10
ڪڏهن ڪڏهن وينا ڪومل جي اوطاق ۾ مون سان اڪيلي ۾ مستيون ڪرڻ جي تمنا رکندي هئي. پوءِ اسان ملڻ معمول بڻائي ڇڏيو هو، ته ڄڻ ڪو هن نشي جي عادي وانگي عادت بڻائي ڇڏي هئي.
جيئن نشي جي عادي کي نشي جو وزن ملندو آهي، ته خوش ٿي پوندو آهي، سمجهندو آهي ته دنيا جي سڀ کان قيمتي شيءِ کيس ملي ويئي آهي، ڇاڪاڻ جو انهي جي جياپي جو سامان ئي اهو ڪجهه هوندو آهي، تيئن هوءَ پڻ انهي ۾ پنهنجي خوشي ڳوليندي هئي، هن پنهنجو پاڻ کي مون لئه ارپي ڇڏيو هو، آءٌ به پنهنجي وس آهر سندس هر خوشي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. هن کي زماني جي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت نه هوندي هئي، نه ئي مون مان اها طلب هوندي هئي ته آءٌ کيس اها شيءِ مهيا ڪري ڏيان، جو هن لاءِ مادي شيون خريد ڪرڻ مشڪل نه هو. هن بس چاهيو ٿي ته آءٌ هن جي اها خواهش پوري ڪندو رهان ۽ آءٌ به هن جي خوشي جي اڳيان مجبور هوندو هوس. هميشه چاهيندو هوس ته کيس جيڪر انهي ۾ خوشي ملي ٿي، روح راضي ٿئي ٿو ته مون کي اهو قبول هو ڇو جو هن جي خوشي ئي منهنجي خوشي هُئي. هوءَ خوش ته آءٌ به خوش. آءٌ منهنجي خوشي يا خواهش جي ڪري هنکي قطعي طور تي ناراض نه پيئي ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ جو هن جا مون تي ايڏا احسان هئا، جيڪي آءٌ ڳڻيان ته به حسابن جا انگ کٽي پون، منهنجي وجود سان جڙيل هر شيءَ هن جي پاران ڏنل هئي. آءٌ ڄڻ ڪو هينگر هوس تنهن تي ٽنگيل سمورو سامان هن جو ئي هو. آءٌ ڀلا هن جون اهي سموريون ڀلايون ڪيئن ٿي وساري سگهيس. مگر اها پريشاني وَرائي ويندي هئي ته جيڪر آءٌ کائنس جدا ٿي ويس ته هوءَ ڪجهه ڪري نه وجهي، اهڙو ڪجهه جنهن لاءِ آءٌ پاڻ کي ڪڏهن معاف به نه ڪري سگهان. ڇو جو هوءَ ته پنهنجي اکين ۾ پنهنجي حسين مستقبل جا خواب سجائي ويٺي هئي. مگر مون کي ۾ اڻ ڏٺو طوفان نظر اچي رهيو هو، جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه ڊهي وڃڻ جو خدشو لڳي رهيو هو.
انهي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ خانداني تقاضائن جو هو. هُن جو پيءُ پسئن ۾ ته واقعي ئي امير هو، سندس شمار شهر جي امير ماڻهن ۾ ٿيندو هو، مگر خاندان جي لحاظ کان هُنن جو گهر انهي ڪسوٽي تي پورو نٿي لٿو، جنهن جي تقاضا منهنجي گهر وارا ڪن پيا. ننڍن شهرن توڙن ڳوٺن ۾ ذات برادري، خاندان جو پلڙو هميشه وزني رهيو آهي ۽ جيتري قدر مون کي ڄاڻ پيئي ته هُنن جي ڏاڏي جي شادي ننڍڙي ۽ غير معروف خاندان مان ٿيل هئي، انهي ڪري ماڻهو هنن کي پسئن جا امير پر خانداني غريب سڏيندا هئا. رشتيداري ۾ برادري جا ماڻهو هنن سان رشتو ڳنڍڻ ۾ وڏو احتياط ڪندا هئا. مون کي الائي ڇو اهو خوف هميشه رهندو پئي آيو، ته پيار جي وچ ۾ اهو مسئلو سبب ضرور بڻبو. مگر آءٌ هن جي ڏنل پيار جي اڳيان ڪڇي ئي نه سگهندو هوس ۽ کيس غمزده هرگز نه ٿي ڪرڻ چاهيم.
آءٌ انهن شين ۾ يقين نه رکندو هوس، منهنجا الاهي سارا دوست دنيا جي دستور مطابق هيٺين ذات وارا هوندا هئا، جن کي دنيا پاسي ۾ ويهارڻ به قبول نه ڪندي هئي مگر آءٌ ته ساڻس گڏ ويهي کائيندو پيئندو هوس. جنهنڪري ڪافي دفعا گهر وارن کان دڙڪا به کاڌاسين.
مون کي اهو عجيب منطق سمجهه ۾ نه ايندو هو، ته وڻ جي عبادت ڪئي وڃي، جانورکي مهان ۽ ماتا سمجهي عبادت ڪئي وڃي ۽ در تي آيل اڃايل انسان اشرف المخلوقات کي اهو چئي ڌڪاري ڇڏجي ته تون گهٽ ذات آهين. سچ ۾ مون کي انهي سوچ کان ڏاڍي ڪراهت ايندي هئي، بس اهي سماجي رويا هئا نه ڪي مذهب جا اصول. ڪوبه مذهب انسانيت کان مٿاهون ناهي، انسانيت سان پيار هر مذهب جو پهريون اصول رهيو آهي پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اسان جي سماج جي ٺيڪيدارن پنهنجا هٿ ٺوڪيا نظام اڏي انسانيت جي ايڏي ته تذليل ڪئي آهي، جيڪا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي.
اهڙي ئي هٿ ٺوڪي اصول جو ڊپ مسقبل قريب ۾ آءٌ سامهون ڏسي رهيو هوس، جيڪو اسان جي زندگين کي اجاڙيندو. هڪ اڻ ڄاتو خوف مونکي وڪوڙي ورتو هو ته ان جو ردعمل ڇا ٿيندو. جڏهن اها ڳالهه وينا تي آشڪار ٿيندي ته هوءَ انهي معاملي کي ڪيئن هينڊَل ڪندي. هوءَ انتهائي حساس دل جي مالڪ هئي، هن جي ننڊپڻ کان ئي هر خواهش پوري ٿيندي پئي آئي آهي. انهي انڪار جو مٿس ڇا اثر پوندو؟ اهو سوچي ئي مون کي عجيب ڊپ وڪوڙي ويندو هو. مگر ٻي لمحي آءٌ اها ڳالهه تقدير ۽ مالڪ تي ڇڏي ڏيندو هوس، ته مالڪ چڱي ڪندو.
ـــ
ياد ٿو اچي ته المنظر وياهئاسين ۽ وينا درياءُ ڏي نهاري چيو هو، ”ڏس هن کي ڪيڏي نه مستي آهي پر اندر ۾ مون وانگر ڏاڍو بي چين آهي، مون وانگر لڇي رهيو آهي“ ۽ هن پنهنجي ٻنهي هٿن سان منهنجي ساڄي ٻانهن کي جهليندي پنهنجو ڪنڌ منهنجي ڪلهي سان لائي ڇڏيو هو.
هن اکين جون پنڀڻيون واريندي چيو هو ته ”آءٌ سڄي عمر ايئن گذارڻ لاءِ تيار آهيان، مون کي درياءُ ۽ تنهنجو ساٿ وڻي ٿو. چاهيان ٿي ته آءٌ سموري عمر انهي سنگم ۾ گهاري ڇڏيان. تون هجين، آءٌ هجان ۽ درياءُ جو ساٿ هجي، پنهنجو هڪڙو الڳ جهان هجي.“
”اچ هليا سامهون ڪرسين تي ويهي المنظر جو نظارو ٿا ڏسون ۽ اڄ تون پروين شاڪر جي شاعري ٻڌاءِ“، مون پنهنجو ساڄو هٿ سندس کاٻي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
اسان ٻيئي سامهون اڌ ٽٽل ڇپرن واري هڪڙي هوٽل جي آڳنڌ ۾ رکيل ڪرسين تي ويهي رهياسين.
چانهن جي سرڪ ڀريندي وينا خوشبوءَ جي شاعره پروين شاڪر جا ڪيترا ئي نظم ٻڌايا، هن کي پروين شاڪر جي سموري شاعري گهڻي ڀاڳي ياد هوندي هئي، جو هُو سندس پسنديده شاعره هئي ۽ مون استاد بخاري، شيخ اياز، ايازگل، ادل سومري ۽ ٻين مختلف شاعرن جي چونڊ شاعري کيس ٻڌائي هئي. شاعري جي ڏي وٺ ۾ وقت جو احساس ئي نه ٿيو، سج پنهنجي روشني جهڪي ڪندو لهندو پئي ويو ۽ سانجهي پنهنجا پر پکيڙي رهي هئي.
اسان ٻيئي اتان اٿي اچي منهنجي هڪڙي يونيورسٽي جي دوست جي فليٽ تي اچي پهتاسين. جڏهن به حيدرآباد اينداهئاسين هميشه منهنجي هن دوست جي فليٽ تي ئي رهنداهئاسين، جيڪو پنهنجي ٽن يونيورسٽي فيلوز سان گڏ هتي رهندو هو. اسان جي ڪري هُو هڪڙي ئي ڪمري ۾ ايڊجيسٽ ڪندا هئا ۽ اسان ٻنهي کي پنهنجو ڪمرو خالي ڪري ڏينداهئا. منهنجي دوست سميت هن جا سمورا فيلوز وينا جي بي حد عزت ڪندا هئا ۽ وس آهر ڪنهن به شيءَ جي کوٽ محسوس ڪرڻ نه ڏينداهئا کيس ڀاڄائي سمجهي عزت ڏينداهئا. هونئن به اسان جي دوستن وٽ هڪڙو اصول هو ته دوست جي محبوبا ڄڻ اسان جي ڀاڄائي مثل آهي. ان جي دل و جان سان عزت ڪبي، جيتري عزت اسين پنهنجي سڳي ڀاڄائي جي ٿا ڪيون.
ان ڏينهن به اسان جي حوالي هڪ روم ڪيائون. اسين ٻئي ڄڻا روم ۾ ڪچهريءَ ۾ لڳي وياسين. آءٌ ڪيتري ئي دير لاءِ کيس ڏسندو ئي رهيس .... مون کي ڄڻ هرڻ هماءُ واري خوشبوءَ ملي ويئي هئي..... هُن جون چمڪندڙ اکيون منهنجي اڳيان جوڀن جو رقص ڪري رهيون هيون... مون پاڻ کي بي حجابي محسوس پئي ڪيو... ڄڻ هُن جي ڪئف جي قراريل نيڻن جي نگاهه ۽ جذبن جي تپش منهنجي دماغ تي پيل سادگيءَ ۽ حجابن جا داغ ڊاهي ڇڏيا هئا... اها بهار جي ٽڙڻ جي شروعاتي رات هئي، فليٽ جي کليل دريءَ مان حيدرآباد جون ٿڌيون هوائون تازگي ۽ خمار جو امرت اسان جي ڪچهري ۾ اوتي رهيون هيون. ان رات هُن مون کي پيار جي پاند ۾ رکي هميشه لاءِ محبت سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو.
پيار جون راتيون انتظار جي راتين کان بلڪل الڳ هونديون آهن. پيار جي سڄي رات هڪ پل ۾ گذرندي محسوس ٿيندي آهي. اسان کي به خبر ئي نه پوندي هئي، رات ايڏو جلدي گذري ويندي هئي... صبح دوست پاران ڪمري جي دروازي تي ڏنل دستڪ تي پتو پوندو هو ته صبح ٿي ويئي آهي، مگر اسان انهي دستڪ کان بي نياز، ٻانهن جي هندوري ۾ هڪ ٻئي ۾ سمائجي ٻيهر هڪ ٻئي کي اوتڻ لڳنداهئاسين.
ٻه ٽي دفعا دستڪ ڪرڻ کان پوءِ دوست فليٽ جو تالو کولي دروازي هيٺائين ئي اسان جي ڪمري ۾ سرڪائي، اهو چئي يونيورسٽي هليو ويندو هو ته جنهن وقت دل چوي فريش ٿي واپس وڃو ته فليٽ لاڪ ڪري وڃجو، اسين يونيورسٽي ڏي وڃون ٿا، ليٽ پيئي ٿئيم.
ـــ
چوندا آهن، وقت گهوڙي تي سوار هوندو آهي. ڪٿي ٿو ڪنهن جي لاءِ بيهي، وقت جي سُئي ٽڪ ٽڪ ڪندي هلندي رهي. اسان به ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن وقت جي گاڏي کي ڌڪيندا رهياسين ۽ اچي سينيئر سيڪشن يعني انٽر ڪلاس ۾ پهتاسين، اسان جي جاءِ نون ايندڙ جونيئرس يعني فرسٽ ايئر ڪلاس جي شاگردن اچي سنڀالي. کوڙ سارا نوان گلابي چهرا ڪاليج جي اڱڻ جي رونق بڻيا هئا تن ۾ هڪ چهرو منهنجو ڄاتل سڃاتل سندس ڪزن سونم (سونو) به هئي، جيڪا فرسٽ ڪلاس ۾ پهتي هئي.
سونم به گهٽ خوبصورت نه هئي.... بدن بيحد ٺاهوڪو، ڄڻ ڪنهن بت تراش، سونهن جو آدرشي بت تراشيو هجي.. هوءَ به وينا وانگي سِلم فِگر جي هئي... ڳلڙا نڪتل هئس. کلڻ وقت ڳاڙها ٿيو وڃن، جيڪا ڳالهه سندس سونهري رنگ تي سهاڳي جو ڪم ڪندي هئي.
سونم ڏاڍي خوش هئي ته هاڻ هن کي مون سان ملڻ لاءِ ڪنهن بهاني جي ضرورت نه پوندي ڇو جو هاڻ هُوءَ اسان جي ڪاليج ميٽ ٿي ويئي هئي. ڪاليج ۾ پڻ صبح وقت، هاف بريڪ ۽ بريڪ مهل اچي اسان جي سرڪل ۾ ويهي رهندي هئي. جيڪا ڳالهه وينا کي ڪنهن به ريت قبول نه هئي. هُو بهانو ڳولي اچي منهنجي پاسي ۾ ويهندي يا بيهندي هئي ته وينا اکيون ڳاڙهيون لال ٿي پونديون ۽ مون کي ايئن گهوري نهاريندي هئي، جيئن باز جهرڪي ڏي دهشت مان نهاريندو آهي. آءٌ هيسيل جهرڪي جيان ڀڙڪو کائي اڏامي اچي ٻي جگهه تي ويهندو هوس.
ڪڏهن ڪڏهن وينا جي غير موجودگي ۾ سونم، ڪومل جي گهر جي اوطاق ۾ مون کي هر هر مجبور ڪري وجهندي هئي ۽ آءٌ نه چاهيندي به سندس خواهش پوري ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو هوس. مون محسوس ڪيو ته هُو صرف حوس جي پوڄارڻ آهي، کيس مون کان وڌ منهنجي جسم سان پيار آهي. هن کي مون سان پيار قطعي نه هو بس منهنجي بدن جي طلبگار هئي، جنهن تي هُو ڪنهن بکايل ڳجهه جيان ڪري پوندي هئي ۽ ٻوٽيون ٻوٽيون پٽڻ لڳندي هئي ۽ جڏهن ٿڪجي ساڻي ٿيندي هئي، تڏهن مون کي آزاد ڪندي هئي.
ڪومل وينا جي گهري دوست هوندي به هن جو ساٿ ڏيندي هئي، اهو منهنجي لاءِ حيرت جو سبب هو، شايد ان جي بدلي سونم هن کي ڪجهه ڏوڪڙ ڏيندي هئي يا ڪا اهڙي شيءَ جنهن جي هوءَ طلبگار هوندي هئي، مگر پوءِ به دوستي ته سڀ کان اُتم هوندي آهي. هن کي ايئن نه ڪرڻ گهربو هو ته هُو هر ڪنهن کي پنهنجي گهر جي اوطاق استعمال ڪرڻ لاءِ ڏئي.
ڪومل کان وڌ ته وينا جو گهنگار آءٌ هوس، جو واسنا جي پوڄارڻ سونم جي ڳالهه آءٌ خاموشي سان مڃي وٺندو هوس ۽ پنهنجو پاڻ کي هن جي حوالي ڪندو هوس. مون دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان واعدو به ڪيو هو ته هاڻي هن سان ڪڏهن به نه ملندس، ڇاڪاڻ جو مون تي صرف ۽ صرف وينا جو ئي حق هو. پوءِ آءٌ هُن جو حق ٻيءَ ڪنهن کي ڪيئن ٿو ڏيئي سگهان، هُن جي امانت ٻي ڪنهن سان ڪيئن ٿو ونڊي سگهان. اها وينا سان ويساهه گهاتي هئي جيڪا آءٌ ڪيتري ئي وقت کان ڪندو پئي آيس. جنهن جي اڃان تائين خبر صرف اسان ٽنهي (مون سميت، ڪومل ۽ سونو) کي هئي. هڪ لمحي اهو محسوس ڪندو هوس ته جڏهن وينا کي خبر پيئي ته سندس ردعمل ڇا هوندو؟ ته اکين اڳيان انڌوڪار ڇائنجي ويندي هئي، هڪ اڻ ڏٺو خوف هوندو هو جيڪو منهنجي دل ۾ سانڍيل هوندو هو، ان کي هميشه دٻائي رکيو هو ته جيئن ٻاهر نه نڪري مگر اها فڪر هميشه لاحق هوندي هئي ته ڪڏهن نه ڪڏهن اها ٻاڦ ٻاهر ضرور ٻاهر نڪرندي ۽ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندي. پر هينئر وقت ۽ حالات جي ستم ظريفي هئي يا ٻيو ڪجهه پر آءٌ سڀ ڪجهه ڄاڻندي به برداشت ڪري رهيو هوس ۽ پنهنجو پاڻ سان جبر ڪري رهيو هوس.
ـــ