پنهنجي پاران
هن ڪتاب “اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو” ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين دهشتگردي، مذهبي انتها پسندي ۽ جنونيت سنڌ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي. سنڌ جا حقيقي وارث ٽارچر سيلن جا خالق نه رهيا آهن، هنن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش ٻورين ۾ بند ڪري تحفي طور نه ڏنا آهن. خانگي لشڪر ۽ مجاهدن جا ٽولا سنڌ جي سرزمين مان ڦٽي نه نڪتا آهن، پر پنجاب جون مخصوص آباديون انهن جي نرسري رهيون آهن. اڄ به جنگي جنونين جا اڏا پنجاب جي شهرن ۾ موجود آهن.
سنڌ جي ماڻهن هميشه جنگي ٽولن ۽ دهشتگرد گروپن جي سرواڻي ۽ واڌ ويجهه جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن وقت موجود حڪمران اڳوڻي سوويت يونين جي افغانستان ۾ موجودگي خلاف ”عظيم جهاد“ ۾ مصروف هئا. ان وقت به سنڌ جي ماڻهن حڪمرانن جي ان سوچ کي غلط ۽ عوام لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي، ان جي مخالفت ڪئي هئي. سنڌ جي عوام مذهب جي نانءُ تي عوام منجهه وڇوٽيون پيدا ڪرڻ واري عمل کي انسانذات لاءِ زهر قاتل قرار ڏنو هو. پر حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين نه فقط سڄي ملڪ کي بنياد پرستي جي ور چاڙهي ڇڏيو پر سنڌ به ان جي لپيٽ ۾ اچي وئي. ٻين صوبن مان آبادي جي بي حساب لڏپلاڻ سنڌ ۾ بنياد پرستي جي واڌ ويجهه جو سبب بڻي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ دانشور طبقي جي سنڌ دشمن عملن ۽ سوچ کي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. خاص ڪري هڪ اردو دانشور شڪيل احمد ضياءُ جي ڪتاب “سندهه ڪا مقدمه” جي جواب ۾ لکيل مقالي ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اردو ڳالهائيندڙ ٽولو پاڪستان ٺهڻ جي صورت ۾ هتي مسلم قوميت جي سهاري هيٺ اچي، هتان جي اصل قومن جي ٻولي، ڪلچر ۽ اقتصادي وسيلن تي قابض بنجي ويو. ان ڪري هن پنهنجي ان قبضي ۽ ڦرلٽ کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ دنيا جي مڙني تسليم ڪيل اصولن ۽ نظرين کي پٺي پاڏو اڇلائي، اهڙا نظريا ۽ تخيل گهڙي ورتا، جيڪي سندن ناجائز قبضي جو بچاءُ ڪن پيا. هن مقالي ۾ اردودان طبقي جي “ مسلم تهذيب” واري تصور کي رد ڪندي اها ڳالهه دليلن سان رکي وئي آهي ته مسلم يا هندو نالي ڪابه تهذيب نه ٿيندي آهي پر قومون پنهنجي جاگرافيائي وطنن اندر هزارها سالن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ تهذيبن جي تشڪيل ڪنديون آهن. ان تشڪيلي دؤر ۾ انهن قومن جا مذهبي نظريا ۽ فڪر تبديل ٿيندا رهندا آهن.پاڪستان ۾ رهندڙ هر اردو ليکڪ پوءِ چاهي اهو ٺيٺ رجعت پسند هجي يا ترقي پسنديءَ جي ويس ۾ ويڙهيل جديد رجعت پسند هجي، ان جي هتان جي قومن، انهن جي قومي ٻولين ۽ تهذيبن ڏانهن اهڙو ئي اڻ وڻندڙ ۽ منافقت تي ٻڌل رويو رهندو آيو آهي.
جڏهن سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوري جدوجهد شروع ٿي هئي ته ٻين صوبن جي ڪيترن دانشورن، استادن، وڪيلن ۽ سياستدانن کي سنڌ جي حالتن جي اڀياس ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ڪي ان لاءِ آيا ته ڪٿي سندن مفادن کي نقصان رسڻ جو انديشو ته نه آهي، يا ڪٿي مظلوم صوبن (قومن) جي عوام جي طاقت ايتري وڌي ته نه وئي آهي، جو ان تي ضابطو رکي نه سگهجي ۽ پوءِ هميشه لاءِ سندن پرماريت تي ٻڌل نظام تباهه ۽ برباد ٿي وڃي. ان ئي سلسلي ۾ هڪ پنجابي دانشور محمود مرزا سنڌ جو دورو ڪري “پنجاب ڪا مقدمه” نالي هڪ ڪتاب شايع ڪيو. جنهن جي جواب ۾ مون “اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو” جي عنوان هيٺ هڪ تفصيلي مقالو لکي کيس جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪو هن ڪتاب جي مکيه مقالن ۾ شامل آهي. محمود مرزا پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌين کي هڪ قوم ڪوٺڻ بدران، هڪ تمام ننڍڙي لساني قوميت قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس سندس ان موقف جو جواب ڏيندي اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌي قوم کي پنهنجو علحده جاگرافيائي وطن آهي، جيڪو ڪنهن فرد يا نظرئي جي مرضي خلاف قدرت جي قانون ۽ ارتقا جي اصولن تحت وجود ۾ آيو آهي. ان جون جاگرافيائي سرحدون قدرتي طرح نروار ٿيل آهن. جيڪي ان حالت ۾ صدين کان رهنديون پيون اچن. ٻيو ته سنڌي قوم کي پنهنجي جدا ترقي يافته زبان آهي. جيڪا هزارين سال پراڻي هجڻ سان گڏ وڏي علمي ادبي سرمائي سان مالامال آهي. سنڌي قوم کي پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ آهي. ۽ اها چند قبيلن يا نسلن جي ڇڙواڳ گروهه جو نالو نه آهي. پر ان جي ارتقا ۽ واڌاري ۾ هزارين سالن جي تاريخ جو هٿ آهي. هتي مختلف قبيلا، انساني گروهه، نسلي گروهه ۽ ذاتيون هڪ ٻئي ۾ ڳنڊجنديون ۽ هن قوم کي تشڪيل ڏينديون رهيون آهن. جن گڏجي هتي پنهنجي دفاع جون جنگين لڙيون آهن. محمود مرزا پاڪستان جي سياسي گهوٽالي جا جيڪي حل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي به رد ڪندي سنڌي قوم جو اهو موقف پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان جو سياسي گهوٽالو فقط تڏهن حل ٿي سگهي ٿو، جڏهن پاڪستان ۾ چئن قومن جي جداگانه قومي وجودن کي تسليم ڪري، پاڪستان کي هڪ گهڻ قومي ملڪ مڃيندي، چئني قومن جي وطنن (صوبن) کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو ڏنو وڃي. پارلياماني طرز حڪومت جي مطابق پاڪستان جو هڪ اهڙو وفاق قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ بالغ راءِ دهيءَ جي اصول تي سڌو سنئون چونڊيل قانون ساز اسيمبليءَ کي مڪمل بالادستي حاصل هجي ۽ وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ مڙني قومن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي. وفاقي حڪومت صرف ٽي کاتا دفاع، پرڏيهي معاملا ۽ ڪرنسي پاڻ وٽ رکي. جنهن جي انتظاميه ۾ چئني قومن جي هڪ جيتري نمائندگي هجي. صوبن جي وچ ۾ سرمائي جي آزادانه منتقليءَ تي بندش وڌي وڃي ۽ وفاقي يونٽن کي پنهنجو الڳ بئنڪ سرمايو محفوظ ڪرڻ جو حق هجي ۽ سندن لاءِ الڳ بئنڪ، بجيٽ ۽ مالياتي نظام هجي. ٽيڪسن جي نفاذ ۽ وصوليءَ جو اختيار وفاقي يونٽن وٽ هجڻ گهرجي ۽ وفاق کي خرچ پکي لاءِ يونٽ هڪ جيترو ٽيڪس ادا ڪن. اهڙي طرح وفاق طرفان ملندڙ گرانٽون يا ٻيون امدادون هڪ جيتري تناسب سان يونٽن ۾ ورهايون وڃن. وفاقي يونٽن کي پنهنجي نيم فوجي تنظيم (مليشيا) رکڻ جو اختيار هجي. جنهن جي انتظامي ڪمن ۾ وفاقي يونٽ آزاد ۽ خودمختيار هجن. چئني قومن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ۽ هر ٻوليءَ کي پنهنجي واسطيدار يونٽ اندر سرڪاري توڙي خانگي لکپڙهه جي ڪمن ۾ استعمال ۾ آندو وڃي.
“اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو” ڪتاب ۾ صوبن وچ ۾ ناڻي ورڇ جي ايوارڊ بابت به سنڌ جو موقف چٽي نموني پيش ڪيو ويو آهي. جنهن موجب قومي مالياتي ڪميشن آڏو اهو موقف رکڻ جي گهر ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي معدني وسيلن جي مالڪي تي سنڌ جو حق تسليم ڪيو وڃي. نه صرف تيل، گئس، ڪوئلي ۽ بندر جي ڪمائي تي سنڌ جو حق تسليم ڪرائڻ جي ضرورت آهي، پر وفاق کي اهو به ٻڌائڻو آهي ته انهن ذريعن مان پئدا ٿيندڙ ملازمتن تي سنڌي ماڻهن جو حق آهي. ان سان گڏ سنڌ ۾ ٻاهريان ماڻهو جيڪي به صنعتون قائم ڪري چڪا آهن، تن تي سنڌ حڪومت کي رائلٽي ڏياري وڃي. انهن ڪارخانن ۾ سنڌي ملازم ۽ مزدور 80 سيڪڙو رکائڻ لاءِ قانون جوڙيو ۽ ان تي عمل ڪرايو وڃي. ڇاڪاڻ ته مالي خود مختياري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي محتاجيءَ واري حالت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جي صحيح خدمت ڪري نه ٿي سگهجي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي به تفصيلي بحث ٿيل آهي. “سنڌ: رياستي ۽ غير رياستي تشدد جو شڪار” جي عنوان هيٺ تفصيلي مضمون ۾ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌ ۾رياستي ادارن طرفان عوام کي وڏي پئماني تي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. رياستي ادارا بنيادي انساني حقن جون ڌڄيون اُڏائي رهيا آهن. سنڌ ۾ حڪومتي قدمن جي مخالفت ڪندڙ ۽ سندن قانونن جي مزاحمت ڪندڙ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن ۽ تشدد گهرن ۾ واڙي، انهن مٿان سرڪاري ايجنسين ذريعي وحشياڻو تشدد ڪرايو پيو وڃي. سنڌ اندر ٿاڻا، جيل ۽ ٻيا عقوبت خانا قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ آواز اُٿاريندڙ ماڻهن سان سٿيا پيا وڃن.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي زمين تي قبضي بابت بحث ڪري ان کي سنڌ جي قومي وجود خلاف سازش قرار ڏنو ويو آهي. “سنڌ جي زمين تي قبضي جي هٻڇ” واري باب ۾ سنڌ جي زمين تي رياستي ادارن ذريعي ٿيل قبضن جي داستان کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. ساڳي طرح ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪرڻ بابت سنڌ جو موقف چٽي نموني رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ننڍن صوبن خلاف جيڪي به فيصلا ڪيا پيا وڃن، ان کي ملڪي مفادن جو نالو ڏنو پيو وڃي ۽ عوام کي ملڪي استحڪام جا واسطا وڌا پيا وڃن. ننڍن صوبن جي عوام کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ۽ پنجاب جي نمائندگي ڪندڙن جو اهو موقف پنهنجي عقل ۽ فهم کان مٿانهون ٿو لڳي ته ڪالاباغ ڊيم بابت صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو. آخرڪار هي عوام کي بي وقوف بنائڻ وارا حربا ڪيستائين استعمال ٿيندا رهندا ۽ ڪارگر بڻبا، ڇاڪاڻ ته جڏهن، سنڌ ۽ سرحد جون اسيمبليون ٻه ٽي ڀيرا اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪري ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن. ته پوءِ اڃا کين ڪهڙو انڪار راءِ گهرجي. حڪمرانن طرفان ڪالاباغ ڊيم جي هوڏ تي برقرار رهڻ واري ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب کي ان معاملي تي باقي ٽن صوبن جي رضامنديءَ جي ڪابه ضرورت نه آهي. سنڌ طرفان ڪالاباغ ڊيم بابت اهو موقف اختيار ڪيو ويندو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ پنهنجي نهري پاڻي واري حصي کان محروم ٿي ويندي، جنهن سان هتي نه صرف زرعي معيشيت مڪمل طور تباهه ٿي ويندي، پر ان سان ٻيلي جي تباهي اچڻ سبب ماحوليات جو به مسئلو جنم وٺندو، ٻيلن جي سڪي سڙي ناس ٿي وڃڻ سبب جهنگلي جيوت جو انت اچي ويندو. جڏهن ته سنڌو درياهه مان مناسب مقدار ۾ سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ پنهنجون حدون اورانگهي مٿي چڙهي هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۽ وسنديون پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ناس ڪري ڇڏيندو. جنهن سان سنڌ جا ٺٽو ۽ بدين ضلعا وڏي پئماني تي متاثر ٿيندا.
هن ڪتاب ۾ منهنجا 1987ع کان 2004ع تائين جا لکيل مضمون ۽ مقالا شامل آهن. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا رهيا.هن ڪتاب ۾ آيل مقالن ۽ مضمونن کي ان وقت جي پسمنظر ۾ پڙهڻ گهرجي.جنهن وقت اهي لکيا ويا هئا. هي مقالا اڳتي هلي سنڌ جي موجوده دور جي تاريخ کي لکڻ ۽ سهيڙڻ ۾ مددي مواد طور ڪتب اچي سگهجن ٿا.
رڪ سنڌي
26 جولاءِ 2005ع