سنڌ جون سياسي پارٽيون، وڏا نعرا ۽ هنبوڇيون: حاصلات زيرو
اصل ۾ اسان جي سياسي پارٽين جي وڏين دعوائن ۽ نعرن بعد انهن جي پاسداري نه ڪرڻ يا پنهنجي طاقت کان وڏي ڳالهه ڪرڻ واري رجحان، حڪمرانن کي ڪو مسئلو حل ڪرڻ تي مجبور ته نه ڪيو آهي، اٽلندو سنڌي قوم، ان جون سياسي پارٽيون ۽ قيادت وطن دشمن حلقن ۾ کل ۽ مذاق جو سبب بڻجي وئي آهي. اسان پنهنجي پت وائکي ڪري دشمن قوتن کي هر اهو عمل ڪرڻ جو ڄڻ تي اڻ سڌو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سان هي قوم ۽ ان جو وطن پنهنجي حيثيت ۽ اهميت وڃائي ويهي. اڄ جڏهن حڪمران ڪالاباغ ڊيم کان وٺي ٿل ڪئنال تائين پنهنجي موقف تي اڙيا بيٺا آهن ۽ پاڻي جي ذخيرن بابت وڏن منصوبن تي انهن جي مخالفت ڪندڙن کي کلم کلا دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي لهي آيا آهن، ان جو سبب اهو ئي آهي جو هو سمجهن ٿا ته جڏهن به هنن انهن منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ته، سنڌ جي سياسي قيادت فقط بيانن تائين پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي خاموش ٿي ويندي. اڳ جيان کين اهي قدم ڦٻي ويندا. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ به اهو ٿيو آهي، جو اسان جنهن منصوبي يا سنڌ دشمن قدم جي مخالفت ڪئي آهي، حڪمرانن ان تي وڏي ديده دليري سان ڪم ڪيو آهي، پر عمل جي صورت ۾ سنڌ مان ڪا به منظم جدوجهد يا مزاحمت سندن راهه جي رنڊڪ نه بڻي آهي.
هن وقت جڏهن سنڌ جا معدني وسيلا لٽيا پيا وڃن، ناڻي ورڇ مان سنڌ کي جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي، ملازمتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي عمل نه ٿو ٿئي، ڌارين کي آڻي هتي آباد ڪيو پيو وڃي، تڪراري پاڻي منصوبن تي عمل لاءِ سنجيدگي سان منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي ٻولي جي حيثيت ختم ڪئي پئي وڃي، ان وقت سنڌ جي سياسي قيادت ماضي وانگر ڇڙوڇڙ احتجاجن، بک هڙتالن، مظاهرن ۽ بيانن تائين محدود آهي. ڪنهن به هڪ معاملي تي لڳاتار جدوجهد جو ڪو پري تائين به ڏس پتو نه ٿو ملي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ دشمن قوتن سنڌ جي ان واويلا کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي. ڪو به اسان جي احتجاجن جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان جا ليڊر فقط اخبارن ۾ (سو به فقط سنڌي) بيان ڏئي، پنهنجا فوٽو ڇپرائي پاڻ کي جيئرو رکڻ جا جتن ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
سنڌ ۾ روز روز نين سياسي پارٽين جو جنم ٿيڻ يا اتحاد ٺهڻ ۽ ڊهڻ ڄڻ ته دل پرڀائڻ جي ڳالهه ٿي وئي آهي. سياسي قيادت ان خوش فهميءَ ۾ مبتلا آهي ته فقط بيانن جي حد تائين سنڌ جي عوام کي پاڻ سان گڏ رکي سگهون ٿا. جڏهن ته اها سندن وڏي ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته عوام کانئن ڪوهين ڏور ٿيندو پيو وڃي. سياسي پارٽين جي مظاهرن ۾ فقط سندن چند ڪارڪن 2 بينر ۽ هينڊ بل کڻي ايندا آهن ۽ اخبار لاءِ تصوير ڪڍرائي رفو چڪر ٿي ويندا آهن. پر سندن ان احتجاج ۾ عوام جي ڪابه شموليت نه هوندي آهي، سياسي پارٽين جي ان کان وڏي ناڪامي ٻي ڪهڙي چئبي جو هو هڪ لک آبادي واري شهر مان فقط 100 ماڻهو به پنهنجي مظاهري يا بک هڙتال ۾ شريڪ نه ڪري سگهندا آهن. پر دعويٰ اها ئي هوندي آهي ته اسان قوم جو آواز آهيون، سڄي قوم اسان سان گڏ آهي، ”هن سڄي خوشفهمي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟“
بلوچستان ۾ هلندڙ جدوجهد اسان جي سامهون آهي. ان بابت اسان جا ڏاها ۽ اڪابر مختلف دليلن سان کوڙ سارا موقف پيش ڪري سگهن ٿا. پر اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته جتي دليل جي زبان سمجهڻ وارو ڪير نه هوندو آهي ته مجبور ٿي عوام به اهائي ٻولي ڳالهائيندو آهي، جيڪو هڪ بي زبان ۽ ٻوڙو به سمجهي سگهي. بلوچ عوام جيڪا زبان ڳالهائي رهيو آهي، ان جو پڙاڏو نه فقط اسلام آباد جي ايوانن ۾ گونجي رهيو آهي، پر عالمي سطح تي به معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو حڪمران بلوچستان مسئلي بابت ڪاميٽيون جوڙڻ ۾ مصروف آهن.
اسان جي قومپرست سياسي پارٽين جي سڀ کان وڏي ناڪامي سندن عوام سان گڏ نه هلڻ رهي آهي. عوام جي بنيادي مسئلن کان ڪن ٽار رهي آهي، ننڍڙا ٽارگيٽ کڻي انهن کي حاصل ڪرڻ بدران ايڏا وڏا ٽارگيٽ مقرر ڪرڻ به ناڪامي جو وڏو سبب رهيو آهي، جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ اها تنظيم نه رهي آهي. جنهن ڪري عوام منجهه به فقط مايوسي پيدا ٿي رهي آهي پر هو سياسي پارٽين کان الڳ رهڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. ڪجهه ڌريون عوام کي ڏوهاري قرار ڏئي پنهنجا پلئه آجا ڪرائڻ چاهين ٿيون، سندن موقف آهي ته عوام جدوجهد لاءِ تيار نه آهي پر اصل ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. عوام نه فقط جدوجهد لاءِ تيار آهي پر هو جدوجهد ۾ مصروف آهي، پر اصل ۾ سياسي پارٽيون سندن قيادت ڪرڻ جون اهل نه رهيون آهن. جڏهن ضلعن جي ورڇ جهڙي بي معنيٰ معاملي تي ماڻهو پنهنجيون جانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ هزارين ماڻهو رستن تي نڪري، پنهنجو 3-3 ڏينهن ڪاروبار بند ڪري احتجاج ڪن ٿا، ته پوءِ کين ڪيئن ٿو قصور وار قرار ڏئي سگهجي ته هو سنڌ جي موت ۽ حياتي وارن معاملن تي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اصل ۾ عوام جي طاقت ۽ قوت کي استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ طريقيڪار به هجڻ گهرجي ۽ عوام منجهه ساک به بحال هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي ۽ ان جي قيادت موقعي پرست رهي آهي ۽ ماضيءَ منجهه عوام جي ويساهه کي ٽوڙيو آهي ته پوءِ اها پنهنجن خوبصورت نعرن ذريعي ماڻهن منجهان اها توقع ڪيئن ٿي رکي سگهي ته هو ان جي سڏ تي پنهنجون حياتيون گهورڻ لاءِ تيار ٿيندا! سندن هڪ سڏ تي پنهنجا ڪاروبار بند ڪري يا گهر ڇڏي رستن تي نڪري ايندا!
ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي موجوده قيادت پنهنجو احتساب ڪري پاڻ کي عوام سان گڏ هلڻ جو لائق بڻائي يا وري ماڻهن کان معافي وٺي خاموشي سان ڪا ڪنڊ وڃي وسائي. اسان اهو نه ٿا چئون ته ڪو سنڌ ۾ ڪا سياسي جدوجهد هلڻ لاءِ ماحول سازگار نه آهي يا اهڙي اميد نه ڪرڻ گهرجي، پر مايوسيءَ ۽ بي وسيءَ جي هن صورتحال مان ڪابه نئين قيادت ۽ پارٽي اڀري سگهي ٿي. جيڪا سنڌ کي حقيقي آجپي واري واٽ تي وٺي ويندي. جيڪا بي خوف هوندي. فقط سکڻن بيانن سان نه پر پوري طاقت ۽ قوت سان سنڌ دشمن قوتن کي منهان منهن ٿيندي، ڇاڪاڻ ته 4 ڪروڙ سنڌين جي وجود کي ڪوبه ميساري نه ٿو سگهي، سندن آواز کي اهميت تڏهن ملندي، جڏهن ان ۾ سگهه هوندي. اها سگهه اوس پيدا ٿيڻي آهي، جيڪا سنڌ جو احترام ۽ وقار بحال ڪندي، اسان ڪنهن جي آڏو فقط تماشو بڻيل نه رهنداسين، پر دنيا منجهه برابري ۽ گڏيل احترام حاصل ڪنداسين. اسان اڪيلا نه هونداسين پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسان جا حامي ۽ دوست موجود هوندا.