چيو.
”ها بلڪل توهان پنهنجي جاءِ تي صحيح آهيو.“ مون سندس ڳالهه کي وزن ڏيندي چيو.
”ڏسو نه، هڪ اڻ ڄاڻ ڇوڪرو مون کان اچي ايئن منهنجي سهيلي بابت پڇا ڪري. آءٌ ڪنهن جي باري ۾ ايئن ڪيئن ٻڌايان؟“ ڪومل پنهنجي ڳالهه کي اڃان وڌيڪ وزندار بڻائڻ لاءِ دليل ڏيندي چيو.
”بيشڪ ڪومل، توهان بلڪل صحيح آهيو، آءٌ پنهنجي ڪيل انهي غلطيءَ تي پڇتائي رهيو آهيان.“ مون وري معذرت خواهه انداز ۾ چيو.
”خير ٺيڪ آهي، هاڻي انهي ڳالهه کي دَرگُذر ٿا ڪيون.“ ڪومل معاملي کي ختم ڪندي چيو.
”بلڪل آءٌ به اهو ئي ٿو چاهيان ۽ وري به توهان کان معذرت به ڪريان ٿو.“ مون ڳالهه کي ختم ڪندي چيو.
”آءٌ ڪلهه شام وينا جي گهر ويئي هوس. توهان سندس طبيعت پڇي هئي، ان جي باري ۾ کيس ٻڌايم ۽ پنهنجي رويي جي ڳالهه پڻ هن سان شيئر ڪيم“ ڪومل ٻڌائڻ لڳي.
”اَڇا ... اَڇا .... پوءِ وينا جو ڇا ردعمل هو؟“ مون تَجسُس واري انداز ۾ پڇيو.
”مون پاران توهان سان غصو ڪرڻ واري حرڪت تي وينا سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. ان ڪري ئي اڄ آءٌ توهان وٽ هلي اچي معذرت ڪرڻ آئي آهيان.“ ڪومل اڄوڪي معذرت جو پس منظر بيان ڪندي چيو.
”اوهه سوري..... خوام خواهه منهنجي ڪري توهان دوستن جي وچ ۾ تلخي ٿي پئي.“ ٻاهر چهري تي معذرت وارو تاثر آڻيندي کيس چيم. مگر دل ۾ خوش ٿيڻ لڳس ته، وينا منهنجي ڪري هن تي ڪاوڙ ڪئي هئي.
”نه نه اهڙي ڪا تلخي ته نه ٿي آهي. مگر هُن چيو ته مونکي توهان سان اهڙو رويو نه اختيار ڪرڻ کپندو هو.... ۽ هن اڳتي لاءِ به توهان سان صحيح نموني سان پيش اچڻ لاءِ مون کي هدايت ڪئي آهي.“ ڪومل ڳالهه کي واضح ڪندي چيو.
”خير پاڻ انهي ڳالهه کي ئي وساري ٿا ڇڏيون. بس سڀئي تلخيون ۽ غلط فهميون ختم ٿا ڪري ڇڏيون.“ مون کيس تسلي ڏيندي چيو.
”ها بلڪل صحيح“ ڪومل پڻ هاڪاري انداز ۾ وراڻيو.
”مگر توهان وينا جي طبيعت جي باري ۾ ته نه ٻڌايو؟“ مون اصل ڳالهه تي ايندي پڇيو.
”هاڻي وينا جي طبيعت بهتر آهي، ڊاڪٽر کي ڏيکاريو اٿائين. کيس موسمي بخار آهي. اڄ ته ڪافي بهتر آهي. ڪمزوريءَ جي ڪري ڊاڪٽر اڄ آرام ڪرڻ لاءِ چيو آهي مگر سڀاڻي ڪاليج اچي ويندي.“ ڪومل وينا جي طبيعت جي باري ۾ سموري وضاحت ڪندي ٻڌايو.
وينا جي طبيعت جي بهتري جو ٻڌي، رات واري سموري اوجاڳي جا ٿڪ ئي لهي پيا، ڄڻ جسم ۾ نئون ساهه پئجي ويو. خوشي ۾ دل چيو پئي ٽپا ڏيئي ڊانس ڪري خوشي جو اظهار ڪيان، پر جلدي ئي پنهنجن جذبن تي قابو پائيندي چيم، ” مالڪ بهتر ڪندو، جلد صحتياب ٿي ويندي.“
”چڱو هاڻي آءٌ هلان ٿي“ پوءِ ڪومل مون کان موڪلائيندي ڪاليج جي فرسٽ فلور تي پنهنجي ڪلاس ڏانهن وڃڻ لڳي.
ڪجهه دير بعد ڪاليج جي بيل وڳي، آءٌ پڻ پنهنجي ڪلاس روم طرف هليو آيس.
ـــ