سنڌ بجيٽ: تعمير ۽ ترقيءَ جا اڌورا خواب
لياقت جتوئيءَ ۽ سندس اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جي قيادت بجيٽ پيش ڪندي جيڪي هنبوشيون هنيون آهن، ان ۾ اها ڳالهه ڇو ٿي وساري وڃي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 6 ارب روپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هي پاڪستان جي 50 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جو ڪنهن سالياني بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام لاءِ رقم وڌائڻ بدران گهٽائي وئي آهي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال سالياني ترقياتي پروگرام تي 10 ارب روپين جي بدران صرف 4 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا. جنهن سان يقينن سنڌ ۾ تعمير ۽ ترقيءَ جون سرگرميون بند ٿي وينديون. نوان اسڪول کلي نه سگهندا، اسپتالون قائم ٿي نه سگهنديون، رستا روڊ ۽ پليون اڏجي نه سگهجنديون. يعني ڪوبه نئون ترقياتي ڪم ٿي نه سگهندو. جيڪڏهن صرف گذريل حڪومت طرفان هلندڙ ترقياتي رٿائون ئي مڪمل ٿي سگهيون ته اها به سنڌ وارن لاءِ غنيمت هوندي. هڪ طرف موجوده حڪومت وڏي ٺاٺ سان 21 صديءَ ۾ داخل ٿيڻ جا اعلان ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان کي ايشيا جو ٽائيگر بنائڻ جا خواب ڏيکاريا پيا وڃن ته ٻئي طرف هن جديد سائنسي دور ۾ سنڌ جي بجيٽ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي لاءِ صرف 7 لک رپيا مخصوص ڪري پاڻ تي جڳ کلائڻ جا سٺا بندوبست ڪيا ويا آهن. 7 لک روپين جي هيڏي وڏي رقم مان سنڌ ۾ نه صرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم کي هٿي ڏياري ويندي، پر تجرباتي مقصدن لاءِ نيون ليبارٽريون ۽ تحقيقي مرڪز به قائم ڪيا ويندا. اصل ۾ اها ايتري ته ٿوري رقم آهي جو ان مان صرف ڪنهن ليبارٽري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل ئي اچي سگهي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ڪمپيوٽر جي صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ موهن جي دڙي جي دور واري بيل گاڏي کي پر (کنڀ) هڻي ان جو راڪيٽ سان مقابلو ڪرائيندي.
سنڌ جي سينئر وزير ڊاڪٽر فاروق ستار جي دعويٰ موجب هن عوامي بجيٽ ۾ ٻيو ته سڀ ڪجهه آهي پر تعليم جي شعبي ۾ ڪنهن به نئين اسڪيم لاءِ هڪ ٽيڊي پائي به نه رکي وئي آهي. جڏهن ته صحت جي اهم شعبي سان به ساڳي حالت ڪئي وئي آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪنهن به نئين اسڪيم جي منظوري نه ڏني وئي آهي ۽ نه وري ان ڏس ۾ ڪا رقم مخصوص ڪئي وئي آهي. جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هن مثالي بجيٽ ۾ عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون پهچائڻ لاءِ ڪيڏي نه درياهه دلَي کان ڪم ورتو ويو آهي. هڪ طرف عورتن کي برابر جا حق ڏيارڻ ۽ انهن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ برابريءَ جي بنياد تي موقعا فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف سالياني ترقياتي پروگرام ۾ عورتن جي ترقيءَ لاءِ ڪابه رقم نه رکي وئي آهي. بجيٽ جي ڪتابن ۾ ان شعبي جي خاني ۾ منڌيئڙو ڦيرايل آهي. حڪومت جي دعويٰ آهي ته هن بجيٽ سان سنڌ ۾ ترقي جا نوان دروازا کلندا ۽ ماضي ۾ ٿيل ناانصافين جو ازالو ٿيندو. پر عوام کي بنيادي سهوليتون پهچائڻ لاءِ جيڪا رٿابندي ڪئي وئي آهي، اها مڙني خوش فهمين جو جنازو ڪڍي ڇڏي ٿي. اچو ته هاڻي ڪجهه ٻين شعبن جو جائزو وٺون.
وڏي وزير لياقت علي جتوئيءَ هن ٽيڪس فري بجيٽ ۾ پاڻي ۽ بجلي واري رقم ۾ گذريل سال جي ڀيٽ 36 ڪروڙ 57 لک رپيا گهٽتائي ڪئي آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي ۽ بجلي ايتري ته وڏي ۽ وافر مقدار ۾ مهيا ڪيو ويو آهي، جو هاڻي ان جي بجيٽ ۾ واڌ ڪرڻ بدران ويتر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته صورتحال اها آهي جو باقي سنڌ ته ڇڏيو پر صرف گادي واري شهر ڪراچيءَ ۾ عوام پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ خلاف رستن تي نڪري ٽائر ساڙي رهيو آهي. جنهن وقت وڏو وزير سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ سنڌ جي بجيٽ پيش ڪري رهيو هو. ٺيڪ ان وقت لياري ۾ عوام بجلي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف رستن تي بيهي ماتم ڪري رهيو هو. احتجاج سبب رستا بند هئا. مرد، عورتون ۽ ٻار مٿن تي دلا ۽ مٽ کڻي پاڻي لاءِ در در ڀٽڪي رهيا هئا. هڪ طرف پاڻي ۽ بجلي لاءِ احتجاج ٿي رهيو هو ته ٻئي طرف وڏي وزير پاڻي ۽ بجلي واري بجيٽ ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندي سنڌ جي انقلابي بجيٽ پيش ڪري رهيو هو.
جنهن صوبي جي عوام کي پاڻي، بجلي، تعليم ۽ صحت جون سهوليتون ميسر ڪرڻ لاءِ رقمن جي کوٽ آهي. ان ئي صوبي ۾ آبادي تي واڌ لاءِ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪابه مناسب رٿابندي ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي. ان جو مثال سنڌ بجيٽ جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ پاپوليشن پلاننگ لاءِ هڪ روپيو به مخصوص نه ڪرڻ آهي. ٻيو ته ڇڏيو پر حڪومت کي سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو به فڪر ڪونهي. آخرڪار ڀينگ ٿيڻ کان پوءِ به هيءَ سخاوت ڪيستائين جاري رهندي. جيڪا حڪومت پنهنجن ئي شهرين جو پيٽ پالڻ لاءِ ڳيتون ڏئي رهي آهي، ان کي هتي اڳ ئي رهندڙ پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو ته اونو ڪونهي پر اٽلندو بنگلاديش مان به لکين ماڻهو هتي گهرائي آباد ڪرڻ جا بندوبست ڪيا پيا وڃن.
سنڌ جي بدحالي جو صرف ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ جيڪي 4 ارب روپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، ان رقم جو به وڏو حصو يعني 3 ارب 37 ڪروڙ 80 لک روپا اڳ کان شروع ٿيل منصوبن تي خرچ ڪيو ويندو. يعني 84 سيڪڙو رقم ته هلندڙ رٿائن لاءِ مخصوص ٿي ويندي. باقي 62 ڪروڙ 20 لک روپين مان سنڌ ۾ جيڪا نئين اڏاوت ۽ ترقي ٿيندي سا به جڳ ڏسندو.
آخرڪار هي صورتحال اسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندي. آخر هي ڏسندي وائسندي سنڌ جي نڙيءَ تي ننهن ڇو پيو ڏنو وڃي. پاڻي، بجلي، زراعت، صنعت، تيل، معدنيات، تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي شعبن جي رقمن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ کان پوءِ به ڪهڙي منهن سان اهي اعلان ڪيا پيا وڃن ته سنڌ جي عوام کي مثالي تحفو ڏنو ويو آهي.
بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ بهتر عمل آهي، جنهن جي ڀليڪار ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي، پر ان جو مطلب اهو به نه هئڻ گهرجي ته عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ بدران اڳ مليل اڻ پوريون سهوليتون به واپس ورتيون وڃن. ٽيڪس لڳائڻ کانسواءِ به سنڌ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ نوان گس ۽ پيچرا تلاش ڪري سگهجن ٿا. وفاق سنڌ سان ناڻي ايوارڊ ۾ جيڪا ناانصافي ڪئي آهي، ان جو ازالو ڪرائي سنڌ لاءِ پنهنجو پورو حصو حاصل ڪري سگهجي ٿو. وفاق مالياتي ايوارڊ هيٺ سنڌ کي حصي طور ملندڙ رقم مان ساڍا ست ارب روپيا گهٽائي ڇڏيا آهن. اين ايف سي ايوارڊ هيٺ سنڌ کي حصي طور 39 ارب 82 ڪروڙ روپيا ملڻا هئا، پر هاڻي صرف 32 ارب 31 ڪروڙ روپيا ڏنا ويندا، ان تي وفاق سان احتجاج ڪري پوري رقم حاصل ڪرڻ گهرجي. تيل، گئس معدنيات، بندرگاهه، ڪڻڪ، ڪپهه، چانورن تي رائلٽي وٺي سگهجي ٿي. آخرڪار جڏهن ٻيا صوبا تماڪ تي به رائلٽي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، ته پوءِ اسان وٽ ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وهي رهيون آهن. جو اسان گهر وڪڻي، ملڪيتون نيلام ڪري وفاق جو ڀڀ ڀريندا رهون. آخرڪار سنڌ کي پنهنجي آمدني مطابق ناڻي ايوارڊ مان حصو ڇو نه ٿو ڏياريو وڃي. هتان جي پوئتي پيل علائقن ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇي لاءِ وفاق کان ڇو نه ٿيون خاص گرانٽون ورتيون وڃن. آخر بلوچستان ۽ سرحد صوبي کي اهڙيون رعايتون ملي سگهن ٿيون ته پوءِ ڇا سنڌ پاڪستان جو حصو ناهي، جو ان کي بنيادي ضرورتن کان محروم رکيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت اجائي خوشفهميءَ کي ڇڏي مخالف ڌر جي گڏيل تعادن سان وفاق کان پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري. سنڌ تان آبادي جو اضافي بار گهٽائڻ لاءِ جوڳا بندوبست ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏئي. نه ته جيڪڏهن ههڙيون بجيٽون پيش ٿينديون رهيون ته سڄي سنڌ موهن جو دڙو بڻجي ويندي ۽ دنيا جا ماڻهو هن نااهل قوم جي ڪاهلي جو تماشو ڏسڻ لاءِ سياحن جي صورت ۾ هتي ايندا.
[b]
(ڇپيل، روزاني پاڪ ڪراچي، 18 جون 1997ع)[/b]